سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

پاڻيءَ جو ٻيڙو

پريان کان اسان کي هڪ ننڍو پاڻي وارو جهاز بيٺل نظر آيو، جنهن جو نالو ايس ايس بيجر ڪار فيري آهي، جيڪو اسان جي هن ڪپر تي اچڻ کان ڪافي پهرين هتي ڪناري تي پهچي لنگر انداز ٿيل هو. هن فيري کي پاڻ پنهنجي سولي سنڌي ۾ جيڪڏهن ننڍڙو پاڻيءَ جو جهاز چئون ته آسان ٿيندو.
هي ننڍڙو پاڻيءَ وارو جهاز روزانو لڊينگٽن پورٽ کان آمريڪا جي هڪ ٻي رياست ويسڪينسن جي پورٽ شهر مينيٽويڪ تائين ويندو آهي. جيئن پهرين ذڪر ڪيم ته هي سمنڊ نما ڍنڍ آمريڪا جي چئن مختلف رياستن ۾ پکڙيل آهي. جن مان ويسڪينسن رياست به هڪ آهي. هن ننڍڙي جهاز ۾ سفر جو مزو اهو به آهي ته هي جهاز نه رڳو توهان کي پر توهان جي گاڏي، ڪار، موٽر سائيڪل کي پڻ توهان سان گڏ کڻي هڪ رياست مشيگن کان ٻئي رياست ويسڪينسن پهچائيندو آهي. توهان لڊينگٽن شهر اچو. جهاز جو ٽڪيٽ وٺو، ڪار يا جيڪا به سواري ساڻ تنهن کي جهاز ۾ سوار ڪرائي پاڻ به جهاز ۾ سوار ٿيو. چئن ڪلاڪن ۾ هي جهاز توهان کي ۽ توهان جي گاڏي وغيره کي هتان کڻي ويسڪينسن رياست جي شهر مينيٽويڪ پهچائيندو.
هن سفر جي دوران توهان آرام سان جهاز ۾ آرام ڪريو يا پوءِ جهاز ۾ قائم ريسٽورنٽس ۾ ماني وغيره کائو يا چانهه /ڪافي يا ٻيو ڪو مشروب واپرايو. توهان سان گڏ جيڪڏهن ننڍڙا ٻار به آهن يا وري توهان جو دل به اڃان جوان آهي ته جهاز ۾ قائم وڊيو گيمز مشينن تي راند ڪري سگهو ٿا. هي ننڍو پاڻي وارو جهاز يا فيري روزانو مقرر وقت تي صبح جو مشيگن کان رواني ٿيندي آهي. گرمين جي مند ۾ هي فيري ٻه ڦيرا ڪندي آهي. جنهن دوران رات واري چڪر جي مسافرن جي سمهڻ لاءِ ڪمرا ۽ هنڌ بسترا به موجود آهن، پر ڪمري لاءِ اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. توهان ڪمري ۾ سمهي آرام ڪريو يا فيري جي ڇت تي وڃي ڍنڍ جي پاڻي ۽ ڪنارن تي موجود شهرن، ڳوٺن جي روشنين جو پري کان نظارو ڪريو. شام جي وقت وري لهندڙ سج جو مزو وٺو. ڪڏهن جي بارش پوي ته بارش کان پوءِ آسمان تي ٺهندڙ انڊلٺ جو نظارو ڍنڍ جي وچ پاڻي ۾ هڪ بهترين منظر پيش ڪندو آهي. توهان فيري ۾ آرام ڪريو يا ٽي وي تي مفت جون فلمون يا پنهنجو پسنديده پروگرام ويهي ڏسو. جيڪڏهن گُنديءَ ۾ ڪجهه ڏوڪڙ هيڪاندا هجن ته هن ننڍي جهاز تي موجود شاپنگ اسٽورن تان خريداري ڪريو، پر خيال ڪجو جو هتي شين جو اگهه عام رواجي مارڪيٽ کان وڌيڪ هوندو آهي.
هي ننڍڙو جهاز هڪ مهل 620 مسافر ۽ 180 گاڏين کي جن ۾ ننڍيون وڏيون ڪارون، ٽوئر بسون، ننڍيون ٽرڪون (جن کي پاڻ ٽرالا چوندا آهيون) کڻندو آهي. پريشان نه ٿيو توهان کي هن جهاز ۾ سفر جو ناڻو به ٻڌايان ٿو. ننڍا ٻار جيڪي پنجن کان پندرنهن سالن جا آهن، تن جا ڇويهه آمريڪي ڊالر، وڏڙن جا پنجهٺ ڊالر ۽ گاڏي سوار ڪرائيندا ته ان جا به پنجهٺ ڊالر، ان کان سواءِ هن دلچسپ سفر دوران کائڻ پيئڻ ۽ خريداري وغيره لاءِ گُنديءَ ۾ ڪجهه واڌُو ڏوڪڙ هجڻ به ضروري آهن نه ته بکئي پيٽ ڦِڪو منهن کڻيو ويٺا هوندا.
اسان اڄ هن فيري ۾ نه چڙهياسين پر اڳتي لاءِ اڳواٽ پروگرام ٺاهي اچبو ۽ هن ننڍي جهاز ۾ پنهنجي گاڏي سوڌو سوار ٿي ليڪ مشيگن جي اوڀرندي ڪپ تي موجود ويسڪنسن رياست وڃي پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالحفيظ وٽ ڀيرو ڀڃبو، جيڪو ويسڪنسن رياست جي شهر ملواڪي ۾ رهي ٿو ۽ اتي ڊاڪٽري ڪري ٿو. هن شهر ۾ ايندڙ جيڪي سياح هن جهاز ۾ سوار نٿا ٿين، سي ڪناري کان هن فيري يا ننڍي پاڻي واري جهاز جو پري کان لنگر انداز ٿيڻ يا روانگي جو نظارو ڪندا آهن. اسان به هن جهاز ۾ گاڏيون چاڙهڻ ۽ لاهڻ واري عمل کان لطف اندوز ٿيندي، واپس پنهنجي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين جتي رات گذاري سڀاڻي صبح جو وري اڳتي روانا ٿينداسين.