سنڌي زبان جا قديم شاعر
قاضي قاضن يا شاه ڪريم جا ڏوهيڙا ڏهين صدي هجريءَ جا آهن، ۽ ايترو ته ترقي يافته آهن، جو اسان انهن کي سنڌي شعر جو ابتدائي نمونو ڪوٺي نٿا سگهون. اهي ايترو سهڻا پخته وزن ۽ معنى تي بيٺل آهن، جو انهن ۽ شاه جي بيتن ۾ ڪو به فرق معلوم ڪونه ٿو ٿئي. تحفـﺔ الڪرام خواه ٻين ڪتابن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جي دور ۾ اگرچه ترخاني ۽ ارغوني حڪومت ڪري دربار خواه اعلى طبقي جي زبان فارسي هئي، ۽ عام لکپڙهه پڻ فارسيءَ ۾ ٿيندي هئي، تاهم عوام جي زبان سنڌي هئي. صوفين ۽ سالڪن، خانقاهن جي مالڪن ۽ سجاده نشينن، عوام تائين پنهنجي تعليمات کي پهچائڻ لاءِ فارسيءَ جو نه، بلڪ سنڌيءَ جو ذريعو اختيار ڪيو، ۽ انهيءَ ڏهين صديءَ واري دور ۾ سنڌي زبان جا ڪئين شاعر هئا، جن پنهنجي تعليمات کي سنڌي بيتن جي ذريعي عوام ۾ ڦهلايو. نه فقط بيت سنڌي زبان ۾ چيا ويا بلڪ ڪافيون پڻ تصنيف ڪيون ويون، جيڪي خانقاهن اندر سماع جي مجلس ۾ ڳايون وينديون هيون (ڏسو ”مهراڻ جون موجون“). ”تحفـﺔ الڪرام“ قاضي قاضن واري دور جي ڪيترن سنڌي شاعرن جا نالا ڏنا آهن، ۽ خود انهيءَ دور کان 150 ورهيه کن اڳ جي هڪ صوفي شاعر شيخ حماد جماليءَ جو پڻ نالو آندو اٿائين. انهن سڀني حقيقتن مان اسان کي يقين ٿئي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ڪئين صديون آڳاٽو ٿي هوندي ۽ 10 صدي کان اڳ ئي سنڌي شاعري پنهنجون ارتقائي منزلون طيءِ ڪري چڪي هوندي.
سنڌ جا جيڪي عشقيـﮧ قصا آهن، مثلاً سسئي پنهون، عمر مارئي ۽ ليلا چنيسر وغيره، انهن جي سلسلي ۾ پڻ اڄ تائين اسان جو اهو گمان بلڪ يقين رهيو آهي ته انهن کي سڀ کان پهريون شاه عبداللطيف 12 صديءَ هجريءَ ۾ سنڌي نظم ۾ آندو، ۽ انهن مان حقيقت جا راز، ۽ حب الوطنيءَ جا جذبات آشڪار ڪيائين. ليڪن ”تحفـﺔ الڪرام“، جيڪو شاه جي وفات کان 23 ورهيه پوءِ لکيو ويو آهي ۽ جنهن جو مصنف شاه جي وفات (1165هه) وقت 25 ورهين جو عالم فاضل نوجوان هو، ان جي لفظن تي ڪنهن به غور و فڪر ڪونه ڪيو آهي. ان جي لکڻ مان صاف ظاهر آهي ته اهي قصا سنڌ جي سرزمين تي صدين کان مشهور آهن ۽ صدين کان ئي سنڌ جي سالڪن منجهانئن مجاز جا پردا کولي، حقيقت جا راز ۽ رمزون سنڌي نظم ۾ بيان ڪيا آهن؛ ۽ وجد ۽ سماع جي مجلسن ۾ انهن ئي قصن مان سلوڪ جا صاحب وجد ۽ حال جو مزو ماڻيندا رهيا آهن. اهي قصا ايترو ته مقبول هئا، جو شاه جي تولد ٿيڻ کان هڪ صدي اڳ فارسي مثنوين ۾ پڻ اچي ويا هئا. جڏهن سنڌي نظم ۾ اچي چڪا هئا، تڏهن ته فارسي شاعرن پڻ انهن ڏي توجه ڪيو! انهن قصن متعلق ”تحفـﺔ الڪرام“ جا لفظ هن طرح آهن:
