ميڪنا شهر ڏانهن رُخ
ٽريورس سٽي کان هائي وي 31 تي سفر شروع ڪيوسين. هتان اسان کي ميڪنا جي شهر تائين تقريبن ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳڻا هئا. منهنجي ڪوشش هئي ته اسان رات پوڻ کان پهرين ئي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ميڪنا پهچي وڃون. ڇو جو هي سڄو علائقو گهاٽي جهنگ تي مشتمل آهي يا وري پاڻيءَ جون ڍنڍون آهن. هائي وي 31 ليڪ مشيگن جي ڪناري سان گڏوگڏ هلي ٿو. رستي ۾ پيٽاسڪي ۽ هاربر اسپرنگ جا خوبصورت شهر به گهمڻ وٽان هئا، پر اسان انهن ٻنهي شهرن کي باءِ پاس ڪندي، ميڪنا ڏانهن سڌو سفر جاري رکيو. هائي وي 31 اڳيان اچي هائي وي 75 ۾ مليو.
هائي وي 75 اهي ساڳيو هائي وي آهي، جيڪو اتر ۾ وڃيو ڪينيڊا جي بارڊر سان لڳي ۽ ڏکڻ ۾ آمريڪا جي آخري ڏاکڻي اسٽيٽ فلوريڊا ۾ ختم ٿئي. آءٌ پنهنجي فلوريڊا جي سفرنامي ۾ هن دلچسپ هائي وي جي باري ۾ اڳئي لکي چڪو آهيان. ۽ اڄ وري هن ساڳئي رستي تي اتر طرف آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي بارڊر ڏانهن رخ هو.
ميڪنا شهر کان جڏهن ڪلاڪ کن جو پنڌ بچيو ته مون اڳواٽ ميڪنا شهر ۾ موجود هوٽلن کي فون ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته جيئن ڪا هوٽل مناسب ڪرائي تي ملي وڃي. هڪ ڏينهن اڳ ٽريورس سٽي ۾ هوٽل ڏکي ۽ مهانگي ملڻ وارو تجربو ٿي چڪو هو سو هاڻ مون ڪو وري اڻ وڻندڙ تجربو نٿي ڪرڻ چاهيو. ڪجهه فون ڪرڻ کان پوءِ ڪليرين نالي هوٽل ۾ مناسب اگهه تي ڪمرو دستياب هو. سو هاڻ اطمينان هو ته ڪالهه وانگر وري ڪا خواري نه ٿيندي ڇو جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هوٽل دستياب هئي ۽ وڌيڪ اتي پهچي چيڪ ڪبو.
اسان تقريبن رات جو اٺين وڳي ڌاري ميڪنا سٽي پهتاسين. اسان ڪليرين هوٽل ۾ ڪچي بڪنگ فون تي ڪرائي ورتي هئي. هن هوٽل ۾ اسان کي هڪ رات لاءِ ڪمرو تقريبن هڪ سو ڏهه ڊالر ۾ مليو. اسان ڪمرو وٺڻ کان پوءِ ٿوري دير آرام ڪرڻ کان پوءِ وري ٻاهر نڪتاسين ته جيئن شهر جو چڪر به هڻون ته ماني به کائي اچون. سو اهو ارادو ڪندي هوٽل مان پنڌ نڪري پياسين. رات پئجي رهي هئي سو شهر ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان ۽ ريسٽورنٽس کليل هئا سو اسان به گهمندي اچي هڪ پيزا شاپ تي پهتاسين.
