سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

نائيگرا فالز جو سير

اڄ وري تقريبن ٻن سالن کان پوءِ ٻاوهين جولاءِ ٻه هزار سترهن تي ويٺي ويٺي اهو پروگرام ٿيو ته ڇو نه ٻارن جي گرمين جي موڪل جو فائدو وٺندي نائيگرا فالز جو چڪر ڏئي اچجي. اهو خيال ڪندي اسان سفر جي تياري شروع ڪري ڏني.
سڀ کان پهرين نائيگرا فالز شهر ۾ رهڻ لاءِ انٽرنيٽ تي هوٽلن جا اگهه وغيره معلوم ڪرڻ شروع ڪياسين. اسان جو ارادو هو ته هن دفعي ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ رهجي جتان نائيگرا فالز جي خوبصورت آبشارن جو نظارو پهنجي ڪمري مان ڪري سگهجي. سو سياحت جي مختلف ويب سائيٽس تي هوٽلن جا اگهه معلوم ڪرڻ کان پوءِ نائيگرا فالز تي واقع ايمبيسي هوٽل تي تارو ڪريو. هي هوٽل نائيگرا فالز جي آبشارن جي ڪناري تي بلڪل آبشارن جي پاسي ۾ قائم آهي جتان آبشارن جو نظارو ڪمري مان ويٺي ويٺي ڪري سگهجي ٿو. پر ڪمري جي هڪ رات جو ڪرايو تقريبن ساڍا ٽي سئو هو. اسان خيال ڪيو ته سڀاڻي آچر جو ڏينهن هفتيوار موڪل جو آخري ڏينهن آهي. سو سياح واپس گهرن ڏانهن روانا ٿي، سومر واري ڏيهاڙي وڃي ڪم سان لڳندا، سو هوٽل سستا هوندا. سو ٻئي ڏينهن (آچر) صبح جو سوير جڏهن ساڳي هوٽل جو ڪرايو معلوم ڪيوسين ته اهو ويتر سئو ڊالر مهانگو هو. تنهن ڪري اتي سرزمين فيصلو ڪيوسين ته تي وڃي ڪا مناسب هوٽل ڳولهي انهيءَ ۾ ڪمرو وٺنداسين. هون به آءُ هميشه هوٽل موقعي تي وڃي وٺندو آهيان. مطلب ته اڻ ڏٺي سودي ۾ يقين ئي ڪونه ڪريان.
سو آچر جي ڏهاڙي تي صبح جو سوير گهران ڪينيڊا ڏانهن نڪري پياسين. سڀ کان پهريائين گاڏيءَ ۾ پيٽرول و غيره وجهائي رستي لاءِ چپس، ڪوڪ، پيپسي وغيره ورتيونسين. اسان وٽ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ پيٽرول کي گيس چيو ويندو آهي، سو اسان پيٽرول پمپ کي گيس اسٽيشن چوندا آهيون.
آمريڪا جي رياست مشيگن کان ڪينيڊا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ رستا آهن. گذريل دفعي اسان ڪينيڊا ۾ آمريڪا جي پورٽ هيوران برج کان داخل ٿيا هئاسين سو هن دفعي اسان ڊيٽرائيٽ شهر وٽان ڪينيڊا وڃي رهيا هئاسين جتان ڊيٽرائيٽ ونڊزر بارڊر آهي. (ڊيٽرائيٽ) آمريڪا جو شهر آهي ۽ (ونڊزر) وري ڪينيڊا جو شهر آهي.
ڊيٽرائيٽ شهر منهنجي گهر کان رڳو ويهه منٽ کن پري آهي سو هن بارڊر جي زريعي اسان ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي انٽرنيشنل بارڊر ڪراس ڪندي، اميگريشن جو مرحلو طئه ڪرائي تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ ڪينيڊا جي شهر ونڊزر ۾ داخل ٿي ويندا آهيون ۽ پوءِ اڳتي ٽورنٽو تائين پهچڻ ۾ تقريبن چار کان پنج ڪلاڪ لڳي ويندا آهن. آمريڪا جي شهر ’ڊيٽرائيٽ‘ ۽ ڪينيڊا جي شهر ’ونڊزر‘ جي وچ ۾ رڳو پنجن ميلن (اٺ ڪلوميٽرن) جو مفاصلو آهي. هن جاءِ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا زميني حد نه پرهڪ دريا جنهن کي ڊيٽرائيٽ ريور (دريا) چيو ويندو آهي سو هڪ بين الاقوامي بارڊ جي طور تي وهي ٿو.
هتي انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڄ لاءِ هڪ برج (ايمبيسيڊر برج) قائم ڪئي وئي جنهن جي تعمير 16 اگسٽ 1927 تي شروع ٿي جيڪا تقريبن ٻن سالن جي اندر 6 نومبر 1929 مڪمل ڪئي وئي. 11 نومبر 1929 تي هن برج کي عام جام ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو. هاڻ اندازو لڳايو ته هنن ٻنهي ملڪن جي ترقي جي رفتا 1920 واري ڏهاڪي ۾ به اسان جي ملڪ جي موجوده (2016) جي ترقي جي رفتار کان گهڻو اڳيان هئي جو اسان جي ملڪ ۾ اڄ به هڪ عام پل ٻن سالن ۾ نٿي ٺهي. حيدراباد واري واڌو واهه واري موري کي ٺاهڻ ۾ ٻن سالن کان مٿي وقت لڳيو وڃي. مطلب ته اسان جي اڄ جي سنڌ آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سامهون 1920ع واري دور کان به پوئتي آهي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ هي اهم برج هڪ انٽرنيشنل رستو آهي، جتان اندازن روزانو ڏهه هزار ٽرڪون ۽ چار هزار عام گاڏيون آمريڪا ۽ ڪينيڊا اينديون وينديون آهن.
ايمبيسيڊر برج کان علاوءَ آمريڪا جي شهر ڊيٽرائيٽ ۽ ڪينيڊا جي شهر ونڊزر کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڊيٽرائيٽ جي مرڪز (ڊائون ٽائون) وٽان ٻنهي شهرن جي وچ ۾ وهندڙ درياءَ جي وچ مان پنجاسي سال اڳ هڪ ٽنل 1930ع ۾ کولي وئي. اها ٽنل درياءَ جي ۾ ٺاهي وئي، جنهن لاءِ اسٽيل جون ٽيوبز استعمال ڪيون ويون هيون. پهرين انهن ٽيوبز کي پاڻي جي سطح تي ترڻ لاءِ ڇڏيو ويو. جنهن لاءِ انهن کي هڪٻئي پويان پاڻي جي تهه ۾ ٻوڙي هيٺ لاٿو ويو. دلچسپ ڳالهه اها آهي، جو انهي ٽنل جا ٽي تهه آهن. هيٺئين تهه مان تازي هوا پريشر سان ٽنل ۾ داخل ٿي وچين تهه تائين پهچي ٿي. اهو تهه گاڏين جي اچڻ وڃڻ لاءِ آهن. مٿئين تهه مان گاڏين جي دونهين کي پريشر سان ڌڪي ڪري ٽنل ۾ مان ٻاهرڪڍيو ويندو آهي. مون هن ٽنل مان ڪو هزار ڀيرن کان به مٿي سفر ڪيو هوندو، جو ڪجهه عرصو آئون ڪينيڊا جي شهر ونڊزر ۾ رهيو آهيان، ڪم آمريڪا ۾ ڪندو هوس سو اچڻ وڃڻ لاءِ ڪڏهن ٽنل ته ڪڏنهن ايمبيسيڊر برج تان ايندو ويندو هوس. جيئن ته هي ٽنل دريا جي پيٽ ۾ ٺاهي وئي آهي، تنهن ڪري گاڏين جي دونهين ڪري ڪڏهن ڪڏهن ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ سوڙهه محسوس ٿيندي آهي. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن ٽنل جي تعمير تي ان وقت 1930ع ۾ به تقريبن 25 ملين ڊالر خرچ آيو هو، جڏهن ته ان وقت سستائيءَ جو زمانو هو. هن ٽنل جو هڪ ڇيڙو ڪينيڊا ۾ ٿو کُلي ته ٻيو وري آمريڪا ۾. آمريڪا يا ڪينيڊا مان گاڏي داخل ٿيندي آهي ته رستو هيٺ لهيندو ويندو آهي ۽ بلاخر گاڏي وڃي درياءَ جي تهه ۾ پهچندي آهي. ٽنل جي اندرين ديوارن وٽ جتي تازي هوا جي اندر اچڻ جو سسٽم آهي، توهان کي دريا جو پاڻي ٽنل ۾ ٽمندي اندر ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ڪئين جاين تي توهان کي ٽنل جو ديوارون پاڻيءَ سان پسيل نظر اينديون پر مجال آهي جو ڪو پاڻي ٽنل ۾ بيهي يا گڏ ٿئي. هي ٽنل تقريبن پنج هزار فٽ يا پندرنهن سو ميٽر ڊگهي آهي يعني هڪ ميل کان ٿورو گهٽ هوندي. ٽنل ۾ تقريبن 75 فٽ يا 23 ميٽر جيتري مفاصلي ۾ گاڏي بلڪل درياءَ جي تهه ۾ سفر ڪري رهي هوندي آهي. ٽنل ۾ گاڏين جي اچڻ ۽ وڃڻ جون ٻه قطارون آهن. گاڏيون آرام سان هڪٻئي جي پٺيان لائين ۾ هلندي، پنهنجو سفر پورو ڪنديون آهن. مجال آهي جو ڪا گاڏي لائين ٽوڙي پاڻ کان پهرين گاڏيءَ کان اڳيان نڪري يا ڪو ڊرائيور گاڏيءَ جو هارن وڄائي ٻين لاءِ ڪو آزار پيدا ڪري. ٽنل مان ٻاهر نڪرندي ئي اميگريشن جي عملي جا بوٿ آهن. گاڏيون ٽنل مان ٻاهر نڪري بوٿن ڏانهن وڌي وينديون آهن، جنهن ۾ ويٺل اميگريشن جو آفيسر مسافر کان پاسپورٽ وٺي ضابطي جي ڪاروائي ڪندو آهي. 9/11 جي واقعي کان پهرين ته ڪافي نرمي هئي جو لوڪل ماڻهن کان رڳو ڊرائيور لائيسنس ورتو ويندو هو، پر هاڻ اهو قانون آهي ته هر اچڻ وڃڻ واري شخص وٽ سندس پاسپورٽ هجي.
