سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ڪينيڊا ۾ وري لنڊن

لنڊن جي شهر وٽ هائي وي 402 جنهن تي اسان سفر ڪري رهيا هئاسين، جيڪو وڃي هڪٻئي هائي وي 401 سان وڃي ملي ٿو. هي هائي وي 401 سڌو ٽورنٽو مان ٿيندو اڃان به اڳيان وڃي ٿو. ڪينيڊا جي شهر لنڊن تائين 117 ميل يعني ته 184 ڪلوميٽرن جو سفر ڪرڻ ۾ اسان کي تقريبن اڍائي ٽي ڪلاڪ کن لڳي ويا. لنڊن جو هي شهر ڪينيڊا جي شهر سارنيا کان تقريبن 64 ميل يا 100 ڪلوميٽر کن پري آهي. ڪينيڊا جي شهر لنڊن تي هي نالو موجوده برطانيا جي شهر لنڊن جي پويان پيو. هي شهر آمريڪا جي شهر ڊيٽرائيٽ ۽ ڪينيڊا جي وڏي شهر ٽورانٽو جي وچ ۾ دريائي ٿيمس جي ڪناري تي ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن دريا تي به هي نالو برطانيا جي دريا ٿيمس جي نالي پويان پيو، جيڪو هتان جي گورنر جان گرويز سيموڪو 1773 ۾ رکيو. مطلب ته دنيا ۾ رڳو اسان ٻين ملڪن جي ڪاپي ڪونه ٿا ڪريون پر ٻيا گهڻا ملڪ به هڪٻئي جي ڪاپي ڪن ٿا ۽ هڪٻئي جا نالا وغيره به رکن ٿا.
بيٽل آف ٿيمس ’ٿيمس جي جنگ‘ پڻ هن دريا جي علائقي ۾ 1813ع ۾ آمريڪن جنرل وليم هينري ۽ برٽش جنرل هينري پروڪٽر جي فوجن جي وچ ۾ لڙي وئي. چيو وڃي ٿو ته پهريون ڀيرو يورپين آبادي هن علائقي ۾ 1801ع کان 1804ع جي وچ ۾ آئي. جنهن کان پوءِ هي ڳوٺ آباد ٿيو. تاريخ ثابت ڪيو آهي ته ماضي ۾ يورپين هميشه ٻين ملڪن ڏانهن قدم انهن ملڪن جو مال ۽ دولت ڦٻائڻ لاءِ کنيو، جيڪي پڻ برصغير ۾ سترهين صدي عيسوي ۾ آيا. انهي حساب سان برصغير دنيا جي هن خطي جي مقابلي ۾ گهڻو اڳ دولتمند هو. بهرحال يورپين جي هتي اچڻ کان پهرين، هن علائقي ۾ قديم انڊين قبيلن جهڙوڪ اوڊاوا وغيره جا ڳوٺ آباد هئا. آرڪيالاجي کاتي جي تحقيق مطابق قديم ايبوريجنيز ماڻهو هن علائقي ۾ ڏهن هزار سالن کان رهندا پئي آيا جن کي هتان يورپين تڙي ڪڍيو. 1832ع ۾ هتي جي يورپين نو آبادي ۾ ڪالرا جي وبا پکڙي. وري 13 اپريل 1845ع تي هن شهر ۾ باهه لڳي جيڪا تقريبن ٽهين ايڪڙن ۾ پکڙجي وئي. جنهن ۾ ڏيڍ سو کن بلڊنگون تباهه ٿي ويون. هي باهه اونٽاريو صوبي جي پهرين ملين ڊالر جي باهه هئي. هن وقت تعليم، صحت، انشورنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي هن علائقي جي ترقي جا ڪارڻ آهن. لنڊن جو هي شهر ٻن هائيويز 401 ۽ 402 جي جنڪشن تي ڪينيڊا جي شهرن ٽورانٽو، سارنيا ۽ ونڊزر جي وچ تي قائم آهي. هن شهر ۾ سينٽ پال چرچ، يونيورسٽي آف ويسٽرن اونٽاريو، ويڪٽوريا پارڪ، آرٽ گيليري، ميوزيم، ٿيٽر، فينشوا پايونير پارڪ، مارڪيٽس، لنڊن فروٽ مارڪيٽ، رويل ڪينيڊين آرمي ميوزيم، بليڪ اسٽريٽ برج، جيٽ ائيرڪرافٽ ميوزيم ڏسڻ ۽ گهمڻ وٽان آهن.
