شخصيتون ۽ خاڪا

ڊاڪٽر عابد مظهر [ فن ۽ شخصيت]

باجارا جي سيد خاندان سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر عابد مظhر سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪارن مان ھڪ آهي. سندس سڃاڻپ رڳو ڪھاڻيڪار نہ پر بھترين شاعر، محقق، محنتي استاد طور پڻ آهي. پاڻ معصوم، سادگي ۽  ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي. سندس ڪيل ادبي خدمت سنڌي ادب ۾ پنھنجي حيثيت ماڻي چڪي آهي. ھن ڪتاب ۾ سندس فن ۽ شخصيت بابت سنڌ جي نامور ليکڪن ۽ اديبن جا مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book ڊاڪٽر عابد مظهر  [ فن ۽ شخصيت]

جديد سنڌي ڪهاڻي جو وڏو نالو

جديد سنڌي ڪهاڻي جو وڏو نالو

- ڊاڪٽر شير مھراڻي

ادب بنيادي طور تي جمالياتي سرگرمي به آهي ته سماج جو عڪاس ۽ نقاش به آهي . جيڪو ڪجهه سماج ۾ وهي واپري ٿو ان جو عڪس اسان کي ادب ۾ نظر اچي ويندو آهي . ڇاڪاڻ ته ادب اسان سماج جو عڪس ڏسندا آهيون . شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري تشبيهن ، استعارن، تلميحن، ۽ تجنيسن جي ڪري سماج جو عڪس ايڏو چٽو ناهي ڏسي سگهبو ؛ البته فڪشن ۾ اسان سماج جو سنئون سڌو عڪس ڏسي سگهون ٿا. بلڪه ڪيترائي ڪهاڻيڪار ته ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ جي اپٽار سبب ”سوشل سائنٽسٽ“ سڏيا ويا آهن. جن ۾ جمال ابڙو، نسيم کرل، علي بابا، خيرالنساءِ جعفري ۽ امر جليل خاص طور ذڪر جوڳا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن مختلف سماجي مامرن کي ڪهاڻين ۾ اهڙي نموني پيش ڪيو آهي جو هڪ پاسي اهي سماجي مسئلا ۽ مامرا اسان جي سامهون اچي بيهن ٿا ته ٻئي پاسي وري انهن ئي ڪهاڻين جي اندر انهن مامرن جا حل به موجود آهن . يعني ادب سماج کي درست سمت ۽ ڏسا ۾ وٺي وڃڻ وارو سگهارو ٽول آهي. جيڪڏهن اسان سماج جي بهتري چاهيون ٿا ته اسان کي هاڪاري ادب تخليق ڪرڻو پوندو .
ڊاڪٽر عابد مظهر توڙي بنيادي طور تي هڪ شاعر ۽ محقق آهي، پر سندس ڪهاڻين ۾ پڻ هڪ تکي ۽ چڀندڙ تنقيد موجود آهي. ڪي نقاد صرف ادب پارن جو تنقيدي جائزو پيش ڪري سگهاري ادب جي تخليق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن، پر ڪي اهڙا تخليقار به هوندا آهن، جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ سماج جا نقاد هوندا آهن. پنهنجين تحريرن ۾ سماج جو تنقيدي ڇيد پيش ڪندا آهن. ڊاڪٽر عابد مظهر صاحب پڻ سماج جو نقاد آهي، هو سماج جي ڪرندڙ قدرن طرف آڱر سڃي ٿو ۽ سماج کي هاڪاري رخ ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.