بارڊر تي پهچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين ٽول ٽئڪس واري وٽ اچي بيٺاسين. اڄ ڪلهه بارڊر تي ٽول ٽئڪس ڏهه ڊالر آهي. جتي مون آمريڪن ڪرنسيءَ جو سئو ڊالر جو نوٽ ڪڍي ڏنو ته جيئن مون کي آمريڪن ڪرنسي ۾ نوي ڊالر جا کليل پئسا ملن. هتي ٻنهي ملڪن جي ڪرنسي هلي ٿي، پر بارڊر تي اصول اهو آهي ته جيڪڏهن توهان آمريڪن ڪرنسي ڏني ته توهان کي باقي بچيل کليا پئسا به آمريڪن ڪرنسي ۾ واپس ڪيا ويندا. ساڳيءَ طرح ڪينيڊين ڪرنسي استعمال ڪندئو ته باقي بچيل پئسا به ڪينيڊين ڪرنسيءَ ۾ ملندا، پر اهو رڳو بارڊر جو حال آهي. جيڪڏهن ڪينيڊا جي شهر ۾ آمريڪن ڪرنسي استعمال ڪئي ته پوءِ واپس بچيل پئسا رڳو ڪينيڊين ڪرنسيءَ ۾ ڏيندا آهن. شهر ۾ ڪرنسي ايڪسچينج ريٽ به سٺو نه هوندو آهي. ڪٿي ڪٿي وري رستي ۾ ڪينيڊين پيٽرول پمپ يا ٻيا دڪان وارا آمريڪن ڪرنسي وٺڻ کان ڪيٻائيندا آهن. ٽول ٽئڪس وغيره ڏئي ڪري اڳتي وڌي ٽنل ۾ چڙهي ڏهن منٽن ۾ ڪينيڊا جي حدود ۾ داخل ٿياسين. ٽنل ۾ جنهن جاءِ تي ڪينيڊا جي حد شروع ٿئي ٿي ان جاءِ تي ڪينيڊا جو جهنڊو لڳل آهي. ٽنل مان گاڏين جي ٻاهر نڪرندي ئي ڪينيڊا جي اميگريشن جي آفيس ۽ اميگريشن بوٿ لڳل آهن. سو اسان به اچي بوٿن جي سامهون بيٺاسين. هر بوٿ جي لائين ۾ گاڏين جي ڊگهي قطار لڳل هئي. ان وقت انهيءَ مقام تي سوين گاڏيون بيٺل هيون. هر هڪ گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافر پنهنجي پنهنجي واري سان اڳيان وڌي رهيا هئا، پر مجال آهي جو ڪو گاڏيءَ وارو ٻي گاڏيءَ جي لائين ۾ اچي يا لائين ڪٽي اڳيان نڪري. مجال آهي جو ڪو گاڏين جي هارنن جي وٺو وٺ هجي، پر ان جي ابتڙ ان مقام تي ائين لڳندو آهي ته جيئن مسافرن کي ڪو نانگ سونگهي ويو هجي.
جنهن لائين ۾ اسان بيٺل هئاسين ان لائين جي بوٿ ۾ ويٺل آفيسر صفا ڪو سست هو يا وري مسافرن کان هيڪاندا سوال جواب پڇي رهيو هو. جو انهي لائين ۾ گاڏيون تمام سستي سان چري رهيون هيون. اسان جو وارو تقريبن اڌ ڪلاڪ کن جي انتظار کان پوءِ آيو. سان جي سامهون واري گاڏي کي جڏهن آفيسر روانو ڪيو ته اسان به اچي آفيسر جي بوٿ جي دري وٽ گاڏي جهلي کيس پنهجا پاسپورٽ ڏنا. آفيسر سڀ کان پهريون سوال اسان جي شهريت جي باري ۾ ڪري، اسان کان ڪينيڊا اچڻ جو پڇيو. سندس ٻيو سوال اهو ته اسان ڪيترو عرصو ڪينيڊا ۾ رهنداسين. اسان جي جوابن کان مطمئن ٿيڻ کان پوءِ اسان کي پاسپورٽ واپس ڏيندي اسان کي ڪينيڊا ۾ ويلڪم ڪيو. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته هنن ٻنهي ملڪن جي شهرين لاءِ هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ گهٽ مدت لاءِ داخلا لاءِ ڪنهن به ويزا جي ضرورت نه آهي، پر جيڪڏهن نوڪري يا پڙهائي ڪرڻي هوندي آهي ته پوءِ ويزا وٺڻي پوندي آهي. اميگريشن کان فارغ ٿي ويجهو موجود ڪرنسي آفيس مان آمريڪن ڊالر ڏئي ڪينيڊين ڊالر ورتاسين. اسان کي هڪ سئو آمريڪن ڊالر جا هڪ سئو ٻاويهه ڪينيڊين ڊالر مليا ٿي، سو اسان ٻه سئو آمريڪن مَٽايا ته جيئن هتي ڪينيڊا ۾ ڪم آڻي سگهجن. ان کان علاوه اٺ سئو آمريڪن ڊالر ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ به استعمال لاءِ موجود هو. سو انشاءَالله سفر ۾ پئسن جي کوٽ نه ٿيندي. ڪرنسي مَٽائڻ کان پوءِ ڪينيڊا جي شهر ونڊزر ۾ داخل ٿياسين.
ونڊزر جي شهر جي باري ۾ توهان کي ٻڌائيندو هلان ته آئون هن شهر ۾ رهي چڪو آهيان. جيڪڏنهن توهان جي دل ۾ خيال ٿئي ته آءٌ هتي ڪڏهن ڪئين يا ڪيترو عرصو رهيس ته پوءِ توهان کي منهنجي لکيل سوانح حيات پڙهڻي پوندي.
ونڊزر کان نائيگرا فالز جو مفاصلو تقريبن ٻه سو ڇٽيهه ميل آهي. جنهن کي عام رواجي حالت ۾ چار کان پنجن ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري سگهجي ٿو. ونڊزر جو هي شهر ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن جي شهر ڊيٽرائيٽ ۾ ڊيٽرائيٽ دريا جي ڏاکڻي ڪپ تي آهي. هي دريا هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ قدرتي بارڊر جي حيثيت رکي ٿو. جيئن ته مشيگن ۾ آمريڪا جي گاڏين ٺاهڻ جا ڪارخانا ۽ هيڊڪوارٽر آهن تنهن ڪري هن شهر جي معشيت به مشيگن جي معشيت جي زيرِ اثر گاڏين جي انڊسٽري تي دارومدار رکي ٿي. ونڊزر جا گهڻا شهري روزانو نوڪري ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي رياست مشيگن ويندا آهن ۽ شام جو واپس پنهنجي ڳوٺ يعني ته ونڊزر ورندا آهن. واقعي کان پهرين هن بارڊر تي ڪافي نرمي هوندي هئي. ڪئين دفعا اسان هتان آمريڪا جي شهر ڊيٽرائيٽ رڳو ماني کائڻ ويندا هئاسين. پر نائين اليون واري واقعي کان پوءِ حالتون صفا مٽجي ويون آهن. اهو سڀ ڪجهه نائين ايليون کان پهرين ممڪن هو. هتي مسلمانن جون ٻه وڏيون مسجدون آهن جن مان ڊومينين روڊ واري مسجد پراڻي ۽ وڏي آهي. هتي هندن جا مندر ۽ سکن جا گُردوارا به آهن.
زمين جي هن ٽڪري تي يورپين جي اچڻ کان گهڻو پهرين هتي انڊينز جن کي پان وٽ ريڊانڊين (ڳاڙها انڊين) چوندا آهيون جون آباديون هيون. پهريون ڀيرو هتي فرانسيسي 1749ع ۾ آباد ٿيا جن جو تعلق زراعت سان هو. فرانسيسين هن علائقي کي (ننڊو ڪنارو) جو نالو ڏنو. 1794ع ۾ فرانسيسي انقلاب کان پوءِ هن شهر کي ونڊزر جو نالو ڏنو ويو. 2006ع جي آدمشماري مطابق هتان جي آبادي ٻه لک کان مٿي هئي جنهن جو تقريبن پنج سيڪڙو مسلمان آهن. هن شهري جي آبادي جو ويهه سيڪڙو غير ملڪي آهن. آمريڪا ۽ ڪينيڊا ٻئي گهڻ قومي ملڪ آهن جتي ڪيئي قومون ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. جن ۾ يورپين، هندستاني، چائينيز، افريڪن، ميڪسيڪن ۽ ٻيا ڀانت ڀانت نسل ۽ ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا. هتي به توهان کي ڪيترين ئي نسلن جا ماڻهو ملندا. جن ۾ چائينيز جي گهڻائي آهي. هتي پاڪستان کان آيل پنجابي ۽ اردو ڳالهائڻ وارا جام ملندا ۽ ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي فيمليون به ملنديون جن ۾ نصرپور وارو سبحان دائودپوٽو ۽ ڪجه ڏيپلائي ميمڻ هن شهر ۾ رهن ٿا.