سسئي پنهون:
”بني اميه جي گورنرن جي دور ۾ بنڀور راءِ نالي هڪ راجا ڀنڀور شهر تي، جيڪو سندس نالي پٺيان ٻڌو ويو هو، راڄ ڪندو هو. انهيءَ جي ڏينهن ۾ سسئي پنهونءَ جي عشق جو واقعو ٿيو.“ گويا عشق ۽ محبت جو اهو عظيم داستان 133هه کان اڳ مرتب ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سال تائين بني امين جو سنڌ تي راڄ هو. مير قانع انهيءَ قصي جي سلسلي ۾، سنڌي نظم متعلق جيڪي لفظ لکيا آهن سي غور جي قابل آهن. لکي ٿو: ”انهيءَ وقت کان وٺي هي عجيب قصو عام ماڻهن جي زبان تي جاري آهي؛ ۽ حال ۽ قال جا صاحب هي احوال انهيءَ عاشق ۽ معشوق جي واتان، جن مان هرهڪ درحقيقت عاشق به هو ۽ معشوق به، سنڌي بيتن ۾ ’حسيني‘ سر به ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو ڳوليندا ۽ لهندا آهن. مطلب ته انهن ٻن واصلن جي تاثير سان وجد ۽ سماع وارن کي عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي“(66).
جيڪڏهن فقط شاه ان قصي کي بيان ڪيو هجي ها، ته ضرور ان ڏي اشارو ڏئي ها، يا ڪنهن هڪ شاعر ان کي نظم ڪيو هجي ها ته ان جو نالو ڏئي ها، جيئن فارسيءَ ۾ ان قصي جي لکندڙ مير معصوم جو نالو، جنهن 1010هه کان اڳ ان قصي تي مثنوي لکي، ڄاڻايو اٿائين: پر سندس مٿئين لکڻ مان صاف ظاهر آهي ته قديم الايام کان اهو قصو سنڌي نظم ۾ اچي چڪو هو ۽ وجد ۽ سماع جي مجلسن ۾ ڳايو ويندو هو؛ ۽ هڪ کان وڌيڪ شاعرن انهيءَ کي سنڌي نظم ۾ قلمبند ڪيو هو!
سورٺ:
راءِ ڏياج جو قصو لکندي چوي ٿو ته: ”خاص سورٺ جي سر ۾ [هيءُ قصو] حال جي صاحبن جو هوش ڦري وٺندو آهي“(77).
عمر مارئي:
سومرن جي حاڪم عمر جو اهو قصو آهي جيڪو 8 صدي هجريءَ ڌاري ٿي گذريو آهي.انهيءَ قصي جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو: ”مارئيءَ ۽ عمر جي ڳالهه سنڌي زبان ۾ منظوم ۽ مشهور آهي، ۽ حال جا صاحب مخصوص سر ۾ جوڙي ترانن ۾ ڳائيندا آهن ۽ انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو لهي، وجد ۽ حال پرائيندا آهن؛ ظاهر پرستن تي پڻ انهيءَ جي سر، عشق جي صدا، ۽ ولولي مان تاثير ٿيندو آهي“(103).
ان مان صاف ظاهر آهي ته نه فقط اهو قصو شاه کان اڳ منظوم ٿي چڪو هو، بلڪ ڪيترن ئي حال جي صاحبن ان کي خاص سر ۾ جوڙيو، يعني نظم ڪيو هو، ۽ اُهو سنڌي ترانن ۾ ڳايو ويندو هو.
مومل مينڌرو:
هي قصو همير سومري جي زماني جو آهي، جيڪو، بقول ”تحفـﺔ الڪرام“، سومرن جو آخري بادشاه هو. مير مرحوم ان قصي لاءِ لکي ٿو ته: ”هي احوال سنڌي بيتن ۾ مشهور سر ۾ ڳائيندا آهن، ۽ حال جا صاحب هن مجاز مان حقيقت جو پتو معلوم ڪري، پنهنجو شوق ۽ جذبو وڌائيندا آهن“(108).
