سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

جيئري جهنم جو ديدار

اسان اين آربر شهر جو چڪر هڻڻ کان پوءِ پنهنجي ايندڙ منزل ’جهنم‘ يعني هيل ڏانهن روانا ٿياسين. مشيگن جي رياست ۾ جنت به آهي ته جهنم به. مشيگن جي جنت ۽ جهنم شهرن جو ذڪر سنڌ جي سيلاني سائين محترم الطاف شيخ صاحب پنهنجي ڪتاب ’بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور تائين‘ ۾ به ڪيو آهي. سو اسان به اهو پلان ڪيو ته سڀ کان پهرين جهنم گهمون ۽ پوءِ جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته جنت به ڏسي وٺنداسين. سچ اهو آهي ته آئون آمريڪا جي رياست مشيگن ۾ 1999ع کان رهان ٿو، پر الطاف شيخ صاحب جو مٿيون ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ئي خبر پئي ته جهنم ۽ جنت ٻئي اسان جي مشيگن جا شهر آهن. مار! جهنم جو شهر منهنجي رهائش کان رڳو ٻن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي. سائين شيخ صاحب جي ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته آئون ڪو جهنم جي تمام ويجهو رهائش رکندڙ آهيان. اهو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو هن ڳوٺ جو چڪر تڏهن لڳو جڏهن ڪجهه سال اڳ منهنجي سؤٽ جو پٽ عبدالباسط جيڪو ان وقت ڪينيڊا ۾ رهيل هو، سو مون وٽ گهمڻ لاءِ مشيگن آيو هو. مون چيومانس ته هلو ته پهرين توهان کي جهنم جو سير ڪرايان. همراهه لاحول ولا قوت پڙهڻ شروع ڪيو، جو پاڻ ’صوم و صلات‘ جو پابند باريش جوان آهي. سو جئيري جهنم جو ٻڌي همراهه جا ڇڪا ڇڏائجي ويا هئا. بهرحال کيس ان وقت جهنم جو سير ڪرائڻ لاءِ هتي وٺي آيو هوس. هاڻ وري چئن پنج سالن کان پوءِ جنت کان پهرين جهنم جو رخ ڪيو هوسين.
هن ڳوٺ جو نظارو ڪرڻ لاءِ اين آربر جي شهر کان هائي وي 23 تي اتر طرف ڊرائيونگ شروع ڪئيسين. هيل جو شهر مشيگن ۾ اين آربر کان تقريبن 24 ڪلوميٽر جي مفاصلي اتر اوڀر ۾ آهي. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي آمريڪي موسميات کاتي جو لڳايل وڏو سائن بورڊ نظر آيو، جنهن تي وڏن اکرن ۾ ’هيل‘ يعني جهنم لکيل هو. اسان هاڻ باقاعده ’هيل‘ يعني ته جهنم پهچي چڪا هئاسين.
هي ڳوٺ مشيگن جي ليوينگسٽن تعلقي ۾ آهي. جهن جي ڪل آبادي تقريبن اڍائي سو کن ٿيندي مطلب مون واري ڳوٺ ’ڪامارو شريف‘ کان به گهٽ آبادي وارو هو هي ڳوٺ. هي ڳوٺ هڪ واڍي مسٽر جارج ريورس 1830ع ۾ قائم ڪيو هو. چون ٿا ته آڪٽوبر 1841ع ۾ ڪنهن مسٽر جارج کان هن ڳوٺ جو نالو پڇيو ته هن جواب ڏنو ته، ”آئي ڊونٽ ڪئير اِف يو ڪال اِٽ هيل“ جيڪو هن محاورتن چيو هو ته مون کي پرواهه نه آهي ته توهان هن کي هيل ٿا چئو يا ڇا. هتي ايندڙن لاءِ هيل اسٽور، هيل آئس ڪريم شاپ ۽ ٻيون تفريحي شيون آهن پر بنيادي طرح هي اڄ به هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جنهن جي پنهنجي پوسٽ آفيس به آهي. هتي اسان کي موٽر سائيڪل گروپ هارلي ڊيوسن جي موٽر سائڪلن تي نظر آيو. اسان يادگيري لاءِ هتان ڪجهه شيون خريد ڪري اڳيان روانا ٿياسين.