هن شهر جي مزيدار ڳالهه اها آهي ته هفتيوار ڇنڇر آچر جي موڪل واري شام توهان کي هتي اوڻيهن کان ايڪيهن سالن جا نوجوان آمريڪن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تمام گهڻي انداز ۾ ايندي ويندي ملندا. جنهن جو سبب اهو آهي جو آمريڪا جي صوبي مشيگن جنهن جو بارڊر ڪينيڊا جي شهر ونڊزر سان ملي ٿو ۾ شراب واپرائڻ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر ايڪيهه سال آهي. جڏهن ته هن شهر ونڊزر ڪينيڊا ۾ شراب پيئڻ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر اوڻيهه سال آهي. تنهن ڪري اهي آمريڪي ٻار جيڪي عمر ۾ اوڻيهن کان ايڪيهن سالن جي وچ ۾ آهن سي هن شهر جو رخ ڪندا آهن. نائين ايليون واري واقعي کان پهرين جڏهن هندستاني يا پاڪستاني آمريڪا جي وزٽ ويزا وٺي آمريڪا ايندا هئا ۽ آمريڪا ۾ ئي رهي پوندا هئا. انهن مان جيڪي ڊيٽرائيٽ ۾ رهندا هئا اهي ڊيٽرائيٽ دريا جي ٻئي پاسي کان بيهي ڪري ڪينيڊا جي هن شهر ونڊزر جون روشنيون ڏسندا هئا ۽ پوءِ جيئن ئي سندن گرين ڪارڊ هٿ ۾ ايندو هو ته سڀ کان پهرين ڀڄندا هئا ڪينيڊا جي شهر ونڊزر. اسان جو هڪ سنڌي دوست جيڪو اصل ۾ شڪارپور جي علائقي لکي غلام شاه کان آهي ۽ مشيگن ۾ رهندو هو. تنهنجو جڏهن گرين ڪارڊ منظور ٿيو ته سڀ کان پهرين دورو ڪيائين ونڊزر جو. واپس آمريڪا وڃڻ لاءِ ايمبيسيڊر برج تي چڙهيو. برج تي واضح لکيل آهي (روڊ ٽو يو ايس اي) پر همراه اميگريشن وارن کان ڪو اهڙو ته خوفائتو هو، جو برج تي چڙهڻ کان پوءِ بجاءِ آمريڪا جي واپس ڪينيڊا جي اميگريشن وارن جي بوٿ وڃي بيٺو. جڏهن ڪينيڊين اميگريشن آفيسر ٻڌايس ته سندس رخ آمريڪا ڏانهن نه پر واپس ڪينيڊا ڏانهن آهي ته همراهه پيشمان ٿيو.
هن شهر ۾ ’يونيورسٽي آف ونڊزر‘ 1963ع ۾ قائم ٿي جتي تقريبن سورنهن هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا جن ۾ پاڪستاني ۽ هندستاني شاگردن جو چڱو تعداد آهي. اسان هن شهر جي اوليئٽ اسٽريٽ جي ذريعي ڊوگل اوينيو کان ٿيندا هائي وي 401 تي اولهه جي طرف ٽورانٽو ڏانهن روانا ٿياسين.
اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀريل هئو تنهن ڪري رستي تي گرمي جي ڪا گهڻي تپش ڪانه هئي. اسان ونڊزر شهر جي حدن مان نڪرڻ کان پوءِ نڪ جي سڌ ۾ هائي وي 401 تي اولهه طرف سفر جاري رکيو. هن رستي تي ننڍا ٽائون يا ڳوٺ ته جام آهن پر ايندڙ وڏو شهر لنڊن ڪينيڊا جو هو. هن شهر جي باري ۾ مڪمل تفصيل ٻئي هنڌ لکي چڪو آهيان. لنڊن جي شهر کان پوءِ ٻيو وڏو شهر وڊاسٽوڪ هو. جتان اسان هائي وي 401 ڇڏي هڪ ٻئي هائي وي 403 تي چڙهياسين. هتان نائيگرا فالز تقريبن اڃان به ڪلاڪ کن پري هو. رستي جي ٿڪاوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان هڪ ننڍي شهر وٽ بيهي چانهه جي هڪ دوڪان ٽم هارٽن تان چانهه خريد ڪئي.
ٽم هارٽن چانهه جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته هن اسٽور جي چانهه ۽ ڪافيءَ ۾ هڪ خاص ذائقو آهي. ٽم هارٽن جا اسٽور ته اسان وٽ آمريڪا جي رياست مشيگن ۾ به جام آهن، پر ڪينيڊين ٽم هارٽن جي چانهه جو ذائقو ڪو پنهنجو آهي. اسان مذاق مان چوندا آهيون ته ڪينيڊين ٽم هارٽن وارا چانهه ۽ ڪافيءَ ۾ آفيم وغيره جي ڏوڏي ملائين ٿا، جيڪا گراهڪ کي هن جي چانهه ۽ ڪافيءَ جو موالي بڻايو ڇڏي، جيتوڻيڪ اهو مذاق آهي انهي ۾ ڪا به سچائي نه آهي، پر اها حقيقت آهي ته هتان جي ٽم هارٽن چانهه جو ذائقو ئي ڪو پنهنجو آهي. اسان به جيئن ئي ڪينيڊا ۾ داخل ٿيندا آهيون ته گاڏي جهلي، هتان چانهه ۽ ڪافي ضرور وٺندا آهيون، جيڪا تقريبن ٻن ڊالرن ۾ ملي ويندي آهي. چانهه کان سواءِ هتان ڊونَٽس وغيره به آسانيءَ سان ملي ويندا آهن. اڄ هن اسٽور تي چڱي خاصي رش هئي جو ٽم هارٽن جو هي اسٽور مين هائي وي جي پاسي تي آهي. ڪينيڊا جي هن علائقي ۾ گرمي ڪافي گهڻي هئي. سو عورتون جهڙوڪر پنهنجي ڪپڙن مان بيزار هيون، کين نالي ماتر لٽا پهريل هئا.
هتان روانا ٿي هائي وي ڪوئن ايليزبٿ هائي وي تان ٿيندا نائيگرا فالز شهر جي حد ۾ داخل ٿياسين. هن رستي تي ڍنڍ يا دريا جي مٿان ٺهيل هڪ بهترين پل به آهي. ڪوئن ايليزبٿ هائي وي کان شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هائي وي 405 ورتوسين. جيئن ته اسان اڳواٽ ڪابه هوٽل وغيره بڪ نه ڪرائي هئي. سو نائيگرا شهر کان ٻاهر موجود ٽريولرس انفارميشن سينٽر تي اچي بيٺاسين ته جيئن هتي موجود هوٽلن ۽ تفريحي مقامات جي باري ۾ معلومات وٺي سگهون. هي انفارميشن سينٽر نائگرا فالز شهر جي اسٽينلي روڊ تي اونٽاريو انفارميشن سينٽر جي نالي سان شهر گهمڻ وارن جي معلومات ۽ سهوليت لاءِ موجود آهي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي هر رياست جي انٽري پوائنٽ تي اهڙا مرڪز موجود آهن. جتان توهان انهي شهر يا رياست جي باري نقشا يا ٻي ڪا معلومات مفت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا. ساڳيو نقشو ٻاهر دڪان تان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڊالرن ۾ ملندو. پاڻ وٽ جيڪڏهن ڪراچي جي شروعات ۾ ٽول پلازا يا سهراب ڳوٺ وٽ اهڙو ڪو مرڪز هجي ته واهه ڀلو. پر سوال اهو آهي ته اتي ڪم ڪندڙ ملازمن کي ڌاڙيلن ۽ ڀتا خورن کان ڪير بچائيندو. سو اسان به هن اونٽاريو انفارميشن سينٽر تان ڪجهه معلوماتي ڪتابڙا هٿ ڪيا. جن ۾ شهر جو نقشو ۽ رستن جي باري ۾ معلومات هئي. هن مرڪز ۾ هڪ هندستاني فيملي به نظر آئي. جيڪي نائيگرا فالز شهر ۾ هلندڙ ٽوئر بس جي باري ۾ معلومات وٺي رهيا هئا. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي بارڊر جي رش جي ڪري اسان کي هتي پهچڻ تائين تقريبن پنج ڪلاڪ کن لڳي ويا هئا. سو اسان جي ڪوشش اها هئي ته سڀ کان پهرين ڪا مناسب هوٽل هٿ ڪري ڪجهه دير آرام ڪريون ۽ جنهن کان پوءِ نائيگرا فالز جي آبشارن جو چڪر هڻون.
سو اسان مختلف هوٽلن تي بيهي ڪري سندن اگهه معلوم ڪرڻ شروع ڪيا. ياد رهي ته آءٌ پراڻي دور وانگر هوٽل تي بيهي ڪري سندن مسواڙ معلوم ڪري رهيو هوس جڏهن ته اڄڪلهه هر هڪ مسافر اڳواٽ انٽرنيٽ تي هوٽل بڪ ڪرائي رهائش جو بندوبست ڪندو آهي، پر آءٌ گهڻو ڪري اک سان هوٽل ڏسي ۽ ان جو مقام معلوم ڪري پوءِ هوٽل مسواڙ تي وٺندو آهيان. هاڻ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ گهڻو ڪري هوٽلن جي جاءِ تي موٽلز قائم ڪيون ويون آهن. جتي مسافر ڪمرو يا سوئٽ مسواڙ تي وٺي رهندا آهن. اڳ ڪنهن وقت ۾ هوٽلن ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست هوندو. جتي توهان بيري کي آرڊر ڪندا هئا ته بيرو توهان کي ڪمري ۾ ماني وغيره پهچائيندو هو، پر هاڻ موٽلز ۾ ڪنهن کاڌي پيتي جو بندوبست نه هوندو آهي. ڪجهه وڏين موٽلز ۾ صبح جو ڪونٽينيٽل ناشتو مفت ۾ فراهم ڪيو ويندو آهي، پر انهيءَ لاءِ توهان کي ڪمرو ڇڏي هيٺ لنچ روم ۾ وڃڻو پوندو آهي.
