سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

سِکن جو شهر

بريمٽن جي شهر کي ’سِکن جو شهر‘ ڪري چئجي ته ذري برابر به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. بريمٽن جي نالي سان هي شهر ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي ڏکڻ ۾ گريٽر ٽورانٽو جي حد ۾ واقع آهي. 2011 جي ڪينيڊين آدمشماريءَ مطابق هن شهر جي ٽوٽل آبادي پنج لک ٽيويهه هزار هئي. تنهنجو 38 سيڪڙو آبادي ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن تي مشتمل هئي. جن ۾ انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان ۽ ٻين ڏکڻ ايشين ملڪن جا ماڻهو شامل آهن. جن ۾ 19 سيڪڙو سک، 12 سيڪڙو هندو ۽ 7 سيڪڙو مسلمان آهن. هن علائقي مان چونڊيل چار صوبائي اسيمبلي ميمبرن مان ٻه ميمبر سک آهن. ٻولين ۾ هتي 52 سيڪڙو انگريزي، 18 سيڪڙو پنجابي ۽ 3 سيڪڙو اردو ڳالهائڻ وارا آهن. هتي توهان کي هر پاسي پنجابي ۽ اردو ٻُڌڻ ۾ ايندي ته توهان کي محسوس ٿيندو ته توهان پاڪستان يا هندستان ۾ پيا گهمو. جيتوڻيڪ هتي ڪئين پاڪستاني ۽ هندستاني آهن، پر ان جي باوجود به هتي روڊن رستن تي نه گند نه ڪچرو ۽ نه وري ڪا گاڏي يا موٽر سائيڪل ٽريفڪ لائيٽ جي خلاف ورزي ڪندي ڏسڻ ۾ ايندي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ساڳيا پاڪستاني يا هندستاني ماڻهو پنهنجي عادت جي برخلاف آمريڪا، ڪينيڊا يا ٻئي ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ قانون جي پابندي ته ڪن ٿا پر پنهنجي ملڪ ۾ ڇو نٿا ڪن. اهو ان ڪري جو هنن ملڪن ۾ موچڙو سخت آهي. جيئن چوندا آهن ته موچڙو هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
مون پنهنجي ميزبان عبدالباسط کان حيران ٿي پڇيو ته ڪو گورو به هن شهر ۾ آهي يا ديسين کي ڏسي سڀني گورن هتان ڀڄي جان ڇڏائي. کلي چيائين ته نه ماما هي پاسي ۾ هڪ گورو رهي ٿو پر هي به اصل هتان جو نه آهي، بلڪِ يورپ جي ڪنهن ملڪ يا روس جي علائقي مان آيل نئون اميگرينٽ يعني مهاجر آهي. هن علائقي جي صوبائي اسيمبلي جي چئن ميمبرن مان ٻه سک آهن.
هتي گهرن جو حال به عجيب آهي. توهان جي سامهون هڪ وڏو گهر ڏسڻ ۾ ايندو، بظاهر لڳندو ته ڪو هن گهر ۾ ڪو هڪ خاندان رهندو هوندو پر اصل ۾ انهي گهر ۾ هڪ نه پر چار جدا جدا فيمليون رهن ٿيون، هر هڪ فيمليءَ جي اچڻ وڃڻ لاءِ جدا جدا چار دروازا، هر هڪ خاندان جي پنهنجي پنهنجي جدا ائڊريس. مطلب ته هڪ گهر ۾ هڪ چار ديواري ۽ هڪ ڇت هيٺ چار مختلف خاندان پيا رهن، پر مجال آهي جو پاڻ ۾ ڪو جهيڙو جهٽو يا گارگند جي نوبت اچي. جڏهن ڪينيڊا تقريبن ويهه سال کن اڳ دنيا جي مختلف ملڪن مان قابل ماڻهن کي گهرائي هن ملڪ ۾ آباد ڪرڻ شروع ڪيو ته گهرن جون قيمتون آسمان تائين وڃي پهتيون. سرنديءَ وارن گهر خريد ڪري نئين آيل آباديءَ کي مسواڙ تي ڏنا. مختلف ملڪن مان آيل پرديسي هنن گهرن ۾ شروع شروع ۾ مسواڙ تي رهن. ڪجهه عرصي کان پوءِ مالي حالتون بهتر ٿين ته پوءِ وڃو پنهنجو گهر وٺن.
