سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

اڇڙو شهر ۽ اڇڙي ڍنڍ

مشيگن ايڊوينچر کان لڊينگٽن وڃڻ لاءِ اسان هائيوي 32 تي اتر طرف روانا ٿياسين. هائيوي 31 تي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گهاٽن وڻن جون نه کٽندڙ قطارون نظر آيون. اسان مشيگن ايڊوينچر کان هائي وي 31 تي ٿورو ئي اڳيان هلياسين ته اچي وائيٽ هال شهر مان لنگهياسين، جتي مشيگن وائيٽ ڍنڍ (وائيٽ ليڪ) پڻ آهي. آبادي به اڇي ته ڍنڍ جو نالو به اڇو. پاڻ وٽ اڇڙو ٿر آهي ته هتي اڇڙي ڍنڍ. هي هڪ خوبصورت ڍنڍ آهي جتي هر وقت سياح ۽ مقامي ماڻهو تفريح لاءِ، فشنگ يا بوٽنگ لاءِ موجود هوندا آهن. هي مشيگن ڍنڍ وڃي مشيگن ليڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اسان هن شهر ۾ ڏهه پندرنهن منٽ کن بيٺاسين. جتي گاڏي ۾ پيٽرول وغيره ڀرايوسين. هن شهر جي آبادي ٽن هزارن کان به گهٽ آهي پر هتي هڪ مڪمل شهر قائم آهي. جتي انساني ضرورت جون سڀ شيون ملن ٿيون. هن شهر جي پنهنجي پوليس، سٽي هال، اسڪول، اسپتال ۽ لائبريري به موجود آهن.
جيئن سنڌ جي سيلاني الطاف شيخ صاحب پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي خوبصورتي ڏسڻي آهي ته پوءِ شهر ۽ هائي وي ڇڏي ننڍو روڊ رستو وٺو. سو سائين شيخ صاحب جي چوڻ مطابق هي ننڍا ڳوٺڙا ۽ شهر واقعي خوبصورت ۽ دل کي موهيندڙ آهن. اڇڙي ڍنڍ جي ڪناري تي موجود هي وائيٽ هال جو شهر به ننڍو پر خوبصورت ۽ تاريخي شهر آهي، جيڪو 1859ع ۾ رڪارڊ ۾ آيو. اسان جي دل ته ڪافي ڪيو ته ڪو هتي وڌيڪ وقت گذاري سگهون، پر اسان جي منزل پري هئي ۽ اسان جا پيچرا اڃان پري تائين وڃڻا هئا. سو اسان وري هائي وي 31 تي سفر شروع ڪري ڏنوسين.
اسان وائيٽ هال جي ڳوٺ کان ٿورو ئي اڳيان هلياسين ته اچي ’هيوران مينيسٽي نيشنل فاريسٽ‘ جي جهنگ يا ٻيلي وٽان لنگهياسين. هتان جي گهاٽن جهنگهلات کي نيشل فاريسٽ جو نالو ڏئي، هڪ وفاقي حيثيت ڏني وي آهي. هاڻ ته خير آهي پر ڪنهن وقت ۾ پاڻ وارن قومي جهنگلات وٽان اچي لنگهبو هو ته اهو خطرو هوندو هو ته ڪو ڌاڙيلن جو ٽولو نه گڏجي، پر هتان جا نيشنل فاريسٽ سياحن لاءِ تفريح جو هڪ مڪمل موقعو فراهم ڪن ٿا. اسان هن وقت جنهن علائقي مان لنگهي رهيا هئاسين ان جي خوبصورتي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي. اسان جي ساڄي هٿ تي گهاٽو جهنگ ۽ کاٻي هٿ تي مشيگن ليڪ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون ڍنڍون هيون. هي نيشنل فاريسٽ مشيگن ليڪ ۽ هيوران ليڪ جي وچ ۾ آهي، جيڪو تقريبن ڏهه لک ايڪڙن تي مشتمل آهي. هتي تفريح لاءِ ڪيمپينگ، هائيڪينگ، بوٽ رائيڊينگ، سئيمينگ ۽ فشنگ جا گهڻا موقعا آهن.
اسان قدرت جي خلقيل خوبصورت نظارن کي ڏسندي ڪلاڪ ۾ اچي مشيگن جي شهر لڊينگٽن اچي پهتاسين.