سو اسان به لڳاسين هوٽل جي ڳولا ۾. اسان سڀ کان پهرين ايمبسي هوٽل اينڊ سوئٽس تي بيٺاسين جو هي هوٽل بلڪل نائيگرا فالز جي مٿان فالزويو روڊ تي قائم آهي. فالزويو روڊ تي موجود هن هوٽل ۽ ٻين هوٽلن جهڙوڪ ميريئٽ ۽ شيريٽن وغيره جي خاص ڳالهه اها آهي ته توهان پنهنجي ڪمري جي دري يا بالڪونيءَ ۾ نائيگرا فالز جي آبشارن جو نظارو ڪري سگهو ٿا. جنهن جو رات جو نظارو چانڊوڪي رات ۾ ته بنهه خوبصورت هوندو آهي، پر جڏهن انهن هوٽلن جي رهائشي ڪمرن جي هڪ ڏينهن جو اگهه معلوم ڪيوسين ته پوءِ ڪياسين پوئتي پير. ايمبيسي هوٽل جي هڪ رات جي مسواڙ ٽئڪس وغيره ملائي ڪري تقريبن چار سئو ڊالر پئي ٿيو. وري ميريئٽ ۽ شيريٽن وغيره جي مسواڙ جي به ساڳئي پوزيشن هئي، پر اسان به همت نه هاري. هن دفعي پڪو ارادو هو ته ڀلي ڪجهه مٿي ڏوڪڙ ڏيڻا پون پر رهنداسين، ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ جيڪا نائيگرا فالز جي ويجهو هجي. جتان آبشارن جو نظارو ويجهي کان ڪري سگهون. مختلف هوٽلن جي ڪمرن جا اگهه معلوم ڪندي، تقريبن شام جا اچي ڇهه ٿيا هئا ۽ اسان آمريڪا مان گهران صبح جو ڏهين بجي نڪتا هئاسين. هاڻ ڪافي ٿڪجي چڪا هئاسين. مٿان وري بارش جو وسڪارو. سو بلاخر وڪٽوريا روڊ تي نائيگرافال شهر جي مرڪزي بازار ۾ قائم امپيريل هوٽل ۽ سوئيٽس ۾ ڪمرو ورتوسين. جنهن جي هڪ ڏينهن جي مسواڙ 190 ڪينيڊين ڊالر هو يعني ته 140 آمريڪن ڊالر هو. هي هڪ بهترين ٿري اسٽار هوٽل هئي. عام رواجي ڏينهن تي ان جي مسواڙ ٽي سئو ڊالر کان گهٽ نه هجي هئا، پر اسان جي قسمت ڪا چڱي هئي، جو هوٽل جي پهرين منزل تي ريسٽورنٽ لاءِ تعميراتي ڪم ٿي رهيو هو، سو تنهن ڪري مسافرن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ ڪرايو گهٽ ڪيل هئو. اسان جو ڪمرو ڏهين فلور تي هو. الله الله ڪري ڪمرو مليو. سامان گاڏيءَ مان کڻي جڏهن ڪمري ۾ منتقل ڪرڻ جو وارو آيو ته وري تيز مينهن اچي ورايو. ڪپڙا لٽا وغيره پُسي آلا ٿي ويا، پر اسان به سامان کڻي هوٽل ۾ پهچايو.
اسان جي هوٽل آبشارن کان تقريبن اڌ ميل کن پري هئي، پر اسان جي قسمت کان سٺي هئي. جو اسان جو ڪمرو ڏهين منزل تي آبشارن واري پاسي کان هو. ڪمري جي بالڪونيءَ مان آبشار بلڪل اسان جي سامهون نظر اچي رهيا هئا. اسان پنهنجي ڪمري مان ويٺي ويٺي آبشارن ۽ شهر جو نظارو ڪري پئي سگهياسين. هوٽل جي ڪمري ۾ سامان پهچائڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين اسان چانهه ڪاڙهي چانهه جي ٻاڙ لاٿي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ سفر دوران اسان کي کاڌي وغيره جي ته ڪا خاص تڪليف نه ٿيندي آهي، جو ميڪڊونالڊ ۽ برگر ڪنگ وغيره تي فش ۽ ويجيٽيبل برگر وغيره ته آسانيءَ سان ملي ويندا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ پاڻ واري ديسي دُوڌ پتي چانهه جي ضرورت پوندي آهي. تنهن جو توڙ اسان اهو ڪيو آهي جو اسان هڪ بجليءَ تي هلڻ واري ڪٽلي وٺي ڇڏي آهي. پاڻ سان گڏ لپٽن واري چانهه جي پتي ۽ کير جا پيڪٽ کڻندا آهيون. جيئن هوٽل وغيره يا ڪنهن ريسٽ ايريا ۾ پهچندا آهيون ته سڀ کان پهرين چانهه پوءِ ٻي ڪا پچار.
هاڻ اسان اهو پروگرام ڪيو ته پهرين ڪٿي هلي پيٽ پوڄا ڪجي ۽ جنهن کان پوءِ آبشار ۽ شهر جو چڪر هڻجي. اهو ارادو ڪري هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين ته بلڪل هوٽل جي سامهون روڊ جي پرئين پاسي ميڊل ايسٽرن عربي ريسٽورنٽ ’ڪاسابلانڪا‘ جي نالي سان نظر آيو. جتي حلال عربي مانيءَ سان گڏوگڏ حلال پيزا وغيره جو سائن بورڊ لڳل هو. سو بسم الله ڪري ريسٽورنٽ ۾ گهڙي پياسين ته جلد کان جلد ماني وغيره کائي پيٽ پوڄا ڪري نائيگرافال جو چڪر لڳائي سگهون. ڪاسابلانڪا جو هي ننڍو ريسٽورنٽ وڪٽوريا روڊ تي نائيگرا فالز جي اتر ۾ ڏهن منٽن جي پنڌ تي واقع آهي. ريسٽورنٽ ۾ ڪافي چڱي خاصي رش هئي. پاڻ وٽ جيئن ڪڙهائيءَ جي هوٽلن جي ٻاهران ڪرسيون لڳل هونديون آهن. حيدرآباد ۽ لطيف آباد شهر جي ٿڌي هوائن ۾ ٻاهر ويهي ڪڙهائي کائبي آهي. اهڙيءَ طرح هن هوٽل جي ٻاهران لان ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبلون لڳل هيون. اسان به ٻاهر تازي هوا ۾ جاءِ والاري ويٺاسين. مينهن جيڪو تازو وسي بند ٿيو هو انهي جي ڪري موسم ۾ هلڪي ٿڌ ٿي پئي هئي. اسان ٻاهر ته اچي ويٺا هئاسين پر انديشو هو ته ماني کائيندي وري نه ڪو مينهن اچي. جو هلڪي هلڪي مينهن جي بوندا باري وقفي وقفي سان جاري هئي. هتان جي موسم تي ڪو ڀروسو ڪونهي. نائيگرا فالز جي بارش به فلمي بارش وانگر آهي. مختصر پر تيز وسڪارو ۽ پوءِ الله الله خير صلاح. ڪاسابلانڪا جي نالي سان هن ريسٽورنٽ ۾ عام رواجي مڊل ايسٽرن کاڌن جهڙوڪ چڪن ڪواب، چڪن ڪوفتا ۽ چڪن گلابا وغيره کان سواءِ هتي جي خاص ڊش حلال پيزا ۽ لذيذ ڊش تريل پٽاٽا به هئا. تريل پٽاٽن جي ڊش جو نالو ’بٽاٽا هارا‘ هو. جيڪڏهن توهان جو هتي اچڻ ٿئي ته هن ريسٽورنٽ جو ’حُقو‘ جنهن کي عربي ۾ ’شيشا‘ چيو ويندو آهي ضرور ڇڪجو. حُقو اهو آهي جيڪو پنهنجي سنڌ ۾ ڪنهن دور ۾ وڏا پوڙها پيئندا هئا، پر هاڻ هن موجوده دور ۾ حُقو پيئڻ عام رواجي فيشن ٿي پيو آهي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شيشا ريسٽورنٽ عام جام کُليل آهن. جتي نوجوان جوڙا ۽ زال مڙس آمهون سامهون وهي شيشو ’حُقو‘ پئيندا آهن. جن ۾ مختلف فليورز ذائقا هوندا آهن. افسوس اهو آهي ته هي حُقو هاڻ ڪراچي حيدرآباد جي پوش علائقن جهڙوڪ ڊفينس، ڪلفٽن وغيره ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون عام جام پيا پيئن ۽ کين منع ڪرڻ واري ڪا پَهَرَ ڪانهي. اسان هتي ماني کائي فل ٿياسين. اسان پنجن ڄڻن جو بل ڪينيڊين ڪرنسيءَ ۾ چوراسي ڊالر آيو. جيڪو آمريڪن ڪرنسي ۾ تقريبن سٺ ڊالر کن ٿئي ٿو. هن ريسٽورنٽ ۾ ماني کائيندي نوٽس ڪيم ته هتي ڪم ڪرڻ وارن ۾ گهڻو ڪري انڊين ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا يعني ته ملڪ گورن جو، ڪاروبار جو مالڪ عربي ۽ ڪم ڪرڻ وارا وري پاڻ وارا ديسي. آمريڪا جي مشيگن اسٽيٽ ۾ گهڻو ڪري پيٽرول اسٽيشن وغيره جا مالڪ عربي مسلمان آهن. جڏهن ته شراب ۽ لاٽري اسٽور جي ڪاروبار ۾ عيسائي عربي جيڪي اصل ۾ عراق کان هجرت ڪري آيا. سيون اليون جي ڪاروبار ۾ وري پاڪستاني جن ۾ سنڌين جي گهڻائي آهي. وري ميڊيڪل خاص طور فزيڪل ٿيراپي جي ڪاروبار ۾ وري پاڪستاني پنجابي، انڊين، فلپائنيز جام ملندا. جن مان گهڻا هاڻ ميڊيڪل انشورنس جي وائيٽ ڪالر فراڊن ۾ ملوث هئڻ ڪري يا ته جيلن ۾ آهن يا وري ڀڄي وڃي پنهنجي پنهنجي ملڪ پهتا آهن. ۽ باقي جيڪي بچيا آهن سي هاڻ ڪنڌ هيٺ ڪري ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن.
ماني وغيره کائڻ کان پوءِ پيٽ ۾ ساهه پيو. هاڻ اسان جو پلان هو ته شام جي هن خوبصورت جهڙالي موسم ۾ نائيگرا فالز جي آبشارن جو نظارو ڪريون ۽ آبشارن تي پنڌ واڪ ڪريون. سو اسان گاڏي پنهنجي هوٽل جي پارڪنگ ۾ ڇڏي پنڌ آبشارن ڏانهن نڪري پياسين جو آبشارن جي حد ۾ گاڏي جي پارڪنگ ڳولهڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. اسان ريسٽورنٽ مان آبشارن تي وڃڻ لاءِ وڪٽوريا اسٽريٽ کان ٿيندا ڪلفٽن هل روڊ تي پهتاسين. وڪٽوريا اسٽريٽ، ڪلفٽن هل ۽ ٻيون ڪجهه اسٽريٽ نائيگرا فالز شهر جي مرڪز مان لنگهن ٿيون جن تي سوين دوڪان، ريسٽورنٽ، ٻارن وڏن جي دلچسپي لاءِ مختلف شيون ڏسڻ وٽان آهن. هن علائقي ۾ توهان کي واڪ ڪندي بوريت به ڪونه ٿيندي. مٿان وري جيڪڏهن گرميءَ جي مند آهي ته پوءِ سياحن کي ڏسي توهان جون اکيون پيون ٺرنديون.