سندس سمورين ڪهاڻين ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا چڀندڙ تنقيد موجود آهي، جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سماجي قدر جي کوٽ جو الميو قلمبند ٿيل آهي. هو اهڙيون ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪردار کي هاڪاري پاسي وٺي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪو ڪردار هاڪاري رخ ۾ نه ٿو اُسهي ته به هو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ضرور ڪري ٿو. سندس ڪهاڻي ”دعا جي چمي“ جيڪا هڪ ڪردار تي بيٺل آهي، جنهن جي روح جي گهراين تائين هَوسَ ڀريل آهي. هو پنهنجي سموري زندگي ڪيئي جوانيون لتاڙيندو ۽ لُٻيندو رهيو آهي، عمر آخري حصي ۾ جڏهن سندس لڱ سندس ناپاڪ ارادن جي پوراءَ لاءِ سازگار ناهن رهيا تڏهن به هن جي روح جي پاتال ۾ موجود هَوسَ اڃا ٿانيڪي ناهي ٿي. بنيادي طور تي هن ڪهاڻيءَ کي ڪمال ڪاريگريءَ سان تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ڇاڪاڻ ته ڪٿي نه ڪٿي هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪن سماجي توڙي ناحق رائج سوڪالڊ مذهبي رَوِش تي سخت جُلهه ٿيل آهي. اهو ڊاڪٽر عابد مظهر جي شاعراڻي تخيل جو ئي ڪمال آهي، جيڪو کيس فڪشن ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي، ۽ هو انتهائي ڪاميابي سان جيڪو چوڻ گهري ٿو اهو چئي ويو آهي.” ايتري ۾ دوزخ مان وجهه وٺي اتان ڪا روپ بدلائي اپسرا جي روپ ۾ هن جي آڏو اچي بيٺي ۽ هن پنهنجا چپ ابهم ڪنيا جي چپن تي رکي ڇڏيا.اوچتو اها اپسرا کائنس هٿ ڇڏائي وڏو سيسراٽ ڀري بهوشٽ جي گيٽ ڏانهن لوهه ڏئي ٽپ ڏنو ته اوچتو هڪ ٺڪاءُ ٿيو. بهوشت سميت سڄي دنيا لڏي وئي، ڄڻ قيامت اچي وئي آهي. اپسرائون گلمان ۽ سڀ دوشيزائون زخمي ٿي ڪري پيون هيون. مئل جيون جو هڪ وڏو ڍير بڻجي ويو هيو.چوڌاري باهيون ئي باهيون هيون. دعا جي چمي وارا چپ نقلي اپسرا جي چپن تي چنبڙي ان ڍير جي مٿان ڏند ٽيڙي وري پوڙهي ٿي ويل بزرگ تي ٽهڪ ڏئي رهيا هيا ۽ دوزخ جو داروغو خوشيءَ ۾ هڪ وڏي نفيل وڄائي رهيو هو. “ڪيڏي نه گهري تنقيد موجود آهي هن ڪهاڻيءَ ۾ ! جيڪڏهن اهڙيون ڪهاڻيون اسان جي نصابن ۾ پڙهايون وڃن ته جيڪر هڪ پاسي بنيادي پرستيءَ جي پاڙ پٽجي وڃي ته ٻئي پاسي گهڻن جنسي جانورن کي آئينو به ملي وڃي؛ ۽ شايد هو پنهنجي ان ڪرڀ واري ڪرت مان نڪري اچن ۽ سماج ڪو سک جو ساهه کڻي وٺي . سندس هڪ ٻي ڪهاڻي آهي، ” حياتي هوتن ريءَ“ هي هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي. جيڪو شهري سماج جي بدلجندڙ قدرن سان گڏ پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو سوچي ٿو ته هن جا دوست ، سنگتي ۽ ساٿي ساڻس صرف مطلب جي ڪري ملن ٿا ۽ مطلب پوري ٿيڻ کان پوءِ ڳولهڻ سان به نه ٿا لڀن. هو اهڙي ڪيفيت کي شدت سان محسوس ڪري ٿو ۽ آخر ان نتيجي تي پهچي ٿو ته هن کي هن مشيني دؤر ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ هو خود ڪلامي ڪندي پاڻ ئي پاڻ سان هيءُ گفتگو ٿو ڪري ته :” مان مضبوط ماڻهو ٿيڻ چاهيان ٿو؛ هن سوچيو ؛ پنهنجن سوچن کي ايڏو محدود ڇو ڪري ڇڏيو آهي. هي ڪراچي سنڌ جو مشيني شهر آهي. هتي ڪنهن کي به ڪنهن جي پرواهه ڪونه هوندي آهي.هتي جي روبوٽ ماڻهو ڪمن ۾ گم هوندا آهن.نه ڪنهن سان ڏکن ۾ گڏ ۽ نه خوشين ۾ اهڙي حالت ۾ دوستن کان اهڙيون موٽون ڇو رکجن . هن سوچيو ؛ ڪڏهن ڪڏهن مان به ته مصروفيت جي ڪري ڪنهن جي ڏک ۽ خوشين ۾ نه وڃي سگهندو آهيان، پوءِ تون پنهنجي لاءِ سوچ…“