گهر پهچڻ کان پوءِ عبدالباسط پنهنجي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري موٽر ميڪينڪ کي فون ڪري منهنجي گاڏيءَ ۾ ٻرندڙ ٽن خطري جي بتين جي باري ۾ ٻڌايو. ميڪينڪ صاحب چيو ته انجڻ جي ٽن بتين جو ٻرڻ ڪا سٺي نشاني نه آهي. صبح جو ساڍي اٺين ڌاري اچجو ته چيڪ ڪري وٺنداسين. سو هاڻ اطمينان ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪو ته مڪينيڪ سڀاڻي آچر جي ڏهاڙي کُليل هوندو، جنهن کي گاڏي ڏيکاري وٺنداسين. آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن موڪل هوندي آهي، پر محنت ۾ ئي عظمت آهي، سو اسان پارا گهڻو ڪري موڪل جي ڏينهن به نوڪري ڪن يا پنهنجي ڪم کي ڏسن. آئون به ٻين ديسين وانگر سومر کان جمعو نوڪري ڪريان ۽ وري ڇنڇر جي ڏينهن پنهنجي اڪائونٽنگ ۽ ٽيڪس جي ڪم کي ڏسان.
ڪينيڊا ايندي رستي ۾ مون فيسبڪ تي پنهنجي ڪينيڊا اچڻ جي باري ۾ اسٽيٽس اپڊيٽ ڪيو ته فيسبڪ اپڊيٽ ڏسي هڪ پراڻي ڪلاس فيلو سهيل مغل جيڪو ڪنهن وقت ’سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام‘ ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو، تنهن مون کي مسيح ڪيو ته جيڪڏهن ٽورانٽو اچان پيو ته هن سان ضرور ملان. اتفاق سان سهيل منهنجي مائٽ عبدالباسط کي به ڪينيڊا ۾ سڃاڻي. سو هن عبدالباسط کي به فون ڪري وٽس اچڻ جي دعوت ڏني هئي. سو سهيل مغل سان ملڻ لاءِ ڪينيڊا جي شهر ’مسيساگا‘ روانا ٿياسين، جيڪو عبدالباسط جي شهر بريمٽن کان فقط ڏهه ميل کن پري هو. سهيل مغل، 1987ع - 1988ع ڌاري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ بي ايس سي زراعت ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو. هي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهي. زرعي يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ وارن ڏينهن دوران سهيل، آئون، نديم ڪورائي، نديم ميمڻ (جيڪو هيرآباد ۾ حسن ليبارٽريءَ جي مالڪ ڊاڪٽر حسن ميمڻ صاحب جو پٽ آهي) گهڻو ڪري گڏ ٽنڊوڄام کان حيدراباد شهر ايندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سهيل لطيف آباد ۾ رهندو هو، پر هاڻ ڪينيڊا ۾ 2001ع کان رهائش پذير آهي. هن 1993ع ۾ ٽنڊوڄام مان بي ايس سي ۽ 1994ع ۾ ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت جي زرعي کاتي ۾ نوڪري ڪئي. ڪينيڊا جي اميگريشن منظور ٿيڻ کان پوءِ نوڪريءَ تان استفعا ڏئي ڪينيڊا شفٽ ٿي ويو. ڪينيڊا ۾ هن کي زراعت کاتي ۾ ته نوڪري نه ملي پر ڪجهه سال مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ سال ٻه اڳ ڪمپيوٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي (ايم آئي ايس) جي ٽريننگ وٺڻ شروع ڪيائين ۽ هاڻ آئي ٽي ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي. هُو پنهنجي نئين ڪيريئر مان مطمئن نظر اچي رهيو هو. سندس گهر واري، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ڪئي هئي، سا پڻ آئي ٽي جي فيلڊ ۾ نوڪري ڪري رهي آهي. سهيل مغل صاحب ڪينيڊا جي شهر ميسيساگا ۾ رهي ٿو.
