سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

متان گاڏيءَ کي ريس ڏنو اٿَوَ!

پاڻ وٽ پاڪستان ۾ روڊ رستن يا هائي وي تي گاڏين جي ڪا به مقرر رفتار ڪانهي. بلاشڪ حڪومت جي ٺاهيل نون هائويز تي گاڏين جي وڌ ۾ وڌ رفتار مقرر ٿيل آهي باقي ٻين روڊ رستن تي مڙئي ٿيو خير. پر هتي آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ٽريفڪ جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو ڊرائيور مقرر اسپيڊ کان مٿي رفتار تي گاڏي هلائيندي ڏٺو ويندو آهي ته پوليس وارو ان کي بيهاري ڏنڊ هڻندو آهي. هتي مشيگن ۾ گاڏين جي وڌ ۾ وڌ رفتار ستر ميل في ڪلاڪ آهي، پر مار پويس ڪينيڊا جي صوبي اونٽيريو ۾ گاڏين جي مقرر رفتار آمريڪا ۾ مقرر رفتار کان به گهڻو گهٽ آُهي. اسان جڏهن آمريڪا جي بارڊر ڪراس ڪري ڪينيڊا ۾ داخل ٿيندا آهيون ته هتان جي سست رفتار جي قانون تي عمل ته ڪندا آهيون پر گاڏي هلائيندي ڄڻ ته تپ چڙهي ويندو آهي. ظاهر آُهي ته ڪينيڊا جي پوليس کي به اها خبر آهي ته آمريڪا ۾ اسپيڊ جي حد ڪينيڊا کان وڌيڪ آُهي. بارڊر ڪراس ڪري، تازو تازو ڪينيڊا ۾ داخل ٿيندڙ ڊرائيور گهڻو امڪان آهي ته هو ڪينڊا جي مقرر ٿيل اسپيڊ کان وڌيڪ اسپيڊ تي گاڏي هلائيندو سو پوليس وارا روڊ جي پاسن کان وڻن جي اوٽ وٺي لڪي بيهي پري کان ايندڙ گاڏي جي اسپيڊ نوٽ ڪري وٺندا آهن. ڪو مقرر اسپيڊ کان وڌيڪ اسپيڊ تي هوندو آهي ته ڏنڊ هڻندا آهن. پندرنهن سال کن اڳ جڏهن آءٌ آمريڪا ڇڏي وڃي ڪينيڊا جي شهر وينڊزر ۾ رهيو هوئس ته هڪ ڏينهن جڏهن صبح جو سوير نوڪريءَ تي وڃڻ لاءِ روانو ٿيس ته آمريڪا ۾ گاڏي هلائڻ واري عادت جي ڪري ڪار جي اسپيڊ ڪينيڊا جي مقرر اسپيڊ جي حد کان رڳو پنج يا ڏهه پوائنٽ مٿي ٿي وئي. مون کي دل ۾ خيال ٿيو ته اسپيڊ مٿي آهي ڪو پوليس وارو ٽڪيٽ نه ڏي. اڃان مون اهو سوچيو ئي مس ۽ ان کان پهرين جو گاڏي جي اسپيڊ جهڪي ڪريان ته پويان پوليس جي گاڏي اچي سائرن ڏنو. مار پويس ڪٿي لڪيو بيٺو هو جو جهٽ ڪري ورتائين. گهڻئي چيم ته هي پهريون دفعو آهي جو اسپيڊ وڌي وئي. تنهن تي اهو چئي ته ڪوشش ڪجان ته ٻيو ڀيرو نه ٿئي هڪ سئو ويهه ڊالر جو ڏنڊ هڻي روانو ڪيائين. هجي هئا بچي شل پاڻ وارو ملڪ ته مٽ مائٽ جو نالو وٺي يا قائدِ وارو سائو نوٽ ڏئي نڪري وڃجي هئا پر هي ٿيا پرايا پُٽ، قانون تي هلڻ وارا سو ڪٿان ٿا مڙن.
سو اڄ مون انهي پندرنهن سال اڳ ڏنل سوُ ويهه ڊالر ڏنڊ کي ياد ڪندي گاڏي مقرر اسپيڊ ۾ جهڪي هلائيندي، خوبصورت وڻن ۽ موسم جو مزو وٺڻ شروع ڪيو. اڄ موڪل جو ڏينهن هجڻ ڪري روڊ تي ٽريفڪ نه هجڻ جي برابر هئي. ورلي ڪنهن گاڏي اسان کي ڪراس ٿي ڪيو. سو گهٽ ٽريفڪ ۽ ڪينيڊا جي سست رفتار اسپيڊ جو فائدو وٺندي اسان هلندي گاڏي مان پنهنجي موبائل فون تي ڪافي فوٽا به ڪڍي ورتا. اسان لاءِ هي هڪ انمول موقعو هو. آڪٽوبر جي مهيني ڌاري جڏهن وڻن جا پن پنهجو رنگ مٽائيندا آُهن ته رنگ برنگي خوبصورت نظارو پيش ڪندا آهن. هتان جا رهواسي شهر کان ٻاهر ڊرائيو ڪري وڃي اهو خوبصورت نظارو ڏسندا آهن ۽ اسان اڄ اتفاق سان شهر کان پري انهي رستي تي هئاسين جتي رنگ برنگي خوبصورت وڻن جي نه کٽندڙ قطار هئي. سو اسان انهي موقعي مان فائدو وٺندي چڳا فوٽا ڪڍيا.
اسان ڪينيڊا جي شهر ’وارويڪ ٽائون‘ وٽان اچي لنگهياسين ته موسم ويتر انتهائي وڻندڙ ٿي پيو. آسمان تي موجود ڪڪر جيڪي قدرتي پاڻي سان ڀريل هئا جن ڄڻ ته هاڻ پاڻي جي وزن کان آجو ٿيڻ ٿي چاهيو سو انهن پنهنجو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. جيئن ته زمين ۽ آسمان تي ٿڌ هئي سو ڪڪرن جو اهو وسڪارو زمين تي پاڻي جي صورت ۾ نه پر هلڪي هلڪي ڪپهه جهڙي برف جي ڦوار جي صورت ۾ تيز تيز وسي رهيو هئو. ڪپهه وانگر برف جي اها ڦوار جڏهن تيزي سان گاڏي جي اسڪرين تي پوندي آهي ته پوءِ گاڏي هلائڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
جيتوڻيڪ قدرتي ڪپهه جي هي ڦوار تيزي سان زمين تي وسي رهي هئي پر اها وزن ۾ ايتري ته هلڪي هئي جو زمين تي ڪرڻ کان پوءِ پاڻي پاڻي ٿي ڳري ٿي وئي. پر ڏهاڪو ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ ڏٺو سين وڻ، ٻوٽا ۽ گاه سڀ برف جي اڇاڻ جي چادر سان ڍڪيل هئا. يقينن ته هتي اسانجي اچڻ کان پهرين يا وري گذريل رات ڪا چڱي خاصي برف باري ٿي هئي. پر خوشقسمتي سان هاڻ روڊ تي برف گڏ ٿيل نه هئي. هلڪي برف جي ڦوار جو وسڪارو جيڪو پويان رستي ۾ اسان کي مليو هو سو به هاڻ بند ٿي ويو هو. سو آرام سان گاڏي هلائيندي ڪينيڊا جي شهر لنڊن اچي پهتا هئاسين.