سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

آمريڪا جو عربستان

جيڪڏهن توهان مشيگن جو نقشو ڏسندؤ ته توهان کي ان جي شبيهه بلڪل هٿ جي دستاني وانگر ڏسڻ ۾ ايندي. جنهن جي ٽن پاسن کان ڍنڍون ۽ پاڻي آهي. سو اسان پلان ڪيو ته اسان سڀ کان پهرين مشيگن جي شهر ڊيٽرائيٽ کان اوڀر طرف شڪاگو جي رخ تي ويندي مشيگن ڍنڍ وينداسين جتان شهر ۽ ڳوٺ ڏسندا پوءِ مشيگن جي اترين علائقن ڏانهن وينداسين. سو روانگي واري ڏينهن صبح جو سوير پنهنجي گاڏيءَ ۾ سفر جو سامان ۽ رستي لاءِ ڊراءِ فروٽ ۽ پيپسي ڪوڪ وغيره رکي پنهنجي سفر جي شروعات ڪئيسين. اسان جي پهرين منزل مشيگن جو شهر ڊيئربورن هو.
ڊيئربورن کي جيڪڏهن ننڍو عربستان چئجي ته بلڪل وڌاءُ نه ٿيندو. هن شهري ۾ عربن جي اڪثريت آباد آهي. اسان جي هتي اچڻ جو مقصد ڪو هي شهر گهمڻ نه پر اسان هتي انهي ڪري اچي بيٺا هئاسين ته جيئن هتان حلال ناشتو وغيره ڪري پوءِ اڳيان روانا ٿيون. توهان ڊيٽرائيت شهر کان هائيوي 94 تي اوڀر طرف هلندي، جيئن ئي هن شهر جي مُک روڊ ’مشيگن اوينيو‘ يا ’فورڊ روڊ‘ تي ايندؤ ته توهان کي ائين لڳندو ته توهان ڄڻ ته آمريڪا ۾ نه پر عربي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ اچي ويا هجو.
هتي اسان سڀ کان پهرين شهر جي وچ ۾ موجود نيو ياسمين بيڪري پهتاسين. جتي مزيدار ناشتو ڪري سفر لاءِ ڊبل روٽيون ۽ بسڪٽ وغيره ورتاسين ته جيئن سفر ۾ جيڪڏهن ڪو حلال کاڌو نه ملي ته پوءِ بسڪٽ وغيره کائي پيٽ پوڄا ڪري سگهجي. هن شهر جي وچ ۾ مشيگن اوينيو تي هڪ عرب آمريڪن ميوزيم آهي، جيڪو هتي 2005 عيسوي ۾ قائم ڪيو ويو هو. هي ميوزيم ڏسڻ وٽان آهي، جو هن جي ذريعي عربن خاص طور مسلمانن جون طب، سائنس ۽ ٻين ميدانن ۾ ڪيل ڪاميابين جو ذڪر ۽ معلومات ملندي.
جيتوڻيڪ هن علائقي ۾ انسان جي آبادي هزارين سالن کان موجود رهي آهي پر هتي يورپي قومون 1786 عيسوي آمريڪي انقلابي جنگ ’آمريڪي ريوليشن جنگ‘ کان پوءِ باقاعده آباد ٿيون. 2010ع جي آدمشاري مطابق هن شهر جي ڪل آبادي 98000 هئي، جنهن ۾ عربن جو شمار 40000 کن هو ۽ باقي 58000 کن ٻيا گورا ۽ ڪارا آمريڪي ۽ ٻيا يورپي هئا. هن شهر ۾ هر طرف عربن جا دوڪان، ڪاروبار ۽ گهر وغيره نظر ايندا. جن ۾ گهڻائي لبنان جي عربي مسلمانن جي آهي. جن ۾ سني به آهن ته شيعا حضرات به. هتي شامي مسلمان به آباد آهن. ان کان سواءِ عراق کان آيل عيسائي به آهن، جيڪي پاڻ کي عربن کان جدا سمجهن ٿا. جن کي ’ڪيلدين‘ چيو ويندو آهي. ڪيلدين قوم جيڪا زبان ڳالهائين ٿا اها عام عربي زبان کان مختلف آهي. هن شهر ۾ اسان جو پسنديده ريسٽورنٽ سيڊرلينڊ ريسٽورنٽ جي نالي سان به آهي. جتي ٻيا عربي گراهڪ اچن يا نه اچن پر توهان هن ريسٽورنٽ ۾ جڏهن به ويندؤ ته توهان کي هڪ نه ٻيو پاڪستاني گراهڪ ضرور ملندو. آمريڪا ۾ جتي به پاڪستاني ريسٽورنٽس آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري رڳو ديسي يعني پاڪستاني گراهڪ ايندو آهي. پر هنن عربي ريسٽورنٽس تي گورا به اچن ته ڪارا به ته پاڪستاني به جام اچن. هنن عربي ريٽورينٽس جي ڪاميابي جو راز اهو به آهي ته کاڌو هميشه تازو ۽ ڪافي جهجي مقدار ۾ هوندو آهي. مطلب ته ڪاروبار ۾ ڏنڊي ڪونه هڻن. اهو آمريڪي گورن ۽ ڪارن کي وارو کائي. جو هتان جا گورا يا ڪارا اهو پسند ڪندا آهن ته هتي پيٽ ڀري کائڻ کان پوءِ به کاڌو بچيو وڃي، جيڪو پاڻ سان گڏ گهر کڻيو وڃن ته جيئن وري ٻئي ويلي تي استعمال ڪري سگهن مطلب هڪ خرچ ۾ ٻه ويلا ٽارين. ڏسجي ته اها عادت ڀلي آهي، جو کاڌو خوراڪ ضايع ٿيڻ کان به بچيو وڃي ۽ فضول خرچي به ڪونه ٿئي.
هتي موجود يونيورسٽي آف مشيگن گهمندؤ ته توهان کي گهڻائي مسلمان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ملندي. هتي مسلمان شاگردياڻيون گهڻو ڪري مٿي تي اسڪارف پائي مٿو ڍڪين. هتي توهان کي گورا ڪارا اسٽاف ميمبر به ڪڏهن ڪڏهن سٺي موڊ ۾ عربي لفظ ڳالهائيندي نظر ايندا جيئن ’السلام عليڪم‘ وغيره. هن شهر جي اهم شئي هتان جو فورڊ آٽو پلانٽ جو صدر دفتر آهي. هن شهر ۾ 2016ع ۾ ’سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا‘ (سانا) جي سالياني گڏجاڻي به ٿي، جتي سنڌ، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ کان هزارين سنڌي اچي گڏ ٿيا هئا ۽ سنڌ جو ميلو لڳو هو.