لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ڪچي جو سير

درياهه جي ٻنهي ڪپن واريءَ زمين کي ’ڪچو‘ چئبو آهي ۽ اتي جي رهاڪن کي ’ڪچي جا ماڻهو‘ ڪري سڏبو آهي. ڪچي ۾ گهاٽا گهاٽا جهنگ ۽ ٻيلا آهن، جن ۾ ٻٻر، باهڻ ۽ ڪانهن ڪثرت سان هوندا آهن. زمين سيڪ واري ٿيندي آهي، جنهن تي ڇٻر هميشـﮧ ڄاول هوندي آهي. ڪانهن کي ڪچي جي ماڻهن جون پياريون ۽ دل گهُريون مينهون ۽ وڇون خوشيءَ وچان دل ڀري کائينديون آهن. ڪانهن کائڻ ڪري اُهي کير ۽ مکڻ جام ڏينديون آهن. ساوڻ ۾ سمورو ڪچو پاڻي هوندو آهي. وري سرءُ جو، جڏهن پاڻيءَ جي مُند ختم ٿيندي آهي، تڏهن ڪچو به سُڪندو آهي. ساوڻ ۾ اُتي جا ڀاڳيا پنهنجون مينهون، ڏاند، ڳئون هڙئي پڪي تي ڪڍي ايندا آهن، جتي پاڻي ڪونه هوندو آهي. ڀاڳين کي پنهنجي مال جي سُک جو گهڻو خيال هوندو آهي، سندن مال خوش ته پاڻ به خوش.
ڪچي ۾ درياهه جي ڀرسان تمام سٺا ۽ موهيندڙ نظارا ٿيندا آهن، جن کي ڏسيو دل گهري ته ساري ڄمار انهن کي ڏسندي پوري ڪجي.باهڻن ۽ ٻٻرن جا وڏا وڏا وڻ، چنار جي درختن وانگر، ڪپن سان هوندا آهن، تن جي هيٺان ڀاڳين جون مينهون ۽ وڇون ڪيرن ۾ چرنديون نظر اينديون آهن. اُنهن جي چڙن جو آواز ساري جهنگ ۾ ٻڌي ڌنارن جون دليون ٻهڪنديون آهن. ڀاڳيا، جن کي ڌنار به چئبو آهي، سي درياهه جي ڪپن تي ڇٻر جي سبزي، تي ويٺا پنهنجِن مينهن جي تعريف ۾ يا مارن جا راڳ پيا ڳائيندا آهن. هنن جون دليون، غم گوندر کان بي خبر، هميشـﮧ خوشيءَ ۾ هونديون آهن. درياهه جي ٻيٽارن تي ڪڙمي ڪنڙي، جا سرنهه جي نموني ٿيندي آهي، پوکيندا آهن. جنهن وقت اُها گل ڪندي آهي، تنهن وقت جاڏي نظر ڪبي آهي، تاڏي ڦڪاڻ ئي ڦڪاڻ نظر ايندي آهي. سوين جريب پوکيل هوندا آهن. وري هوا تي جا اُن جي خوشبو اچي، سا ته دماغ ۾ نشو پيدا ڪيو ڇڏي. جنهن وقت ڪنڙي جاڏي ڪاڏي گل ڪري بيهندي آهي، تنهن وقت درياهه ڪنوار جي نموني سينگاريل نظر ايندو آهي.
ڪچي جي ماڻهن جا گهر باهڻن ۽ ڪانهن جا ٺهيل هوندا آهن. ڪن ڪن ۾ ته بنگلن کان به وڌيڪ ويهڻ ۾ مزو ايندو آهي، ۽ سندن رهاڪو به پنهنجن اُنهن ڪکائن جهوپڙن کي بنگلن ۽ محلن ماڙين کان وڌيڪ سمجهندا آهن، ۽ انهن ۾ خوشيءَ ۽ مزي سان گذاريندا آهن. ڇت ۽ ڀتيون جيڪي ڪانهن سان ٺهيل هونديون آهن، سي تمام پڪيون ۽ جٽادار ٿينديون آهن. اُنهن کي مينهن واءُ جو خطرو مُور نه ٿيندو آهي. گهرن کان به وڌيڪ هو پنهنجن مينهن جا منَههَ، جن کي واڙا به سڏيندا آهن، سٺا مضبوط ۽ ڪشادا ٺاهيندا آهن. هنن کي ساهه کان به وڏيڪ سندن مينهون ۽ منَههَ پيارا آهن. ڪچي ۾ غريب کي به ٻه ٻه چار مينهون ضرور هونديون، نه ته بدبخت سڏيو ويندو. وڏ ڀاڳين کي سـؤ ڏيڍ کن مينهون ۽ ڳئون ٿينديون آهن.
ڪچي ۾ ڏهن ٻارهن گهرن جو ڳوٺڙو ٿيندو آهي، جو انهن جي وڏي ڀاڳئي جي نالي پٺيان سڏبو آهي. جي ڪنهن زميندار جو هوندو آهي، ته فلاڻي جي ’ڪيٽي‘ ڪري چئبو آهي. ڳوٺڙي جا رستا تمام سوڙها، چارن جي نموني ٿيندا آهن، جي گهرن جي اڱڻن ۾ وڃي کٽندا آهن. چارن جي ٻنهي پاسي ڀاڻ پيل هوندو آهي، وچ مان رستو ٿيندو آهي. ڀاڻ ڀاڳين کي ساوڻ جو دونهن جي ڪم ۾ ايندو آهي، ۽ سياري جو ڪٺو ڪندا ويندا آهن. هر هڪ گهر ۽ واڙي جي چوڌاري ڪنڊن جو پيهو هوندو آهي، جو ست اٺ فوٽ وڏو ٿيندو آهي ۽ ”در“، جنهن کي ”ڳلي“ ڪري سڏيندا آهن، سو رات جو ڍنگر سان بند ڪري ڇڏيندا آهن.

[”بهار نثر“_ مرتب ڀيرومل مهرچند، 1932ع]