سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

سليپنگ بيئر ڊيونز

اڄ اسان جي پهرين منزل مشيگن ليڪ جي اولهه ڪپ تي موجود مشهور واري ۽ مٽي جا دڙا ڏسڻ ۽ گهمڻ هو. جن کي سليپنگ بيئر ڊيونز يعني ’ستل رڇ وارا دڙا‘ چيو ويندو آهي. هي واريءَ جا دڙا ٽريورس سٽي جي اوڀر اتر ۾ تقريبن 26 ميل کن جي مفاصلي تي ايمپائر سٽي جي اتر ۾ آهن. واريءَ جي دڙن جو ٻڌي، توهان اهو سوچيندا ته واريءَ جا دڙا ته پنهنجي ٿر ۾ به جام آهن ته پوءِ ايترو پري وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟! ٿورو صبر ڪريو توهان کي سوال جو جواب ملي ويندو.
اسان ٽريورس سٽي کان گرينڊ ويو پارڪ هائي وي 72 تي اوڀر طرف تقريبن سفر ڪندي، اڌ مني ڪلاڪ ۾ ڊيونز جي ايريا ۾ اچي پهتاسين. سڀ کان پهرين اسان ڊيونز پارڪ جي ٻاهران قائم ’فلپ هارٽ وزيٽرز سينٽر‘ تي اچي بيٺاسين ته جيئن پارڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ به وٺي سگهون ته وري ڊيونز گهمڻ لاءِ ضروري معلومات به وٺي سگهون. اسان سينٽر ۾ داخل ٿياسين ته سامهون ڪائونٽر تي پارڪ جا ٻه ملازم ڏسڻ ۾ آيا جيڪي سياحن کي گهربل معلومات ڏئي رهيا هئا. اسان ڪائونٽر تان پارڪ ۾ داخلا لاءِ ٽڪٽ ورتو جيڪو في گاڏي ڏهه ڊالر هو. ان سان گڏ اسان کي پارڪ جو معلوماتي ڪتابڙو به مليو.
مشيگن رياست ۾ هي واريءَ جا دڙا، مشيگن ليڪ جي ڪپ تي تقريبن پنجاهه کن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن. هتي نه رڳو واريءَ جا دڙا پر ان سان گڏوگڏ هتي موجود ڍنڍون، پاڻيءَ جون نهرون ۽ دُٻا، فاريسٽ، وڻ ۽ ٻوٽا، جانورن جي لاءِ چراگاهون ۽ خوبصورت سِينِڪ وِيُو ڏسڻ وٽان آهن. هتي سياح موسم جي مطابق هائيڪنگ ڪرڻ کان سواءِ هتي موجود ننڍين وڏين ڍنڍن ۾ بوٽ راني، برف جي مند ۾ آئيس اسڪيٽينگ، ڪيمپنگ، ڪار ٽوئرنگ کان علاوه هن علائقي جي پراڻي تاريخ جو مزو به ماڻيندا آهن.
اسان سليپنگ ڊيونز پارڪ جو ٽڪيٽ وٺي پارڪ جي حدن ۾ داخل ٿياسين. اسان ڊيونز کي ڏسڻ لاءِ وزيٽر سينٽر کان مليل نقشي جي مطابق مقرر ڪيل سِينڪ ويو واري روٽ تي گاڏي ۾ ئي گهمڻ جو فيصلو ڪيو. انهي روٽ کي ’پيرس اسٽوڪينگ ڊرائيو‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو تقريبن ساڍن ستن ميلن تي مشتمل آهي.