اسان اڄ سڌا آبشارن ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. شهر گهمڻ جو ارادو سڀاڻي تي ڇڏيل هو. اسان شهر جي رونڪ جو نظارو ڪندي تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ اچي آبشارن تي پهتاسين. آبشارن تي ڪافي رش هئي. دنيا جي ڪئين ملڪن مان ڀانت ڀانت جا ماڻهو هتي پهتل هئا. ڪيئي اڇا يورپين، ڪيئي ڪارا آفريڪن ۽ سوين گندمي ايشين هتي موجود هئا. اسان کي آبشارن تي ڪيترائي پاڪستاني ۽ هندستاني گهمندي ۽ خوشيون ماڻيندي نظر آيا. اڄ موسم به ڏاڍو وڻندڙ هو. گرمي به ڪا گهڻي ڪونه هئي.
نائيگرا فالز جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي آبشارن جي پاڻي مان نڪرندڙ پاڻي جي ڦوار جي ڪري گهڻو ڪري آسمان تي هلڪا هلڪا ڪڪر هوندا آهن، جيڪي وقفي وقفي سان ڪڏهن هلڪو ته ڪڏهن تيز مينهن جو وسڪارو ڪري گذري ويندا آهن. مطلب ته هتي اچڻ کان پوءِ گهڻو ممڪن آهي ته توهان جا ڪپڙا لٽا آلا ٿين. تنهن ڪري بهتر آهي ته پاڻ سان گڏ مينهن کان بچڻ لاءِ ڇٽي ساڻ کڻو. اسان کي هوٽل جي ڪائونٽر تان پلاسٽڪ جي ڪوٽ نمان پوشاڪ ملي. جيڪا اسان آبشارن تي پهچڻ کان پوءِ مٿان اوڍي مينهن جي وسڪاري کان پاڻ کي بچائي سگهياسين. نائگرافالز جي آبشارن وٽ سياحن جي واڪ ڪندي آبشارن جو نظارو ڪرڻ لاءِ هڪ ويڪرو فٽ پاٿ ٺهيل آهي. ڪو اتفاقن پاڻي ۾ نه ڪري پئي، تنهن لاءِ آبشارن تي چيلهه تائين اوچي ڀت ٺاهي وئي آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ پنهنجي مرضي سان خودڪشي وغيره جي ارادي هيٺ ٽپو ڏيو ته توهان جي مرضي باقي توهان واڪ ڪندي محفوظ آهيو. ويڪري فٽ پاٿ تي واڪ ڪندي، توهان جي هڪ پاسي آبشار ۽ ٻئي پاسي کان نائيگرا پارڪ وي جي نالي سان مصروف روڊ آهي، جن تي هر وقت گاڏين جي قطار لڳل هوندي آهي، جن ۾ ويٺل مسافر پڻ گاڏي ۾ ويٺي ويٺي آبشارن جو نظارو ڪري رهيا هوندا آهن. سياحن جي واڪ واري فٽ پاٿ نما رستي تي هڪ ئي وقت هزارين سياح گهمندي، موسم جو مزو وٺندي، آبشارن جو نظارو ڪندي نظر ايندا. سياح انهي روڊ نما فٽ پاٿ تي بيهي ڪري آبشارن جا يا پنهجا فوٽا ۽ سيلفيون ڪڍندا آهن. رات ۾ آبشارن جو نظارو ان وقت انتهائي خوبصورت لڳندو آهي، جڏهن نائيگرا شهر مان آبشارن تي رنگ برنگي روشني هنئي ويندي آهي، جيڪو آبشارن جي اتر ۾ ڪافي اوچائي تي آهي.
توهان به سوچيندا هوندا ته نائيگرا فالز آخر ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟ جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هر سال لکين سياح هتي اچن ٿا. آخر ’هارس شو‘ (گهوڙي جي نال) آبشار تي اهو نالو ڇو پيو؟ ضروري آهي ته توهان کي نائيگرا فالز جو مختصر تعارف ڪرايو وڃي.
نائيگرا فالز، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سرحدن تي موجود ٽن انتهائي خوبصورت آبشارن جو نالو آهي، جيڪي آمريڪا جي رياست نيورياڪ ۽ ڪينيڊا جي رياست اونٽوريو جي سرحدن تي موجود آهن. هن ٽن آبشارن مان سڀ کان وڏي آبشار کي ’هارس شو‘ چيو ويندو آهي، جو هي بلڪل گهوڙي جي نال وانگر آهي. نال جو هڪڙو پاسو ڪينيڊا ۾ ته ٻيو وري آمريڪا ۾. وچولي آبشار کي ’آمريڪن آبشار‘ ۽ ننڍي آبشار کي ’برائڊل ويل‘ چيو ويندو آهي. هي ٻئي آبشار آمريڪا جي حد ۾ آهن. تنهن ڪري هنن ٻنهي آبشارن جو نظارو ڪينيڊا جي پاسي کان نائگرا دريا جي پرئين پاسي کان بيهي ڏسڻ ۾ بهتر آهي. ائين جيئن سنڌو درياهه جي ڪپ تي بيهي پاڻ ڪوٽڙي کي حسين آباد جي ڪپ تان ڏسون.
نائگرافالز جا ٽيئي آبشار نائيگرا دريا تي آهن، جيڪو ايري ڍنڍ جي پاڻي کي کڻي اونٽاريو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي آبشار آمريڪا جي شهر بفلو کان اتر اوڀر ۾ سترنهن ميل ’ستاويهه ڪلوميٽر‘ ۽ ڪينيڊا جي شهر اونٽاريو جي ڏکڻ اولهه ۾ پنجهتر ميل يعني هڪ سئو ايڪيهه ڪلوميٽر تي موجود آهن. اسان به آبشارن جي هڪ ڪنڊ کان واڪ ڪندي ٻي ڪنڊ تي موجود هارس شو آبشار تائين پهتاسين. واڪ دوران اسان به ڪيترين ئي جاين تي بيهي آبشارن جا فوٽو ۽ پنهنجيون سيلفيون ڪڍيون. دنيا جي گولي تي موجود زمين جو هي ٽڪرو تمام پُرامن آهي. جتي ايندڙ هر سياح بنا ڪنهن تعصب وغيره ۽ بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءُ جي پنهنجي پنهنجي پسند سان گهمندي نظر ايندو. نوجوان مرد ۽ عورت جوڙا هٿ ۾ هٿ جهلي واڪ ڪندي ۽ پيار ڪندي نظر ايندا ته عمر ۾ وڏا جوڙا وري چهري تي مُرڪ سان نظر ايندا. ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته زمين جي هن ٽُڪري تي خوشي رقص ڪندي نظر ايندي آهي. اسان هوٽل کان هارس شو تائين پنڌ ڪري آيا هئاسين، جنهن جو مفاصلو تقريبن ٻن ميلن کان گهٽ آهي، پر هن واڪ دوران اسان ڪيترين جاين تي بيٺاسين، سو ڪافي ٿڪجي پياهئاسين ۽ ٻيو ته وري نائيگرا جو شهر آبشارن جي هن مقام کان ڪافي اوچائي تي قائم آهي. اسان آبشار جي خوبصورتي ڏسڻ جي شوق ۾ هيٺ لهي ته آيا هئاسين پر هاڻ اسان ۾ همت ڪانه هئي ته ڪو واپس پنڌ ڪري اوچائيءَ تي موجود پنهنجي هوٽل تائين پهچون. سو لڳاسين ڪنهن بس يا ٽئڪسي جي تلاش ۾، روڊ جي ڪيترين ئي جاين تي سياحن جي سهوليت لاءِ بس اسٽاپ موجود آهن. هتان جي لوڪل بس سروس سڄو ڏينهن نائيگرا آبشارن کان نائيگرا شهر ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ سروس مهيا ڪري ٿي. توهان هڪ ڏينهن جو ٽڪيٽ وٺي نائيگرا آبشار ۽ نائيگرا شهر جي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين مفت ۾ سفر ڪري سگهو ٿا. هي بس آبشارن کان نائيگرا شهر جي مرڪز ۾ موجود وڏين وڏين هوٽلن تائين وڃي ٿي.
رات پئجي وئي هئي ۽ اسان ڪافي ٿڪجي به پيا هئاسين ۽ اسان کي هاڻ هوٽل پهچي آرام ڪري وري صبح جو سوير اٿڻو به هو. تنهن ڪري بس جو پاس وٺڻ جو جو فائدو ڪونه هو. سو اسان لاءِ ٽئڪسي جي سواري بهتر هئي. اسان کي روڊ جي پاسي کان بيٺل ڏسي اوبر ٽئڪسي وارو اچي بيٺو، پر مسئلو اهو هو جو اسان پاڻ ۾ پنج ڄڻا هئاسين ۽ ٽئڪسي ۾ ڊرائيور کان علاوه رڳو چئن مسافرن جي گنجائش هئي. ٽئڪسي وارو پنهنجو ديسي هئو سو اسان کي ڪار ۾ سوار ته ڪيائين پر مون واري ننڍي پُٽ حيثم قريشي کي پٺئين سيٽ تي جُهڪي ٿي ويهڻو پيو. ٽئڪسي واري اسان کي ڏهن منٽن ۾ هوٽل تائين پهچائي ڇڏيو. ٽئڪسي جو ڪرايو پنج کن ڪينيڊين ڊالر لڳو، پر اسان آرام سان پنهنجي هوٽل پهچي وياسين.
هوٽل جي ڪمري جي دريءَ مان نائيگرا آبشارن جو نظارو به تمام خوبصورت هو. صبح جو اٿڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين اسان چانهه سان هٿ ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان اڄ جي پلاننگ مطابق سڀ کان پهرين اسان کي ناشتي لاءِ وڃڻو هو، جنهن کان پوءِ وري ڏينهن جي روشني ۾ نائيگرا جو چڪر ۽ جنهن کان پوءِ اسڪائي لائين ٽاور ۽ آخر ۾ هتان جي ميرين ورلڊ جو چڪر.
