سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

مُهاڳ: ڪامارو شريف کان ڪئليفورنيا ۽ مشيگن

هُو ڇا چوندا آهن انگريزيءَ ۾ ته This world is very small يعني هيءَ دنيا جيڪا هونءَ ته کڻي تمام وڏي آهي، جنهن ۾ انيڪ ملڪ آهن ۽ هر ملڪ تمام وڏو آهي پر ان متل ميلي ۾ ڪڏهن وڏو عرصو گم ٿي ويل ماڻهن سان ملاقات ٿيو وڃي يا ڪي اهڙيون ڳالهيون رونما ٿيو پون جو حيرت ٿئي ٿي.
مون کي 1960ع واري ڏهاڪي جا آخري سال ياد ٿا اچن، جڏهن مون تعليم ختم ڪري سامونڊي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. جنهن پهرئين جهاز تي مون کي رکيو ويو، اهو ڏور اوڀر جي ملڪن جي ڪجهه بندرگاهن مان ٿي وري هوم پورٽ يعني ڪراچيءَ موٽي آيو. انهن ڏينهن ۾ اڄ وارو بنگلاديش پاڪستان جو اوڀر وارو حصو هو ۽ اتي جو بندرگاهه چٽاگانگ ۽ مغربي پاڪستان جو بندرگاهه ڪراچي اسان جي جهاز لاءِ هوم پورٽ هئا. ڪنهن به پاسي ويندا هئاسين ته اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي اها ڪوشش هوندي هئي ته واپسي تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هوم پورٽ لاءِ ڪارگو (سامان) ملي، جيئن هوم پورٽ ۾ پهچڻ يا موڪلن تي وڃڻ وارا گهر وڃي سگهن. پهرين جهاز جي ننڍڙي ۽ ويجهن بندرگاهن واري سامونڊي سفرن بعد منهنجي جنهن جهاز تي بدلي ٿي، اهو يورپ روٽ تي هليو ٿَي يا آمريڪا ۽ ڪئناڊا واري روٽ تي.
گهر کان پري ٻاهرن ملڪن ۾ پنهنجي هم وطنن سان ملڻ تي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ويتر جي ڪو سنڌي ڳالهائڻ وارو ملي ويندو هو ته مون کي اڃا به وڌيڪ خوشي ٿيندي هئي، جو سڄي جهاز تي سنڌي ڳالهائڻ وارو آئون اڪيلو هوندو هوس. انگلينڊ جا ئي بندرگاهه هوندا هئا، جتي اردو ۽ پنجابي ڳالهائڻ وارن سان گڏ ڪو ڪو سنڌي ڳالهائڻ وارو به ملي ويندو هو. هي اهو زمانو هو جو عام طور اسان جي ملڪ جا سنڌي ته بنهه نظر نه ايندا هئا، البت پنجاب جا ماڻهو ۽ ڪجهه پٺاڻ پڻ، انگلينڊ کان علاوه يورپ جي ملڪن ۾ نظر ايندا هئا سي به ڏکڻ يورپ جي ملڪن: فرانس، جرمني، اٽلي، بيلجم ۽ اسپين جهڙن ملڪن ۾.
اهڙي طرح آمريڪا جي بندرگاهن: نيواورلينس، بالٽيمور، فلڊلفيا، هيوسٽن، پورٽ آرٿر ۾ ڳولڻ سان ڪو سنڌي ته نه پر پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جو به ورلي ڪو نظر آيو ٿَي.
آمريڪا کنڊ جي اوڀر واري سڄي ڪناري تي هڪ نيويارڪ اهڙو بندرگاهه هو جتي اسان جا پاڪستاني مليا ٿَي ۽ ڪجهه سنڌي پڻ جن ۾ منهنجو پيٽارو جو دوست، ٽنڊو قيصر جو نُور احمد نظاماڻي پڻ هو جنهن جي معرفت ٻين سان به ڄاڻ سڃاڻ ٿي. نظاماڻيءَ وارا هڪ فلئٽ ۾ رهندا هئا. ساڻس گڏ جهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر، وي سي نذير مغل جو ڀاءُ بشير مغل پڻ رهيا ٿَي. ڪڏهن ڪڏهن ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ بابو ڏاهري به اتي ايندا هئا. مون کي نيويارڪ گهمڻ کان وڌيڪ پنهنجي هم زبان وارن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ حال احوال وٺڻ ۾ مزو ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اڄ وانگر پاڪستاني کاڌن جون هوٽلون نه هيون. ان ڪري جيترا ڏينهن اسان جو جهاز نيويارڪ يا ڀرواري بندرگاهه نيوارڪ (نيوجرسي) ۾ لنگر انداز هوندو هو ته سڀني يارن جي مانيءَ جو بندوبست اسان جي جهاز تي هوندو هو. اسان جي جهاز تي پاڪستاني بورچي هجڻ ڪري هر وقت پنهنجي ملڪ جا کاڌا ويندي چپاتيون ۽ نان به ٺهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آئون نور احمد نظاماڻي وارن جي فلئٽ ۾ رهي پوندو هوس ته نور احمد پاڻ يا اسان وارو مائٽ (منهنجي نانيءَ جو ڀائٽيو بشير مغل) ڪنهن يهوديءَ جي دوڪان تان گوشت وٺي ٻوڙ يا قيمون ٺاهيندو هو. انهن ڏينهن ۾ عرب، ايراني، اسان ۽ ٻيا مسلمان يهودين جي ذبح ڪيل ڍڳي، ٻڪري جي گوشت کي حلال سمجهندا هئاسين جيڪو ’ڪوشر‘ سڏجي ٿو. ان وقت جي مقامي مُلن توڙي مصر جي مولوين کان مليل فتوائن موجب يهودين جي دوڪانن تي ملندڙ ڪوشر گوشت حلال سمجهيو ويو ٿي پر پوءِ اختلاف راءِ ٿي پئي ۽ هاڻ ته مسلمانن جا دنيا جي هر شهر ۾ ايترا حلال گوشت جا دوڪان ٿي پيا آهن جو ’ڪوشر‘ جي ڪو ڳالهه نٿو ڪري.
اتي ئي نيويارڪ ۾ حيدرآباد جي عبدالرزاق شيخ جو ’شالامار‘ نالي دوڪان هو. شالامار دوڪان ڀرسان ڪولمبيا يونيورسٽي هئي ۽ هن دوڪان تان گهڻو ڪري يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻين خريداري ڪئي ٿَي خاص ڪري سنڌي ۽ بلوچي ڊريسون.
نُور احمد نظاماڻيءَ وارن جو فلئٽ نه فقط سهڻو هو پر نيويارڪ جي اوچي علائقي ۾ هو جتي گهمڻ لاءِ ايندڙ ڪيتريون ئي سنڌ جون وڏيون شخصيتون مهمان طور اچي رهيون ٿي. پير جهنڊي جي پير فضل الحق راشدي، مخدوم امين فهيم ۽ ٻين ڪيترن سان منهنجيون اتي ملاقاتون ٿيون. مهمان نوازيءَ جا فرض گهڻو ڪري شالامار دوڪان جو مالڪ عبدالرزاق شيخ ادا ڪندو هو. هڪ شخص جنهن جي مون سڀني واتان تعريف ٻڌي پر ان وقت ملاقات نه ٿي سگهي، اهو ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي هو. بس اتفاق اهڙو ٿيو جو هن جي نيويارڪ ۾ هجڻ وارن ڏينهن ۾ منهنجو جهاز ڪئناڊا پاسي يا ويسٽ انڊيز هليو ويندو هو يا ته وري يورپ کان وڃي نڪرندو هو. نه فقط نور احمد نظاماڻي ۽ مير مبارڪ ٽالپر پر انهن کان به وڌيڪ عبدالرزاق شيخ پير عبدالحميد قرشي ۽ پير فضل الحق راشدي جي تعريف ڪندو هو. مون کي پير عبدالحميد صاحب سندن ڳوٺ ’ڪامارو شريف‘ جي ڪري اڄ به ياد رهندو اچي.
جيسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت ٺهي راس ٿئي، تيسين اسان شروع جي ٻن بئچن ميرپورخاص جي هڪ ڪاليج جي عمارت جي هڪ حصي ۾ تعليم حاص ڪئي. حيدرآباد کان ميرپورخاص ويندي ٽنڊوالهيار بعد ڪامارو شريف ريلوي اسٽيشن اڄ به ياد آهي. ٽنڊوالهيار ۾ رهندڙ منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج جي دوستن محمد عالم هاليپوٽي ۽ عبداللطيف دائودپوٽي وارن سان ڪامارو شريف ۾ هنن پيرن جي درگاهه تي به گهمڻ لاءِ آيا هئاسين. هتي اهو به لکندو هلان ته سنڌ جي پيرن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جن پنهنجي اولاد پٽن توڙي ڌيئن کي تعليم ڏياري، جيئن مٽيارن جا ڄاموٽ آهن جن مان ڪيترا ته ڪئڊٽ ڪاليج مان به پڙهيا، بلڪ ’ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو‘ ۽ حسن ابدال نه ٺهيو هو ته ان کان اڳ هو لاهور جي ايچيسن ڪاليج مان پڙهيا. اهڙي طرح هي ڪامارو شريف جا پير آهن، جن اڄ جي دستور موجب اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جهڙي تهڙي بي اي سا به ٻين جي معرفت ڊگري حاصل نه ڪئي، پر علم خاطر صحيح طرح تعليم حاصل ڪئي. ڪامارو شريف جي پيرن ۾ توهان کي ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ تعليم يافته ملندا. اها اهڙي شئي آهي، جيڪا اسان جي ٻين پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن کي فالو ڪرڻ کپي.
ڪامارو شريف جي پيرن مان ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن جا نالا جيڪي هن وقت ڌيان ۾ اٿم، آهن: ڊاڪٽر پير محمد علي قريشي، ڊاڪٽر محمد غوث قريشي، ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي، ڊاڪٽر پير عبداللطيف قريشي جيڪو اسرا يونيورسٽي ۾ هڏن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي، ڊاڪٽر پير اويس ۽ ڊاڪٽر پير معروف قريشي ايڊيوڪيشن ۾ ڪم ڪندڙ پير محمد بشير، پوليس کاتي ۾ پير عبدالوحيد قريشي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ پير عبدالمجيد قريشي، ويندي عبدالرزاق شيخ جو دوست ۽ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ هن وٽ نيويارڪ ايندڙ پير عبدالحميد قريشي جنهن بعد ۾ پوليس مان ائڊيشنل آءِ جي ٿي رٽائرڊ ڪيو. هُو اڄ ڪلهه 87 کن ورهين جو ٿيندو ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهي ٿو. بهرحال جتي اسان جي ڪيترن ئي پيرن جا ٻار تعليم ۾ دلچسپي نٿا وٺن، اتي ڪامارو شريف جا پير انهن چند گادين مان آهن، جن وٽ تعليم کي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به تعليم يافته ۽ وڏين نوڪرين ۾ آهن. اسان جي ڳوٺ جو اديب و شاعر، سوشل ورڪر نظام ڪاڪا جي، جنهن جو مرحوم ڀاءُ لکمير ڪاڪا صاحب ٽنڊوالهيار ۾ 22 سال ٽيچر ٿي رهيو ۽ نظام ڪاڪا جو به تقريبن هر هفتي ٽنڊوالهيار وڃڻ ٿئي ٿو، ڪامارو شريف جي پيرن بابت ڳالهائيندي چيو ته، ”هي اهي پير آهن، جيڪي سياست کان پري آهن. ڪامارو شريف جا پير شرافت جا مڪمل مجسما آهن. هنن کي هر وقت پنهنجي اوڙي پاڙي جي ماڻهن جو خيال رهي ٿو... هُو نيڪ ۽ پرهيزگار آهن.“
اهي ئي ڳالهيون مون 50 سال اڳ نيويارڪ ۾ سائين عبدالرزاق شيخ، جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر، ٽنڊو جان محمد جي ڏاهري ڀائرن ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻي جيڪي آمريڪا ۾ رهيل هئا، انهن کان ٻڌيون ۽ منهنجي هميشه اها حسرت رهي ٿي ته پڙهندڙن جي اتساهه ۽ ڄاڻ لاءِ ڪامارو شريف جي پيرن بابت ڪجهه سٽون لکان. مٿي لکي آيو آهيان ته هيءَ دنيا مختصر آهي جتي ميلي ۾ گم ٿيل وري مليو وڃن. جتي هڪ عرصي بعد ڌيان ۾ آيل ڳالهيون وري اچيو وڃن. ذرا سوچيو ته مٿين ڳالهه مون اڌ صدي اڳ نيويارڪ ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ جهاز هلائيندي سوچي هئي. وقت جي کٽراڳين ۽ مشغولين ۾ ان قسم جي ڳالهه وسري به وئي. ڪامارو شريف جي پير عبدالحميد قريشيءَ جي دوست پير جهنڊي جي پير فضل الحق شاهه راشدي تي ته ڪنهن ڪتاب ۾ لکي ڇڏيم پر ڪامارو شريف جو پير عبدالحميد قريشي ڌيان تان لهي ويو.
مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اڄ اڌ صديءَ بعد مون کي هڪ سفرنامو ’پيش لفظ‘ لکڻ لاءِ ٿو ملي، جنهن جو مصنف ٻيو ڪونه پر پير عبدالحميد قريشي صاحب جو ڀائٽيو ۽ ناٺي پير تاج محمد قريشي آهي. ڪتاب پڙهان ٿو ته ان جي پهرين ئي چئپٽر ۾ هن پنهنجي چاچي پير عبدالحميد قريشيءَ جو آمريڪا ۾ رهڻ ۽ 1963ع ۾ واپسيءَ تي اتان ڪار وٺي موٽڻ جو ذڪر لکيو آهي. سائينءَ جو نالو پڙهي مون کي حيرت ٿي، ان سان گڏ خوشي پڻ. مون يڪدم هن سفرنامي جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ کي فون ڪري سائين جو نيويارڪ ۾ رهڻ جي حوالي سان پڇيو. مون کي سائين بابت ائين ٻڌائڻ لڳو ڄڻ هو منهنجي سائينءَ سان پهريون دفعو واقفيت ڪرائي رهيو هجي. ليکڪ، پير تاج محمد قريشي جو ڄم جو سال 1966ع آهي. مون کيس کلندي چيو ته توهان ٻن سالن جا هئا ته مون توهان جي چاچي بابت ٻڌو ۽ دوستن کان ايڏي تعريف ٻڌي جو هن تي مون write up لکڻ چاهيو ٿي. ان وقت نيويارڪ جي دوستن جي ٽولي جا نالا ورتم ته هو وائڙو ٿي ويو. افسوس جو عبدالرزاق شيخ ٻه سال اڳ، نور احمد نظاماڻي ٽي سال اڳ ۽ انهن کان اڳ مير مبارڪ ٽالپر، يوسف ۽ بابو ڏاهري، پير افضل الحق ويندي مخدوم امين فهيم هي جهان ڇڏي ويا آهن. نيويارڪ واري ٽولي مان هڪ پير صاحب حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو آئون ڪراچيءَ ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهيا آهيون. مون ۾ هاڻ لکڻ جي به اها همت نه رهي آهي پر خبر ناهي ڪيئن سائين تاج محمد جي پهرين فون جي پهرين جملي تي هائوڪار ڪري ويٺس ۽ سفرنامو پڙهي پراڻا ڏينهن ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويو آهيان.
شروع جي ڏينهن ۾ ائين هوندو هو يعني گذريل صديءَ ۾ اسان ٻاهريَن ملڪن مان ٿي پوءِ اتي جو حال احوال سفرنامي جي صورت ۾ لکندا هئاسين. ڪنهن ڏورانهين ملڪ ۾ ڪو هم وطن ڏسندا هئاسين ته حيرت مان هن بابت لکندا هئاسين. اسان جا هم زبان سنڌي ته بلڪل نه برابر ملندا هئا، جيڪي هئا سي سنڌي هندو واپاري نظر ايندا هئا، جن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته وڏا مهم جُو (adventurous) هئا جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ نه فقط خشڪي رستي بَصرَي، بَلخَ ۽ بُخارا کان وڃي نڪتا پر ڏورانهن ٻيٽن ۽ ملڪن برمودا، بهاما، برازيل ان وقت جي ڪمزور ٻيڙين ۾ پهچي ويا. ڪئناڊا، آئسلينڊ، ناروي ۽ چلي جهڙن قطبي ۽ ٿڌن ملڪن ۾ ته ڪو سنڌي ڇا پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جو به نظر نٿي آيو، جيتوڻيڪ پنجابي مسلمان، سک ۽ هندو ۽ پٺاڻ انگريزن جي فوج ۽ پوليس ۾ هجڻ ڪري ملايا، هانگ ڪانگ، سري لنڪا، برما، ڪينيا، يوگنڊا جهڙن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ جام نظر آيا ٿي.
