اسان سان اٽڪيل ڇانورو
- راز شر
زندگيءَ جي راز کي پرکڻ، سمجهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ لکين ڏاهن، عالمن، ولين، ڪاملن، پيرن ۽ نبين وڏ ا جتن ڪيا آهن. پر جنهن جيئن جيئن ڏٺو آهي تيئن تيئن ان جي تشريح ڪئي آهي، ان لاءِ مرشد لطيف چيو آهي ته:
جنهن کي جتائين، پرينءَ پاڻ پسايو،
تنهن کي تتائين، ليئا پائڻ آئيا.
هر ماڻهو پنهنجي سمجهه، سوچ، عقل، فهم مطابق هينئر به ائين ئي ليئا پيو پائي ته آخر هن حياتيءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي. جيتوڻيڪ حياتي موهيندڙ به ڏاڍي آهي، پر پوءِ به ان مان ڪي ماڻهو پنهنجا پلوَ ڇڏائي ڀڄيو وڃن. ماٺيڻو اوٺو، عرفان مهدي، اردو ءَ جي شاعره سارا شگفته، ثروت حسن ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو خاص ڪري ادب سان واڳيل ماڻهو مايوسين جي ڪن ۾ ڦيراٽيون پائي موت جي اونهيءَ کاهيءَ ۾ ٽپو ڏين ٿا. انهن مڙني ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اسان جو دلبر، خاص ڪري منهنجي جواني کان هن پيريءَ تائين جو ساٿي سائين عابد مظهر آهي.
ويهين صدي جي نائين ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ سائين عابد مظهر سان سندس گهر تي ملاقات ٿي. تن ڏينهن ۾ پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو استاد هو. مان ۽ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سندس گهر تي سندس طبيعت پڇڻ ويا هئاسين . تن ڏينهن ۾ سائين موٽر سائينڪل تان ڪري پيو هو، ۽ ٽنگ ۾ فريڪچر ٿي پيو هئس (موٽر سائينڪل کيس آخري عمر تائين به درست نموني سان هلائڻ نه آئي.)
ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاغ گلشن حديد ۾ قائم ڪيائين . جنهن ۾ ساڻس اسان جو سهڪار به شامل هو. هي اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن عبدالغفور ميمڻ ۽ غني ڪانڌڙي کي ادب جو چمڪو لڳو. فيض جوڻيجو به ڦوڙاٺ جا مضمون لکي ايندو هو ، تن ڏينهن ۾ منهنجي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ٿي چڪي هئي ۽ سائين عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف چيئر مان نڪري سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿي چڪو هو . جيتوڻيڪ سائين عابد مظهر انتهائي بي ضرر ماڻهو هو پوءِ به سليم ميمڻ جي اک جو ڪنڊو ٿي پيو هو جيڪو رٽائرمينٽ تائين به رهيو .
سائين عابد مظهر سان دوستيءَ جو تعلق کٽو به رهيو ته مٺو به رهيو ، ايئن جيئن کٽمٺڙو هجي . اسان زندگيءَ جا سڄا سارا اٺ سال هڪ فليٽ ۾ گڏجي گذاريا . ايتري عرصي جي لمحي لمحي جو حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ ته ممڪن ڪونهي ، اهو ئي سبب آهي جو وٽائنس محبت جي کنيل اوڌر جو اڃا به قرضي آهيان . انهن اٺن سالن دوران مستيون ۽ چرچا به هئا، رسڻ ۽ پرچڻ جا نفيس جذبا به هئا. اسان جي فليٽ جي هيٺان هڪ عدد گتو به هو جتي سوائي نالي مڇن سان هڪ ٿريو راڻو سيلز مين هو . ان سان ماهوار ٿيت ٻڌل هوندي هئي ،عابد انگوري رس پي جڏهن رقص ڪندو هو، ته لڳندو هو ته زندگي ڄڻ هن ئي ماڻي آهي . هو سماجي قدرن کان بي نياز ٿي نچندو هو، تنهن زماني ۾ سلور ڪوچ نالي هڪ مني بس هلندي هئي ، اها سڄو شهر گهمائيندي ڪلفٽن ويندي هئي ، جتي عابد سائين جي هڪ محبوبه به رهندي هئي. جڏهن به عابد وٽ ان ڇوڪري جي فون آئي هو جتي جات پائڻ سوا به هلي پوندو هو.
مزي جي ڳالھه هو اسٽاپ تي بيهڻ بنا اڳتي پيادل پنڌ پوندو هو، هڪ ڀيري پڇيو مان ته بس پٺيان ايندي پوءِ تون پنڌ ڇو ٿو ڪرين ته معصوميت مان وراڻيائين ته ٻه ٽي وکون اڳتي ٿي پوندس . ايئن ئي هو معصوميت وچان وڏا وڏا پنڌ به ڪري وجهندو هو جنهن ڪري دوست ناراض ٿي پوندا هئس. پر هن جي معصوميت جي ڪري سڀ معافيءَ جو اعلان ڪندا هئا.
