سفرناما

پرديس ٿيو ديس پنھنجو

ھي ڪتاب ٽنڊي الھيار ڀرسان ھڪ ڳوٺڙي ڪاماري شريف جي علمي ادبي گهراڻي جي مانواري شخصيت ۽ آمريڪا جي رياست مِشيگن ۾ رھندڙ ليکڪ، سياحت جو ذوق رکندڙ مانواري پير تاج محمد قريشي جو آمريڪا جي مختلف شھرن بابت آھي. ھي ڪتاب سادي ٻوليءَ ۾ نھايت ئي سلوڻي انداز واري نثر ۾ لکيل آھي ۽ معلومات سان گڏ مزيدار ڳالھين جي مٺاس بہ منجهس شامل آھي. ڪتاب ۾ آمريڪا جي رياست مشيگن ۽ ڪيناڊا جي رياست اونٽاريو ۾ ڪيل مختصر سفرن جو حال أحوال آھي. ڪتاب ۾ خوبصورت منظرن، ماڻھن، تاريخي حوالن، مختلف سياحتي ھنڌن جي حال أحوال ٻيٽن ۽ شھرن جي دلچسپ تاريخ تي مشتمل آھي. 

Title Cover of book پرديس ٿيو ديس پنھنجو

مشيگن جو ڄامشورو

عربن جي ماڳ ڊيئربورن شهر ۾ ناشتو ڪرڻ ۽ ضروري خريداري ڪرڻ کان پوءِ هاڻ اسان جو رخ هائي وي 94 تي اوڀر طرف هو. اسان جي ايندڙ منزل مشيگن جو ڄامشورو يعني ’اين آربر‘ جو شهر هو. هن دفعي اسان جو اهو ارادو هو ته اسان رستي ۾ ايندڙ مشهور شهرن ۽ مقامن تي ٿورو گهڻو ضرور بيهون ۽ اتان جون اهم جايون ۽ مقام ضرور ڏسون. سو هاڻ اسان عربن جي شهر ڊيئربورن کان 36 ميل اوڀر ۾ هائي وي 94 تي سفر ڪري تقريبن ڪلاڪ کن ۾ اچي اين آربر جي نالي سان قائم هن يونيورسٽي شهر ۾ اچي پهتا هئاسين، جيڪو ڊيٽرائيٽ شهر کان چاليهه ميلن جي مفاصلي تي آهي.
اين آربر جي نالي سان قائم هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ’گهر جو پير چُلهه جو مارنگ‘ سو اسان مشيگن ۾ رهڻ وارا اين آربر جو قدر ڇا ڄاڻون؟ ڄامشوري ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي قائم ’المنظر‘ جو قدر ڪو ڄامشوري جي شاگردن کان پڇو يا ڪنهن ٻئي شهر کان آيل پرديسيءَ کان. حيدرآباد جا لوڪل ماڻهو ڇا ڄاڻن المنظر مان.
اين آربر جو شهر ائين آهي جيئن پاڻ وٽ ڄامشوري جو شهر جتي سنڌ، مهراڻ ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيون آهن. اهڙي طرح هي شهر به يونيورسٽي آف مشيگن جو گهر ۽ تحيقيق جو مرڪز آهي. اسان اڄ هتي بيٺا به انهي ڪري هئاسين ته جيئن يونيورسٽي آف مشيگن ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جو سير ڪري سگهون ۽ ڪجهه شهر به گهمي ڏسون. اسان هائيوي 94 کان اسٽيٽ اسٽريٽ جي ذريعي شهر ۾ داخل ٿياسين. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان بهترين هوٽلون ۽ روڊ جي کاٻي هٿ تي (برايروڊ) جي نالي سان مال ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي. اسان سڀ کان پهرين يونيورسٽي آف مشيگن پهتاسين. پاڻ وٽ سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڪيمپس جي مخصوص علائقن تائين محدود آهن. سندن اڪيڊمڪ ۽ انتظامي هال مخصوص علائقن تائين محدود آهن، پر هتي يونيورسٽي آف مشيگن جي ڪيمپس جون تعليمي بلڊنگون هن شهر جي مختلف روڊن ۽ علائقن ۾ پکڙيل آهن. يونيورسٽي آف مشيگن 1817ع ۾ سڀ کان پهرين