هتي پرديس ۾ اسان کي حلال کاڌي کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائيون پيش اينديون آهن. اسان جي گهڻي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن اهڙي جاءِ تي ماني کائجي جتي يا ته حلال گوشت هجي يا وري مڇي يا وري ڀاڄي وغيره. اڄ اسان صبح جي ناشتي لاءِ انٽرنيشنل هائوس آف پين ڪيڪس (آئي هاپ) وڃڻ جو ارادو ڪيو. اسان آئي هاپ جي چونڊ ان لاءِ به ڪئي، جو هتي چوويهه ڪلاڪ گرما گرم ناشتو ڪري سگهجي ٿو. اسان ويجيٽيبل آمليٽ ۽ ڪافي وغيره پيتي. ناشتو ته لذيذ هو پر جڏهن بل آيو ته مٿي تي هٿ اچي ويا. عام ناشتو وڃي سٺ ڪينيڊين ڊالرن ۾ پيو هو. ناشتي کان پوءِ نائيگرا آبشارن جو رخ ڪيوسين، جيڪو هتان رڳو ٽن منٽن جي ڊرائيو تي هو. ڪالهه اسان نائيگرا تي ڪافي پنڌ ڪيو هو سو اڄ اسان جو ارادو هو ته آبشارن جو نظارو گاڏيءَ مان ڪريون.
نائيگرا تي انتهائي خوبصورت منظر هو. هر طرف ڪڪر پکڙيل هئا. جيڪي ٿوري ٿوري وقفي سان هلڪي هلڪي ڦوار سان وسي رهيا هئا. صبح سان ئي سياح آبشارن جو نظارو ڪرڻ لاءِ پهچي چڪا هئا. روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳل هيون. سو اسان به جهڪي اسپيڊ ۾ گاڏي هلائيندي آبشارن جي سامهون کان لنگهندا، هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهتاسين. نائيگرا فالز جي هارس شو آبشار کي ڪراس ڪري اڳتي وڌبو ته سٽي جي طرفان قائم پارڪنگ لان ۾ گاڏي پارڪ ڪري واپس پنڌ ڪري آبشارن تي پهتاسين. هاڻ اسان جو پلان هو ته آبشارن جي جدت ۽ رب سائين جي قدرت کي محسوس ڪرڻ لاءِ آبشارن کي ويجهي کان ڏسون سو تنهن ڪري اسان نائيگرا فالز جي پاڻي ۾ هلڻ واري ڪروزشپ ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. ڪروز جي سواري ڪرڻ لاءِ ڪروز آفيس پهتاسين. جتان ٽڪيٽ وغيره خريد ڪري مقرر وقت تي اچي لائين ۾ لڳاسين. جتان واري اچڻ تي نائيگرا بوٽ ۾ سوار ٿياسين. اسان نائيگرا فالز ڪيئي دفعا گهمي چڪا آهيون پر آبشارن کي ايترو ويجهڙي کان پهرين ڪڏهن به نه ڏٺو هو. نائيگرا فالز جو بوٽ ٽور اسان کي آبشارن جي بلڪل ويجهو وٺي ويو. آبشار جي پاڻيءَ جو تيز وهڪرو ۽ طاقت، پاڻيءَ جو زوردار آواز هڪ عجيب نوعيت جي حيرانگي پيدا ڪري ٿو ته ڪيئن صدين کان هي آبشار پنهنجي مقرر جاءِ تي قائم ۽ دائم آهي. هي بوٽ ٽور سياحن کي نائيگرا فالز جي ٽنهي آبشارن جي انتهائي ويجهو وٺي وڃي ٿو. ايترو ويجهو جو بوٽ ۾ سوار سياح آبشارن جي پاڻيءَ جي ڦوار سان پُسي ڀت ٿي ويندا آهن. انهيءَ ڪري بوٽ ڪمپنيءَ جي طرفان هر مسافر کي پلاسٽڪ جو جُبو ڏنو ويندو آهي. جنهن کي پائڻ کان پوءِ بوٽ جا مسافر گهڻي ڀاڱي پُسڻ کان بچي ويندا آهن. هن بوٽ جو ٽڪيٽ وڏن لاءِ پنجويهه ڪينيڊين ڊالر ۽ ٻارن لاءِ تقريبن سورنهن ڊالر آهي.
نائيگرا فالز جي بوٽ سواري کان پوءِ اسان پنهنجي گاڏي تي سڌا اسڪائيلان ٽاور پهتاسين، جيڪو نائيگرا شهر جي مرڪز ۾ روبينسن اسٽريٽ تي آهي. پاڻ جيئن سکر واري معصوم شاهه واري مناري تان سڄي سکر شهر جو نظارو ڪري سگهون ٿا، اهڙي طرح نائيگرا فالز جي اسڪائيلان ٽاور جي اوچائيءَ تان توهان آمريڪن ۽ ڪينيڊين آبشارن سان گڏوگڏ نائيگرا شهر جي خوبصورتيءَ جو نظارو به ڪري سگهو ٿا.
اسڪائيلان جو هي خوبصورت ٽاور جيڪو 1965ع ۾ ٺهي راس ٿيو. ان جي اوچائي تقريبن 775 فٽ يعني 236 ميٽر آهي. هن ٽاور جي اوچي طبقي تي پهچڻ لاءِ ٽن پِيلي رنگ جي لفٽن مان هڪ تي سوار ٿي سڀ کان پهرئين طبقي تي پهتاسين، جتي گولائيءَ ۾ گهمندڙ ريسٽورنٽ (ريوالونگ ڊائيننگ روم) آهي. انهي گول گهمندڙ ريسٽورنٽ ۾ هڪ ئي وقت تقريبن اڍائي سو کان به وڌيڪ مهمانن جي کائڻ ۽ پيڻ لاءِ ٽيبلون لڳل هيون يعني هي اوچائي تي گهمندڙ هڪ مڪمل ريسٽورنٽ هو. هتي توهان ماني جي ٽيبل تي ويهي لذيذ کاڌن مان لطف اندوز ٿيندي، لاٽون وانگر پر سست رفتاريءَ سان گول چرخي ۾ گهمندي آبشارن جو ۽ شهر جو نظارو ڪري سگهو ٿا. هي چرخي ۾ لاٽون وانگر گهمندڙ طبقو هڪ ڪلاڪ ۾ پنهنجو هڪ چڪر مڪمل ڪري ٿو. هن اوچائيءَ تي گهمندڙ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ لاءِ توهان کي اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. اسان کي صبح جو ناشتو ڪَئَي، اڃان ٽي چار ڪلاڪ کن مس ٿيا هئا ۽ ٻيو ته اسان اڳواٽ پنهنجي ٽيبل به بڪ نه ڪرائي هئي سو اسان هتي وڌيڪ فضول خرچي ڪرڻ مناسب نه سمجهي.
اسان واپس لفٽ ۾ سوار ٿي، ٽئي نمبر طبقي تي پهتاسين. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٻئي نمبر طبقي تي به هڪ مڪمل ريسٽورنٽ آهي، پر هي پنهنجي جاءِ تي ساڪت بيٺل آهي. اسان جنهن ٽئي طبقي تي پهتا هئاسين انهي کي آبزرويشن ڊيڪ يعني ’مشاهدو ڪرڻ وارو‘ طبقو چيو ويندو آهي. اوچائي تان آبشارن جو نظارو بهترين هو. ويتر اوچائيءَ تان نائيگرا شهر جو نظارو به تمام وڻندڙ هو. اسڪائي لائين جي انهي اوچي طبقي تي مختلف ملڪن کان آيل سياح آبشارن ۽ شهر جي نظاري ۾ مصروف هئا. اسان تقريبن هڪ ڪلاڪ کن اتي رهي خوبصورت ماحول مان لطف اندوز ٿياسين. ڪافي فوٽو به ڪڍياسين. جنهن کان پوءِ اسان لفٽ جي ذريعي اسڪائيلان جي گرائونڊ فلور تي پهتاسين. هن طبقي تي ڪيترائي ننڍا وڏا اسٽور ۽ ريسٽورنٽ آهن. اسان هتان ڪجهه اسنيڪس ۽ چپس وغيره خريد ڪيا.
اسڪائيلان ٽاور کان پوءِ هاڻ اسان جو رخ نائگرا فالز جي آبشارن جي ڪڇ ۾ موجود ميرين لينڊ ڏانهن هو. جيڪو اسٽينلي اوينيو تي آهي. ميرين لينڊ گهمڻ مطلب ته شهر جا نظارا ڇڏي حيدرآباد واري ٿڌي سڙڪ تي موجود راڻي باغ گهمڻ هو. هتي پهچڻ لاءِ اسان نائگرا جي آبشارن کان ريور پارڪ وي جي ذريعي 8375 اسٽينلي پهتاسين. جتي هي ميرين لينڊ موجود آهي. اسان جو خيال هو ته هي ميرين لينڊ ڪنهن هڪ وڏي بلڊنگ ۾ هوندو، جتي آبي جانور ۽ مڇيون وغيره بند ٿيل هونديون پر مار اسين تڏهن حيران ٿياسين، جڏهن ڏٺوسين ته هي ميرين لينڊ ڪنهن هڪ بلڊنگ ۾ نه پر اصل ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل هو.
جتي هي ميرين لينڊ شهر کان چار پنج ميل ٻاهر قائم آهي. تنهن ڪري سياح هتي پنهنجي پنهنجي گاڏين ۾ اچن ٿا. تنهن ڪري گاڏين جي پارڪنگ ڪيترن ئي ميلن تي پکڙيل آهي. اسان ٻنپهرن تائين پهتا هئاسين. تنهن ڪري اسان کي ڪافي پري پارڪنگ ملي هئي. گاڏي پارڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪافي پنڌ ڪري اچي سامونڊي باغ جي گيٽ تي پهتاسين. اهڙن سياحتي جاين گهمڻ لاءِ بهتر هوندو آهي ته ماڻهو اتي سوير پهچي نه ته اسان وانگر هيڪاندو پنڌ به ڪرڻو پوندو ۽ مٿان وري ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ به بيهڻو پوندو. هتان جو ٽڪيٽ خاصو مهانگو هو پر هاڻي ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو! ٽڪيٽ وڏن لاءِ ستيتاليهه ڪينيڊين ڊالر ۽ پنجن کان ڏهن سالن جي ٻارن لاءِ چاليهه ڊالر جو هو.