عابد اڪثر خودڪشي ڪرڻ جون تاريخون ڏيندو هو ، ته فلاڻي تاريخ تي مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس ،جڏهن ڪافي تاريخون ڏيڻ کان پوءِ هو ڦري ويو ته آصف بالاديءَ کيس چرچو ڪندي چيو ، سائين اوهان اسان کي ڏاڍو مايوس ڪيو آهي . هڪ ڀيري رات چئين وڳين مون کي ۽ انب گوپانگ کي ضد ڪندي چيائين ته مان سڀاڻي خودڪشي ڪندس. تنهن تي انب چيس سڀاڻي ڇو ؟ اڄ ڇو نه ! ، اڄ مان مزي سان مڌ پيئڻ ٿو چاهيان، انب ۽ مون گڏجي کيس ٽنگو ٽالي ڪيو ۽ فليٽ جي گئلري مان اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته چيائين مان توهان جي نه ، پنهنجي مرضيءَ سان مرڻ چاهيان ٿو.... !
کيس وڏي ۾ وڏي شڪايت هئي ته ڇوڪريون ساڻس پيار نه ٿيو ڪن، هو جنهن به ڇوڪريءَ سان ويجهو ٿيڻ چاهي ٿو ته اُ ها کيس ڀاءُ بڻائي ڇڏي ٿي. حالانڪ هو پاڻ اهڙي قسم جو اظهار ڪندي ڇوڪريءَ جي ويجهو ٿيڻ چاهيندو هو. منهنجي لاءِ هيل تائين دوستن کي شڪايت ڪندو آهي ته هو جيڪا به ڇوڪري ڦاسائيندو آهي هو، ان کي مان کڻي ڀڄي ويندو هئس. جڏهن ته مان پاڻ هڪ ڇوڪري خمس جي طور تي ڏني هئي. (سيدن کي زڪوات نه پر خمس ڏنو ويندو آهي.)
لکڻو سائين عابد مظهر لاءِ هو پر مان پنهنجي صفائي ڏيڻ ۾ لڳي ويس، پر اهو ڪنهن حد تائين ضروري به هو. عابد طبيعت ۾ اعتدالي پسند، ماٺيڻو ۽ دوستن جو دوست رهيو آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن سان اڳ اڳرائي نه ڪئي، پر پوءِ به سليم ميمڻ جي ڪينا پروري جو شڪار ٿي خطا کائي ويو. هو چپ چپات بي وفايون سهندڙ ۽ وري انهن کي ماڻهن سان معصوميت مان وڏا ٽهڪ ڏيندڙ عابد مظهر پروڪي سال تائين زندھ دل رهيو ،گذريل سال کان ڪا جهوري لڳي اٿس ۽ رب کيس سنڀالي وجهندو ۽ هو وري انهن دوستن سان ساڳي نموني ڪچهريون ڪندو .
هر شخص ۾ مختلف جذبن جو ميلاپ ٿئي ٿو. ڪجهه محبت، پيار يا ڪجهه حسد ۽ ڪينو. جيڪو جذبو وڌيڪ هوندو اهو ئي غالب هوندو، مون سميت عابد مظهر به انهن مڙني جذبن جو گڏيل مجموعو آهي، ڪن دوستن جو خيال آهي ته عابد شاطر ماڻهو آهي پر جيڪڏهن ايئن هجي ها ته عابد مظهر ڪامياب ترين انسان هجي ها، هو ناڪام آهي هر جينيس ماڻھون وانگر. ڇو ته جينيس ڪڏهن به دنياوي ۽ ڌنڌوڙي نه هوندا آهي. عابد ڌنڌوڙي ناهي سندس دوستن مان گهڻا مطلبي ۽ شاطر آهن پر عجب اتفاق اهو به آهي اهي به عابد سان برميچجي نه سگهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اڻڄاڻيءَ ۾ دوستن کي ڏک ڏيئي ويندڙ عابد وري به انهن دوستن کي عابد پيارو آهي. شل! سدائين پيارو رهي.
عابد مظهر ۽ منهنجا گناھ ۽ ثواب سڀ گڏيل، يڪسان ۽ ساڳيا آهن. جيتوڻيڪ زندگيءَ کان کيس شڪايتون آهن. پر پوءِ به زندگي کيس موهيندي رهي آهي. هڪ ڳالهه جا هن ۾ مون نرالي ڏٺي آهي سا آهي سڀن سان نڀاءُ ڪرڻ واري. هي جديد دؤر جو وتايو سدائين سموري سنڌ ۾ سمورن دوستن سان لڳاتار نڀاءُ ڀر رهيو آهي. جيتوڻيڪ عمر هاڻي کيس وڌيڪ ارڏاين اجازت نه ٿي ڏئي، پر هن کي عمرجي اهڙي اجازت جي ڪڏهن گهرج به نه رهي آهي.