ڏٺو وڃي ته هن ۾ پڻ هڪ هاڪاري سوچ شامل آهي. ملڻ وارين گهڙين ۾ وٿيون پوڻ جي ڪري هو دوستن کي اهڙي روش ڪاهي پئي آهي. ڏٺو وڃي ته اهو پڻ ڪهاڻيءَ جو هڪ مضبوط پاسو آهي. پر اها ساڳي ان وقت ڇرڪائي ڇڏي ٿي، جڏهن ان جو مکيو ڪردار دوستن سان بي حساب هلڻ جو سوچي ٿو؛ ۽ چوي ٿو : ” هرڪو مطمئن نظر پيو اچي. هن سوچيو ، پر مون کي ايڏي آرام وري نوڪري هوندي به مزو ڇو نه ٿو اچي. هن سوچيو ؛ هن پنهنجي پاڻ سان وڏو ظلم ڪيو آهي. محبتون ته ڏيڻ سان ملنديون آهن . هيئن اڪيلو رهي ڪري ٻين لاءِ نفرتن جا جيوڙا پالڻ سان دنيا ۾ سک ٿورئي ملندو آهي. اسان کي ته مينديءَ جي سڪل پنن جيان ٿيڻ گهرجي . جيڪي ٻين جي هٿان پيسجندي به کوڙ سارا رنگ ۽ خوشبوءِ ڏئي وينداآهن. پنهنجو پاڻ کي پٿر ڪرڻ واري عمل کي سخت ڪرڀ مان ڏٺو . هڪ دفعو ٻيهر سنگتين سان ملڻ لاءِ مک تي مرڪ سجائي ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندو اڳيان بس اسٽاپ ڏانهن روانو ٿي ويو.“ هي ڪهاڻي اسان مان هر هڪ جي ڪهاڻي آهي. هر ماڻهو شهر جي مصروف زندگيءَ ۾ پنهنجي پاڻ کي وڃائي ويٺو آهي. پر اسان کي هن ڪهاڻيءَ مان اهو سبق وٺڻ گهرجي ته زندگي رش ۾ گم ٿي وڃڻ جو نالو ناهي بلڪه زندگي دوستن، مٽن مائٽن ۽ سنگتين ساٿين سان گڏ ڪي پل خوشي ۽ غم شيئر ڪرڻ جو نالو آهي. هن ڪهاڻي ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر سماج جي ڪرندڙ قدر تي چٿر ڪري نئون گس ڳوليو آهي، جنهن ۾ پنهنجائپ آهي، پيار آهي، محبت آهي ۽ سڪون آهي.
اهڙيون تحريرون ئي اسان کي سماجي ڪروڌ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگهن ٿيون . ضرورت صرف ان امر جي آهي ته اسان انهن تحريرن ڏانهن رجوع ڪيون. ۽ هي ڪهاڻيون صرف پڙهڻ لاءِ نه پڙهون بلڪه انهن ۾ جنهن کوٽ ڏانهن آڱر کنئي وئي آهي اسان پنهنجي زندگين ۾ انهن کٽل پاسن جو پورائو ڪيون. اهڙين ڪهاڻين جي ڪري ئي هڪ ڪهاڻيڪار ” سوشل سائنسٽ “ ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته سماجي ابتري کي سماجي برابري ۽ برتري ۾ تبديل ڪري ٿو .اهو ئي هڪ ليکڪ جو هاڪاري ڪردار ٿي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر عابد مظهر جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”خودڪشي“ پڻ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پڻ ”دعا جي چمي“ وانگر هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو سڄي عمر ڪيئي جوانيون لتاڙيندو ۽ ڀيليندو رهي ٿو. پر ڇاڪاڻ ته اقتداري ڌر جو حصو آهي. ان ڪري ڪو به مٿس تنقيد نه ٿو ڪري نه ئي وري ڪو هن جي بري عمل کي برو سمجهي ٿو. آخر جڏهن سندس لڱن مان ست موڪلائي وڃي ٿو ۽ هو هڪ دوشيزا جي اڳيان شرمسار ٿئي ٿو ته اهائي دوشيزا کيس ”خودڪشي“ جو مشورو ڏئي ٿي.