اڄ ڪئناڊا جهڙن ڏکين ملڪن ۾ به اسان جا ماڻهو نظر اچن ٿا. هاڻ اسان وٽان ٻاهر وڃي اتي جو سفرنامو لکڻ بدران اتي رهندڙ اسان جا سنڌي، اتي رهي اتي جو سفرنامو لکي رهيا آهن. جيڪي سنڌي اتي رهيل آهن تن جي لکيل سفرنامن ۽ هتان جي چند ڏينهن لاءِ ويندڙن جي سفرنامن ۾ اهو فرق ٿئي ٿو جو اتي جا رهاڪو وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا، هو وڌيڪ تفصيل سان لکن ٿا. بهرحال هتي پاڻ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشي جي سفرنامي بابت ڳالهائينداسين، هو اٽڪل ستاويهه سالن کان ٻارن سان آمريڪا ۾ رهي ٿو.
پير تاج محمد 1966ع ۾ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي صاحب 1961ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪري ميرپورخاص ۾ پرئڪٽس ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جي وڏي پٽ پير غلام محمد قريشي زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان علاوه وڪالت به پڙهي ۽ هاڻ مائٽياڻيون زمينون سنڀالي ٿو. ڊاڪٽر پير عبدالجليل جا ٽي ٻيا پٽ ڊاڪٽر آهن، جن مان هڪ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ قريشي آمريڪا جي رياست وسڪنسن ۾ نوڪري ڪري ٿو، جنهن ميڊيڪل جي فيلڊ Intensive Care ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر پير عبدالطيف قريشي اسرا يونيورسٽي ۾ هڏين جو اسپيشلسٽ آهي. پير عبدالجليل جو ننڍو پٽ ڊاڪٽر پير عبدالحي قريشي ميرپور خاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج ۾ آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته ڪامارو شريف جي پيرن ۾ تعليم عام آهي ۽ نه فقط مرد پر عورتون به اعليٰ تعليم يافته آهن. پير عبدالجليل جي نه فقط فرزندن يعني اسان جي ليکڪ پير تاج محمد جا نه فقط ڀائر پر ڀينرون به پڙهيل ڳڙهيل آهن جن مان ٻه ماشاء الله ڊاڪٽر آهن. هڪ گائناڪالاجسٽ آهي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي عهدي تي ريٽائر ٿي آهي ۽ ٻي يونيورسٽيءَ وومين اسٽڊيز جي شعبي جي ڊائريڪٽر آهي.
هن سفرنامي جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي پرائمري تائين پنهنجي ڳوٺ ڪامارو شريف ۾ پڙهيو. هن ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس مان 1983ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1985ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان 1987 ۾ بي ڪام ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان M.A (ماسٽرس آف آرٽس ان ايڪنامڪس) ۽ MPA (ماسٽرس ان پبلڪ ايڊمنسٽريشن) ڪئي.
پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد پير تاج محمد قريشي هڪ ٻه سال سنڌ يونيورسٽي جي پبلڪ ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ ريسرچ فيلو طور پڙهائڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ 1994ع ۾ پنهنجي خرچ تي بنا ڪنهن سرڪاري يا غيرسڪاري اسڪالرشپ وغيره جي آسري تي، آمريڪا هليو آيو ۽ ڪئليفورنيا رياست جي شهر برڪلي جي يونيورسٽيءَ مان MBA فائننس ۾ ڪئي. جنهن کان پوءِ بزنس ائيڊمنسٽريشن جي فيلڊ ’مارڪيٽنگ‘ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪيو. ڪجهه سال مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 2004ع کان ’بزنس ٽئڪس ۽ اڪائونٽنگ‘ جي ڪنسلٽنگ جو پنهنجو ڪاروبار مشيگن ۾ ڪري رهيو ڪيو آھي ۽ اڄ تائين هو ٻارن سان هن رياست (Michigan) جي هڪ شهر وارن (Warren) ۾ رهي ٿو. ’وارن‘ ڪو وڏو شهر ناهي. ان جي آدمشماري ٻه لک مس آهي، پر بيحد خوبصورت آهي. هونئن به مِشيگن، وِسڪنسن، الينوئس وچ مغربي آمريڪن رياستن جي سونهن پنهنجي نموني جي آهي. هي رياستون اتر ۾ ڪئناڊا جي بارڊر وٽ آهن، جنهن ڪري هتي ڪافي ٿڌ رهي ٿي. ٿڌ کان ڀڄڻ وارا گهڻو ڪري ٽيڪساز جهڙين ڏاکڻين رياستن ۾ رهن ٿا، جتي جي موسم ملتان ۽ بهاولپور جهڙي آهي.
اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشيءَ جو هي آمريڪا (USA) ۽ ڪئناڊا بابت احوال وڌيڪ Enjoy ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ آمريڪا کنڊ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکڻ ضروري سمجهان ٿو. جيڪي ماڻهو آمريڪا ۾ رهن ٿا اهي ته ڀلي ڀت واقف آهن پر آمريڪا کان اڻ واقف ان بابت مونجهاري جو شڪار رهن ٿا. ان ڪري هتي آئون مختصر طور آمريڪا بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.
دراصل اسان جي ملڪ ۾ جڏهن اسان آمريڪا جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هڪ عام ماڻهو ان جو مطلب USA سمجهي ٿو، پر ائين ناهي! آمريڪا يڪَي کنڊ جو نالو آهي جنهن ۾ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ اچي وڃن ٿا جيڪي وچ تي ڌرتيءَ جي هڪ سنهي پٽيءَ ذريعي ملن ٿا. اها زمين جي پٽي ’وچ آمريڪا‘ سڏجي ٿي. ان پٽيءَ ۾ به ڪيترائي ملڪ اچيو وڃن، جيئن ته ميڪسيڪو، گئاٽمالا، هونڊرس، نڪراگئا، ايلسَلواڊور، ڪاسٽاريڪا، بيليز ۽ پاناما. انهن سڀني ملڪن جي پکيڙ 5 لک 22 هزار چورس ڪلوميٽر آهي.
آمريڪا کنڊ جو هيٺيون حصو يعني ڏکڻ آمريڪا 18 کن ملين چورس ڪلوميٽر آهي جنهن ۾ برازيل، ڪولمبيا، ارجنٽائنا، پيرو، وينزوئلا، چلي، اڪئڊار، بوليويا وغيره ملڪ اچي وڃن ٿا. اسان وٽ جڏهن آمريڪا جي ڳالهه نڪري ٿي ته اسان جو مطلب هميشه اتر آمريڪا سان رهي ٿو جنهن ۾ يو ايس اي ۽ ڪئناڊا ملڪ آهن. هونءَ ڪئناڊا ۽ USA اهڙا ملڪ آهن جن ۾ ڪافي هڪ جهڙايون آهن ۽ انهن ملڪن جي رهاڪن جو هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ گهڻو آهي. ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڻي ڀاڱي اسپيني ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيو ۽ نارٿ آمريڪا (يو ايس اي ۽ ڪئناڊا) ۾ انگريزيءَ کان علاوه ڪجهه هنڌن تي اسپيني ۽ فرينچ به هلي ٿي.
پڙهندڙن کي اها ڳالهه سمجهڻ کپي ته يو ايس اي جنهن ۾ 50 رياستون آهن ڪو ننڍو ملڪ ناهي. USA جي هر رياست سمجهو ته هڪ ملڪ آهي. بلڪ ڪي ڪي رياستون ته پاڪستان کان به وڏيون آهن. مثال طور پاڪستان جي ايراضي (پکيڙ) 882000 چورس ڪلوميٽر آهي پر يو ايس اي جون ڪئليفورنيا، مونٽانا، نيوميڪسيڪو جهڙيون رياستون اڌ پاڪستان جيڏيون آهن ۽ ٽيڪساز ته ذري گهٽ پاڪستان جيڏي آهي ۽ الاسڪا پاڪستان کان به ٻيڻ جيڏي رياست آهي. سڄي USA جي ايراضي 98 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئناڊا جي ايراضي ته ان کان به وڌيڪ 99 لک چورس ڪلوميٽر آهي، پر ڪئناڊا جي آدم شماري گهٽ آهي جو سندس اتراهون وڏو حصو اونهاري ۾ به برف ٿيو پيو آهي. بهرحال USA ۽ ڪئناڊا کي ملائجي ته اسان جهڙا 22 ملڪ ٿين.