هن پيزا شاپ ۾ ڪي ٿورا گراهڪ موجود هئا. اسان پنهنجي لاءِ پيزا وغيره آڊر ڪري هڪ خالي ٽيبل ولاري پنهنجي آرڊر جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. پيزا شاپ ۾ اسان کي هڪ عربي مسلمان فيملي پڻ ڏسڻ ۾ آئي. اتي هڪ ويٽر ميزون صاف ڪندي جڏهن اسان جي ويجهي آيو ته مون کيس هيلو هائي ڪري شهر جي باري ۾ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته خبر پئي ته هو پاڻ به هن شهر ۾ نئون آيل هو. سندس اصل تعلق ڪنهن سينٽرل يورپين ملڪ سان هو. کيس شهر جي باري ۾ ڪا خاص معلومات نه هئي. مون کي عجب لڳو ته هُو هڪ غير ملڪي مسافر هو ته پوءِ هن سياحتي شهر ۾ نوڪري ڪيئن ڪري رهيو آهي. سندس انگريزي به پوري پني هئي. نائين ايليون جي واقعي کان پهرين آمريڪا ۾ ڪنهن به غير ملڪي سياح لاءِ ڪا ننڍي وڏي نوڪري ملڻ عام رواجي ڳالهه هئي. هر نئون ايندڙ مسافر يا سياح پهرين کان آيل پنهنجي ساٿي جي مدد سان ڪنهن نه ڪنهن پيٽرول پمپ، ريسٽورنٽ يا ڪنهن ديسيءَ جي دوڪان تي آسانيءَ سان نوڪري ڪري سگهندو هو. گهڻو ڪري انهن سڀني ڪاروبارن جا مالڪ به اسان وانگر غير ملڪي اميگرينٽس ئي هئا، جيڪي ٻاهران آيلن کي آسانيءَ سان روزگار ڏيندا هئا، پر هن دور ۾ جڏهن سڄي آمريڪا جو وايو منڊل مٽجي ويو آهي. ان دور ۾ هڪ غير ملڪي لاءِ هن شهر ۾ هڪ خالص آمريڪن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ ڪا عام رواجي ڳالهه نه هئي. بهرحال اسان پيٽ پوڄا ڪري واپس پنهنجي ڪمري تي اچي آرامي ٿياسين ته جيئن صبح سوير ميڪنا ٻيٽ تي وڃي سگهون.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير تيار ٿي، پنهنجي ڪمري تان نڪتاسين. اڄ اسان جي ميڪنا ٻيٽ تي چڙهائي هئي. ميڪنا ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ سڄو ڏينهن ميڪنا شهر مان فيريون (ننڍڙا پاڻي جا جهاز) مسافرن کي ٻيٽ تي ۽ واپس خشڪيءَ تي ميڪنا شهر آڻينديون آهن. اسان به ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ هڪ فيري ڪمپني (شيپليرز) جي چونڊ ڪيو، جنهن جو شهر کان ميڪنا ٻيٽ ۽ واپس شهر ڏانهن اچڻ لاءِ اوٽ موٽ ڪرايو. وڏڙن لاءِ ستر ڊالر ۽ ٻارنهن سالن جي عمر جي ٻار جو ڪرايو، چاليهه ڊالر کن تائين هو. جيڪڏهن توهان اڳواٽ ڪنهن ويب سائيٽ تي تلاش ڪندؤ ته توهان کي سستو به ملي ويندو. هتي آمريڪا ۾ گهمڻ وقت کاڌو پيتو ته سستو پوي ٿو، پر مختلف سياحتي هنڌن ۾ داخلا جا ٽڪيٽ مهانگا پون. اسان فيري ۾ سواري جا ٽڪيٽ هوٽل جو ڪمرو ڇڏڻ مهل هوٽل جي مرڪزي آفيس مان رعايتي اگهه تي پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي خريد ڪيا. مهيني کن کان پوءِ جڏهن ڪريڊٽ ڪارڊ جو بل آيو ته انهي بل ۾ هوٽل جي طرفان هڪ نه پر ٻه چارجز هئا. جن مان هڪڙو هوٽل جو 110 ڊالر ڪرايو ته ياد هو پر هوٽل جي طرفان ٻيو اضافي چارج ڇا جو هو اهو ياد ڪونه هو. مون کي شڪ ٿيو ته متان هوٽل وارن ڪو ڊبل چارج ڪيو آهي. مون يڪدم هوٽل وارن کي گهران ويٺي ويٺي ڪال ڪئي. ڪافي ريسرچ کان پوءِ هوٽل وارن ٻڌايو ته اضافي چارج فيريءَ جي ٽڪيٽ جا آهن. جنهن کان پوءِ وڃي ڪو پيٽ ۾ ساهه پيو.
•