سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

مشيگن جا لائيٽ هائوس

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هوٽل جي ڪمري مان تيار ٿي نڪتاسين ته جيئن سڀ کان پهرين پيٽ پوڄا ڪجي. اسان مسلمانن وٽ سفر ۾ حلال ۽ حرام جي ڪري کاڌي پيتي جي چوائس بنهه گهٽ هوندي آهي. اسان پارن گهڻن جا عام زندگي ۾ ڪم ڀلي ڪهڙا به ڪوجها هجن، پر کاڌي ۾ حلال ڳوليندا آهيون. سو اسان لڳاسين انٽرنيٽ تي ڪو اهڙو ريسٽورنٽ ڳولهڻ جتي ڪو حلال کاڌو هجي پر جڏهن ڪو اهڙو ريسٽورنٽ نه مليو ته پوءِ اسان ’برگرڪنگ‘ ڏانهن رخ رکيو. جيڪو اڄڪلهه برگرڪنگ ۽ ميڪڊونالڊ وغيره ناشتي ۾ بيضن جو ٺهيل آمليٽ وغيره ملندو آهي. سو اسان به برگرڪنگ تان ناشتو ڪري اڳتي شهر ڏانهن رخ رکيو. هاڻ اسان جو ارادو هو ته اسٽرين پارڪ جي ويجهو جيڪو لائيٽ هائوس اسان ڪالهه بند هجڻ جي ڪري ڏسي نه سگهيا هئاسين سو اڄ گهمي وٺون.
پهرين ته توهان کي هتي آمريڪا ۾ موجود لائيٽ هائوسز جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته لائيٽ هائوس آهن ڇا ۽ انهن جو ڪهڙو ڪم ۽ مقصد آهي ۽ آمريڪا ۾ لائيٽ هائوس ڪڏهن وجود ۾ آيا؟ لائيٽ هائوس سمنڊ يا ٻئي ڪنهن پاڻي جهڙوڪ درياهه ۽ ڍنڍ وغيره ۾ سفر دوران زميني ۽ خشڪي وارا ساحل ۽ ڪنارا سڃاڻڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا. لائيٽ هائوس هڪ اوچو ٽاور يا ٿنڀو هوندو آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ روشن بتي يا لائيٽ لڳل هوندي آهي. هي ٿنڀو يا ٽاور ڪنهن سمنڊ يا ڍنڍ جي ڪنهن خاص اوچي مقام تي لڳل هوندو آهي. جنهن سان جهازراني وارن لاءِ طرف معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
هزارين سال اڳ انسان پاڻيءَ جي سفر لاءِ ٻيڙيون ۽ جهاز استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ته انهن وقتن ۾ واپس خشڪيءَ تي پهچڻ لاءِ سوار پٿرن جي ڍڳ يا جبلن يا ننڍڙين ٽڪرين وغيره کي نشاني طور استعمال ڪندا هئا. اهي مددي شيون کين ڏينهن جو ته خشڪيءَ جو ڪناري تي پهچڻ ۾ آساني ڪنديون هنيون پر رات جو ڪيئن ڪن. اڄڪلهه ته جديد نيويگيشن سسٽم اچي ويا آهن پر ٿورو سوچيو انهن ڏينهن ۾ ڪيترا ته مسئلا هوندا هئا سفر ڪرڻ وقت، رات جو پاڻيءَ جي سفر دوران خشڪ زمين جو ڪپر معلوم ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هو. همراهه رلي پني رات جو سمنڊ يا درياهههه جي سفر کان پوءِ گهر ڪيئن پهچن؟ سمنڊ، درياهه يا ويڪرين ڍنڍن مان خشڪيءَ جا ڪنارا سڀ هڪ جهڙا لڳندا آهن. سندن ساٿي جيڪي خشڪي تي هوندا هئا، سي خشڪيءَ جي ڪنهن اوچي مقام تي ڪاٺين جي باهه جو مچ ٻاري، پاڻيءَ رستي ايندڙ ساٿين کي خشڪيءَ تي پهچڻ لاءِ صحيح مقام جي خبر ڏيندا هئا. ڪڏهن وري خشڪيءَ جي ڪناري تي ڪاٺيءَ جو ٿُڙ وغيره کوڙي، انهيءَ ۾ لوهي بالٽي ٽنگي، تنهن ۾ باهه ٻاري ايندڙ مسافرن لاءِ هڪ قسم جو سگنل ڏيندا هئا ته جيئن هو خشڪيءَ تي پهچي سگهن. ڪاٺيءَ جي ٿڙ تان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اڄ به منهنجي ڳوٺ ڪامارو شريف جيڪو ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ آهي اتي اڄ به ڪاٺ جو تمام اونچو ’انگاس‘ ڳوٺ جي مسجد جي پاسي ۾ اسان جي وڏڙن جي وقت کان لڳل آهي. اهو اندازو لڳايو ويندو آهي ته هي انگاس پراڻن وقتن ۾ ان جي چوٽيءَ تي چمني وغيره ٻاري پري کان ايندڙ مسافرن کي رستي جي راهه جو پتو ڏيڻ لاءِ لڳايو ويو هجي شايد. والله عالم.