سندس مٿئين لکڻ مان پڻ اهو ظاهر آهي ته هن مخصوص سر جا بيت به زماني کان وٺي ڳائبا ٿي آيا ۽ اهو قصو متعدد شاعرن سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو.
ليلا چنيسر جو واقعو پڻ قديم قصن مان آهي. قصي جي بيان ڪرڻ بعد قانع لکي ٿو ته: ”حال جي صاحبن هن احوال کي سنڌيءَ جي هڪ سر ۾ ٻڌو آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان مٿن عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي“(12). گويا ڪيترن ”حال جي صاحبن“ انهيءَ قصي کي به سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو هو. هن قصي کي به 11 صديءَ جي شروع ڏهاڪي ۾ ادراڪي بيگلاريءَ فارسيءَ ۾ نظم ڪيو. مير قانع سندس نالو انهيءَ سلسلي ۾ کيون آهي. جيڪڏهن انهيءَ قصي جو سنڌي نظم ڪندڙ به ڪو هڪ يا ٻه شاعر هجن ها ته ضرور انهن جو نالو به آڻي ها. خود شاه جو نالو به ڪونه ڏنو اٿائين، جنهن مان ظاهر آهي ته شاه کان اڳي ئي ڪيترن سنڌي شاعرن ان کي نظم ڪيو __ ڪنهن جا نالا قانع لکي ڪنهن جا لکي!
نوري ۽ ڄام تماچي:
هي قصو سمن جي دور جو آهي. انهيءَ قصي جي سلسلي ۾ مير قانع هي لفظ لکي ٿو: ”ڄام تماچيءَ جي ساڻس (يعني نوريءَ سان) عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾ هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي“(29). انهيءَ عبارت مان پڻ ساڳئي نتيجي تي پهچجي ٿو.
مٿئين سڄي مذڪور مان مجموعي طرح اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته سنڌي نظم، بيت، ڏوهيڙا ۽ ڪافيون، قاضي قاضن کان صديون اڳ سنڌ اندر چيا ٿي ويا. نه قاضي قاضن ئي سنڌ جو پهريون سنڌي شاعر آهي ۽ نه شاه عبداللطيف ئي ڪافيءَ جو موجد ۽ سنڌ جي عشقيـﮧ قصن کي سڀ کان پهريون نظم ڪندڙ آهي. بلڪ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته شاه جي دور ۾ اهي قصا سنڌي نظم ۾ ايترو ته مشهور ۽ حال ۽ وجد آڻيندڙ هئا، جو شاه کي خود انهن قصن کي نظم ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو.
8 صديءَ کان وٺي 12 صديءَ هجريءَ تائين جن سنڌي شاعرن جو ذڪر مير قانع تحفـﺔ الڪرام (1188هه) ۾ اتفاقاً آندو آهي، اسان هن هيٺ انهن جو احوال ترتيبوار يڪجا ڏيون ٿا، جنهن مان اندازو ٿيندو ته مٿين صدين ۾ سنڌي شعر و سخن جو رواج ڪيتري قدر هو.
قاضي قاضن کان اڳ جا سنڌي شاعر
سمن سلطانن جي پنهنجي زبان سنڌي هئي، تنهنڪري عوام خواه خواص ۽ پڻ دربار تي سنڌي زبان جو قبضو هو. فارسي ۽ عربي اگرچه اعلى تعليم جي سلسلي ۾ رائج هيون، ليڪن مدرسن ۽ مسجدن کان ٻاهر انهن ٻولين کي ڪابه اهميت ڪانه هئي. اسان کي يقين ٿئي ٿو ته سنڌي شعر به چڱوئي مقبول هوندو ۽ ڪيترائي سنڌي شاعر پڻ هوندا، ليڪن جنهن صورت ۾ اسان تائين ان دور جي ڪابه لکت پهچي ڪانه سگهي آهي، تنهنڪري اهو سڄو زمانو انڌيري ۾ آهي.
