سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

وري ٽريورس سٽي ڏانهن رُخ

سليپنگ ڊيونز جون واري جون ڀٽون ۽ مشيگن ليڪ گهمڻ کان پوءِ اسان هائي وي 72 جي ذريعي واپس ٽريورس سٽي پهتاسين. سڄو ڏينهن واريءَ جي دڙن ۾ گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ اسان کي بک به ڏاڍي لڳي هئي. سو اسان ٽريورس سٽي پهچڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين پيٽ پوڄا ڪئي. جنهن کان پوءِ اسان ٽريورس سٽي جو مرڪز جنهن کي ڊائون ٽائون چيو ويندو آهي گهمڻ لاءِ نڪتاسين. هتان جو ڊائون ٽائون پنڌ هلڻ وارن لاءِ بهترين آهي.
شهر ۾ سياحن لاءِ دڪان، ريسٽورنٽس، بوتيڪس ۽ فيشن گيلريز آهن. جيڪڏهن هلي هلي ٿڪجي پيا ته پوءِ آرام ڪرڻ ۽ ريليڪس ڪرڻ لاءِ ڪيتررن ئي جايُن تي لوهي بينچون ۽ پارڪ آهن. هي شهر، شام يا رات دوستن سان يا سنگت سان وقت گذارڻ لاءِ بهترين آهي. جتي ڪيئي ميوزڪ سينٽرز، ڊسڪوز ۽ نائيٽ ڪلب آهن، پر مزي جي ڳالهه اها آهي جو هتي توهان کي آمريڪا جا لوڪل گورا يا ڪارا ماڻهو ته ضرور ملندا، پر پاڪستان کان آيل ڪو به اهڙو وڏيرو يا چوڌري يا خان نه ملندو جيڪو تازو تازو پنهنجي فصل کپائي هتي پهتو هجي يا سندس والد تازو جائيداد ڇڏي الله ڏانهن روانو ٿيو هجي. گهڻو ڪري جيڪي پاڪستاني يا انڊين آمريڪا گهمڻ لاءِ ايندا آهن انهن جو زور گهڻو ڪري وڏن شهرن جهڙوڪ سين فرانسڪو، لاس اينجلس، شڪاگو، لاس ويگس، نيويارڪ، بوسٽن، واشنگٽن ڊي سي يا فلوريڊا وغيره هوندو آهي. سال جا ٻارهن مهينا هتي هڪ نه ٻيو فنڪشن يا ميلو لڳل هوندو آهي. جن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ لڳندڙ ٽريورس سٽي فلم فيسٽيول اهم آهي. جتي لوڪل ۽ انٽرنيشنل فلمون يا ڊاڪيومينٽري شو پيش ڪيا ويندا آهن.
هي شهر پاڻي سان لڳاءُ رکندڙن لاءِ جنت آهي. هتي ليڪ مشيگن ۽ گرينڊ ٽريورس ليڪ جا ڪنارا 183 ميلن تائين پکڙيل آهن. جتي ڪيترائي ساحلي ڪنارا آهن. ڪهڙو بيچ يا ساحل سڀ کان بهترين آهي اهو ان تي منحصر آهي ته توهان جي پسند ڇا آهي ۽ توهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو. سوئيمنگ ڪرڻ ٿا چاهيو يا بيچ جي ريتي تي اونڌي منهن ليٽي سج جو سيڪ ٿا وٺڻ چاهيو. يا فيملي سان گڏ آهيو ۽ اهڙي بيچ کپي جتي ٻارن لاءِ پلي گرائونڊ هجي يا پڪنڪ ٽيبلز جي تلاش آهي. هتي ريتي وارا اهڙا به ڪنارا آهن جتي توهان پورو ڪلاڪ به واڪ ڪندو ته توهانکي نه ٻيو ڪو بندو ٽڪرندو نه بندي جي ذات. هتي جي ’ڪلنچ پارڪ بيچ‘ بهترين بيچ آهي. جيڪا پندرنهن سو فٽن تي پکڙيل آهي. جتي پڪنڪ لاءِ ٽيبلون، سياحن جي حفاظت لاءِ لائف گارڊز، صاف سٿرا بيت الخلا ۽ ريسٽورنٽس آهن. مطلب ته شهر جي لوڪل انتظاميه جي طرفان مڪمل ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هتي سياح اچي پنهنجو سٺو وقت گذاري سگهن. پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ به بهترين سمنڊ جا ڪنارا آهن، جيڪي دنيا جي ٻين بيچن کان گهٽ نه آهن، پر افسوس هڪ ته حڪومت جي طرفان سهوليتون نه هجڻ جي برابر آهن. مٿان وري زورآورن جي آواره اولاد جي غنڊه گرديءَ جي ڪري ڪو شريف ماڻهو اتي پنهنجي فيمليءَ سان گڏ اچڻ کان ڪيٻائي ٿو.
ٽريورس سٽي آمريڪا جي رياست مشيگن جو شهر آهي. سڄي مشيگن ۾ نومبر کان مارچ تائين سخت سيءُ پوندو آهي. هن شهر ۾ گرميءَ جو درجو ٻڙي کان به هيٺ ڪريل هوندو آهي. هتي برفاني طوفان ايندا رهندا آهن، پر هن شهر ۾ ’گريٽ وولف لاج‘ جي نالي سان هڪ هوٽل آهي، جنهن ۾ اِنڊور واٽر پارڪ آهي. ٻاهر شهر ۾ ڀلي برف جو طوفان هجي پر ان واٽر پارڪ ۾ گرميءَ جو درجو 110 سينٽي گريڊ کان مٿي هوندو آهي. توهان آرام سان سوئمنگ سوٽ پائي واٽر پارڪ ۾ سوئمنگ ڪري سگهو ٿا.
هن شهر جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته خبر پوندي ته پهريون ڀيرو فرينچ ۽ ريڊ انڊين هتي آيا هئا. 1839ع ۾ هتي ريڊ انڊينز جي ڪالوني قائم ڪئي وئي. 1870ع تائين هن علائقي ۾ اچڻ جو واحد ذريعو رڳو پاڻيءَ جي ذريعي هو يا وري قديمي ريڊ انڊين پيچرا آمدورفت جو ذريعو هئا. 1872ع کان پوءِ هتي ريل سروس شروع ڪئي وئي. 1885ع ۾ پهريون ڀيرو هتي ذهني مريضن لاءِ 130 ايڪڙن تي هيلٿ سينٽر قائم ڪيو ويو هو. هاڻ ان بلڊنگ ۾ ريسٽورنٽس، فليٽس ۽ ميوزيم قائم ڪيا ويا آهن.