قديم دور ۾ لائيٽ هائوس قدرت جي طرفان پهريون ڀيرو مهيا ڪيا ويا هئا. پاڻيءَ جو سفر ڪرڻ وارا ان وقت زمين يا خشڪيءَ جي نشاني لاءِ ٻرندڙ لاون (والڪينوز) کي استعمال ڪندا هئا. قديم دور ۾ انسان تجارت لاءِ ڪاٺين جا ٺهيل وڏا ٻيڙا يا جهاز استعمال ڪري پري پري جو سفر ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تيز هوائون انهن ڪاٺي وارن جهازن يا ٻيڙن کي آسانيءَ سان ڌڪي وڃي خشڪيءَ تي موجود جبل جي ٽڪرين سان هڻندا هئا جنهن سان ڪاٺيءَ جا ٺهيل اهي جهاز يا ٻيڙا ڀڄي ٽُٽي تباهه ٿي ويندا هئا. انهي ڪري لائيٽ هائوسن جي ضرورت پئي ته جيئن اڳواٽ وارننگ يا سگنل ملي سگهي.
قديم دور جي ستن عجائبات ۾ اليگزينڊر يا مصر جو مشهور لائٽ هائوس به شامل هو، جيڪو 280 قبل مسيح ۾ تعمير ڪيو ويو هو. جنهن جي اونچائي 450 فٽ (تقريبن 45 ماڙ بلڊنگ) هئي. ان قديم لائيٽ هائوس جي چوٽي باهه سان چمني ٻاري ويندي هئي. اهو قديم لائيٽ هائوس تقريبن پندرنهن سو سال قائم رهڻ کان پوءِ چوڏينهن صدي عيسوي ۾ هڪ زلزلي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.
سو اسان سڀ کان پهرين لڊينگٽن جي اسٽيرن پارڪ جي ساحل تي موجود لائيٽ هائوس پهتاسين جنهن کي ’نارٿ بريڪ واٽرلائيٽ‘ چيو ويندو آهي. هي قديم لائيٽ هائوس 1871ع ۾ ٺاهيو ويو هو. جنهن جي روشني ويهن ميلن تائين مشيگن ليڪ جي پاڻي کي روشني پهچائيندي آهي. هن لائيٽ هائوس جي چوٽي تي سائرن لڳل آهي جيڪو مشيگن ليڪ ۾ موجود بوٽس، ٻيڙن، ۽ ننڍن جهازن کي خراب موسم کان آگاهه ڪندو آهي. هن لائيٽ هائوس جي چوٽي تي چڙهڻ لاءِ چاڙهيون موجود آهن. اڄ اسان کي به موقعو مليو سو لائيٽ هائوس جي چوٽي تائين پهچي هن قديم لائيٽ هائوس جو نظارو ڪيوسين.
اسان لائيٽ هائوس گهمڻ کان پوءِ هن شهر جي ويجهو قائم هڪ تاريخي ڳوٺ پهتاسين جنهن کي ’وائيٽ پائن وليج‘ چيو ويندو آهي. هي قديم ڳوٺ جيڪو 18هين صدي جي آخر ۾ قائم ٿيو هو، جيڪو آمريڪا جي قديم ڳوٺن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن قديم ڳوٺ ۾ تقريبن 30 کن عجائب گهر آهن. هن پراڻي ڳوٺ ۾ ڪجهه بلڊنگون جيڪي 18هين صدي ۾ ٺاهيون ويون هيون سي اڃان تائين موجود آهن. انهن قديم بلڊنگس مان هڪ بلڊنگ جيڪا 1849 عيسوي ۾ قائم ٿي جنهن کي ڪاونٽي ڪورٽ هائوس چيو ويندو آهي سا ڏسڻ وٽان آهي. هن ڳوٺ ۾ قائم قديم ميوزيم گهمڻ سان آمريڪا جي قديم زندگي جي معلومات جن ۾ سامونڊي زندگي، ڪاٺين جي ڪاروبار، لوڪل گورنمينٽ، ايگريڪلچر، تعليم ۽ صحت جي باري ۾ دلچسپ معلومات ملي ٿي.
اسان تقرين شام تائين وقت هن سهڻي شهر ۾ گذاري هتان جا پارڪ، ساحل، عجائب گهر گهمڻ کان پوءِ هتان پنهنجي اڳئين منزل ’ٽريورس سٽي‘ ڏانهن روانا ٿياسين. هتان روانو ٿيڻ کان پهرين گاڏي ۾ پيٽرول وغيره فل ڪرايوسين جو اڳيان سفر سمورو جهنگلات مان ڪرڻو هو ۽ رستي ۾ رات به پوڻي هئي.