”تحفـﺔ الڪرام“ جي ذريعي اسان کي سمن سلطانن جي دور جي فقط هڪ سنڌي شاعر جو نالو ملي سگهيو آهي. يعني شيخ حماد جمالي، جنهن جي سنڌي شعر جو مذڪور هن ريت آهي:
شيخ حماد جمالي: تحفـﺔ الڪرام جي روايت آهي ته سنڌ جي سمي سلطان ڄام جوڻي، ڄام تماچيءَ ۽ سندس پٽ صلاح الدين کي، انهيءَ خطري کان ته متان اُهي ڪنهن وقت کانئس سنڌ جو تخت و تاج کسين، قيد ڪري، دهليءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڄام تماچيءَ جي والده شيخ حماد جماليءَ جي معتقد هوندي هئي. ان خاتونءَ انهيءَ واقعي بعد روزانو شيخ جي درگاه جي اچي ٻهاري ڏيڻ شروع ڪئي. هڪ ڏينهن شيخ جي نظر شاهي خاندان جي ان پوڙهيءَ مائيءَ تي وڃي پيئي. کانئس سندس پٽ ۽ پوٽي جو احوال پڇيائين، جنهن تي مائيءَ روئي کيس سڄو احوال ڪيو. ٻڌڻ سان شيخ جذبي ۾ اچي ويو، سندس حالت عجيب ٿي ويئي، مٿس ايترو جلال طاري ٿيو، جو ان وقت هڪ سنڌي بيت بلند آواز سان پڙهيائين جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن جي نه فقط رهائيءَ ۽ سنڌ ۾ موٽي اچڻ جي نويد هئي، بلڪ ملڪ جي والي ۽ وارث ٿيڻ ڏانهن به اشارو ڪيل هو(458).
اهو بيت نه قانع تائين پهتو ۽ نه اسان تائين پهچي سگهيو، ليڪن ان مان صاف ظاهر آهي ته شيخ حماد عليـﮧ رحمـة سنڌي زبان جو شاعر هو، ۽ هن نه فقط اهو هڪ بيت چيو هوندو بلڪ گهڻائي سنڌي بيت حقيقت ۽ معرفت ۾ چيا هوندائين، جن مان ڪوبه محفوظ رهي نه سگهيو. ان مان اهو به صاف ظاهر آهي ته انهيءَ دور ۾ فقط هڪ شيخ حماد سنڌي جو شاعر نه هوندو بلڪ ٻيا به ڪيترائي هوندا، جن جا نالا اسان تائين پهچي نه سگهيا.
شيخ جي وفات جو سال قانع ڪونه ڏنو آهي، ليڪن شيخ جو هڪ سنگتي، شيخ عيسى برهانپوري، جنهن صورت ۾ 831هه ۾ فوت ٿيو، تنهنڪري قرين قياس اهوئي آهي ته شيخ حماد 8 صديءَ جي آخر جو بزرگ هو ۽ قاضي قاضن کان تقريباً منيون ٻه صديون اڳي هو.
قاضي قاضن جي دور جا شاعر
قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن قاضي زين الدين بکري سيوستاني 958هه ۾ فوت ٿيو. هن سمن سلطانن جي پڄاڻيءَ ۽ ارغونن جو سڄو دور ڏٺو. اهو دور فارسي زبان جي حڪمرانيءَ جو هو. ملڪ جي حاڪمن، انهن جي دربارين ۽ انهن جي اميرن جي زبان فارسي هئي. فارسيءَ جي هنن سرپرستي ڪئي، قنڌار، هرات ۽ ايران کان ڪيترا عالم، شاعر، مصنف ۽ صوفي اچي نڪتا، جن جي اچڻ ڪري سنڌ جو سمورو ماحول فارسي ٻوليءَ سان گونجي ويو. تنهنڪري انهيءَ دور ۾ اها اميد رکڻ ته سنڌي زبان جي سرڪاري طرح ڪا سرپرستي ٿي هوندي، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي. ازانسواءِ قاضي قاضن جي دور واري اها سموري صدي امن امان ۽ خير سلامتيءَ واري صدي نه هئي بلڪ جنگ وجدل، قتل ۽ غارتگري ۽ ڪشت و خون جي صدي هئي. ارغونن جو سيويءَ کان سنڌ تي حملو، ٺٽي جي فتح وقت وڏيءَ خونريزيءَ بعد صلاح الدين سمي جو حملو، فيروز ۽ شاه حسن جي جنگ، شاه حسن جا حملا بکر، اُچ ۽ ملتان تي، همايون جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي هڪٻئي سان آويزش ۽ خانه جنگي، عيسى ترخان ۽ محمود بکريءَ جي جنگ و جدل، گوا جي عيسائين جو ٺٽي ۾ اچي قتل عام ڪرڻ، ميرزا عيسى جي پٽن جو هڪٻئي سان تخت و تاج لاءِ وڙهڻ، مرزا باقيءَ جي ٺٽي ۽ سنڌ ۾ خونريزي ۽ مظالم، جاني بيگ جا هنگاما ۽ آخر ۾ جاني بيگ ۽ خان خانان جي لڙائي، جنهن ۾ سنڌ وڃي مغلن جي قبضي ۾ پهتي __ اهي سڀ وارداتون ۽ ويل ڏهين صديءَ هجريءَ ۾ ٿيا، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نه امن امان مليو، ۽ نه سڪون ۽ راحت نصيب ٿي. سموري صدي، سڄو ملڪ غير ملڪي حڪمرانن جي ڏاڍاين ۾ پيڙبو ٿي رهيو. انهن حالتن ۾ سنڌي شعر و سخن ڪنهن کي ياد هجڻ گهرجي! ليڪن خوش نصيبي اها ٿي، جو جڏهن سنڌي زبان جي سرپرستي حاڪمن ڇڏي، تڏهن ان جون واڳون سنڌ جي صوفين، خانقاهن جي سجاده نشينن، سلوڪ جي صاحبن ۽ حقيقت جي رمز ۽ نڪتن پروڙيندڙ بزرگن پنهنجي هٿن ۾ ورتيون. قاضي قاضن اگرچه جيد عالم هو، ليڪن صوفي ۽ سلوڪ جو صاحب هو. ان جا 7 بيت انهيءَ صديءَ جي پهرئين اڌ جا آهن، جيڪي اسان وٽ پهتا آهن، ۽ شاه ڪريم پڻ وليءُ ڪامل هو، جنهن جو رسالو ساڳيءَ صديءَ جي پوئين اڌ جو آهي. علاوه ازين، انهيءَ صديءَ ۾ سنڌيءَ جا ڪيترا ٻيا شاعر پڻ ٿيا، جيڪي گهڻو ڪري سڀئي صوفي ۽ سالڪ هئا، جن پنهنجي تعليمات کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ عوام جي ئي زبان جو ذريعو اختيار ڪيو. انهيءَ صديءَ ۾ بيت ۽ ڏوهيڙي ته زور ورتو، ليڪن سنڌيءَ ۾ ’ڪافي‘ پڻ ڪثرت سان چئي ويئي. خانقاهن، مزارن ۽ مقبرن تي سماع جون مجلسون منقعد ٿينديون هيون. انهن ۾ سنڌي ڏوهيڙا ۽ ڪافيون چيون وينديون هيون. نه فقط سنڌ اندر، بلڪ ان صديءَ جي وچ ڌاري پاٽ جو هڪ صوفي خاندان لڏي برهانپور ويو. اتي پڻ جيڪي سماع جون مجلسون اهي بزرگ منعقد ڪندا هئا انهن ۾ سنڌي ڪافيون چوندا هئا، جن جو سُر ۽ چوڻي انهن ماڻهن کي به وجد ۽ حال ۾ آڻي ڇڏيندي هئي، جيڪي سنڌي زبان کان بلڪل ناآشنا هئا.
”تحفـﺔ الڪرام“ هن صديءَ جي متعدد سنڌي شاعرن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
سوناري وارو بيت: مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق، هالن جو ولي الله هو، سماع سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هيس، جڏهن راڳ ٻڌندو هو ته ان وقت مٿس عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿيندي هئي. بزرگ جي وفات به سماع ٻڌندي ئي ٿي.
