’ميڪنا ٻيٽ‘ ڌرتيءَ جو هڪ ڪَٽيل ٽُڪرو
ميڪنا ٻيٽ دنيا جي گولي تي زمين جو اهو ٽڪرو آهي، جيڪو دنيا کان صفا ڪٽيل آهي. هتي هلڊيمينڊ ڪناري تي پاڻيءَ جي ٻيڙين جي آمد لاءِ بندرگاهه ٺاهي وئي آهي. هن بندرگاهه سان گڏ ئي ’مين اسٽريٽ‘ جي نالي سان هڪ مصروف روڊ آهي، جتي هن ٻيٽ جو اهم ڪاروباري مرڪز آهي. جتي هوٽلون، ريسٽورنٽس، مختلف دوڪان ۽ هتان جي مشهور ’کنڊ وارين کٽمٺن‘ جا دوڪان به آهن ته آئيلينڊ جو پوليس اسٽيشن، ميڪنا هيلٿ سينٽر ۽ پوسٽ آفيس به هن روڊ تي موجود آهي.
هتي پهچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين اسان وڌي اچي هتان جي ويزيٽر انفارميشن سينٽر تي آياسين ته هن ٻيٽ جي بابت معلومات حاصل ڪريون. هي انفارميشن سينٽر هن ٻيٽ تي موجود مارڪيٽ پارڪ جي سامهون آهي. هي انفارميشن سينٽر هن ٻيٽ گهمڻ جي شروعات ڪرڻ لاءِ هڪ اهم مرڪز آهي. جتي توهان کي خوش آمديد ڪندڙ عملو موجود آهي، جيڪو توهانجي سوالن جو جواب ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ موجود آهي. هن معلوماتي مرڪز تي سياحن جي سهولت لاءِ بهترين صاف سٿرا ۽ هوادار بيت الخلا موجود آهن. اسان کي معلومات ته ڇا وٺڻي هئي پر اصل مقصد اهو هو ته انفارميشن سينٽر ۾ موجود بيت الخلا استعمال ڪري سگهجي، پر بدقسمتيءَ سان بيت الخلا ۾ اڳواٽ ٻيو ڪو سياح موجود هو. ياد رهي ته آمريڪا ۾ بيت الخلا کي ’ريسٽ روم‘ يعني آرام ڪرڻ جو ڪمرو جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ريسٽ روم ۾ موجود سياح ڄڻ ته سچ ۾ آرام جي ڪمري ۾ آرامي هو. همراهه صفا ڊيگهه ڪري ويهي رهيو هو. ٻاهر نڪرڻ جو صفا نالو ئي نٿي ورتائين. هوڏانهن مون کي به جلدي هئي ته فارغ ٿي هي خوبصورت ٻيٽ گهمون. ڪافي دير انتظار ڪرڻ کان پوءِ همراهه نڪتو ته پوءِ مان به خير سان وڌي وڃي آرام جي ڪمري ’ريسٽ روم‘ پهتس. ايترو ٻڌائيندو هلان ته هن ملڪ ۾ ڀلي ڪو بيت الخلا ۾ ڪيتري به دير لڳائي توهان کي اهو حق ڪونهي ته توهان ٻاهران بيت الخلا جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري ڪنهن ٻئي جي آرام ۾ خلل وجهو. ان جي ابتڙ توهان کي هڪ مزي جي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته 1993ع ۾ جڏهن خير سان حج تي وڃڻ ٿيو هو ته منيٰ ۾ رهڻ وقت اتي موجود بيت الخلا ۾ مس مس وارو آيو ته ٻاهر دروازي تي ٿوري ئي دير ۾ حاجين جي ٺڪ ٺڪ شروع ٿي وئي. ويتر هڪ حاجي بيت الخلا جو دروازو وڃائيندي نعرو هنيو ته، ”حاجي صاحب ڪيا ڪر رهي هو، جلدي نڪلو.“ مون به اتان ويٺي جواب ڏنو ته ”حاجي صاحب افسانا لک رها هون، پورا هو تو نڪلتا هون.“ هن ويزيٽر انفارميشن سينٽير تان توهان هن ٻيٽ تي موجود سياحتي مقامات لاءِ معلومات وٺڻ کان سواءِ هتان جو قلعو گهمڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪري سگهو ٿا.
