سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

مشيگن ۾ يونيورسٽين جو مرڪز

مشيگن جو شهر ’هيل‘ گهمڻ کان پوءِ هاڻ اسان جو رخ مشيگن ايڊوينچر گهمڻ هو. جيڪو اسان جي موجوده مقام هيل شهر کان تقريبن ٽن ڪلاڪن جي ڊرائيوينگ تي هو. جنهن لاءِ هاڻ اسان هائي وي 96 تي اوڀر طرف رخ رکيو. هن طرف ويندي هائي وي 96 تي اسان مشيگن جي گادي واري شهر لينسينگ مان اچي لنگهياسين.
لينسينگ مشيگن جي گادي وارو شهر آهي. جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان مشيگن جو پنجون وڏو شهر آهي. هي علائقو 1835ع ۾ قائم ٿيو، جنهن کي 1859ع ۾ باقائدي شهر جو درجو ڏنو ويو. تازو هي ٽريول لاگ لکڻ کان ڪجهه مهينا پهرين اپريل 2020ع ۾ جڏهن مشيگن جي گورنر جيڪا مائي آهي ڪرونا جي ڪري لاڪ ڊائون جو آرڊر ڏنو ته مشيگن جي ڪجهه گورن پنهنجي لائسنس وارن هٿيارن سان هتان جي ڪيپيٽل بلڊنگ ۾ گهڙي احتجاج ڪيو. جيئن ته قانوني طريقي سان لائسينس واري هٿيارن سان هن بلڊنگ ۾ اچڻ جي منع نه آهي، تنهن ڪري هتان جي پوليس ۽ قانون نافذ ڪرائڻ وارا ادارا ڪجهه به نه ڪري سگهيا هئا ۽ احتجاج ڪندڙ کُلي عام هٿيارن سان هن بلڊنگ ۾ هلندڙ اجلاس دوران بلڊنگ ۾ گهمندا ۽ احتجاج ڪندا رهيا، پر هاڻ اهي ڳالهيون هلن پيون ته هن بلڊنگ ۾ هٿيار کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.
لينسينگ جو شهر مشيگن جو تعليم، ڪلچر، گورنمينٽ، واپار ۽ انڊسٽريل مرڪز آهي. هن شهر جي ڀر (پاڙي) ۾ ايسٽ لينسينگ جي نالي سان قائم ٻئي شهر ۾ ’مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي‘ آهي. نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڊيٽرائيٽ شهر کان ايسٽ لينسينگ جو مفاصلو رڳو نوي ميل کن آهي. نوي ميلن جي هن مفاصلي تي:
1. وين اسٽيٽ يونيورسٽي (ڊيٽرائٽ شهر ۾)
2. يونيورسٽي آف مشيگن ڊيئربورن (ڊيئربورن جي شهر ۾)
3. ايسٽرن مشيگن يونيورسٽي (ايپسيلينٽي شهر ۾)
4. يونيورسٽي آف مشيگن اين آربر (اين آربر جي شهر ۾)
5. مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي (ايسٽ لينسينگ شهر ۾)
يعني هر ڪلاڪ ڏيڍ جي ڊرائيونگ تي هڪ يونيورسٽي موجود آهي. جنهن سان آمريڪا ۾ تعليم جي اهميت ۽ ترقيءَ جي سببن جو اندازو ٿئي ٿو.
مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جو ايسٽ لينسينگ ڪيمپس زميني پکيڙ جي حساب کان آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو ڪيمپس آهي، جتي شاگردن جو تعداد اڌ لک کان به مٿي ٿيندو. هتي پاڪستاني شاگردن جي تنظيم ’پاڪستاني اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن آف مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي‘ به آهي. جيڪا مڪمل طرح فلاحي ۽ ڪلچرل تنظيم آهي. هي تنظيمون شاگردن جي ڀلائي لاءِ آهن. نه ڪي پاڻ وارين يونيورسٽين ۾ قائم سياسي تنظيمون، جن مان گهڻن جو ڪم رڳو غنڊا گردي ڪرڻ ۽ ڪلف وارو اڇو وڳو پائي ميس مان مفت جي ماني کائي ويلو ٽارڻ هوندو آهي. پڙهندڙ دل ۾ نه ڪن جو ٿي سگهي ٿو ته هاڻ وقت مٽجي ويو هجي، باقي مون کي ماضي ۾ سنڌ جي ٻن يونيورسٽين ۾ پڙهڻ جو تجربو آهي. هاڻ ڪا بهتري اچي وئي هجي ته ان جي مون کي خبر ڪونهي.
لينسينگ جي شهر ۾ ڪافي پاڪستاني ۽ هندستاني رهن ٿا. مون انٽرنيٽ تي لينسينگ جي شهر ۾ سنڌين جي سرچ ڪئي پر ڪنهن به سنڌيءَ جو نالو نظر نه آيو، پر هڪ فيميل ڊاڪٽر جو نالو ضرور آيو، جنهن پنهنجي ميڊيڪل جي ڊگري ڪراچي جي سنڌ ميديڪل يونيورسٽي مان ورتي هئي. هتي پاڪستاني ريسٽورنٽ ته نظر نه آيو پر انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ سان انڊين ريسٽورنٽس سوغات انڊين، شاليمار، فوڊز آف انديا ۽ گرل آف انڊيا مليا. جنهن کان سواءِ ’سنڌو انڊين ڪوزين‘ جي نالي سان هڪ ريسٽورنٽ ضرور هو. جيڪو هن شهر جي اولهه ۾ آهي. لينسينگ ۾ شام جي ماني کائي اسان سڌو اوڀر طرف رخ رکيو. اسان جي ڪوشش هئي ته ٻن ڪلاڪن ۾ رات پوڻ کان پهرين مشيگن جي شهر مسڪيگن پهچي سگهون. سو خير سان پنهنجي پلان مطابق رات ڌاري مسڪيگن پهتاسين. هتي رات گذارڻ لاءِ اسان اڳواٽ انٽرنيٽ تي هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي ڇڏيو هو. جيڪو تقريبن سوا سئو ڊالر ۾ پيو. سڀاڻي صبح جو ارادو آهي ته ٻارن کي مشيگن ايڊوينچر گهمائبو.