لنڊن کان ٽورنٽو جو شهر اڃان به وڌيڪ 118 ميل يا 190 ڪلوميٽر پنڌ تي هو. جنهن لاءِ وڌيڪ ٻه اڍائي ڪلاڪ جو سفر ڪرڻو هو. پر جيئن ئي لنڊن شهر جي حدن کان ٿورو ٻاهر نڪتاسين ته اوچتو هائي وئي 401 تي ٽريفڪ بيهي رهي. پهرين ته منهنجو خيال هو ته ڪو منٽ ٻه جي لاءِ ٽريفڪ بيٺي آهي، پر جڏهن ٽريفڪ کي بيٺي ڏهه منٽ کان مٿي ٿي ويو ته پوءِ پريشاني شروع ٿي ته يقينن ٽريفڪ بيهڻ جو سبب ڪو عام رواجي نه آهي. جڏهن پريشاني وڌي ته گاڏي مان لهي ڏٺم ته حدِ نظر تائين گاڏين جي ڊگهي قطار روڊ جي پاسي کان بيٺل نظر آئي. يڪدم جِي پِي ايس تي چيڪ ڪيم ته خبر پئي ته ڪو ايڪسيڊينٽ ٿيو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ اڌ ڪلاڪ جو ڊِلَي آهي. ڪو دور هو جو سفر ڪندي جيڪڏهن روڊ رستي جي ٽريفڪ صورتحال جي باري ۾ معلوم ڪرڻو هوندو هو ته گاڏيءَ ۾ لڳل ريڊيو هلائي ڏسبو ته ڪا روڊ رستي جي باري ۾ ڪا خبر آهي يا نه. اڄ به ڪئي لوڪل ريڊيوچينلز باقائدي هر ڏهن منٽن کان پوءِ ٽريفڪ جو حال احوال ڏيندا آهن. پر اڄ ڪلهه موبائل فون ۾ لڳل جِي پِي ايس يا وري فيسبوڪ تان معلومات ملي ويندي آهي. گاڏيون آهستي آهستي ڪُميءَ جي رفتار سان هلي نه پر رڙهي رهيون هيون، پر هر گاڏي وارو پوءِ ڀلي کڻي ننڍي ڪار هجي يا ڪا بس يا وري ڏنهن ٽائرن واري ڊگهي ٽرڪ. هر ڊرائيور صبر سان گاڏيءَ ۾ ويٺو هو. مجال آهي جو ڪو هارن جي وٺو وٺ هجي يا وري ڪو ٻين کان پهرين نڪرڻ جي چڪر ۾ وڌيڪ ٽريفڪ کي بلاڪ ڪري رهيو هجي. بهرحال ڪُميءَ جي رفتار هلندي روڊ وڃي پنجيتاليهه منٽن کان پوءِ خدا خدا ڪندي رستو کليو ۽ ٽريفڪ اڳتي وڌي.