اسان ويزيٽر سينٽر مان نڪري هائي وي 22 تان ٿيندا، هن سينڪ رستي پهتاسين. هن رستي تي گاڏي هلائيندي بنا ڪنهن ٽوئر گائيڊ جي مدد کان سواءِ ڊيونز پارڪ گهمڻ سان گڏوگڏ ليڪ مشيگن جو به نظارو ڪري سگهياسين ٿي. هن خوبصورت رستي تي سڀ کان پهرين جنهن شاندار شئي اسان جو استقبال ڪيو، اها قديم ڇت واري پل هئي. هي پراڻي ڪاٺي جي ٺهيل پل، سرءُ جي موسم ۾ ان وقت انتهائي خوبصورت ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جڏهن پل جي چوڌاري لڳل وڻن جا پن پنهنجو رنگ مٽائيندا آهن. هي پُل ’مسٽر پيئرس‘ 1960ع ۾ ٺاهي. پر بعد ۾ 1986 ۾ هن جي مرمت ڪئي وئي هئي. پنهنجو ملڪ هجي ها ته ڪو پل جو لڳل ڪاٺ ۽ وڻ وڪڻي کاهي پئي وڃي هئا. پر ڇا ڪريون هي ٿيو ڪافرن جو ملڪ سو هر ڪا شئي پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. پل ڪراس ڪرڻ کان پوءِ ٻيو خوبصورت نظارو ’گلين ليڪ‘ جو هو، جنهن جو نيرو پاڻي دل کي موهي ويو. هن ليڪ جو نيرو پاڻي ليڪ جي شهرت جو سبب آهي. هن جو اتريون ڪنارو هڪ واڳون جي شڪل پيش ڪري ٿو تنهن ڪري انهي کي ايليگيٽر هل جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هتان کان پوءِ اسان پڪنڪ مائونٽين جي ايريا ۾ اچي بيٺاسين ۽ گاڏيءَ مان لهي ٽنگون سڌيون ڪيونسين. اسان پاڻ سان گڏ آندل ٿرماس مان گرم گرم چانهه ڪڍي پيتي. جنهن کان پوءِ اسان ٿورو پنڌ ڪري ان پوائنٽ تي پهتاسين، جتان پري کان ڊيونز يعني واري جي دڙن جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. هتي پهچي مون کي ٿوري مايوسي ٿي ته هي ته سکڻا واريءَ جا دڙا آهن. اجايو اڌ ڏينهن هتي وڃايوسين، پر جڏهن اڳيان وڌياسين ته جيڪو سائن بورڊ اسان کي مليو ان تي ’ليڪ مشيگن اوورلڪ‘ يعني ’ليڪ مشيگن جو مٿان کان نظارو‘ لکيل هو. اسان ليڪ مشيگن جو نظارو هن پوائنٽ تان ڪري سگهياسين ٿي. سو اسان اچي انهي پوائنٽ تي گاڏي بيهاري هيٺ لهي اڳيان وڌياسين. سبحان الله. رب جي صاحبي هئي.
مشيگن ليڪ اوورلڪ يعني ’ليڪ جو مٿان کان نظارو‘ پوائنٽ کان، مشيگن ليڪ جو نظارو 450 فٽ جي اوچائي کان ڪري سگهجي ٿو. هن پوائنٽ تان مشيگن ليڪ جو اهڙو ته خوبصورت نظارو هو جنهن جو لفظن ۾ ذڪر ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ئي ڪونهي. بس توهان اهو سوچيو ته 450 فٽ جي اوچائيءَ تي توهان بيٺل آهيو. هيٺ مشيگن ليڪ جو انتهائي خوبصورت پاڻي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ توهان کي واريءَ جي دڙي تان هيٺ لهڻو پوندو. مون ذڪر ڪيو هو ته واريءَ جا دڙا ته پاڻ وٽ ٿر ۾ به آهن جيڪي بيشڪ بارشن پوڻ کان پوءِ سرسبز ٿي خوبصورت ٿي پوندا آهن. پوءِ هتي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. توهان کي ٻڌايان ته هن پوائينٽ تي واري جا هي دڙا پنهنجي پياري ٿر جي ڀٽن ۽ دبئي جي دڙن کان بلڪل مختلف آهن جو هتي واري جي دڙن سان گڏ ليڪ مشيگن جو خوبصورت نيرو پاڻي به آهي. ٿورو سوچيو ته توهان ٿر ۾ هڪ اوچي ڀٽ تي بيٺا آهيو ۽ هيٺ 500 فٽ کن جي لاهي تي خوبصورت نيري پاڻيءَ واري ڍنڍ وهي رهي هجي ته پوءِ ڪيترو نه خوبصورت نظارو هوندو. اسان جنهن واريءَ جي ڀٽ تي بيٺا هئاسين، انهيءَ تي وڏو سارو بورڊ لڳل هو جنهن تي سياحن کي خبردار ڪيو ويو هو ته ’بهتر آهي ته خوبصورت منظر جو نظارو، هتان کان بيٺي ڪريو. اوچائي کان هيٺ لهڻ جي غلطي ڪري زخمي ٿيڻ جو چانس نه کڻو ۽ نه وري ريسڪيو ڪرڻ واري اداري جي ڳري فيس ڀريو. جيڪڏهن پنهنجي مڙسي ڪيَوَ ته پوءِ واپس مٿي اچڻ ۾ پورا ٻه ڪلاڪ لڳندا.‘
ڪيترائي نوجوان جوڙا سائن بورڊ جي وارننگ کي نظر انداز ڪري هيٺ لهي ويا هئا. مون ڏٺو ته واپس مٿي اوچائي تي اچڻ ۾ کين انتهائي مشڪل پيش اچي رهي هئي. انهن ۾ ڪي نوجوان انڊين به هئا. جيڪي پنهنجي پارٽنر تي رعب وجهڻ لاءِ هيٺ لهي ويا هئا، پر هاڻ واپسي ۾ ڪافي پريشان هئا. هن مقام جي اونچائي تي سياحن جي آساني لاءِ ڪاٺي سان ٺايل هڪ تختن جو ٿلهو به آهي جنهن تان بيهي ڪري آساني سان هيٺ ڏسي سگهجي ٿو. اسان ڪلاڪ ٻه هن ڀٽ ۽ مقام تي رهي الله سائين جي پيدا ڪيل خوبصورت منظرن مان لطف اندوز به ٿياسين ته گهڻا فوٽون به ڪڍيا سين. مون دل ۾ پنهنجي پاڻ سان وچن ڪيو ته آئيندي سال وري هتي اينداسين.