آمريڪا جي پئسفڪ سمنڊ واري پاسي بنا شڪ جي ڪئليفورنيا رياست بيحد خوبصورت آهي جنهن جا لاس اينجلس، سئن ڊياگو، سئن جوز، سئن فرانسسڪو، لانگ بيچ، اوڪ لئنڊ، ساڪرا مينٽو جهڙا شهر ڏسڻ وٽان آهن. انهن انيڪ شهرن مان هڪ ننڍڙو ڳوٺ نما برڪلي شهر به آهي جتي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا آهي، جنهن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جو ليکڪ پير تاج محمد قريشي 1994ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ڪامارو شريف کان پهتو ۽ پوءِ نوڪري روزگار خاطر آمريڪا ۾ ئي ٽِڪي پيو... سٺو ڪيائين.
اڄ ڪلهه سڄي دنيا هڪ ڳوٺ آهي. ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪري ملڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ان کان ڏکيو ڪم نوڪري ڪرڻ آهي. پير تاج محمد يا ان جو ڊاڪٽر ڀاءُ پير حفيظ وسڪنسن رياست ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن... خوشيءَ جي ڳالهه آهي. اسان جي سرندي وارن وڏن ماڻهن پيرن، ميرن، سردارن کي کپي ته هو پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم لاءِ ٻاهر موڪلين ۽ کين ٻاهر نوڪري ڪري انهن ملڪن جي شهريت حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏين. هنن کي پير تاج محمد يا ميرپور خاص جي ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر جي نقش قدم تي هلڻ کپي جيڪي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي آرام جي زندگي گذارڻ بدران ٻاهر ولايت ۾ پورهيو ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، در اصل Quality of Life ان ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئون پنهنجي وطن جي پئسي وارن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته ٻين ڳالهين ۽ اجاين شوبازين تي پئسو وڃائڻ بدران پنهنجن ٻارن کي پنهنجي خرچ تي ئي ولايت موڪليو جيئن هو به سڌري وڃن ته توهان جو به نالو ٿئي.
هتي پير تاج محمد قريشيءَ جي برڪلي شھر ۾ رھڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته ھتان جي تعليمي اداري ’يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا‘ بابت ٻه ٽي سٽون لکندو هلان. هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ پهرين ڪئليفورنيا رياست جي بندرگاهه اوڪ لئنڊ ۾ کولي وئي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن 1850ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ڪئليفورنيا ۾ سون لڌو ويو هو. هن علائقي ۾ سون ملڻ ڪري زمين جا اگهه چڙهي ويا هئا ۽ خوشحالي صاف نظر اچي رهي هئي. هوڏانهن چين ۾ پهرين ۽ ٻي آفيمي لڙائي ڪري ماڻهن جي معاشي حالت خراب ٿي وئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو روزگار خاطر چينين اوڪ لئنڊ جو رخ رکيو ۽ هتي ريل جي ڪم ۾ لڳي ويا. سو هن پاسي جيڪي چائنا ٽائون ڏسو ٿا انهن جا رهواسي چيني يعني انهن جا وڏا ان وقت جا آيل آهن.
اوڪلئنڊ ۾ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا کلڻ بعد 5 سال رکي 1873ع ۾ اها برڪلي شفٽ ڪئي وئي. اڄ ڪلهه هن يونيورسٽيءَ جا ڏهه ڪئمپس آهن جن ۾ ٽوٽل 3 لک کن شاگرد پڙهن ٿا ۽ 25 هزار فئڪلٽي ميمبر ۽ ڏيڍ لک کن اسٽاف ميمبر آهن. توهان کي حيرت ٿيندي ته هن يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪئمپسن جي فئڪلٽي ۽ ريسرچرن مان 71 ڄڻن کي نوبل پرائيز ملي چڪا آهن.
ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جي هن رياست مان تعليم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه نڪتي ته پراڻا ماڻهو ياد اچي ويا. ٻه چار جيڪي هن وقت ذهن تي اچي رهيا آهن انهن ۾ SANA جا سينئر ميمبر مالڪ ڏنو ۽ سَني پنوهر. ان کان علاوه نثار مهر ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ نثار شاهه، نذير ڀرڳڙي ۽ اعجاز ميمڻ جن به ڪئليفورنيا رياست جي مختلف شهرن ۾ آهن. مهراڻ يونيورسٽي جو پروفيسر شوڪت انصاري به منهنجي خيال ۾ ڪئليفورنيا ۾ آهي. ٻيا به انيڪ هوندا جن کان آئون اڻ واقف هجان جو مون کي ان پاسي وئي هاڻ وڏو عرصو ٿي ويو آهي. پير تاج محمد قريشي صاحب ٻڌايو ته ڪليفورنيا جي رهائش دوران اعجاز ميمڻ ۽ شوڪت انصاريءَ سان سندس ملاقت سندس مامي جي پٽ شاهه فاروق قريشي جي گهر ٿيندي رهي هئي. پير تاج محمد قريشي جي مطابق سندس ماروٽ شاه فاروق قريشي ڪليفورنيا جي شهر سينٽاڪالارا شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو پڻ 1971ع يا 1972ع ڌاري پاڪستان کان آمريڪا ايروناٽيڪل انجنئيرينگ جي شعبي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو. شاه فاروق قريشي صاحب ايروناٽيڪل جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي هڪ مشهور ايئر لائين ’يونائٽيڊ ايئر‘ ۾ ڪم ڪري ريٽائر ٿيو آهي.
پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪامارو شريف جي پير تاج محمد قريشيءَ جڏهن سندس لکيل سفرنامي جي ڊمي ڪاپي ڏني ته چيومانس:
”پير صاحب! برڪلي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري ۽ رهائش ڪئليفورنيا ۾ اختيار ڪئي هوندانوَ؟“
”نه سائين“ پير تاج محمد وراڻيو.
”سائين ڪمال ٿا ڪريو. ههڙي سهڻي رياست ڇڏي ڪيڏانهن ويائو؟“
جواب ڏنائين ته، ”سائين هن سفرنامي ۾ لکيو اٿم.“
”پر تڏهن به جيسين پڙهان تيسين تصور ڪري سگهان ته توهان ڪهڙي تر ۾ رهو ٿا؟“
دل ۾ مون سوچيو ته ڪئليفورنيا کان اڳتي ٻي ڪنهن علائقي ۾ رهڻ اُوڻٽيهين جي اونداهي آهي.
”سائين آئون وارن (Warren) شهر ۾ رهان ٿو.“
”وارن؟ يعني ڪهڙي رياست ۾؟“ مون پڇيو.
”مِشيگن رياست ۾ ڊيٽرائٽ شهر ڀرسان.“ پير تاج محمد جواب ڏنو.
مِشيگن رياست جو ٻڌي پاڻيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ جهازيءَ وانگر مون به واهه واهه ڪئي. ”پير صاحب واهه جو هنڌ چونڊيو اٿانوَ. اسان جا جهازران چوندا آهن ته مِشيگن هن ڌرتيءَ تي جنت جو ٽڪرو آهي. جي توهان وارو شهر وارن (Warren) ڊيٽرائٽ (Detroit) ڀرسان آهي ته معنيٰ هڪ ئي وقت تي توهان آمريڪا ۾ به آهيو ته ڪئناڊا ۾ به. ناگرا آبشار ۽ دنيا جي خوب صورت ڍنڍن جا پاڙيسري آهيو.“
دل ۾ چيم ته پير صاحب رهڻ لاءِ سٺو هنڌ چونڊيو. اسان وارن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ اسان جي نيويارڪ وارن سنڌين کي ڪئليفورنيا جهڙي ڏورانهين رياست ته ڇا پر هن پاڙيسري رياست مشيگن ۾ به رهڻ جو نه خيال ٿي آيو نه همت!
”ڀلا توهان ئي اڪيلا سنڌي مشيگن ۾ آهيو يا ٻيا به ڪي؟“ مون پير صاحب کان پڇيو.
”نه سائين. آئون اڪيلو ته نه آهيان. ٻيا به ڪيترائي سنڌي مشيگن جي مختلف شهرن ۾ نظر اچن ٿا جيئن اعجاز ترڪ، پير مڪرم جيڪو پي پي واري منسٽر پير مظهر جو ڀاءُ آهي، نثار صديقي، ڊاڪٽر ستار شيخ، خالد ميمڻ ۽ جان محمد بلوچ وغيره به مشيگن ۾ رهن ٿا.“
پير تاج صاحب ٻڌايو ته ڪجه سنڌي جن ۾ نصرپور وارو سبحان دائودپوٽو پڻ آهي جيڪي جيتوڻيڪ رهن ڪئناڊا جي شهر ونڊسر ۾ ٿا پر نوڪريءَ لاءِ هو روزانو مشيگن اچن ٿا، جيئن راولپنڊيءَ جا رهاڪو اسلام آباد ويندا آهن يا روهڙيءَ ۽ سکر جا خيرپور ايندا ويندا رهن ٿا.