هاڻي بک به اچي ورايو. سو خيال ڪيم ته پاڻ به پيٽ پوڄا ڪريان ته ٻارڙن کي به ڪجهه کائڻ پيڻ لاءِ وٺي ڏيان. هائي وي ڇڏي شهر ۾ وڃڻ مطلب ته ٽريفڪ جي رش ۾ قابو ته وقت جو هيڪاندو زيان. جيئن چوندا آهن ته ’گدڙ کي کُٽي کڻندي آهي ته شهر جو رخ ڪندو آهي.“ سو انهي چوڻيءَ تي عمل ڪندي لنڊن شهر کان 27 ميل کن اڳتي سفر ڪندي تقريبن 45 منٽن کان پوءِ اچي ’وڊاسٽوڪ‘ شهر کان ٻاهر هائي وي جي پاسي کان قائم کاڌي جي سهولت مرڪز جن کي هتي ’اون رائُوٽ‘ يعني ’رستي تي‘ چيو ويندو آهي تي اچي بيٺس. هائي وي 401 تي ڊيٽرائيٽ ۽ ٽورانٽو جي شهرن جي درميان اهڙا ٽي چار اون رائوٽ مسافرن جي سهولت لاءِ ٺاهيا ويا آهن. جتي توهان کي مختلف قسم جي فاسٽ فوڊ جا ريسٽورنٽ ملندا. جهڙوڪر برگرڪنگ، ڪي ايف سي، پيزا وغيره کانسواءِ ٻيا به ڪئي کاڌي وغيره جا دوڪان ملندا. چانهه وغيره لاءِ ٽم هارٽن جو اسٽور به آهي جتي صاف سٺي چانهه به ملندي. جتي توهان کي وطن ۾ ملندڙ مکين واري چانهه ڏاڍي ياد ايندي. هتي مسافرن جي سهولت لاءِ مرد ۽ عورتن جي لاءِ ڌار ڌار بيت الاخلا ٺاهيا ويا آهن. هر اون رائوٽ کي ڪينيڊين ڪمپني ’هوسٽ ڪيلمر سروس‘ هلائي ٿي. جتي پيٽرول پمپ به آهن. هتان برگر ڪنگ جي اسٽور تان مڇيءَ جو برگر ’فِش برگر‘ وٺي بلڊنگ کان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته ماشاءَالله هڪ باريش پاڪستاني کيسي ۾ ڏندڻ رکيل نظر آيو، جيڪو ڪنڌ هيٺ ڪري موبائل فون تي فون ملائي رهيو هو. پاسي مان لنگهندي کيس سلام ڪيم ته خوشي ۽ حيراني ۾ ڪنڌ مٿي کڻي ’وعليڪم سلام‘ جو جواب ڏنائين ته مسڪرائي اڳيان وڌي ويس.
کاڌي پيتي جي سامان جو بندوبست ڪري رٿيل منزل ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسان کي معمول کان مٿي وقت لڳي ويو هو سو اسان جي ميزبان جو فون به اچي ويو ته ڪٿي رهجي ويا آهيون. چيومان ته اڃان به ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ لڳندو. ٿورو وڌيڪ سفر ڪيوسين ته اوچتو گاڏيءَ جي ڊيش بورڊ تي نظر پئي، اسپيڊوميٽر واري جاءِ تي ڪا هڪ نه پر يڪيون ٽي خطري جون ڳاڙهيون بتيون ٻرڻ شروع ٿي ويون هيون. جن مان هڪ انجڻ جي ۽ ٻه ٻيون بتيون خاموشيءَ سان اهو اطلاع ڏئي رهيون هيون ته گاڏيءَ ۾ هلندي ڪو نقص ٿي چڪو آهي. خطري جي انهن لائيٽن جي ٻري وڃڻ ڪري ڪافي پريشاني ٿي پر هن وقت هائي وي تي ڪجهه به ڪونه ٿي ڪري سگهيس. سو الله سائين تي توڪل ڪندي ۽ دعائون پڙهندي پنهنجو سفر جاري رکيوسين ۽ ڪلاڪ کن ۾ ٽورنٽو جي اولهه ۾ واقع شهر ايجيڪس ۾ پنهنجي ڀاڻيجي محمد سعيد جي گهر اچي پهتاسين. جتي مٽن مائٽن سان ملي ڪري خوشي ته ٿي پر گڏو گڏ گاڏيءَ جي باري ۾ پريشاني به هئي ته رستي ۾ بيهي نه رهي جو هڪ نه پر يڪيون ٽي الارم جي بتين جو ٻري وڃڻ ڪار ۾ ڪنهن نقص جي باري ۾ اڳواٽ اطلاع هئي.