هيستائين اسان ڊيونز کي پري پري کان پي ڏٺو پر هاڻ وارو هو ان پوائنٽ تي وڃڻ جو جتان ڊيونز يا ڀٽ تي چڙهجي. هن پارڪ ۾ اچڻ واري هر سياح جي اها مرضي هوندي آهي ته ڀٽ تي چڙهي قدرتي ماحول کي انجواءِ ڪري ۽ اوچائي کان گلين ليڪ جو نظارو ڪري، پر حقيقت اها آهي ته ڀٽ تي چڙهڻ هر ڪنهن جي وس وٽان نه آهي. اسان به اتي پهتاسين. اسان اتي پهچڻ کان پوءِ ڀٽ تي چڙهائي شروع ڪئي. آءُ به همت ڪري اڌ ڀٽ تي چڙهي ويس پر مون کي جلدي اندازو ٿي ويو ته مٿي چوٽي تائين وڃڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. سو مون ساٿين کي چيو ته توهان ڀلي مٿي وڃو آءُ واپس هيٺ وڃي توهان جي واپس ورڻ جو انتظار ٿو ڪريان. هيٺ بهترين پارڪ ٺهيل هو سو واپس اچي پارڪ ۾ اچي ويهي رهيس. پارڪ ۾ مسافرن لاءِ بهترين باٿ روم وغيره ٺهيل آهن. مطلب ته جهنگ ۾ به توهان کي جهنگ جو خيال ٿئي ته ڪا پريشاني ڪونه ٿيندي. ڀٽ تي چڙهڻ ۽ واپس هيٺ اچڻ ۾ تقريبن ٻن کان ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن. ڀٽ تي چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر جيڪي مٿي تائين چڙهيو وڃن انهن لاءِ هڪ انمول فن آهي. پارڪ انتظاميه جي طرفان سياحن لاءِ هدايت آهي ته مٿي وڃڻ مهل پاڻ سان گڏ آيل ٻارن جو خيال رکن جو ٻارن جي گم ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. نه فقط ٻار پر وڏا به مقرر ٽريل تان ٿڙيو وڃن ته کين واپسي جو رستو ڪونه ٿو ملي. سو سياحن کي هدايت آهي ته نقشي جو استعمال ڪن. منهنجا ساٿي واپس ڀٽ تان لهي آيا ته اسان واپسيءَ جو سفر شروع ڪيوسين. رستي ۾ اسان هڪ ’ميري ٽائم ميوزيم‘ تي بيٺاسين جتي ليڪ مشيگن جي آبي زندگي، جهازن جي رواني ۽ جهازن جي باري ۾ دلچسپ معلومات ڏنل هئي. اتي انساني زندگي بچائڻ واري اداري ۽ سندن اوزارن جي باري ۾ به معلومات مليل هئي. جتي اڄڪلهه ميرين ميوزيم آهي اتي ڪنهن وقت ۾ زندگي بچائڻ واري اداري ’لائف سيوينگ ڊپارٽمينٽ‘ جي آفيس هئي، پر وقت سان گڏ جڏهن ڀٽ جي واريءَ ۾ آفيس دٻجڻ لڳي ته آفيس کي هتان منتقل ڪري هتي ميوزيم قائم ڪيو ويو.
اسان ڊيونز پارڪ مان واپس ورندي گلين آربر ڳوٺ وٽ اچي بيٺاسين. هن جاءِ تي ڪرسٽل ريور نالي درياهه وهي وڃي ليڪ مشيگن ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اسان گلين آربر ڳوٺ مان ننڍي ٻيڙي رينٽ ڪئي جنهن کي ’ڪينوئي‘ چيو وڃي ٿو. ڪينوئي رينٽ ڪرڻ کان پوءِ اداري جي بس نما گاڏي اسانکي ۽ ٻين مسافرن کي ڪينوئين سوڌو ان مقام تي پهچايو، جتان اسان ڪينوئي ۾ چڙهي واپس گلين آربر وليج ڏانهن چپو هلائڻ شروع ڪيو. پاڻ وٽ گدو بندر وٽ درياهههه ۾ پاڻي اڄ ڪلهه گهٽ هوندو آهي ۽ مهاڻا ويچارا ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون هلائي، مڇي ماري، پنهنجي پيٽ پوڄا جو بندوبست ڪندا آهن. اهڙي طرح سان هن مقام تي ڪرسٽل ريور درياهههه جو پاڻي گهٽ هوندو آهي. سو اسان اسٽارٽنگ پوائنٽ کان واپس گلين آربر وليج ڏانهن آساني سان ڪينوئي هلائي ٻن ڪلاڪن ۾ پهتاسين. رستي ۾ جهنگلي گل ۽ ٻوٽا ۽ پاڻيءَ جا قسمين قسمين پکي ڏسڻ ۾ آيا.