ميڪنا ٻيٽ تي بهترين روڊ ۽ رستا ٺهيل آهن. هن ٻيٽ تي هائي وي ’ايم 185‘ اٺ ميل ڊگهو آهي، پر ميڪنا ٻيٽ آمريڪا جو اهو حصو آهي، جنهن جي هائي وي ايم 185 تي ڪارن ۽ موٽرن جو هلڻ ممنوع آهي. ائين ڪونهي ته ڪو هن ٻيٽ تي ڪڏهن به ڪارون موٽرون نه هليون آهن، پر هن ٻيٽ تي پهريون ڀيرو ڪارن موٽرن جي هلڻ تي پابندي 1998ع ۾ لڳي. جنهن جي نتيجي ۾ دونهين کان پاڪ آبهوا، گاڏين موٽرن جو آواز ۽ هارنن جو نه هجڻ، ڳوٺن جا خاموش رستا، پيچرا ۽ خوبصورتيءَ سان سجيل گهوڙن جون بگيون هن ٻيٽ کي ويتر پُرڪشش ۽ تاريخي طور منفرد بڻايو ڇڏين. سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ هن ٻيٽ تي سياح ڪيئن ٿا سفر ڪن. توهان کي هر طرف سياح يا ته سائيڪلن تي يا وري گهوڙن جي بگين ۾ يا وري پنهنجي گوڏا گاڏي استعمال ڪندي يعني پيرين پنڌ هلندي نظر ايندا. هن ٻيٽ جا خاص تفريحي مقام جهڙوڪر ميڪنا قلعو، آرٽ ميوزيم، ڳوٺ جو ڪاروباري مرڪز، هتي موجود هوٽلون ۽ ڪاٽيجز، رهائشي گهر ۽ آرچ راڪ هتان جي ويزيٽر سينٽر کان رڳو ميل کن پري آهن. ٻيٽ تي ڪارن ۽ موٽرن تي ته پابندي آهي، پر معذور ماڻهن جي سهوليت لاءِ مشين لڳل جديد وهيل چيئرز جي هلڻ تي ڪابه پابندي نه آهي. اهڙا معذور سياح هن ٻيٽ تي موجود ٽيڪسي سروس تان اهڙيون مشيني ڪرسيون ’وهيل چيئرز‘ ڪرائي تي وٺي سگهن ٿا. مون ٽيڪسي سروس جو نالو ورتو. توهان به چوندا ته هڪ طرف لکي پيو ته هن ٻيٽ تي ڪارن موٽرن جي هلڻ تي پابندي آهي ته پوءِ ٽئڪسي سروس وري ڪٿان آئي. واضح ڪريان ته هتان ڪي ٽئڪسي سروس ۾ ڪي ڪارون موٽرون نه پر خاص طور تي ٺهيل گهوڙي واريون بگيون آهن جن ۾ به معذور مسافرن لاءِ وهيل چئير سوڌو چڙهڻ لاءِ سهوليت موجود آهي.
هي ٻيٽ سچ ته سائيڪل سوارن لاءِ جنت آهي. هائي وي ايم 185 تي سائيڪل سواري ڪندي توهان هتان جا خوبصورت مقام جهڙوڪر آرچ راڪ ۽ ٻيا ڪيترائي مقام ڏسي سگهو ٿا. سو اسان به سڀ کان پهرين سائيڪلون ڪرائي تي ورتيون ته جيئن هن ٻيٽ تي گهمي ڦري سگهون. ميڪنا جو ٻيٽ مشيگن ڍنڍ جي وچ ۾ سچ ته زميني دنيا کان ٻاهر هڪ ٻي دنيا آهي. اسان سمورو ٻيٽ ته سائيڪلن تي ته نه گهمي سگهياسين. ٿوري دير ۾ ٿڪي ساڻا ٿي پياسين. مٿان وري اڄ سج گرهڻ ٿيڻو هو. اسان ڏٺو ته گهڻا ڪارا سياح ڪارن ايڪسري وارا چشمن سوڌو انتظار ۾ هئا ته سج کي گرهڻ لڳي ته هو ان کي انجواءِ ڪري سگهن. اسان سج گرهڻ وقت هڪ پيزا شاپ ۾ هليا وياسين ته جيئن پيٽ جي باهه کي وسائي سگهون. اتفاق سان پيزا شاپ ۾ اسان کي اسان جي پراڻي پاڙيسري سيد فيملي به ملي، جيڪي اصل ۾ ڪراچي جا اردو اسپيڪنگ آهن. 1999 ۾ اسان جڏهن ڪليفورنيا کان مشيگن شفٽ ٿياسين ته اها سيد فيملي اسانجي سامهون واري فليٽ ۾ رهندي هئي. سيد سڳورو جيڪو اردو اسپيڪنگ هو ۽ ڪراچي جي اين اي ڊي يونيورسٽي مان انجنئيرنگ پاس هو، تنهنجي ڳالهين مان ان وقت به صاف لڳندو هو ته ڪو ڪراچي باقي سنڌ جو حصو نه آهي ۽ ڪو سمورا سنڌي ڌاڙيل آهن. رب جي مار پوَي اهڙي سوچ رکڻ وارن تي.
•