اسان اڄ ڪينيڊا جي شهر ’ايجيڪس‘ آيا هئاسين، جيڪو ميٽروپوليٽن شهر ٽورانٽو جي حد ۾ آهي. ائين جيئن حيدرآباد شهر جو علائقو قاسم آباد. ٽورانٽو جو شهر ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي گادي جو هنڌ آهي، جيڪو اونٽاريو ڍنڍ جي اترين اوڀر ڪناري تي قائم آهي. هن شهر جي آبادي تقريبن 26 لک آهي. هتي توهان کي توهان کي دنيا جي هر ملڪ جا ماڻهو ملندا. تنهنڪري هن شهر کي ڪينيڊا جو نيورياڪ به چيو ويندو آهي. 1995 ۾ پهريون ڀيرو جڏهن منهنجو هتي اچڻ ٿيو هو ته ان وقت مون کي هن شهر ۾ ايترا غير ملڪي ڏسڻ ۾ نه آيا جيترا توهان کي اڄ هتي ڏسڻ ۾ ايندا. توهان شهر جي مرڪز (صدر) جنهن کي ڊائون ٽائون چيو ويندو آهي ۾ بيهي ايندڙ ويندڙن کي نظر مان ڪڍندا ته هر ٻيو ماڻهو ايشين يا آفريڪن نظر ايندو. ڪو ورلي هتان جو اصلوڪو گورو نظر ايندو. لڳي ٿو ته اهي هيڪاندن غيرملڪين کي ڏسي شهر ڇڏي وڃي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهيا آهن. ائين جيئن اسان پناهگيرن جي ڪري لطيف آباد ۽ ٻيا شهري علائقا ڇڏي وڃي قاسم آباد ۽ ڀرپاسي وارا علائقا وسايا.
شام جو تقريبن ساڍي ڇهين ڌاري ائييرپورٽ لاءِ روانا ٿياسين جوڪجهه مائٽ ترڪي جي ائرلائين جي ذريعي استنبول مان ٿيندي واپس ماڳ يعني ته سنڌ وڃي رهيا هئا ۽ منهنجي هتي اچڻ جو مقصد به اهو هو ته ساڻن ملي کين ائرپورٽ ڀيڙو ڪري اچجي. سو سندن سامان ٽن گاڏين وجهي گريٽر ٽورانٽو جي علائقي مسيساگا ۾ قائم پيرسن انٽرنيشنل ائيرپورٽ پهتاسين. سندن سامان فلائٽ لاءِ چيڪ ڪرائڻ کان پوءِ ڪجهه دير لاءِ اتي بيهي ماڳ واپس ويندڙ پرديسين سان وقت گذاريو سين. بلاآّخرسندن فلائٽ جو ٽائم به ڀرجي آيو سو اسان کان موڪلائي پرديسي سيڪيورٽي گيٽ مان لنگهي ڪري جهاز ڏانهن روانا ٿيا ۽ اسان پنهنجي پنهنجي گاڏين ڏانهن.
مشيگن مان نڪرڻ وقت اسان جو اهو ارادو هو ته ائيرپورٽ تان واپس مشيگن رات جي پيٽ ۾ موٽي اينداسين جو ٻئي ڏينهن تي مون کي ڪو ضروري ڪم به هو پر جيئن چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته رب جي من ۾ ٻئي. سو گاڏي جي الارم واري بتين جي ٻرڻ جي ڪري ڪافي پريشاني ٿي پئي هئي. ماروٽ شاهه سليمان مرحوم جو نوجوان پٽ عبدلباسط جيڪو پڻ ائيرپورٽ تي آيل هو تنهن صلاح هئين ته ماما هاڻ رات جو ڪيڏانهن ويندا اسان وٽ هلي رهو. سو اهو خيال ڪندي ته رات به ڪافي پئجي وئي هئي ۽ سِيءُ به چڱو خاصو هو سو مون عبدالباسط جي گهر رات ترسڻ جو فيصلو ڪيو. سو اسان ٻئي پنهنجون پنهنجون گاڏيون اڳيان پويان ڊوڙايندا سندس گهر بريمٽن جي شهر اچي پهتاسين.