هيءَ پڻ هڪ شاندار هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ناڪاري ڪردار تي سخت تنقيد ٿيل آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي هڪ ٻي ڪهاڻي ” ڪي اوڏائي ڏور“ پڻ تمام گهڻي اهم آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته هيءَ ڪهاڻي پوسٽ ماڊرن ازم جي موجوده صورتحال تي بيٺل آهي.هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار دوستن جي ميل ملاقاتن ۾ ٿيل وٿين کي گهٽائڻ لاءِ هڪ پارٽي جو بندو بست ڪري ٿو.پربان گڏجاڻيءَ ۾ هر هڪ دوست موبائيل ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. اها حقيقت آهي ته موبائيل ڪميونيڪيشن جتي اسان کي ويجهو ڪيوآهي. اتي ان ساڳي ٽيڪنالوجي اسان کي هڪ ٻئي کان گهڻو ڏور به ڪري ڇڏيو آهي. اسان مشيني رابطن ۾ ايترو گم ٿي ويا آهيون جو اسان جا حقيقي رابطا تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويا آهن. اها ئي ” ورچوئل ريئلٽي“ جي جٺ آهي، جيڪا ادان سان هن پوسٽ ماڊرن دؤر ۾ ٿي رهي آهي. اسان حقيقي شين جي بدران غير حقيقي ۽ مشيني شين ۾ وڌيڪ وڃائجي ويا آهيون ۽ نتيجي طور تي ادان کان رشتا ناتا، مٽيون مائٽيون، دوستيون وغيره پري وڃي رهيون آهن.
ڊاڪٽر عابدصاحب ان مامري تي قلم کڻي درست انداز ۾ هن اهڙي سوشل اشو ڏانهن آڱر کنئي آهي، جنهن جي ڪرڀ مان اسان سڀئي گذري رهيا آهيون.هڪ حقيقي ڪهاڻيڪار اهڙي انداز سان ئي اسان کي ادب ، زندگي، رشتن، ناتن، ۽ واسطن ويجهو آڻي سگهي ٿو.۽ اهو ڪم ڊاڪٽر عابد مظهر بهترين نموني ڪيو آهي. اڄ جي هن پوسٽ ماڊرن دؤر يا صورتحال ۾ اسان کان سڀ وڌيڪ شيءِ جيڪا ڦرجي رهي آهي. اهو اسان جو وقت آهي، ۽ ڳڻتي جوڳي اها ڳالهه آهي ته ان قيمتي شيءِ جي کسجڻ جو اسان کي احساس به ناهي. پر ڊاڪٽر عابد صاحب ان احساس کي محسوس ڪيو آهي ۽ ”نينو“ توڙي ”فلئش فڪشن “ جو تجربو ڪيو آهي.
حقيقت ۾ اسان وٽ ڊگهو بيانيو پڙهڻ جو وقت ئي ناهي رهيو ۽ اسان مختصر بيانيي جا عادي ٿي رهيا آهيون. اسان جون ڪهاڻيون سوشل ميڊيا تي رکيل اسٽيٽس وانگر ننڍڙيون ٿي رهيون آهن. حقيقيي اديب ان صورتحال جو ادراڪ ڪندي ”فلئش فڪشن“ جو بنياد رکيو. ۽ اڄ سموري دنيا ۾ فلئش فڪشن تمام گهڻو مشهور ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر عابد صاحب پڻ ” فلئش فڪشن“ تخليق ڪري حقيقي اديب هئڻ جو ثبوب ڏنو آهي.مجموئي طور تي ڊاڪٽر عابد مظهر صاحب اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ ڪندو رهندو آهي، جن جو سنئون سڌو واسطو اسان جي سماج ۾ موجود اهڙن قدرن سان آهي، جيڪي اسان کي هڪ نئين منظر نامي سان روشناس ڪرائي رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ جو انداز سليس ۽ سولو آهي. پر اها به حقيقت آهي ته ان سليس ۽ سولي انداز ۾ لڪل تکا ۽ چڀندڙ تير اڻ لکائتي انداز سان پنهنجو پنهنجو نشانو وٺندا وڃن ٿا. اهو ئي سندس لکڻ جو هنر آهي، ۽ اهائي سندس ڪاميابي جي ضمانت آهي.