ٽريورس سٽي ۾ هوٽل جي تلاش
بهرحال پيٽرول پمپ واري جي ٻڌايل رستي تي اسان گاڏي ڊوڙائي ٿوري دير ۾ شهر جي وچ مرڪز جنهن کي ڊائون ٽائون چيو ويندو آهي پهچي وياسين. شهر جي هن حصي ۾ اسان کي هوٽلون ته نظر نه آيون پر ڪافي دوڪان ۽ ريسٽورنٽس نظر آيا، جيڪي رات جي هن پهر بند پيا هئا. رات جا تقريبن ٻه ٿي رهيا هئا سو شهر جي نائيٽ ڪلبن ۽ ڊسڪوز مان نڪتل نوجوان جوڙا رستن تي هيڏانهن هوڏانهن ويندي نظر آيا. جن جي ڪري ڄڻ ته جهنگل ۾ منگل ٿي ويو هو. ياد رهي ته مشيگن ۾ رات جو 2 وڳي ڌاري سمورا نائيٽ ڪلب بند ٿي ويندا آهن. جنهن کان پوءِ اتان نڪتل نوجوان جوڙا ڪلاڪ اڌ ٻاهر روڊن تي هلاگلا ڪري واپس پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن.
اسان شهر جي مرڪز ’ڊائون ٽائون‘ مان نڪري مشيگن ليڪ جي ڪناري سان گڏوگڏ هلندڙ ليڪ ويو ڊرائيو تي پهتاسين. هن رستي تي سياحن لاءِ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون هوٽلون آهن. جن ۾ ميرئيٽ، هاليڊي ان، شيريٽن نالي واريون هوٽلون آهن. هوٽلون ڏسي اسان جي ساهه ۾ ساهه پيو. اسان هڪ کان ٻي، ٻي کان ٽي، ٽي کان چوٿين ۽ اڃان به اڳتي نمبر وڌندو پي ويو. ڪيترن ئي هوٽل وارن کان وڌي وڃي ڪمري لاءِ معلومات ڪئي سين پر ڪو به ڪمرو خالي نه مليو. سڀ هوٽلون فل هيون. رات به اچي گهري ٿي هئي ۽ سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ به هئي. ڪالهه صبح جو هوٽل مان نڪتا هئاسين ۽ هاڻ رات جا ٽي پي ٿيا. حالت خراب هئي. بس هاڻ ته ڪا به هوٽل ملي پوءِ ڀلي ڪيتري به مهانگي ملي، ڪمرو وٺي آرام ڪريون. پر لڳو ٿي ته اڄ قسمت ڪا بنهه خراب هئي. اسان مختلف هوٽلن کي فون به ڪيا پر ڪو به کڙ تڙ نه نڪتو. سو اهو فيصلو ڪيوسين ته شهر جي سياحت مرڪز مان ٻاهر نڪرون ته ڪا هوٽل ملي. سو اسان ليڪ ويو ڊرائيو تي ئي رهندي شهر کان ٻاهر رخ رکيو. آخرڪار شهر جي مرڪز کان ڏهه پندرنهن ميل پري ’سليپ ان‘ هوٽل ۾ ڪمرو مليو. هڪ رات جو ڪرايو 214 ڊالر هو. جيڪو هو ته مهنگو پر هاڻ ڪجهه ڪلاڪ ننڊ ڪرڻي هئي. اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن به نه بچيو هو. سو اسان بسم الله ڪري ڪمرو وٺي رات گذارڻ جهڙا ٿياسين. پر اڄ اسان سبق سکيو ته آئيندي هميشه لاءِ اڳواٽ ڪمرو بڪ ڪرائجي ۽ ٻيو سبق وري اهو به سکيو ته سفر هميشه ڏينهن جو ڪجي ڇو جو ڏينهن شينهن آهي.