بهرحال آمريڪا (USA) جي 50 رياستن ۾ مِشيگن جنهن ۾ اسان جو ڪامارو شريف جو ليکڪ، پير تاج محمد رهي ٿو هڪ نرالي رياست آهي، جنهن جي نقشي ۾ توهان کي گهڻي ڀاڱي پاڻي ئي نظر ايندو. مِشيگن رياست آمريڪا جي يارهون نمبر وڏي رياست آهي جنهن جي جملي پکيڙ ٻه لک 50 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. سڄي سنڌ جي 1 لک 41 هزار چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پنجاب جي ٻه لک 5 هزار 3 سئو 44 چورس ڪلوميٽر. آدمشماري سنڌ جي 5 ڪروڙ آهي ۽ پنجاب جي 11 ڪروڙ، پر مشيگن رياست جي فقط هڪ ڪروڙ. مشيگن جي گاديءَ جو شهر لانسنگ (Lansing) آهي.
مشيگن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر ڊيٽرائٽ (Detroit) آهي ۽ ٻئي نمبر تي گرانڊ رئپڊس آهي، ٽئي نمبر تي پير تاج وارو شهر ’وارن‘ (Warren) آهي. اهو ڊيٽرائٽ شهر کان ائين آهي، جيئن موري کان نوشهر و فيروز.
ڊيٽرائٽ شهر گاڏين (آٽو موبائلن) جي ڪارخانن کان پڻ مشهور آهي ۽ آمريڪا جي ٽن وڏين ڪمپنين: جنرل موٽرس، فورڊ ۽ ڪرائسلر جو گهر آهي. ڊيٽرائٽ هن پاسي جو وڏو بندرگاهه پڻ آهي، جيڪو ڊيٽرائٽ نديءَ تي آهي. ڊيٽرائٽ نديءَ جي هڪ پاسي مشيگان رياست جو شهر ’ڊيٽرائٽ‘ آهي ته ٻئي طرف ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جو شهر ’ونڊسر‘ آهي. بس سمجهو ته ونڊسر ۽ ڊيٽرائٽ شهر ائين آهن جيئن مورو_ دادو، بلڪ ان کان به ويجها سکر - روهڙي، يا حيدرآباد- ڪوٽڙي.
آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته پير تاج محمد جو شهر ’وارن‘ ڊيٽرائٽ جي ويجهو هجڻ ڪري هن لاءِ ’آمريڪا ۽ ڪئناڊا‘ بارڊر ڪراس ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ناهي. لاهور کان امرتسر پهچڻ ۾ به اڌ ڪلاڪ لڳيو وڃي، پر ڊيٽرائٽ کان ونڊسر پهچڻ ۾ ته ڏهه منٽ به نٿا لڳن. هو پنهنجن مهمانن کي نه فقط مشيگن رياست جون مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون گهمائيندو هوندو پر نياگرا آبشار به، سو به آمريڪا (USA) واري پاسي کان به ته ڪئناڊا واري پاسي کان به.
پير تاج محمد قريشي جنهن شهر ’وارن‘ ۾ رهي ٿو ان جي ڀٽ شاهه يا بائو ديري جيتري ڏيڍ لک آدمشماريءَ جو ٻڌي اسان ان کي کڻي ڳوٺ سمجهون پر اهو هڪ خوبصورت شهر آهي ۽ مشيگان رياست جو ٽيون نمبر وڏو شهر چئي سگهون ٿا. ڌنڌي ڌاڙي جو مرڪز آهي، خاص ڪري ’جنرل موٽرس‘ جو ٽيڪنيڪل سينٽر آهي. ان کان علاوه بگ بئاءِ ريسٽورنٽن جو هيڊڪوارٽر آهي. هُونءَ به سڌريل ملڪن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ صحت توڙي تعليم جون سهوليتون جام آهن. اڄ ڪلهه ته آمريڪا توڙي يورپ ۽ جپان ۾ نه فقط مسجدون ۽ حلال کاڌن جا دوڪان آهن پر اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامڪ سينٽر به آهن. هونءَ به اسان مسلمان اتي رهڻ کي ترجيح ڏيون ٿا جتي مسجد ۽ مسلم ڪميونٽي هجي.
مشيگن ۾ رهندڙ اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي جي شادي 1993ع سندس چاچي پيرعبدالحميد قريشي جي نياڻيءَ سان ٿي. پير عبدالحميد صاحب جيڪو ڪامارو شريف جي درگاهه جو گادي نشين به آهي، سنڌ پوليس ۾ AIG جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. پير عبدالحميد صاحب نيويارڪ مان آٽو انجنيئرنگ ڪئي. هي 1960ع واري ڏهاڪي جا اهي سال آهن جڏهن عبدالرزاق شيخ، مبارڪ ٽالپر، ڏاهري ڀائر، بشير مغل ۽ اسان جو پيٽارين رئيس نور احمد نظاماڻي پڻ اتي رهيا ٿي جيڪي ڪامارو شريف جي هن پير جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ته هي پير اسان جي روايتي پيرن کان بلڪل مختلف آهي. اڄ مٿيان يار حيات نه آهن نه ته هو مون کي پير صاحب بابت لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌائين ها. پير عبدالحميد صاحب هن وقت 87 سالن جا ٿيندا ۽ حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ رهن ٿا.
اسان واري پير تاج محمد جو نالو سندس ڏاڏي تان رکيو ويو جنهن کي پٽن ۾ پير مرتضيٰ حسن ۽ پير غلام مصطفيٰ کان علاوه پير حميد قريشي AIG صاحب ۽ اسان واري پير تاج محمد جو والد پير عبدالجليل به هئا. ڏاڏي جي نالي هجڻ ڪري پير تاج محمد کي ’ڏاڏا سائين‘ به سڏين ٿا. پير تاج محمد قريشيءَ کي ست ڀاءُ آهن. وڏي ڀاءُ پير غلام محمد زولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ وڪالت به پڙهي ۽ هاڻ زمينون سنڀالي ٿو. سندن ٻيو ڀاءُ پير منظور قادر زمينداري ڪري ٿو. ٽي نمبر تي پاڻ آهن ۽ چوٿون نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحفيظ لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو مشيگن رياست جي ڀر واري رياست وسڪنسن ۾ ڊاڪٽري ڪري ٿو. سندس هڪ ڀاءُ پير عبداللطيف هڏين جو ماهر آرٿوپيڊڪ سرجن ۽ حيدراباد جي اسرا يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ پروفيسرپڻ آهي. جنهن کان پوءِ سندن ڀاءُ پير عبدالسميع هو جيڪو نومبر 2020 ۾ ڪرونا جي وبا دوران وفات ڪري ويو. سندس ڀاءُ پير عبدالبديع قريشي ڀائرن سان گڏ زمينداري ۾ هٿ ونڊائي ٿو. پير عبدالبديع قريشي هڪ يار ويس، سادو سودو ۽ کلڻو ملڻو انسان آهي. پير تاج محمد جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر پير عبدالحي ميرپور خاص جي محمدي ميڊيڪل ڪاليج سان وابسته آهي ۽ ان سان گڏ پنهجون زمينون پڻ سنڀالي ٿو.
هن سفرنامي جي مصنف پير تاج محمد ٻڌايو ته هن جي ڌيءَState Wayne يونيورسٽي مان ميڊيڪل جي برانچ پبلڪ هيلٿ ۾B.Sc. ڪري رهي آهي. اها يونيورسٽي مشيگن رياست جي هڪ اهم ۽ مشهور يونيورسٽي آهي، جنهن جو بنيادي طرح واسطو ميڊيڪل سان آهي. هيءَ يونيورسٽي 1868ع ۾ ٺهي ۽ ڊيٽرائٽ شهر جي وچ ۾ آهي. مشيگن يونيورسٽيءَ ۾ هيءَ ٽيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي جنهن ۾ 26 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. ڪيترائي شاگرد اسان جي پاسي (ايشيا ۽ آفريڪا) جا به آهن. هن يونيورسٽي وين (Wayne State University) جا ٻه گرئجوئيٽ ٿا ياد اچن. هڪ عبدي محمد کوسو. هي کوسو صاحب اسان جي ٻروچن مان ناهي، پر صوماليا جو شيدي مسلمان آهي. هن 1998ع ۾ Wayne يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي. کوسو (Kusow) صاحب اڄ ڪلهه آمريڪا جي آيووا (Iowa) رياست ۾ سوشالاجي جو پروفيسر آهي.
