ابتدائي سفر
منهنجي رهائش آمريڪا جي رياست مشيگن جي وڏي ۾ وڏي شهر ڊئيٽرائيٽ جي علائقي ’وارن‘ ۾ آهي. ائين کڻي چئجي ته حيدرآباد شهر جي علائقي قاسم آباد ۾ آهي. وارن جو شهر مشيگن جي ميڪامب ڪائونٽي (تعلقي) ۾ آهي. هتي هوئنن ته ڪيتريون ئي ڪاروباري ڪمپنيون ۽ فيڪٽريون موجود آهن پر آمريڪا جي مقبول گاڏين ٺاهڻ جي ڪمپني جنرل موٽرس جو ٽيڪنيڪل سينٽر ۽ پلانٽ به هتي واقع آهي. چاچا سائين پير عبدالحميد قريشي صاحب 1962ع يا 1963ع ۾ آمريڪا جي رياست نيويارڪ ۾ پڙهائي لاءِ آيا هئا. پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان واپس ورڻ کان پهريائين چاچا سائين جن آمريڪا مان جنرل موٽرس جي ڪار شيورليٽ ورتي هئي. جنهن کي پاڻي واري جهاز جي ذريعي پهرين يورپ موڪليائون ۽ پوءِ يورپ کان ڊرائيوءِ ڪري پاڪستان ڪاهي آيا هئا. چاچا سائين جن مون کي ٻڌايو ته ان وقت اها ڪار خريد ڪرڻ لاءِ پاڻ ۽ سندن دوست عبدالرزاق شيخ صاحب جن جو اصل تعلق شيخ ڀرڪيو سان آهي ۽ پوءِ نيويارڪ ۾ رهائش اختيار ڪيائون، سي اها جنرل موٽرس جي ڪار وٺڻ لاءِ نيويارڪ کان بس جي ذريعي مشيگن جنرل موٽرس جي فئڪٽري آيا ۽ هتان اها ڪار ورتي هئائون. کين ياد ڪونهي ته پاڻ مشيگن جي ڪهڙي شهر آيا هئا، پر جيئن ته جنرل موٽرس جي برانڊ شيورليٽ ٺاهڻ جو پلانٽ اسان جي شهر ’وارن‘ ۾ آهي سو اندازو اٿم ته شايد پاڻ ’وارن‘ شهر مان اچي گاڏي ورتي هوندائون.
بهرحال ڳالهه پئي ڪيم ته صبح جو ياريهن ڌاري پنهنجي گهران ڪينيڊا وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين. گاڏي ۾ پيٽرول وغيره وجهائي، هائي وي 696 تي اولهه طرف سفر ڪندي، هائيوي 94 تي آياسين. جتان تقريبن هڪ ڪلاڪ ۾ 50 ميل يا 80 ڪلوميٽر جو سفر ڪرڻ کان پوءِ ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي هڪ بارڊر جنهن کي پورٽ هيوران سارنيا جو بارڊر چيو ويندو آهي تي پهتاسين.