سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

گهوڙي گاڏي: ’بگيءَ‘ جي سواري

سج گرهڻ ڪجهه هلڪي ٿي ته اسان به پيٽ پوڄا کان پوءِ پيزا شاپ مان ٻاهر نڪتاسين. اسان سائيڪلن تي ته ميڪنا ٻيٽ جو شهر ڦري گهمي ڏٺو هو پر اڃان گهڻو ڪجهه ڏسڻ وٽان هو. جنهن لاءِ هاڻ اسان جو ارادو هن سهڻي ٻيٽ جي واحد سواري يعني گهوڙي گاڏي يعني ٽانگي جي سواري ڪرڻ هو. سو اسان ان لاءِ مقرر مقام تان ٽڪيٽ وٺي اچي پنهنجي سواري جي انتظار ۾ بيٺاسين. مقرر وقت تي اسان جي بگي گاڏي جنهن جي اڳيان ٻه متارا گهوڙا ٻڌل هئا اچي بيٺي. پنهنجي پنهنجي واري سان مسافر ان بگيءَ ۾ سوار ٿيا. هن بگي ۾ لائين سان مسافرن جي ويهڻ لاءِ آرامده سيٽن جون پنج قطارون هيون. هر قطار ۾ ٽن مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش هئي يعني ته هڪئي وقت ٽوٽل پندرنهن سوار هن دلچسپ بگيءَ جي سواريءَ جو مزو وٺي ٿي سگهياسين. اسان کي وچ واري قطار ۾ جاءِ ملي. سو آرام سان اچي ويٺاسين. مقرر وقت تي بگيءَ سفر شروع ڪيو. پاڻ وٽ ته هوائي جهاز به مقرر وقت تي نٿا اڏامن، پر هتي اسان واري گهوڙي بگي يا ٽانگو پنهنجي مقرر وقت تي سوارين کي کڻي روانو ٿيو. سچ ته هن ملڪ جي ترقي جو راز ئي وقت جي پابندي ڪرڻ آهي. ٽانگي جي دلچسپ سواري ڪندي ڏٺوسين ته هن خوبصورت ٻيٽ تي هڪ نه پر ڪيترائي بهترين رستا ٺهيل هئا پر انهن تي گاڏيون يا ڪارون نه پر رڳو سائيڪلون يا گهوڙي گاڏيون هيڏانهن کان هوڏانهن وڃي رهيون هيون. اسان واري گهوڙي گاڏي به اسان کي ٻيٽ جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تي کڻي وڃي رهي هئي. اسان جي رستي ۾ ڪيتريون خوبصورت قدرتي شيون به ڏسڻ ۾ آيون ته انساني ٺاهيل شيون به ڏسڻ ۾ آيون. انساني ٺاهيل شين ۾ هن ٻيٽ تي قائم قديم قلعو ’فورٽ مئڪينڪ‘ ڏسڻ وٽان آهي. جيڪو فرينچ فوجن هتي 1715 ۾ ٺاهيو. جنهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي. هن ٻيٽ تي موجود هڪ ٻيو قلعو ’فورٽ هولمز‘ به آهي. جيڪو هن ٻيٽ جي اوچي ڀٽ تي قائم آهي. هي قلعو برٽش فوجن 1814ع ۾ قائم ڪيو. برٽش فوجن هي قلعو 1812ع کان 1814ع واري برٽش آمريڪن جنگن جي دوران ٺاهيو ته جيئن پاڻ کي آمريڪن فوجن جي حملي کان بچائي سگهن.
ميڪنا ٻيٽ تي قائم هي قديم قلعا موجوده دور ۾ سياحن جي لاءِ گهمڻ وٽان آهن. جيڪڏهن توهان کي موقعو ملي ته هن ٻيٽ تي اچڻ جو ته پوءِ هي ٻئي قلعا ضرور گهمجو. جنهن لاءِ توهان کي صلاح آهي ته توهان هن ٻيٽ تي صبح جو سوير پهچي وڃجو ۽ ٿي سگهي ته رات هن ٻيٽ تي گذارجو، جنهن لاءِ هن ٻيٽ تي هڪ کان وڌيڪ هوٽلون موجود آهن. هنن هوٽلن جو ڪرايو ميڪنا سٽيءَ ۾ موجود ٻين هوٽلن کان ٽيڻ تي مهانگو آهي، پر سچ ته هنن هوٽلن جو مهانگو ڪرايو ڀري، هتي رات جو رهڻ کان پوءِ ئي توهان هن ٻيٽ کي ٻن ڏينهن ۾ گهمي ڦري مزو ماڻي سگهو ٿا.
اسان کي اسان واري بگيءَ هڪ پوائنٽ کان ٻيءَ پوائنٽ تي کڻي آئي هئي. بگي هڪ اسٽاپ تي اچي بيٺي هئي. جتي مسافرن بگيءَ مان لهي ٽنگون سڌيون ڪيون. مسافرن لاءِ هن جاءِ تي هڪ ننڍو ريسٽورنٽ ۽ ڪجهه ٻيا دوڪان ۽ شاپس هئا. جن تان مسافرن پنهنجي پنهنجي مرضي سان خريداري ڪئي. هن مقام تي بگي جا گهوڙا به مٽيا ته بگي جو ڊرائيور به مٽيو. ڊرائيور ته ٻيو هو پر مون نوٽ ڪيو ته ٻئي ڊرائيور وات جي ڄاڙي هڻڻ جا ماهر هئا. ٻنهي ڊرائيورن پنهنجي پنهنجي واري دوران بنا ڪنهن ساهي جي ڳالهايو ۽ مسافرن کي بلڪل بور ٿيڻ نه ڏنو. سچ ته انهي ننڍي ٽوئر دوران انهن نوجوان ڊرائيورن ميڪنا آئيلينڊ ۽ اتان جي رهواسين ۽ جنگن جي تاريخ ڪلاڪ ٻن ۾ ٻڌائي ڇڏي.