هنState Waynيونيورسٽي جي هڪ بنگلاديشي سائنسدان سلطانه نورن نهار به ڌيان ۾ اچي رهي آهي، جنهن ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مِشيگن رياست جي هن يونيورسٽي Wayne مان پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ هاڻ اوهايو يونيورسٽي جي ائسٽرانامي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿي. اميد آهي ته پير تاج محمد جي ڌيءَ به هن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري بنگلاديش جي سلطانه وانگر نالو روشن ڪندي.
”هئيثم کي ته مون قرآن حفظ ڪرڻ تي لڳايو آهي.“ پير تاج محمد ٻڌايو.
”تمام سٺو“، مون جواب ڏنومانس، ”ان جهڙو ته ٻيو بهتر ڪم آهي ئي ڪونه.“
حيثم، پير تاج محمد جو ننڍو پٽ آهي. اسان سان گڏ هڪ ٻيو به دوست هو تنهن مون کان يڪدم پڇيو ته، ”آئون اها ڳالهه ڪهڙي خيال کان ٿو ڪريان؟ ڇا ثواب جي خيال کان؟“
”ثواب پنهنجي جاءِ تي. اهو ته ضرور آهي.“ مون هنن کي پنهنجو تجربو ٻڌايو ته، ”هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ مون ڏٺو آهي ته اهي شاگرد جيڪي قرآن جا حافظ آهن، انهن جو يادگيرو وڌيڪ تيز رهي ٿو ۽ هو اڪيڊمڪس ۾ به نمبر کڻن ٿا.“ ڪراچيءَ جي جنهن علائقي ۾ آئون رهان ٿو، اتي گجراتي بزنيس مين رهن ٿا. هنن کي مون ڏٺو آهي ته پنهنجن ٻارن کي پهرين قرآن حفظ ڪرائين ٿا ان بعد اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا يا اسڪول سان گڏ قرآن به حفظ ڪرائين ٿا. پوءِ اهي ٻار ڏکئي کان ڏکيا امتحان پاس ڪريو وڃن ۽ هاڻ ته جڏهن کان اسان جي پاڙي ’فيز 4‘ ۾ ’بيت السلام مسجد‘ ٺهي آهي ۽ جتي قرآن حفظ ڪرڻ جو بندوبست رکيو ويو آهي ته تقريبن هر گهر جو ٻار قرآن حفظ ڪري ٿو. اسان جي گهر جي سامهون وارو حافظ ڇوڪرو محمد اڪبر زبيري، آغا خان مان نه فقط سٺي پوزيشن ۾ ڊاڪٽر ٿيو پر آرٿو پيڊڪس ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ هاڻ فقط ڪرنگهي جي سرجري ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ مان اسڪالر ملي اٿس.
هونءَ مشيگان رياست ۾ رهندڙ مسلمان خوش نصيب آهن جو اتي ’مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ‘ نالي ادارو آهي جيڪو ان شهر Warren ۾ آهي جتي ڪامارو شريف جو پير تاج محمد فئمليءَ سان رهي ٿو. وارن شهر جي هن اداري Michigan Islamic Institute ۾ هيٺيان پروگرام آهن:
• فل ٽائيم حفظ القرآن
• فل ٽائيم عالم ڪورس
• ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ضروري علم
• 5 کان 12 ڪلاس تائين تعليم.
هن اسلامي اداري ۾ سومر کان جمعي تائين صبح جو 8 کان شام جو ساڍي چئين تائين ڪلاس ٿين ٿا. اهي ٻار جيڪي قرآن حفظ ڪن ٿا يا عالم مفتي ٿيڻ چاهين ٿا انهن جا ڪلاس 8 کان 12 تائين رهن ٿا. ٻارن کي چئن سالن جي عرصي ۾ قرآن حفظ ڪرايو وڃي ٿو. پهرين سال ۾ هنن کي ناظره ۽ تجويد ۽ قرآن پاڪ جا ٻه سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. ٻئي ۽ ٽئين سال ۾ قرآن جا 27 سيپارا ياد ڪرايا وڃن ٿا. آخري سال ۾ مڪمل قرآن شريف ۽ قرآن جو ٽي دفعا دور ڪرايو وڃي ٿو. ڪورس ختم ٿيڻ تي شاگردن کي اسلامڪ مشيگن انسٽيٽيوٽ طرفان ’حفظ القرآن‘ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو. جنهن بعد هو ٻين کي قرآن پڙهائي سگهن ٿا ۽ امامت به ڪري سگهن ٿا. شاگردن کي ڏهه ڏهه ڄڻن جي گروپ ۾ وهاريو وڃي ٿو جنهن لاءِ الڳ الڳ ٽيچر رکيو وڃي ٿو. اسلامي اداري کي هاسٽل به آهي. پير تاج محمد اهو ٻڌائي رهيو هو ته هن جو پٽ حيثم قريشي جيڪو قرآن حفظ ڪرڻ سان گڏ انگريزي تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي ۽ يارهين گريڊ ۾ آهي، اتي هاسٽل ۾ رهي ٿو. حيثم قريشي قران حفظ ڪرڻ کانپوءِ اڳتي مڪينيڪل انجنئيرٿيڻ چاهي ٿو.
مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جي نالي سان هي ادارو مشيگن جي مسجد عثمان بن عفان سان لاڳاپيل آهي. ان کان علاوه يعني مشيگن اسلامڪ انسٽيٽيوٽ کان علاوه ڪجهه ٻيا اسلامي ادارا پڻ مسجد عثمان بن عفان سان Affiliated آهن، جتي اسلامي تعليم سان گڏ قرآن پڻ حفظ ڪرايو وڃي ٿو، جيئن:
• مفتاح انسٽيٽيوٽ ۽
• منير اڪيڊمي
هتي اهو به لکندو هلان ته آمريڪا جي مشيگن رياست ۾ فقط مٿين مسجد عثمان بن عفان ناهي. مشيگان جي رڳو ڊيٽرائٽ شهر م 33 کن مسجدون آهن. هڪ مسجد ڊيربورن ته 1937ع ۾ ٺهي هئي. جيڪا آمريڪا جي ٻيو نمبر پراڻي مسجد آهي. هيءَ مسجد لبنان کان لڏي آيل مسلمانن ٺهرائي هئي. مون کي ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾ 1980ع ۾ هن مسجد جي پاڙي وارن ٻانگ جي آواز تي اعتراض ڪيو هو. پوءِ ڪيس هليو. جج مسلمانن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ چيوته ٻانگ ائين آهي، جيئن گرجا گهر جا گهنڊ. ان ڪري هتي جي ماڻهن کي اعتراض نه هئڻ کپي.
آمريڪا جي پهرين مسجد به هن رياست مشيگن جي شهر هائيلينڊ پارڪ ۾ آهي ۽ 1921ع ۾ ٺهي هئي. هيءَ مسجد دمشق کان آيل هڪ سخي عرب واپاريءَ ٺهرائي هئي. مِشيگن جي هڪ ٻي مشهور مسجد الاصلاح مسجد آهي جيڪا بنگلاديش کان لڏي آيل بنگالين 2000ع ۾ ٺهرائي.
بهرحال هن ڪتاب جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي جنهن جي خاندان جو واسطو ڪامارو شريف جي پيرن سان آهي جيڪي وڏيرا، داداگير يا سياستدان نه پر مذهب جي ڄاڻ رکندڙ، انسان ذات جو ڀلو چاهيندڙ ۽ تعليم جي حيثيت سمجهندڙ آهن، انهن لاءِ مون کي پڪ آهي ته آمريڪا جي هيءَ رياست مشيگن بيسٽ آهي. هن خاندان جي پيرن کي آئون سنڌ جي ڪيترن پيرن کان مختلف ۽ مثالي ٿو ڏسان. آئون به اڌ صديءَ کان جڏهن کان 1968ع ۽ 1969ع کان آمريڪا وڃڻ ٿيو آئون پنهنجن سنڌي آمريڪن دوستن کان ڪامارو جي پيرن بابت ٻڌندو اچان، خاص ڪري پير عبدالحميد قريشي بابت، جيڪو انهن ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ۾ هو. سندس ڀائٽي پير تاج محمد جي ڪتاب جي پيش لفظ لکڻ جي بهاني مون کي هن فئملي بابت ڪجهه لکڻ جو موقعو ملي ويو آهي، جيئن اسان جي ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اچي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ خانقاهن جو وجود عام و خاص ماڻهن جي ديني رهنمائيءَ جو وسيلو رهيو آهي. خانقاهن جي سرپرستن عوام الناس جي اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح جو ڪم ڪيو آهي. درگاهه پير اشرف شاهه رح ڪامارو شريف جو سرپرست پير محمد اشرف قريشي ڪاماري وارو به اهڙن عظيم روحاني رهنمائن مان هو، جنهن خدا جي عشق ۽ ماڻهن جي محبت ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. پير صاحب ٽالپرن جي حڪومت ڌاري ڳوٺ ڪرم خان جمالي ٽنڊي باگي کان هجرت ڪري ڪاماري تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. سندن خاندان ’شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني‘ جي نسب مان هو ۽ سنڌ ۾ هن خاندان جي اڳ ۾ ئي ڪافي اچ وڃ هوندي هئي.