پر مليل سبق تي عمل نه ڪندي 2018ع جي ڊسمبر ۾ جڏهن وري ٻيو دفعو فلوريڊا وڃڻ ٿيو هو. اسان فلوريڊا جي شهر ڊيٽونا بيچ ٽائون ۾ وڃي رهيا هئاسين. جتان اسان هوٽل ڇڏي چار ڪلاڪن جي ڊرائيو ڪري ميامي پهتا هئاسين. ميامي پهچڻ وقت رات پئجي وئي. يقين ڪريو يا نه سڄي شهر جي هرهڪ هوٽل کان ڪمري بابت معلومات ڪئسين پر هوٽل نه ملي سو نه ملي. بلاخر چار ڪلاڪ ڊرائيو ڪري اورلينڊو شهر ڏانهن واپس آياسين. ميامي شهر مان مايوس ٿي واپس نڪرڻ کان پوءِ ٻه سئو ميلن تائين جتي به هوٽل نظر آئي اتي بيهي معلومات ڪئيسين پر ڪو به کڙ تڙ نه نڪتو هو. واپس اورلينڊو ايندي ايترا ته ٿڪي پيا هئاسين جو روڊ جي پاسي ۾ ٺهيل ريسٽ ايريا ۾ گاڏي بيهاري گاڏيءَ ۾ ئي سيٽن تي ويٺي ويٺي سمهي آرام ڪيو هوسين ۽ صبح ٿيڻ سان اورلينڊو شهر ۾ داخل ٿي وڃي ڪمرو ورتو هئوسين، جتي وري ٻه ڏينهن رهي فلوريڊا جو اورلينڊو شهر گهميو هوسين. فلوريڊا جي انهي سفر جو احوال وري ڪڏهن تفصيل سان ڪبو.
سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته ٽريورس سٽي ۾ رات جو دير سان هوٽل ملڻ کان پوءِ وڃي آرامي ٿياسين. سُتا دير سان هئاسين پر صبح جو سوير اٿي کڙا ٿياسين ته جيئن هوٽل جي طرف کان مليل مفت ڪمپليمينٽري ناشتو ڪري سگهون، جنهن کي ’ڪانٽينيٽل بريڪفاسٽ‘ چيو ويندو آهي. سو اسان جلدي جلدي تيار ٿي هوٽل جي لابي ۾ آياسين جتي ناشتي واري مخصوص ايريا ۾ هوٽل جي مهمانن لاءِ ناشتو لڳل هو. جنهن ۾ بيضا، مکڻ، چِيز، ڊبل روٽيون، فروٽس ۽ فروٽ جوس، ڪافي ۽ چانهه جو بندوبست ٿيل هو. ناشتي واري ايريا ۾ مختلف مسافر پنهنجي پنهنجي ڪرسين ۽ ٽيبلن تي ناشتو انجواءِ ڪري رهيا هئا. هوٽل جي مهمانن مان هڪ جوڙو اتي موجود ويٽر (بيري) سان گفتگو به ڪري رهيو هو. جنهن کي مون ڌيان سان ٻڌو ته خبر پئي ته اهو ويٽر تاريخ (هسٽري) ۾ گريجوئيشن ڪري رهيو هو. هُو هن شهر ۾ ڪنهن ٻي رياست مان هتي اچي رهيو هو. سندس هن شهر ۾ اچي رهڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هن سياحتي شهر ۾ رهي ڪري مشيگن جي تاريخ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهي. پنهنجو خرچ پکو ڪڍڻ لاءِ بيري جي نوڪري ڪري رهيو هو. پاڻ وٽ جڏهن ڪو ميٽرڪ يا انٽرميڊئيٽ ڪندو آهي ته پنهنجي مائٽاڻي ڪاروبار کان به پري ڀڄندو آهي. جو کيس بس سرڪاري نوڪري کپندي آهي. جيڪڏهن گريجيوئيشن ڪري وٺندو آهي ته پوءِ ويتر ٽوپي نراڙ تي اچي ويندي آهي، پوءِ سندس خواهش اها هوندي آهي ته ڪنهن اهڙي ڪنهن کاتي ۾ سرڪاري نوڪري ملي، جتي پگهار سان گڏ مٿين اضافي آمدني پڻ ٿئي، پر پنج آڱريون برابر نه هونديون آهن. پاڻ وٽان اهڙا به نوجوان آهن جيڪي پنهنجي محنت ۽ ڪوششن جي بدولت پريڪٽيڪل زندگيءَ ۾ ڪاميابي ماڻيائون. اسان هوٽل جي طرفان ڏنل ناشتو ڪري واپس پنهنجي ڪمري ۾ تيار ٿي هوٽل مان ٻاهر آياسين.
•