ٻئي ڏينهن تي صبح جو ڏهين وڳي ڌاري گاڏي کڻي يوسف ڀائي جي ورڪشاپ پهچي وياسين، جيڪو پڻ مسيساگا شهر ۾ هو. يوسف ڀائي به انهي وقت پهتو هو. اسان گاڏيءَ مان لهي ساڻس ملياسين. پاڻ گاڏي اندر ورڪشاپ ۾ آڻڻ لاءِ چيائين. مون گاڏي ۾ واپس ويهي جيئن گاڏي اسٽارٽ ڪئي ته اهي ئي لائٽون جيڪي ڪالهه ٻنپهرن کان ٻري رهيون هيون، سي مڪينڪ کي ڏسي بند ٿي ويون. يوسف ڀائي به حيران ٿيو. هن نيڪ مڙس ان جي باوجود به مشين تي گاڏيءَ کي چيڪ ڪري ٻڌايو ته هن وقت هن ۾ ڪابه خرابي نه آهي. آئون به ڪافي حيران ٿيس جو رات ڪينيڊا ۾ گذاريم ته ميڪينڪ کي گاڏي ڏيکاريندس ۽ هاڻ مستريءَ جي ڊپ وچان گاڏي يڪدم ائين ٺيڪ ٿي وئي، جيئن ڪو ٻار ڊاڪٽر جي سُئيءَ جي ڊپ وچان اُمالڪ ٺيڪ ٿي ڊوڙڻ لڳندو آهي.
عبدالباسط ٻڌايو ته مستري يوسف ڀائي پاڪستان آرمي ۾ هو ۽ ڪنهن وقت سرڪاري خرچ تي آمريڪا آيو هو. موقعو ڏسي سرڪار جي ٽولي مان کسڪي آمريڪا ۾ گم ٿي ويو ۽ پوءِ وجهه وٺي يا ڪينيڊين امگريشن ڪرائي ڪينيڊا شفٽ ٿي ويو. هاڻ پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان آٽو ميڪينڪ جو ڪم ڪري رهيو آهي. هاڻ هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي به گهرائي ورتو آهي.
يوسف ڀائي جو ورڪشاپ ڪينيڊا جي شهر مسيساگا ۾ آهي. جيڪو ڪينيڊا جو ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. مسيساگا جي شهر ۾ پڻ غير ملڪي جهڙوڪ هندستاني، پاڪستاني، افغاني، بنگالي ۽ چائنيز وغيره شامل آهن. هن علائقي مان چونڊيل ڇهن صوبائي اسيمبلي ميمبرن مان پنجن جو تعلق هندستان سان آهي. هتي توهان کي وِک وِک تي ديسي ڪاروبار نظر ايندو جن ۾ هلال ريسٽورنٽ، هلال گوشت، سودي سلف يعني ڀاڄين وغيره جا دوڪان ملندا. اڄ کان تقريبن ڏهه پندرنهن سال کن اڳ ديسي ڪاروبار ۽ کاڌي پيتي جا دوڪان ٽورنٽو جي هڪ مشهور اسٽريٽ تي واقع هئا، جنهن کي ’جرار اسٽريٽ‘ چيو ويندو آهي. جرار اسٽريٽ کي ننڍو ايشيا به چيو ويندو هو. هتي ديسي فروٽ جن ۾ سنڌ جو انب به ملندو آهي. اسان ان وقت جرار اسٽريٽ ويندا هئاسين ته جيئن سنڌ کان آيل سنڌڙي، لنگڙو، دسهڙي يا وري انور رٽول وٺي سگهون. جيئن ته آمريڪا ۾ عام رواجي طرح ڪو فروٽ وغيره آڻڻ جي اجازت ڪانهي. جيڪڏهن ڪار جي ڊگي ۾ انب رکي آڻڻ جي ڪوشش به ڪندا هئاسين ته آمريڪن بارڊر تي ڪسٽم وارن کي ڪا خوشبو ايندي هئي يا ڇا جو کين خبر پئجي ويندي هئي. ڪسٽم وارا انب ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا هئا. تنهن ڪري اسان ٽورانٽو جي جرار اسٽريٽ تان سنڌ کان آيل انب خريد ڪري اتي ڪينيڊا ۾ کائي پوءِ واپس آمريڪا ايندا هئاسين.
جڏهن ميڪينڪ يوسف ڀائي اسان کي اوڪي چيو ته اسان واپس آمريڪا ڏانهن رخ رکيو. ڪلهه وانگر موسم به صاف ۽ سٺو هو، سو اسان آرام سان گاڏي ڊوڙائيندا چئن ڪلاڪن ۾ اچي آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي بارڊر واري شهر ’پورٽ هيوران‘ پهتاسين. جتان ڪسٽم وغيره جو مرحلو طئه ڪري آمريڪا جي حد ۾ داخل ٿي ڪلاڪ ۾ گهر پهتاسين.