ڊيٽرائيٽ ۾ قائم ڪئي وئي هئي، پر ويهن سالن کان پوءِ يونيورسٽي کي ڊيٽرائيٽ کان اين آربر جي هن شهر ۾ منتقل ڪيو ويو هو. جيئن پاڻ وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ قائم ڪرڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ ڄامشورو منتقل ڪيو ويو هو. 1837ع ۾ هيءَ يونيورسٽي چاليهن ايڪڙن تي پکڙيل هئي، پر هن وقت يونيورسٽيءَ جون 584 اهم بلڊنگون 780 ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن. هن يونيورسٽيءَ جا ٻه اهم ڪيمپس سينٽرل ۽ نارٿ ڪيمپس جي نالي سان هن شهر ۾ ئي آهن.
اين آربر جي نالي سان هي شهر آمريڪا جي ننڍن شهرن مان هجڻ جي باوجود به هڪ ميٽروپوليٽن شهر جي حيثيت رکي ٿو. هي شهر ڪاليج ٽائون هئڻ سان گڏوگڏ هڪ اهم تجارتي ڪمرشل پڻ آهي. پاڻ وٽ ڄامشورو ۾ يونيورسٽيون ته آهن پر ڪو خاص ڪاروباري مرڪز نه آهي. ها ڄامشورو ڦاٽڪ تي کاڌي پيتي جون هوٽلون ۽ ڪجهه دوڪان ته ضرور آهن. جتان ڄامشوري جا رهواسي ۽ يونيورسٽي جا شاگرد ضروري خريداري ڪندا آهن. اين آربر جو شهر تعليم سان گڏوگڏ تفريح ۽ راندين جو اهم مرڪز پڻ آهي. هتي جا پارڪ، ميوزيم، اسٽيڊيم، شاپنگ مالز، هوٽلون، دوڪان ۽ بيڪريون اهم آهن.
هيوران دريا اين آربر شهر مان لنگهي ٿو. جيئن پاڻ وٽ ڄامشورو وٽان درياءِ سنڌ لنگهي ٿو. اين آربر شهر نه رڳو تعليم جي لحاظ کان اهم آهي پر هتان جي ميڊيڪل اسپتال جيڪا يونيورسٽي آف مشيگن جي ٽيچنگ اسپتال آهي، سا پڻ آمريڪا جي ٽاپ اسپتالن مان هڪ آهي. جنهن جو ميڊيڪل ڪاليج به آمريڪا جي ڏهن ٽاپ ڪاليجن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
هتي ارڙهين صديءَ جا پراڻا گهر به آهن ته ماڊرن طرز جا گهر ۽ اپارٽمنٽس پڻ آهن. هن شهر ۾ توهان کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مختلف نسلن جا ماڻهو ملندا. شهر جي يونيورسٽي ۽ مال ۾ ڪافي پاڪستاني ۽ هندستاني شاگرد مليا. جن مان گهڻا هتان جا آمريڪي شهري هئا، جو سندن والدين پاڪستان ۽ هندستان کان آمريڪا ۾ اچي رهيا هئا. هتي ڪجهه اهڙا هندستاني شاگرد به مليا، جيڪي هندستان مان خاص طور پڙهڻ لاءِ اسٽوڊنٽ ويزا (ايف ون ويزا) تي آيل هئا. کين چئن کان پنجن سالن جي فل اسڪالرشپ مليل هئي، جنهن ۾ سندن يونيورسٽي جي فيس، کاڌو پيتو ۽ رهائش جو خرچ پکو شامل هو. اهي گهڻو ڪري پي ايچ ڊي جي ڊگري وٺڻ لاءِ هندستان مان آيل هئا، پر افسوس ڪو به اهڙو پاڪستاني شاگرد نه مليو، جيڪو پي ايچ ڊي لاءِ آيل هجي. عليڪ سليڪ دوران انهن هندستاني شاگردن ٻڌايو ته کين هن يونيورسٽيءَ جي اسڪالرشپ سندن حڪومت جي ڪوششن سان نه پر پنهنجي ڪوششن ۽ همت سان ملي آهي. اسان جا سنڌي شاگرد به ڪوشش ڪري فل اسڪالرشپ وٺي، هتان اچي پي ايچ ڊي جي ڊگري وٺي سگهن ٿا. هتي پاڪستاني ۽ هندستاني شاگردن کان سواءِ چين ۽ جاپان جا شهري به گهڻا هئا، پر ڪارا جن کي افريڪن آمريڪن چيو ويندو آهي، تن جو انگ ڪو خاص نظر نه آيو.