سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

مشيگن ايڊوينچر

صبح جو سوير اسان هوٽل مان ناشتو ڪري روانا ٿياسين. هتي هوٽلون پاڪستاني هوٽلن جي ابتڙ آهن جتي ڪو به بيرو وغيره آرڊر وٺڻ لاءِ نه هوندو آهي سواءِ ڪجهه وڏين ۽ مشهور هوٽلن ۾ روم سرورس جي طور کاڌو آرڊر ڪري سگهبو آهي. اهڙيون هوٽلون جن ۾ کاڌو پيتو آرڊر ته ڪري سگهبو، تن کي گهڻو ڪري موٽل چيو ويندو آهي. ڪجهه موٽلز ۾ صبح جو هلڪو ناشتو مفت ۾ آفر ڪيو ويندو، جنهن کي ڪانٽينينٽل بريڪ فاسٽ چيو ويندو آهي. هي ناشتو هڪ مقرر وقت ۾ مقرر ڪيل هال ۾ وڃي کائبو آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري بيضا، ڊبل روٽي، ڪافي ۽ چانهه وغيره شامل هوندي آهي. جيترو کپي ويهي کائو.
هاڻ اسان جو رخ مشيگن ايڊوينچر ڏانهن هو، جيڪو مشيگن جي ٻن شهرن مسڪيگن ۽ لڊينگٽن جي وچ ۾ آهي. هوٽل مان نڪرڻ کان پوءِ وائيٽ هال روڊ جي ذريعي اسان تقريبن ڏهن پندرنهن منٽن ۾ مشيگن ايڊوينچر پارڪ پهچي وياسين. هي پارڪ 250 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جتي تقريبن 53 کن رولر ڪوسٽر رائيڊز ٻارن ۽ وڏن لاءِ آهن. هن پارڪ جي اهم ڳالهه اها آهي جو هتي رائيڊز سان گڏوگڏ واٽر پارڪ پڻ آهي. وڻي ته بجلي کان به تيز رولر ڪوسٽرز جي سواري ڪيو يا دل چوي ته سئمنگ جا ڪپڙا پائي واٽر پارڪ جي تلائن ۾ ٽٻيون ڏيون يعني ته هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا... جيڪو سدائين ٻڌو ته هوسين پر هاڻ ڏٺوسين به. آمريڪا جي هڪ ٻي رياست اوهايو ۾ قائم سيڊر پارڪ جي نالي سان ايڊوينچر تفريحي مقام آهي، جتي رولر ڪوسٽر ۽ واٽر پارڪ لاءِ ٻه جدا جدا ٽڪيٽ وٺڻا پوندا آهن. اسان هتي صبح جو ڏهين ڌاري پهچي وياسين پر ٽڪيٽ ڪائونٽرز تي سياحن جون قطارون لڳل هيون. اسان انٽرنيٽ جي ذريعي ٽڪيٽ نه ورتو هو، تنهن ڪري لائين ۾ گهڻو وقت لڳي ويو.
هتي ٽڪيٽ سڄي ڏينهن جي لاءِ هوندو. جتي توهان پنهنجي مرضي، عمر ۽ جسماني قد ڪاٺ جي مطابق مختلف رائيڊز جي سواري ڪندا آهيو. اسڪولن جي موڪلن جي ڏينهن ۾ هر رائيڊ جي سواري لاءِ ڊگهي قطار لڳل هوندي آهي. تنهن ڪري وقت به گهڻو برباد ٿيندو آهي ۽ ٽڪيٽ به رڳو هڪ ڏينهن لاءِ هوندو آهي سو گهڻو ڪري سياح کوڙ سارين تفريحي رائيڊز جي سواري کان رهجي ويندو آهي. تنهن ڪري گهڻا سياح 35 کان 50 ڊالر مٿي خرچ ڪري سپر پاس (تيزلائين) وٺندا آهن. اهڙي اضافي پاس لاءِ جدا تيز رفتار قطارون هونديون آهن. جن ۾ سياحن کي گهڻو وقت نه لڳندو آهي يعني پئسا ڦينڪ تماشا ديک. هتي به پاڪستان وانگر پئسو خرچ ڪري فائدو وٺي سگهبو آهي، پر هتي اهو هڪ قانوني پاس يا ٽڪيٽ هوندو آهي. ڪنهن به رشوت يا سفارش وغيره جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي. هن پارڪ ۾ سياح آمريڪا جي مختلف رياستن (صوبن) مان ۽ ڪينيڊا مان به ايندا آهن. غير ملڪين ۾ اسان جهڙا آمريڪي شهري به جام هئا. هنن پارڪن جي سٺي ڳالهه اها آهي جو هڪ ڏينهن جو ٽڪيٽ وٺڻ کان پوءِ توهان سڄو ڏينهن پارڪ ۾ بنا ڪنهن وڌيڪ ٽڪيٽ ڀرڻ جي گذاري سگهو ٿا، پر اصل خرچ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان پارڪ جي اندر کاڌي پيتي جي ڪا شئي خريد ڪندا آهيو. اسان به جڏهن ٻنپهرن جي پيٽ پوڄا لاءِ پيزا خريد ڪيو ته عام رواجي پيزا جيڪو پارڪ کان ٻاهر ڪنهن پيزا شاپ تي تقريبن پنجن کان ڏهن ڊالرن ۾ ملندو آهي، سو هتي اسان کي وڃي پنجٽيهن ڊالرن ۾ پيو. پيپسي يا ڪوڪا ڪولا جو خرچ ان کان جدا آهي. جنهن لاءِ ڏوڪڙ وڌيڪ خرچ ڪرڻا پيا.
هتان اسان شام جو چئين وڳي کان پوءِ اڳيان روانا ٿياسين. اسان جي ايندڙ منزل مشيگن ڍنڍ جي ڪناري تي قائم شهر لڊينگٽن هو جيڪو هتان تقريبن 50 ميلن جي مفاصلي تي اتر طرف آهي.