هن ميرين لينڊ ۾ سياحن کي آبي دنيا جي ميمل جانورن کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ ۽ انجواءِ ڪرڻ جو موقعو ميسر اچي ٿو. هي ميرين لينڊ پاڻ واري حيدرآباد واري ٿڌي سڙڪ تي موجود راڻي باغ وانگر ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هتي اسان ڊالفن، وهيل مڇي ۽ خونخوار شارڪ مڇي کي تمام ويجهي کان ڏٺو. وهيل مڇي هڪ خونخوار مڇي آهي پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته هتي هن خونخوار مڇيءَ کي جنهن جاءِ تي رکيو ويو آهي ان جو نالو ’فرينڊشپ ڪو‘ يعني دوستي گهاٽ سڏيو وڃي ٿو. جنهن تلاءَ ۾ خونخوار وهيل مڇي کي رکيو ويو آهي، ان کي ويجهي کان ڏسڻ لاءِ هڪ غار نما رستو ٺاهيو ويو آهي. اسان هن غار نما سرنگ جي رستي مان اندر داخل ٿياسين ته هي رستو اونهائي ۾ هيٺ لهي رهيو هو. جيڪو اسان کي انهي تلاءَ جي بلڪل هيٺيان وٺي آيو، جتي وهيل مڇين کي رکيو ويو هو. انهيءَ تلاءَ ۽ هن غار جي وچ ۾ شيشي جي هڪ ڀت هئي. انهيءَ شيشي جي ڀت جي پويان اسان کي تلاءَ ۾ ترندڙ وهيل نظر اچي رهي هئي. توهان هتان خوني وهيل کي پاڻيءَ جي هيٺين سطح کان ڏسي ۽ جانچي سگهو ٿا. انهيءَ غار ۾ بهترين رستو ٺاهيو ويو آهي، جتان توهان مختلف وهيل مڇيون ڏسي لطف اندوز ٿي سگهو ٿا.
هتي جنهن وهيل کي رکيو ويو آهي، ان کي ڪِلر وهيل يعني موتمار وهيل سڏيو وڃي ٿو، پر توهان جيڪڏهن تحقيق ڪندا ته معلوم ٿيندو ته اها وهيل بلڪل خطرناڪ نه آهي. اهڙو هڪ به واقعو رڪارڊ تي ناهي ته ڪنهن آزاد ڪِلر وهيل انسان تي حملو ڪيو هجي. ها پر اهڙا ڪجهه واقعا رڪارڊ تي موجود آهن ته انساني ڪنٽرول هيٺ رهندڙ هن قسم جي وهيل ماضيءَ ۾ سندس سنڀاليندڙ تي حملو ڪيو آهي. مطلب ته نالو ڪِلر يعني موتمار پر باقي سڀ خير. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ئي ڪري هن جاءِ کي فرينڊشپ ڪو جو نالو ڏنو ويو آهي.
هتان نڪرڻ کان پوءِ اسان دلچسپ آرڪٽڪ ڪو ۾ آياسين. هتي هڪ وڏي تلاءَ ۾ هڪ ٻئي قسم جي وهيل کي رکيو ويو آهي، جنهن کي ’بيلگاس‘ چيو ويندو آهي. هتي توهان ڪجهه ڏوڪڙ خرچ ڪري ڪجهه ننڍيون مڇيون خريد ڪري تلاءَ جي ڪناري کان بيهي بيلگاس کي کارائيندا آهيو. اڇي رنگ جون سهڻيون بيلگاس ڪافي دوستاڻيون هونديون آهن. سو توهان کين خوراڪ کارئڻ مهل ڇهي محسوس به ڪري سگهو ٿا. ان دوران پريان بيٺل پارڪ جو ملازم توهان جو فوٽو به ڪڍي ٻاهر ڪائونٽر تي ڏيندو آهي. جيڪڏهن توهان جي مرضي هجي ته ڏهه ڊالر کن خرچ ڪري پنهنجو اهو يادگار فوٽو خريد ڪري سگهو ٿا.
هن ميرين لينڊ ۾ انهن وهيل مڇين کان علاوه ٻيا به ڪيئي آبي جانور ۽ پکي توهان ڏسي سگهو ٿا. هتان جو فش اڪيوريم به ڏسڻ وٽان هو. جتي قسمين قسمين مڇيون بند هيون. آبي مخلوق کان علاوه هتي انساني مخلوق (سياحن) جي ٻارن جي تفريح لاءِ هڪ اميوزيم پارڪ به قائم ڪيو ويو آهي. جتي ڪيترن ئي قسمن جون دلچسپ سواريون ٻارن ۽ وڏن کي چڱي خاصي تفريح فراهم ڪن ٿيون. صفائي جي باري ۾ توهان يقين ڪريو ته هن سڄي ميرين ورلڊ ۾ اسان کي زمين تي ڪوبه ڪچرو يا گندگي وغيره ڏسڻ ۾ نه آئي ۽ نه ڪا بدبوءِ وغيره هئي. هر وقت ۽ هر جاءِ تي عملي جا ملازم موجود هئا.
هتي اڌ ڏينهن گذارڻ کان پوءِ اسان واپس نائيگرا شهر ڏانهن رخ رکيو. هي ميرين ورلڊ شهر کان رڳو چار پنج ميل کن پري هو، سو اسان پندرهن ويهن منٽن ۾ نائيگرا شهر پهچي وياسين. سڄو ڏينهن هِتي هُتي گذارڻ کان پوءِ ڪافي ٿڪل هئاسين ۽ بکايل به. سو سڀ کان پهرين برگر ڪنگ برگرز خريد ڪري واپس هوٽل آياسين. حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته هتان جو برگر به آمريڪا جي برگر کان مهانگو هو.
اڄ رات جو نائيگرا فالز جي آبشارن تي روشنين جو فائر ورڪس ٿيڻو آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. سو اسان به هوٽل جي ڪمري ۾ ٿوري دير آرام ڪري، چانهه ڪافي وغيره کان پوءِ وري نائيگرا فالز جو رخ ڪيو. هوٽل جي ڪمري کان ٻاهر آياسين ته ڏٺوسين ته سڀني سياحن جو رخ آبشارن ڏانهن هو. ڪافي گَهِماگَهِمي هئي. اسان به ڪلفٽن هلز جي رستي کان ٿيندا نائيگرا جي پررونق علائقي مان گذري ڪري نائيگرا جي آبشارن تي پهتاسين. جتي سياحن جا جٿا لٿل هئا. هر هڪ پنهنجي پنهنجي طريقي سان موسم ۽ ناگرا جي آبشارن کي انجواءِ ڪري رهيو هو. هر هڪ کي فائر ورڪس جي شروعات ٿيڻ جو انتظار هو. آخرڪار تقريبن رات جو ڏهين وڳي ڌاري فائر ورڪس شروع ٿيو. جيڪو تقريبن اڌ ڪلاڪ کن جاري رهيو. تنهن کان پوءِ هر هڪ پنهنجي پنهنجي رخ تي روانو ٿيو. اسان به واپس ڪهي اچي، پنهنجي هوٽل پهتاسين، جو سڀاڻي اسان جو ارادو نائگرا شهر جي مارڪيٽ، اميوزيم پارڪ ۽ ٻيون دلچسپ جايون گهمڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ آمريڪا ڏانهن ورڻو هو.
صبح جو خير سان اٿياسين ته چانهه جي سخت طلب پئي ٿي. اسان پاڻ سان چانهه ٺاهڻ واري بجليءَ واري ڪِٽلِي به آندي هئي، سو سڀ کان پهرين ته چانهه ٺاهي پيتيسين ۽ پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. اڄ اسان جو نائگرا شهر ۾ آخري ڏينهن هو. سو اسان واپسيءَ جي تياري ۾ لڳي وياسين. ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ هوٽل ڇڏڻ جو وقت گهڻو ڪري ڏينهن جي يارهين وڳي هوندو آهي. جيڪڏهن توهان مقرر وقت تي ڪمرو خالي نه ڪيو ته پوءِ توهان تي نئين ڏينهن جو ڪرايو شروع ٿي ويندو. سو اسان به جلدي جلدي پنهنجو سامان ٻڌڻ شروع ڪيو ته جيئن مقرر وقت تي ڪمرو واپس ڪري سگهون.
هوٽل ڇڏڻ کان پوءِ اسان جو پهريون ٽارگيٽ ڪٿي هلي پيٽ پوڄا ڪرڻ هو. برگر وغيره کائي کائي تنگ ٿي پيا هئاسين. سو هاڻ رخ رکيوسين، ڪنهن ديسي پاڪستاني يا انڊين ريسٽورنٽ ڏانهن.
1995ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو نائيگرا آيا هئاسين ته هتي ڪو ورلي هڪ يا ٻه ديسي ريسٽورنٽ هئا. مون کي ياد آهي اسان جو سئوٽ ادا شاهه فاروق جيڪو ان وقت اسان جي ٽوئر جو اڳواڻ هو، تنهن وڏي جاکوڙ کان پوءِ هڪ انڊين ريسٽورنٽ هٿ ڪيو هو. جتي مس مس ڪا ديسي ماني کاڌي هئسين... پر هاڻ ته ڄڻ دور ئي ڪو ٻيو اچي ويو هجي. جو نائيگرا شهر جي هر مصروف رستي تي هڪ نه ٻيو هندستاني يا پاڪستاني ريسٽورنٽ ضرور موجود آهي. ريسٽورنٽس کان سواءِ ٻين گهڻن دوڪانن تي به انڊين ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا نوڪري ڪندي نظر آيا ٿي. نَوَي جي ڏهاڪي ۾ ڪينيڊا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان لکن جي تعداد ۾ ماڻهن کي مستقل اميگريشن ڏني هئي. جنهن ۾ انڊيا ۽ پاڪستان مان به چڱا خاصا ماڻهو لڏي اچي ڪينيڊا ۾ آباد ٿيا. نه رڳو نوڪريون ڪندي، پر توهان کي نائيگرا جي علائقي ۾ ڪافي ديسي سياح به نظر ايندا جو نائيگرا فالز جو هي شهر ڪينيڊا جي ميٽروپوليٽن شهر ٽورنٽو کان رڳو سئو ميل کن پري آهي. سو اتان جا جوان ديسي پنهنجي گاڏي ۾ آرام سان هتي اچي پهچندا آهن. گاڏي ڪنهن ڪمرشل پارڪنگ لاٽ ۾ 10 کان 20 ڊالر ۾ سڄو ڏينهن لاءِ پارڪ ڪري هتي گهمندا ڦرندا آهن ۽ شام جو وري واپس پنهنجي شهر ٽورانٽو ڏانهن روانا ٿيندا آهن. جيئن پاڻ اڄ ڪلهه آرام سان ڪراچي يا حيدرآباد کان پنهنجي ڪار جيپ ۾ ڏينهن پهر ۾ ٿر جي شهر مٺي يا پڻ ننگر پارڪر جي ڪڇ ۾ موجود ڪارونجهر جبل پهچي ويندا آهيون ۽ فيس بوڪ تي پوسٽنگ به رکندا آهيون ۽ رات تائين واپس ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ پڻ ڪراچي واپس موٽي سگهندا آهيون. ڪو وقت هو جو اسان جي ابي ڏاڏي کي ٿر وڃڻ لاءِ هفتن جا هفتا تياري ڪرڻي پوندي هئي. مون کي پڻ چڱي طرح ياد آهي ته 1988ع ۾ جڏهن بابا مرحوم ڊاڪٽر پير عبدالجليل قريشي اسان ڀائرن کي گهمائڻ لاءِ ڪارونجهر وٺي آيا ته اسان کي سفر جي تياريءَ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا تڏهن وڃي ڪو ٿر گهميوسين، پر هاڻ ته اهڙيون سهوليتون ٿي پيون آهن جو جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي ڏي ٿر.
سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته انڊين ريسٽورنٽ ’ڪَرِي ڪُئين‘ وڃي پهتاسين. جتي لنچ ۾ بُفي سسٽم موجود هو. اسان به ٽن ڏينهن کان پوءِ پيٽ ڀري ديسي برياني ۽ ڪڙهائي کائي فل ٿياسين. هتي اسان پنجن ڄڻن جو بل تقريبن اسي کن ڪينيڊين ڊالر آيو. ماني کان پوءِ پنهنجي ڪار هڪ ڪمرشل پارڪنگ لاٽ ۾ پارڪ ڪئيسين ته جيئن پيرين پنڌ شهر جي مارڪيٽ گهمي سگهون. سڄي ڏينهن لاءِ ڪار پارڪنگ فيس ڏهه ڊالر هئي. گاڏيءَ مان جان ڇڏائي اسان روانا ٿياسين، نائيگرا مارڪيٽ جو سير ڪرڻ. نائيگرا شهر ۾ گرمين جي مند ۾ دنيا کان وڏي تعداد ۾ سياح گهمڻ لاءِ ايندا آهن. جن ۾ يورپين کان سواءِ عربي ملڪن کان آيل سياح به وڏي تعداد ۾ هوندا آهن. شهر ۾ گهمندي اسان کي ڪيتريون ئي عربي فيمليون برقن ۾ نظر آيون. سندن پوشاڪ ۽ لٽن مان واضح هو ته سندن تعلق ڪن امير ڪبير عربي ملڪن سان آهي.
نائيگرا شهر جو مرڪز (صدر) هڪ مصروف علائقو آهي. جتي هزارين ننڍا وڏا دوڪان، ريسٽورنٽس ۽ تفريحي مرڪز آهن. جتي هر وقت سياحن جي پِيهه لڳل هوندي آهي. شهر جي مرڪز جي هڪ وڏي گرائونڊ ۾ ريسٽورنٽس ۽ دوڪانن جي وچ ۾ هڪ اسڪائي ويل موجود آهي، جنهن کي پاڻ سولي زبان ۾ آسماني ڦيٿو چئي سگهون ٿا. هي آسماني ڦيٿو جنهن ۾ اسڪائي لفٽ وانگر ڪئيبين آهن. هي ڦيٿو توهان کي گولائيءَ ۾ ڦيٿي وانگر ڦيرائي ٿو. هن ڦيٿي ۾ سواريءَ سان آبشارن جو نظارو تقريبن 175 فٽ جي اوچائي تان ڪري سگهجي ٿو. هن ڦيٿي جي سواري سان نائيگرا آبشارن جو خوبصورت نظارو هڪ نه وسرندڙ تجربو آهي. هي آسماني ڦيٿو نائيگرا جي ڪلفٽن هل تي واقعي آهي. هن جو ٽڪيٽ في چڪر ڏهه ڊالر آهي، پر جيڪڏنهن هڪ ڏينهن جو پاس وٺو ته هن ڦيٿي جي سواري نه فقط هڪ کان وڌيڪ ڪري سگهو ٿا، پر ان سان گڏوگڏ ٻيون تفريحي شيون به انجواءِ ڪري سگهو ٿا.
هن آسماني ڦيٿي جي سواري کان پوءِ هاڻ اسان ڪلفٽن هل تي موجود ٻارن جي تفريحي مقام وڊيو گيمز جي مرڪز ۾ آياسين، جتي قسمين قسمين مشيني وڊيو گيمز ٻارن ۽ پڻ وڏن جي تفريح لاءِ موجود آهن. هن مرڪز جي پاسي ۾ وري مختلف ملڪن جي مشهور فلمي اداڪارن جا ميڻ مان ٺاهيل مجسما آهن. هتي آمريڪن ۽ يورپين اداڪارن جي مجسمن کان سواءِ ڪجهه هڪ ٻن انڊين اداڪارن جا مجسما ملن ٿا، پر هڪ به پاڪستاني اداڪار جو مجسمو لڳل ڪونهي. ان کان علاوه هن اسٽريٽ تي ڀوت بنگلو (هينٽيڊ هائوس)، گنيز ورلڊ رڪارڊ وغيره ۽ ٻيا ڪيتريون ئي تفريحي شيون آهن، جتي ننڍا وڏا تفريح ڪري سٺو وقت گذاري سگهن ٿا.
شهر جي هن تفريحي مرڪز مان نڪري نائيگرا جي اولهه طرف پنڌ شروع ڪيوسين، جتي شيريٽن هوٽل ۽ ٻيون ڪيتريون ئي هوٽلون آهن. شيريٽن هوٽل جي ئي پاسي ۾ هڪ ٻي هوٽل ’فالز ويو ريسورٽ‘ جي نالي سان هڪ بهترين هوٽل آهي. هن فالز ويو ريسٽورنٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن هوٽل ۾ هڪ انڊور واٽر پارڪ به مهمانن جي تفريح لاءِ ٽن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. گرمي هجي يا ٻڙي کان به گهٽ ڊگريءَ جو سيءُ، توهان هن انڊور پارڪ ۾ سوئمنگ ڪري سگهو ٿا. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جا اهي علائقا جتي سيارو ڊگهو ٿئي ٿو يا سردي گهڻي ٿئي ٿي، اتي سياحن جي تفريح لاءِ اهڙا ڪيترائي چارديواري جي اندر واٽر پارڪ آهن. ڀلي کڻي ٻاهر ڪڙڪي جو سيءُ ۽ برف پوندي هجي پر انهن انڊور واٽر پارڪن ۾ 35 ڊگري جي گرمي هوندي آهي، جتي سياح سوئمنگ ڪري انجواءِ ڪندا آهن.
اسان هتان واڪ ڪندا نائيگرا فالز تي ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي بارڊرز کي ملائيندڙ رينبو برج وٽ اچي پهتاسين. رينبو برج آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي شهرن کي ملائيندڙ هڪ اهم پل آهي. هن برج جي ذريعي توهان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو گاڏي ۾ پر پنهنجي سائيڪل ۽ پنڌ به اچي وڃي سگهو ٿا. شرط اها آهي ته يا ته توهان وٽ آمريڪا يا ڪينيڊا جو پاسپورٽ هجي يا وري ويزا. جيڪڏهن توهان جي خواهش هجي ته آمريڪا ۾ پيرين پنڌ قانوني طريقي سان داخل ٿيو ته پوءِ توهان کي ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ قائم رينبو برج تان لگهڻو پوندو. هي رينبو برج آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي شهرن جن جا نالا به ساڳيا آهن (يعني نائيگرا شهر) جي وچ ۾ هڪ اهم پل آهي. اسان پنڌ ڪندا هن برج تائين پهتاسين. برج جي منهن تي هڪ ڪوٺي ٺهيل آهي، جيئن پاڻ واري ڪوٽڙي ۽ ڄامشور جي پلن جي ٻنهي پاسن کان پوليس جي سپاهين ۽ گارڊن لاءِ چوڪي نما ڪمرا ٺهيل آهن. هتي به بلڪل ائين ئي هو پر هتي بورڊ لڳل هو. آمريڪا ڏانهن پنڌ ٽريول ڪرڻ لاءِ شروعاتي پوائنٽ. اسان به وڃي انهي جي ٻاهران بيٺاسين. دل مَن هڻي رهيا هئاسين ته اسان به پنڌ ڪري ٻئي پاسي آمريڪا ۾ داخل ٿيون ۽ وري ڪينيڊا واپس اچون. اڃان اتي بيٺي دل مَن پئي هنيوسين ته هڪ نوجوان جوڙو اميگريشن واري ڪمري مان ٻاهر نڪتو. مون وڌي وڃي پڇيو ته اميگريشن جي سختي آهي يا نرمي. کِلي چيائون ته پاسپورٽ لازمي هجي. اهي به آمريڪا واري پاسي نائيگرا شهر ۾ گهمڻ لاءِ ترسيل هئا ۽ هاڻ ڪينيڊا جي هن پاسي سکڻو ماني کائڻ لاءِ پنڌ ڪري آيا هئا ۽ ان کان پوءِ وري واپس آمريڪا ويندا. اسان ڪينيڊا کان آمريڪا پيرين پنڌ ته داخل نه ٿياسين پر گاڏي ذريعي وڃڻ لاءِ هتان واپس ٿياسين.
اسان ڪينيڊا جي شهر نائيگرا کان واپس ڳوٺ مشيگن (آمريڪا) وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين. اسان هائي وي 401 تي اوڀر ۾ سفر ڪندي ڪينيڊا جي شهر لنڊن پهتاسين. جتان پوءِ اسان هائي وي 401 ڇڏي متبادل هائي وي 402 کنيوسين. جتان ميلي جي موٽ ڏکي جي مثال وانگر ڏکيا سکيا ڪينيڊا کان بليو واٽر برج جي ذريعي آمريڪا جي شهر پورٽ هيوران ۾ داخل ٿياسين. پورٽ هيوران ۽ بليو واٽر برج جو ذڪر پهرين ڪري چڪو آهيان. اميگريشن وغيره مان فارغ ٿي ڪلاڪ ٻن ۾ پنهنجي گهر پهتاسين.