پير محمد اشرف جي ولادت 1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ٿي هئي. ڪاماري شريف ۾ سندس آمد آسپاس جي عام و خاص ماڻهن لاءِ رحمت ۽ برڪت جو باعث ٿي ۽ هي ننڍڙو ڳوٺ شهرت ماڻڻ لڳو. هونءَ به هي ڳوٺ صديون اڳ آباد هو جيئن شاهه لطيف هن کي سر سارنگ ۾ ڄاڻايو آهي:
ڍٽ ڍري پٽ پيئون، آيون ڪاهي ڪاماري
وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري
ڪڪر ۾ ڪاري، وڄڙين پسو ويس ڪيا
اها ئي سڪائتي ڇڪ هئي، جنهن پير محمد اشرف جهڙي عظيم شخصيت کي ڪاماري ڪهي اچڻ لاءِ مائل ڪيو. پاڻ به انهيءَ سڪ سان ۽ ساڳئي سر سارنگ ۾ ڪاماري جي سار سنڀال لهي رهيو آهي.
جمعي ڏينهن جوڙ، ڪي مانڊاڻا مينهن جا
قادر ڪاماري جا، اچي ٻنا ٻوڙ
صاحب سنڌو سائين، ڇڏ گسر ڪر گوڙ،
اوهيرا آب جا، مٿي ڇنن ڇوڙ
پکا پراڻ ڪنڌئين، آڻي کٿيرن جا کوڙ
پکا تن جا ٽوڙ، جن سانڍيون اشرف چوي

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ڪر کڻي ڪاماري تي، ڪر وسڻ سان وس
جي ڏوگاهي ڏٻريون ڪيون، تن جو ڪر ترس

پير صاحب جي توڪل بابت ڪيئي روايتون ماڻهن ۾ مشهور آهن. پاڻ صاحب طب جي علم ۽ فن ۾ به صاحب ڪمال هو. ڪيئي لا علاج مريض وٽائنس شفاياب ٿيندا رهيا ٿي. پير محمد اشرف قريشي 1860ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبري جي ڪتبي تي هيٺيون فارسيءَ جو قطع ڪاشيءَ جي سرن تي نقش ٿيل آهي:
فغان از وفات ولي خدا،
که مثلث نبوده دارين شش جهات.
محمد علم اشرف اثر شد خطاب،
چو اسم و خطابش برابر صفات.
نبايد به تحرير و صفش اگر،
شود خانه اشجار و دريا دوات.
خلف ماند زو در جهان نام نيک،
که نيڪي ز نيڪان جود باقيات.
کلامش جود عاشقان را چو قوت،
بيانش جود طالبان را برات.
دلم گفت سال و صالش بحق،
محمد جود اشرف ڪائنات.
]1277هه[
پير تاج محمد جي سفرنامي تي پيش لفظ لکڻ بهاني مون کي سندس ڪتاب ۽ فئمليءَ تي لکڻ جو هڪ سٺو موقعو ملي ويو آهي ۽ ڪجهه وڏو مضمون ٿي ويو آهي جيتوڻيڪ اڃا ڪيتريون ڳالهيون لکڻ تي دل چوي پئي. هن فئملي، ڪاماري شريف جي پيرن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو، طبيعت جي سادگي، ضرورتمند جي ڪم اچڻ، هر وقت ٻئي جي ڀلي جو سوچڻ، سندن وڏن کان هلندو اچي. هنن روايتي پيري مريدي ۽ پئسي ڏوڪڙ جي لالچ کان هٽي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هنن پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي مدد ڪئي ۽ هنن جي خوشحال زندگي بڻائي ۽ اهو ئي ميسيج هن ’پيش لفظ‘ ذريعي پنهنجي سرندي وارن سردارن، اميرن، پيرن، وڏيرن، وزيرن، سياستدانن کي ڏيڻ ٿو چاهيان ته هو نه رڳو پنهنجي ٻارن تي سختي ڪن ته هو صحيح طرح تعليم حاصل ڪن، پر پنهنجي تر جي غريب ذهين ٻارن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪن ته هو ڪنهن منزل تي پهچي پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ملڪ جي خذمت ڪن. جنهن جي مدد ڪندائو اهو ۽ ان جو اولاد توهان کي سڄي زندگي دعائون ڏيندو رهندو. ان جو فقط هڪ ننڍڙو مثال هتي ڏيان ٿو... ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ هو محسوس ڪري سگهي ته اصل خوشي ڇا ۾ آهي.
اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ ورجينيا آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجھ سنڌي دوستن مون کي چيو ته دوست چندو گڏ ڪري انهن غريب ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ چاهين ٿا جيڪي هوشيار هوندي پڙهي نٿيون سگهن. اسان مختلف شهرن جي استادن معرفت هر سال چار پنج لائق ڇوڪريون ڳولي انهن جي مالي مدد شروع ڪئي. مون کي حيرت ٿي ته اسان جي ڳوٺن ۾ سخت غربت جي باوجود ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهڙيون مليون جن بورڊ ۾ پهريون، ٻيو يا ٽيو نمبر کنيو ٿي. هو غربت ڪري هاڻ B. A به نٿي ڪري سگهيون. هنن کي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ خرچ ڏنو ويو. جيتوڻيڪ اهو ڪو گهڻو پئسو نه هو. هنن جو في کان علاوه مانيءَ جو هڪ ويلو مس ٿي ٿيو. هنن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ هر سال سٺي پوزيشن سان پاس ٿينديون رهيون ۽ هي سلسلو هلندو رهيو. منهنجو ڪم انهن تائين پئسو موڪلڻ ۽ هنن جي پروفيسرن کان هنن جي تعليمي پروگريس جي معلومات حاصل ڪريUSA دوستن کي رپورٽ موڪلڻ هو جيئن پئسا ڏيڻ وارن کي خبر پوي ته هنن جو پئسو صحيح استعمال ٿي رهيو آهي. 5 سال اڳ تائين اها ڊيوٽي منهنجي حوالي هئي ۽ پوءِ طبيعت صحيح نه رهڻ ڪري مون معذرت ڪئي ۽ هاڻ اهو ڪم ’سهارو‘ وارا ڪري رهيا آهن. بهرحال منهنجي هوندي هڪ سئو کن ڇوڪريون ڊاڪٽرياڻيون ٿيون جيڪي هونءَ غربت ڪري پڙهائي قائم رکي نه سگهن ها، ساڳي وقت اسان جي آمريڪن سنڌي دوستن لاءِ اهو پئسو ڪو وڏي ڳالهه نه هو پر ڏسو هنن ڪيڏو وڏو خير جو ڪم ڪيو ۽ اڃان ڪندا اچن ۽ غريبن جا ٻار اڄ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.
ان ڏينهن هڪ ان قسم جي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي. مون کي SIUT ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ سان ملي فوٽو ڪڍرائڻو هو. ان لاءِ مون کي پيٽارو جي شهيد دوست ڊاڪٽر سرفراز شاهه ’ENT جي ماهر‘ جو پٽ آرٿوپيڊڪ سرجن غضنفر شاهه وٺي آيو. ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڪير نه سڃاڻي. هو نه فقط پنهنجي فيلڊ جو ماهر ڊاڪٽر آهي پر سخي مرد پڻ. هن پنهنجي زندگي انسان ذات جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ هن جي اداري جي ڪارڪردگي دنيا ۾ مشهور آهي. 83 ورهن جي ڄمار جي ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ جو چوڻ آهي ته هن جي مري وڃڻ بعد به هي ادارو اهڙو ئي بهتر رهندو، جو هن ڊاڪٽرن کي ان يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن جي ڪم ۾ ماهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مان بهترين ڊاڪٽر هن سان گڏ ڪم ڪن ٿا.
