سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

اداري پاران: پرديسي ۽ پنهنجائپ

’امرتا پبليڪيشنز‘ پاران پنهنجي 2001ع کان شروع ڪيل پبليڪيشنس واري سفر ۾ هيل تائين 72 ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن، جن ۾ سفرنامن جا ڪتابَ به سُٺي انگَ ۾ شامل آهن، جهڙوڪ سائين الطاف شيخ جا ٽي ڪتابَ ’جهنگٻار زنجبار‘، ’نڪري ويا ناکُئا‘ ۽ ’آمريڪا ڙي آمريڪا‘ سميت سائين منظور جوکيو جو هڪ ڪتابُ ’هوا جي ديوار‘، احساس ميرل جو ’مان شهر اُڏيري ٽيشڻ جو‘، سائين عبدالله ناريجي جو ’مديني جو مسافر‘ ۽ سائين ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو جو ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ پيش ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته هڪڙو ڪتاب آپا تنوير جوڻيجو جو ترتيب ڏنل ’ڊاڪٽر سنجيده مغل جي آتم ڪهاڻي‘ به آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ جو موضوع ته ’آتم ڪهاڻي‘ آهي، پر اهو آتم ڪهاڻيءَ سان گڏ ڄڻ ته سفرنامي جو به اُهڃاڻ آهي.
هيل تائين پيش ڪيل سمورن ڪتابن جا موضوع جدا جدا آهن، پر اسان جي محنت انهن سڀني تي دل جي حُضور سان ڪيل آهي، ائين جيئن ماڻهو پنهنجن ٻچن سان پيار ڪندو آهي، بلڪل ان ريت اسان پنهنجي پبليڪيشنس جي سمورن ڪتابن سان پيار ڪيو آهي ۽ هونئن به ڪتاب ته آهن ئي پيار جي لائق، جو ڪتاب ڪڏهن به نفرت نٿو سيکاري بلڪِ سدائين محبت جو درس ٿو ڏئي.
’امرتا پبليڪيشنس‘ جو هيءُ ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن منجهه آهي، سو اسان جي ٽنڊي الهيار جي ڀرواري مشهور ڳوٺڙي ’ڪامارو شريف‘ جي انتهائي احترام لائق معزز خانوادي جي سائين ’پير تاج محمد قريشي‘ صاحب جو لکيل سفرنامو آهي، جيڪو آمريڪا جي مختلف شهرن بابت آهي. پير صاحب، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا شفٽ ٿي ويو ۽ سالن کان اتي ئي پنهنجي فيمليءَ سميت رهائش پذير آهي ۽ هاڻ هُو آمريڪا کي ئي پنهنجو ديس سمجهي ٿو، ان ڪري هُن پنهنجي هن سفرنامي جو نالو ئي ’پرديس ٿيو ديس پنهنجو‘ رکيو آهي.
۽ عزيزانِ گرامي! ائين ٿيڻ به گهرجي، ’جنهن جو کائجي تنهنجو ڳائجي‘ واري ڳالهه ته سنڌ واسين وٽ سينه به سينه پراڻي روايتن آڌار هلندي اچي ٿي، سو اها ته اسان جي ورثي جي سُونهن آهي ته اسان کي جتي محبت ملي ٿي، ان محبت جو سنڌي ماڻهو قدر ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جي من اندر پيڙهي در پيڙهي محبتن جي جيڪا سُتي پيل آهي، سا اهڙو ’وَکُر‘ آهي، جيڪو پئي پراڻو ٿي ئي نٿو سگهي.
هي ڪتاب، يقين ڄاڻو ته سادي ٻوليءَ ۾ نهايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيو ويو آهي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالهين جو مِٺاس به منجهس شامل آهي، جن جو چسڪو دل جي زبان کي وڻندڙ ذائقو ڏئي ٿو. ليکڪ، پنهنجي سادگيءَ کي ڄڻ ته کولي بيان ڪيو آهي. اظهار جو اهو پيرايو ’امرتا‘ کي بيحد پسند آيو ۽ پڪ اٿئون ته اسان جا پڙهندڙ به کيس جِيءَ ۾ جاءِ ڏيندا. آباد سلامت هجو.

فقير محمد ڍول
ڇنڇر 17 ڊسمبر 2022ع
امرتا ڇاپ گهر - حيدرآباد