دوستي، ڪنهن چيهي، جهرڪي، يا ڳيري جي آکيري وانگر ڪک پن ڪري جوڙڻ جو نالو آهي .جيڪو عمل گهڻو ڌيان طلب ۽ صبر آزما ڪم آهي، عابد مظهر جهٽ پٽ ۾ ڪري وٺندو آهي . هو نوان دوست ٺاهيندو آهي ، انهن سان اهڙو ئي هلندو آهي جيئن پراڻن يارن سان .
طبيعت ۾ صوفي مزاج رکندڙ عابد مظهر ڪنهن ٻئي جي زيادتي تي ارهو به ٿيندو آهي ۽ ٿوري دير کان پوءِ کانئس پيرين پئي پاڻ ئي معافي وٺندو آهي .پي.ايڇ.ڊي ڊاڪٽر هجڻ جي باوجود اسان جي ڪجهه دوستن وانگر ٽانءِ ۾ نه رهيو سدائين ڀٽائي جي بيت ” هيڻو ٿي هليج“ جو چٽو مثال رهيو آهي . پنهنجي ٺاھ ٺوھ جو شروع کان ئي ڪو خيال نه هوس، ڪڏهن قميس جا بٽڻ هيٺ مٿي ته ڪڏهن ٽائي ڦريل، پر اندر جو اڇو اجرو . جنهن کي چاهيائين سڀ ڪجهه فدا ڪري ڇڏيندڙ ، موٽ ۾ ڪو به مطالبو نه ڪيو.
هن پيار جي منگتي کي جيڪي درد ڪڻا جيڪي پيار جا ٻه ٻول مليا انهن کي پنهنجي ڪشڪول ۾ ايئن وڌائين ڄڻ اهي سمورا درد سندس ميراث هجن.
هڪ دفعي کيس ٻي شاديءَ جو شوق جاڳيو ، چوڻ لڳو ته ماڻهو شاديءَ کان اڳواٽ پيار ڪندا آهن. پر مان شاديءَ کان پوءِ پيار ڪندس، کيس گهڻو ئي روڪيو سين پر سائين عابد مظهر صفا ٻروچ ٿي پيو. چئي توهان سڀ منهنجي ٻي شاديءَ واري عمل کان سڙو ٿا. مون کي سائين اختر ٽالپر، ڪيلاش ۽ ممتاز منگيءَ چيو ته تون ئي سائين عابد کي ان ضد تان لاهي سگهين ٿو. پر تيستائين پاڻي پل هيٺان وهي چڪو هو، پوءِ اسان ٽي ڄڻا ئي سندس ٻي شاديءَ جا گواھ ٿياسين، جنهن تي هاڻي به سائين عابد مظهر چوندو آهي، اگر توهان ٽيئي ڄڻا مون کي دل سان روڪيو ها ، ته مان ٻي شادي نه ڪيان هان. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو جذباتي ٿي چوندو آهي، توهان مون کي موچڙا هڻو ها ته مان ضد تان لهي وڃان ها.
سائين عابد مظهر غضب جو پياڪ ۽ غضب جو عاشق مزاج رهيو آهي ، هاڻي جيتوڻيڪ صحت ساڻس ايترو ساٿ نه ٿي ڏئي ، پر پوءِ به ، اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي. هن دلبر جي طبيعت ۾ هڪ پاسي منڇر آهي ته ٻئي پاسي بڊو جبل آهي. اهي ٻئي شيون سندس طبيعت ۾ ننڍي هوندي کان شامل آهن . ڇو ته سندس ڳوٺ ۾ انهيءَ ٻنهي جي وچ تي آهي . هي يار اڃان به اُتي هي بيٺل آهي، اهي سمورا پار پتا سندس شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ هڪ جهڙا ڀرپور آهن.
ڪن شخصن تي ڀرپور نموني ۾ لکي نه ٿو سگهي، ڇو ته انسان هڪ ڪائنات جيترو وسيع آهي . ۽ لکڻ واري جي وس ۾ ڪائنات نه ٿي اچي سگهي. پر پوءِ به بقول مرزا قليچ بيگ جي ته ”نموني جي مٺ مان پروڙيو خرار“ منهنجو خيال آهي ته مان عابد مظهر تي هڪ ڀرپور خاڪو لکندس، پر اڃا تائين ايئن نه ڪري سگهيو آهيان. شايد نه ڪري سگهان ڇو ته لکڻ دفتر ممڪن ڪونهي.