مير ’قانع‘ جي روايت آهي ته ”بزرگ هالن کان ڪهي، نيرن ڪوٽ آيو. اتفاقاً هڪ ڏينهن ڪنهن جاءِ تي سماع جي مجلس قائم هئي، ۽ بزرگ به اچي اتان لانگهائو ٿيو. ان وقت هڪ سونارو ڏاڍي الحان ۽ سوز و گداز سان هڪ سنڌي بيت پڙهي رهيو هو، جنهن جي ٻڌڻ سان بزرگ تي حال طاري ٿي ويو، ۽ انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ سندس انتقال ٿيو.“
مير ’قانع‘ سندس وفات جو سال 936هه لکيو آهي (378)، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سوناري، جنهن شاعر جو اهو بيت پڙهيو، سو ضرور سمن جي دور جو هوندو ۽ قاضي قاضن کان يا ته اڳي هوندو يا سندس معاصر هوندو. انهيءَ واقعي مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ارغون پنهنجي اوج تي هئا ۽ شاهه بيگ سڄي سنڌ لتاڙيندو ٿي وتيو ۽ فارسيءَ جو دور دورو هو، ان وقت سنڌ جي سرزمين تي سنڌي سماع ۽ سنڌي نظم جو قبضو هو.
درس علاء الدين سومرو انهيءَ دﺆر جو خدا رسيدو بزرگ هو. سنڌيءَ جو جيد شاعر هو. ’قانع‘ جو قول آهي ته ”سيد علي ثاني ۽ سندس وچ ۾ سنڌي بيتن اندر وڏو سوال جواب هليل آهي، جيڪو مشهور آهي“(621).
افسوس آهي، جو اهو منظوم مڪالمو جيڪو 1188هه تائين محفوظ ۽ مشهور هو، سو اسان تائين پهچي نه سگهيو. بهرحال اهو شاعر پڻ قاضي قاضن جي دور جو آهي.
سيد علي ثاني: سيد علي ثاني ارغوني دور جو وڏي ۾ وڏو پير، جيد عالم ۽ تمام وڏي اثر ۽ اقتدار جو صاحب هو. ارغوني ۽ ترخاني دور ۾ ڪوبه واقعو ٿيندو هو، ته خود حڪومت به ڏانهس رجوع ڪندي هئي. اڪبر جڏهن عمر ڪوٽ ۾ ڄائو (5 رجب 949هه)، تڏهن کيس جيڪو پهريون چولو پارايو ويو، سو برڪت خاطر سيد جي پيراهن مان ٽڪر ڦاڙي سبيو ويو هو (”ترخان نامه“ جو قول). سيد پاڻ فيض، مخدوم اجر کان پرايو ۽ مخدوم نوح جو مريد هو. سندس پٽ، سيد جلال، مرزا محمد صالح بن عيسى ترخان جو ڄاٽو هو.
سيد فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو وڏي ۾ وڏو عالم هو. عربيءَ ۾ ”آداب المريدين“ نالي ڪتاب لکيو اٿائين ۽ سنڌيءَ جو جيد شاعر هو. افسوس آهي، جو سندس ڪلام جو ذخيرو ضايع ٿي ويو، ۽ درس علاﺆالدين سان جيڪو سندس سوال جواب هليو، سو پڻ محفوظ رهي نه سگهيو. اسان تائين ”معارف الانوار“ جي ذريعي سندس هڪ بيت پهتو آهي، جيڪو هن طرح آهي:
سرتين سانگ سکن جو
مون کي رويو رهائين
آءُ ٿي هلان هوت ڏي
هو ٿيون واريو ويهارين
وريتيون ورن سين
ويٺيون گهر گهارين
کهندا ٿيون کارين
ڪانه هلندي هوت ڏي
سيد صاحب جي عمر قاضي قاضن جي وفات وقت (958هه) 67 ورهيه هئي؛ پاڻ 891هه ۾ ڄائو ۽ 981هه ۾ هن جهان مان برقعو مٽايائين.