اسان جي ملاقات وقت ڊاڪٽر اديب سان گڏ جيڪو نمبر ون يعني بهترين ۽ ماهر ترين ڊاڪٽر هو، ان سان هن ملائيندي چيو ته ڊاڪٽر مبارڪ سنڌ جي ٿر واري علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو آهي. ڪيترن ئي سالن کان هي مون سان ڪم ڪري رهيو آهي. سندس بهترين ڪم، ڄاڻ، محنت ۽ ايمانداريءَ ڪري آئون هن کي ڇڏي نٿو سگهان. آئون ۽ هڏن جو ماهر نوجوان ڊاڪٽر غضنفر ڪي لمحا ٿورائتن نظرن سان ڊاڪٽر اديب رضويءَ کي ڏسندا رهياسين ته هي ڪيڏو عظيم انسان آهي جيڪو مذهب، ذات پات، زبان، فرقي، غريب امير جو فرق نه ڪندي انسان ذات جي خذمت ڪندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر محمد مبارڪ نوهڙيءَ سان ملڻ جو مون کي به شوق هو. مون هن بابت ٻڌو هو پر ڏٺو نه هو. ڊاڪٽر غضنفر شاهه کي هن بابت ڪا خبر نه هئي. ڊاڪٽر مبارڪ سنڌيءَ ۾ اسان کي کيڪاريو ته مون کلي چيومانس ته ”سائين مون ته توهان کي آمريڪا جي رياستن مِشيگن ۽ وِسڪنسن ۾ پئي ڳولهيو.“ پاڻ سمجهي ويو ته آئون ڪنهن جو حوالو ڏئي رهيو آهيان. يڪدم چيائين، ”آئون ڪاماري شريف جي پيرن جو ٿورائتو آهيان، جن جي ڪري آئون هن منزل تي آهيان نه ته اسان ٿر جي ڳوٺ جي غريب ڀائرن کي ڪٿي هئي ڄاڻ ڪٿي هو پئسو جو ڊاڪٽر ٿيون. آئون ۽ منهنجا ٻار ٻچا اهڙن پيرن لاءِ هر وقت دعائون گهرندا رهون ٿا. هو عظيم انسان آهن.“
مون ڏٺو ته مون سان گڏ ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر مبارڪ جون ڳالهيون حيرت سان ٻڌندو رهيو ته ڊاڪٽر اديب رضوي جي ڳالهه مان هيءَ ڪامارو جي پيرن جي ڳالهه ڪيئن نڪتي ۽ مبارڪ جو مطلب ڇا آهي. غضنفر کي چيم ته، ”ٻاهر نڪري توکي سڄي ڪهاڻي ٿو ٻڌايان.“
ڊاڪٽر اديب ۽ ڊاڪٽر مبارڪ نوهڙيءَ سان گڏ چانهه پي، ڪتاب لاءِ فوٽو ڪڍي موڪلايوسين. ٻاهر نڪري غضنفر کي چيم ته، مون سان به موجوده ڪامارو شريف جي پڳ واري سائين پير عبدالحميد قريشي جي فرزند پير عبدالمجيد ڊاڪٽر مبارڪ ۽ سندس ڀاءُ اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد سالم جي ڳالهه ڪئي هئي. سائين پير عبدالحميد کان اڳ پير ابراهيم خليل ولد پير خان محمد گادي نشين هو. پير ابراهيم خليل 1922ع ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو هو. هو وڏو پڙهيل ڳڙهيل هو. ممبئيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ 1947ع ۾ ممبئيءَ مان ئي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪيائين. ان بعد هن کي ڊاڪٽريءَ جو شوق ٿيو ۽ انٽر پري ميڊيڪل ۾ ڪري 1967ع ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري پڙهي. ان کان علاوه B.Sc. انگريزي سبجيڪٽ ۾ به ڪئي هئائين. هو واپس ڪامارو آيو. سروس نه ڪيائون. پنهنجي گاديءَ جو خيال رکيائين ۽ ماڻهن جو مفت علاج ڪندا رهيا. سندن والد جون زمينون مسڻ وڏيءَ ۾ جيڪي هيون انهن کي سندن ڀاءُ پير اسماعيل صادق سنڀالڻ لڳو. هتي هڪ دفعو وري ياد ڏياريندو هلان ته پير خليل ۽ پير اسماعيل اسان جي ليکڪ پير تاج محمد قريشي جا ماما ٿيا. بهرحال ڳالهه ٿا ڪن ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ پير اسماعيل صادق جي ڪمدار جو پٽ به پڙهيو ٿي، جيڪو امتحان ۾ هر سال ٽيون نمبر آيو ٿي.
”ڇو ڀلا پهريون نمبر نٿو اچي؟“ پير صاحب ڪمدار کان پڇيو.
ڪمدار ٻڌايو ته زمينن تي جيڪي ٿري هاري ڪم ڪن ٿا، انهن مان هڪ جا ٻه پٽ هر سال پهريون ۽ ٻيو نمبر کڻيو وڃن. پير صاحب کي حيرت به ٿي ته خوشي به. هن انهن ٻنهي ڀائرن کي گهرائي پڇيو ته، ”توهان وڌيڪ پڙهڻ چاهيو ٿا؟“ هنن جي هائوڪار تي پير صاحب سندن رهائش ۽ کاڌي پيتي جي خرچ جو حيدرآباد بندوبست ڪيو. هنن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي، ان بعد MBBS ڪري ڊاڪٽر ٿيا ۽ انگلنڊ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد سالم اکين جو ماهر ڊاڪٽر ٿيو ۽ وڏو ڊاڪٽر محمد مبارڪ جنهن سان پاڻ هاڻ ملياسين نه فقط بورڊ جي امتحان ۾ پهريون نمبر آيو پر ڊاڪٽريءَ جي امتحانن ۾ به. اڄ هُو ڊاڪٽر اديب رضويءَ سان ڪم ڪري ٿو ۽ يورولاجيءَ جو ماهر ڊاڪٽر آهي.
ڊاڪٽر مبارڪ تي ڪنهن ٻئي هنڌ تفصيل سان لکڻ چاهيان ٿو. هتي هن لاءِ فقط ايترو لکندس ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي ڪانووڪيشن ۾ کيس اٺ گولڊ ميڊل ۽ يارنهن ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليا ۽ هُو ’بيسٽ گريجوئيٽ‘ مڃيو ويو. اهڙي طرح هن کي FCPS جي امتحان ۾ به ٽي گولڊ ميڊل مليا. ڊاڪٽر صاحب کي شروع کان ريسرچ سان شوق رهيو آهي ۽ سندس تقريبن 300 پيپر ڇپيل آهن.
بهرحال مٿيون ڳالهيون لکڻ مان منهنجو مقصد يا کڻي چئجي ته انهن ڳالهين جي باٽم لائين اها آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ هر قسم جو Talent تمام گهڻو آهي. هنن کي موقعو نٿو ڏنو وڃي. توهان موقعو ڏئي ڏسو ته ڪيترائي بهترين ڳائڻا، ڪرڪيٽ ۽ هاڪي پليئر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ جهاز هلائڻ وارا ملندا. ٻي ڳالهه اها ته توهان پنهنجي اوسي پاسي ۾ ڪو ذهين ۽ محنتي شاگرد ڏسو ٿا ته هن جي تعليم جو بندوبست ڪري خير جو ڪم ڪريو ۽ دعا کٽيو. آخري ڳالهه اها ته توهان جنهن به ضرورتمند جي مدد ڪندائو، هُو سڄي عمر توهان کي ياد رکندو. ڊاڪٽر مبارڪ ۽ هاڻ هن جو پٽ بلاول به، هيڏو وڏو ڊاڪٽر ٿي ويو آهي پر ان هوندي به اهو ٻڌائيندي پنهنجي گھٽتائي نٿو محسوس ڪري ته هُو مسڪين هاريءَ جو ٻار هو. هُو ٻهراڙيءَ ۾ رهيو ٿي. اڄ هُو جيڪي ڪجهه آهي، اهو ڪامارو شريف جي پيرن ڪري آهي، جيڪي غريب شاگردن جي مدد ڪندا رهن ٿا... هُو پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته غريب غربي لاءِ به تعليم عام ڪرڻ پاڻ پتوڙين ٿا. توهان کي ميڊيڪل فيلڊ ۾ ئي ڪامارو شريف جي پيرن جون ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد نظرايندا، جن محنت ڪري اعليٰ رتبا حاصل ڪيا آهن نه ته اسان وٽ اهڙن وڏن ماڻهن جا ٻار B.A جي ڊگري به پاڻ پڙهي حاصل ڪرڻ بدران ٻين ذريعي حاصل ڪن ٿا.

الطاف شيخ
ڪراچي