لڊينگٽن جو شهر يا پَرين جو مرڪز
لڊينگٽن جو علائقو ڪو تفريحي مرڪز آهي ان جي خبر مون کي هتي اچڻ کان پوءِ پئي. پڙهڻ وارا به چوندا ته همراهه هليا آهن گهمڻ ۽ کين شهر جي باري ۾ به ڪا خبر نه آهي ته هتي ڇا آهي ۽ ڇا نه. توهان کي عرض ڪريان ته اسان جي منزل ۽ مقصد مشيگن جو شهر ميڪنا آئيلينڊ آهي جيڪو مشيگن ۽ ويجهين رياستن کان ايندڙ سياحن لاءِ تفريحي مرڪز آهي. هي لڊينگٽن جو شهر ۽ ٻيا قصبا ۽ ڳوٺ ته رڳو رستي ۾ اچڻ وارا خوبصورت علائقا آهن. جيئن پاڻ ننگر پارڪر يا ٿر وڃڻ لاءِ رستي ۾ ايندڙ مٺي، اسلام ڪوٽ وغيره ۾ ضرور بيهندا آهيون. ٻيو نه ته به ڊگهڙي جي بس اسٽاپ تي بيهي ٿاڌل پيئندا آهيون يا وري مٺيءَ جي ڀٽن تي چڙهندا آهيون. سو اسان به اهڙا ئي ڪي مسافر هئاسين، جيڪي خوبصورت ۽ وڻندڙ نظارن جي تلاش ۾ هئا.
هن شهر جي خوبصورتي ۽ مشيگن ليڪ (ڍنڍ) جي نيري پاڻي کي ڏسي، اسان اڄ رات هن شهر ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن سڀاڻي اسان شهر به گهمي سگهون ته هتان جي خوبصورت ليڪ ۽ پارڪ کي به انجواءِ ڪري سگهون. اسان لڳاسين فون تي هوٽل جي تلاش ۾، چڱو خاصو مٿو هڻڻ کان پوءِ آخرڪار اسان کي ’ڪنفرٽ اِن‘ هوٽل ۾ هڪ رات لاءِ ڪمرو 185 ڊالر ۾ ملي ويو. جيئن ته مشيگن ۽ آمريڪا جي ٻين رياستن ۾ گرمي جا هي ٻه مهينا سياحت ۽ گهمڻ ۽ ڦرڻ لاءِ بهترين هوندا آهن ۽ وري اسان هئاسين به مشيگن ليڪ جي ڪناري تي قائم خوبصورت شهر ۾ جتي آمريڪا جي ٻين شهرن ۽ رياستن کان ڪافي گهڻي تعداد ۾ سياح آيل هئا، سو بنا ڪنهن اڳواٽ بڪنگ جي سستي ۾ هوٽل ملڻ نه رڳو ڏکيو پر ناممڪن پڻ هو. سياحت جي هنن علائقن ۾ مشهور هوٽلن جهڙوڪ هاليڊي ان، ميريئٽ وغيره کان سواءِ پرائيوٽ گهر به سياحن جي سهوليت لاءِ مناسب مسواڙ ۽ اگهه تي آسانيءَ سان ملي ويندا آهن، پر ان لاءِ اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. هنن گهرن ۾ سياحن کي پنهنجي گهر وانگر آرائش ۽ رڌ پچاءُ جون سڀ سهوليتون، جن ۾ ٿانوَ ۽ ٻيا ٺڪر ۽ گلاس وغيره مهيا ڪيا ويندا آهن. مسواڙي مقرر وقت لاءِ اچي ائين رهندا آهن، ڄڻ ته پنهنجي ابي جو گهر هجي.
ٽرانسپورٽ انڊسٽريءَ ۾ اوبر، لفٽ، ڪريم وغيره اچي ويون آهن، سو اهڙي طرح سان سياحت جي دنيا ۾ رواجي هوٽلن سان گڏوگڏ هاڻ ويو ۽ ائير بي جي سروس جو رواج پئجي ويو آهي جتي مسواڙ تي رهڻ لاءِ سياحن کي سولائيءَ سان گهر ملي ويندا آهن. اسان گهر کان نيشنل ليول جي هوٽل ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو هو. اسان جي هوٽل ليڊينگٽن شهر کان تقريبن ٻن ميلن جي مفاصلي تي هائي وي 10 تي هئي.
اسان ضروري گهربل سامان کڻي ڪمري ۾ پهتاسين. جتي اسان سڀ کان پهرين گرم گرم چانهه ٺاهي پيتي ۽ ٿورو ٿڪ ڀڳو. اسان ڪلاڪ کن آرام ڪرڻ کان پوءِ وري ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين ته جيئن سج لهڻ ۽ رات پوڻ وقت مشيگن ليڪ جي ڪناري تي رهي خوبصورت لمحن مان لطف اندوز ٿي سگهون. لڊينگٽن جو شهر ليڪ جي ڪناري تي قائم هڪ خوبصورت شهر آهي، پر سڀ کان پهرين توهان کي مشيگن ليڪ (ڍنڍ) جو تعارف ڪرايان جو هاڻ اسان جو سمورو سير سپاٽو مشيگن ڍنڍ جا ڪنارا ۽ ڪنارن تي موجود شهر گهمڻ هوندو.
•