سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

نارٿ مشيگن جو سفر

گذريل مهيني ڪينيڊا جي شهر نائيگرا فالز وڃڻ ۽ گهمڻ ٿيو هو، جيڪو هڪ دلچسپ ۽ نه وسرندڙ سفر هو. هاڻ وري 2016ع جي آگسٽ جي مهيني ۾ گرمي جو زور گهڻي ڀاڱي گهٽ ٿي ويو هو. موڪلن جا ڏهاڙا هئا ۽ مون کي پنهنجي ڪم کان ٿوري واندڪائي هئي. سو ارادو ڪيوسين ته ڇو نه موقعي جو فائدو وٺندي هفتي کن لاءِ ڪٿي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرجي... پر ڪيڏانهن وڃجي؟ اهو هڪ ڏکيو سوال هو. ٻه سال اڳ آمريڪا جي رياست فلوريڊا به وڃڻ ٿيو هو. جتي ٻارن ۽ وڏن جي تفريح لاءِ ڊزني ورلڊ ۽ ٻيا ڪيترائي تفريحي مقامات آهن. شڪاگو به ڪافي دفعا گهميل هو. نيويارڪ جي رش ۽ گاڏين جي پيهه پيهان ۾ اسان ڦاسڻ نٿي چاهيو. سو اهو ارادو ڪيوسين ته هن سال شهر ڇڏي مشيگن جي اوڀر ۽ اترين علائقن جو سفر ڪجي. جتي تمام خوبصورت قدرتي نظارا ڏسڻ وٽان آهن. اهو ارادو ڪندي اسان سامانِ سفر جي تياري شروع ڪري ڏني. اسان کي مشيگن جي اترين علائقن ڏانهن پنهنجي گاڏي ۾ وڃڻو هو، سو نه ته ڪا جهاز جي بڪنگ جي پريشاني ۽ نه وري ڪا ڪار رينٽ ڪرڻي هئي.