مخدوم نوح:
حضرت مخدوم صاحب هالن وري جو ذڪر ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ جابجا آيو آهي، ليڪن سندس سنڌي شاعريءَ متعلق ڪوبه اشارو ڪيل ڪونه آهي، حالانڪ سندس ڪجهه سنڌي بيت مشهور آهن، مثلاً: ”مقالات الشعرا“ ۾ (452) آهي ته شاه ڪريم مخدوم صاحب ڏانهن هڪ سنڌي بيت ڳجهارت طور موڪليو، جنهن جو جواب مخدوم صاحب به سنڌي بيت ۾ کيس ڏنو. جڏهن اهو جواب و سوال سيد علي ثانيءَ ٻڌو، تڏهن هن انهن ٻنهي سنڌي بيتن کي هڪڙي فارسي شعر ۾ هن طرح بيان ڪيو:
جان بجانان ده و گرنه از تو بستاند اجل
خود تو منصف باش اي دل اين نکو يا آن نکو
حضرت مخدوم عليـﮧ رحمـﺔ ارغوني ۽ ترخاني دور سڄو ڏٺو. قاضي قاضن جنهن وقت فوت ٿيو، مخدوم صاحب ان وقت اڌيڙ عمر جو هو. سندس انتقال خميس ڏينهن 27 ذيقعد 998هه جو، مرزا جانيءَ جي دور ۾، ٿيو. سندس انتقال کان هڪ سال پوءِ 999هه ۾ مغل فوجون سنڌ تي ڪاهي آيون.
اسحاق آهنگر:
اسحاق آهنگر جي متعلق اسان کي ڪابه معلومات ملي ڪانه ٿي سگهي، فقط تحفـﺔ الڪرام جي ذريعي ”حديقـﺔ الاوليا“ جي روايت محفوظ رهجي ويئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسحاق آهنگر سنڌيءَ جو شاعر هو.
مير ’قانع‘، ”حديقـﺔالاوليا“ جي مصنف مير عبدالقادر جي روايت بيان ڪندي لکيو آهي ته: ڀريو ويرداس هڪ موحد ۽ خدا رسيد وهندو هو، مٿس جذب جي حالت طاري هوندي هئي. جهنگل ۽ جبل وتندو هو جهاڳيندو ۽ تنواريندو. شهرن ۽ ماڻهن سان ڪانه پيئي هيس. جهنگلي جانورن جو يار هوندو هو. ابتدائي دور خبر نه آهي ڪٿي گذريس، پوئين زماني ۾ اچي حيدرآباد واري گنجي ٽڪر ۾ رهيو. انهيءَ جاءِ تي ماڻهو وٽس سوالي ويندا هئا، ۽ من جون مرادون حاصل ڪري موٽندا هئا.
سيد عبدالقادر (”حديقـةالاوليا“ جو مصنف) پاڻ هڪ ڏينهن سندس خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيو. ڀريو ويرداس ان وقت سنڌيءَ جو هڪ بيت پڙهي رهيو هو. سيد جي دل ۾ خيال آيو ته خبر نه آهي ته اهو ڪنهن جو شعر آهي، اها ڳالهه دل ۾ ئي هيس ته ڀرئي ويرداس وراڻي ڏيندي چيس ته ’اهو بيت اسحاق لوهر جو آهي‘(848).
”حديقـةالاوليا“ جو مصنف ميرزا جاني بيگ ترخان جي زماني جو ماڻهو هو، ميرزا جي امير خسرو چرڪس جي دامن دولت سان وابسته هو، هن پنهنجو ڪتاب 10 صديءَ جي بلڪل پڇاڙيءَ ۾ ميرزا جانيءَ جي عهد اندر لکي ميرزا خسرو جي نالي معنون ڪيو. انهيءَ ڪتاب ۾ انهيءَ روايت جي آڻڻ مان اهو صاف ظاهر آهي ته اهو بيت هن، ڀرئي ويرداس جي زباني، 980هه کان ٿورو اڳ يا پوءِ ٻڌو هوندو. تنهنڪري اسحاق لوهار متعلق اهو قرينو آهي ته هو 9 صديءَ جي آخر يا 10 صديءَ جي شروع جو هجڻ کپي، يعني ڄام نظام الدين (المتوفي 914هه) جي زماني جو_جيڪو قاضي قاضن جي ڦوهه جوانيءَ جو دور هو.
شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو مفصل ذڪر مير قانع ڪيو آهي (431)، ليڪن ان ۾ سندس سنڌي شاعريءَ ڏانهن ڪوبه اشارو ٿيل ڪونه آهي، حالانڪ ارغونن جي آخري دور، ترخانن جي سموري زماني ۽ مغلن جي ابتدائي عهد (المتوفي 1030هه) جو هي بزرگ، سنڌي زبان جو جيد شاعر هو. مذڪوره دور جي سنڌي ادبي سرمايي مان اسان وٽ فقط قاضي قاضڻ ۽ سيد مرحوم جا ڏوهيڙا بچي پهتا آهن.
قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم ٻيئي هڪ هڪ صديءَ جا شاعر هئا__ پهريون ڏهين صديءَ جي پهرئين اڌ جو ۽ ٻيو بزرگ ساڳيءَ صديءَ جي پوئين اڌ جو.
درويش راڄو ستيه دل رائو ڳوٺ جو هڪ مجذوب مطلق ۽ واصل باالله شخص هو. سندس زبان ڪپيندڙ ترار هئي. جيڪي چوندو هو سو ٿيندو هو. کيس جڏهن ڪو معاملو پيش ايندو هو، ان وقت اٿي بيهي، ڏاڍي سر ۽ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو.(449)
مير قانع انهيءَ بزرگ جي وفات جو سال 977هه لکيو آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته اهو بزرگ به ڏهين صديءَ جو ۽ قاضي قاضن جي دور سان متعلق آهي. مير قانع اهو ڪونه لکيو آهي ته اهو مجذوب پنهنجا شعر پڙهندو هو يا ڪن ٻين شاعرن جا، بهرحال ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته قاضي قاضن جي دور ۾ سنڌي شعر عام جام هو، ۽ شاعر به گهڻي ئي هئا. سندن شعر ايترو ته وڻندڙ ۽ ايڏو ته روح کي راحت ڏيندڙ هو، جو نه فقط سامت وارن سالڪن جي زبان تي هوندو هو، ليڪن هوش ۽ حواسن کان نڪتل مجذوبن جي منهن مان پڻ بي اختيار نڪري پوندو هو.
يارهين صديءَ جي سنڌي شاعري
يارهين صدي، سنڌ تي مغل حڪمرانيءَ جي انتهائي عروج جي صدي هئي. اڪبر، جهانگير، شاه جهان ۽ عالمگير، سڀ انهيءَ صديءَ جا مغل حڪمران آهن. سنه 1000هه ۾ جيئن خان خانان سنڌ کي فتح ڪيو، تيئن ئي سنڌ کي ٽن ٽڪرن ۾ ڪپي، ٽن سرڪارين ۾ ورهايو ويو، يعني سرڪار بکر، سرڪار سيوستان ۽ سرڪار ٺٽو. انهن ٽنهي سرڪارن تي هندستان مان جدا جدا صوبه دار، پنهنجي لاءِ لشڪر سميت مقرر ٿي ايندا هئا. فارسي حڪومت جي زبان هئي، تنهنڪري هتي سنڌ اندر به سڄو ڪاروبار فارسيءَ ۾ ٿيندو هو. سنڌ ۾ مغلن جون ٽي درباريون قائم ٿيون، جن ۾ فارسي شعر و سخن جو چرچو هليو، تصنيف و تاليف سندن سرپرستيءَ هيٺ سڀ فارسيءَ ۾ ٿيندي رهي، ۽ مقالات الشعرا جي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ايران خواه هندستان مان فارسيءَ جا ڪيئي شاعر ۽ مصنف سنڌ جي انهن ٽن مرڪزن ۾ اچي پهتا، جن ارغونن ۽ ترخانن جي پيدا ڪيل فارسي رواج کي نه فقط قائم رکيو بلڪ ان کي تمام گهڻو وڌايو ۽ ڦهلايو. ڪيترا فارسيءَ جا ديوان مڪمل ٿيا ۽ ڪيترا نثر جا ڪتاب لکيا ويا. تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، بيگلارنامو، مظهر شاهجهاني ۽ ترخان نامو، انهيءَ صديءَ جون فارسي تصنيفون آهن.
ظاهر آهي ته اهڙين حالتن اندر سنڌيءَ جي سرپرستي اعلى طبقو ڪٿي ڪندو ۽ سنڌ جي دربارين ۾ سنڌيءَ غريب جي ڪهڙي پرسش هوندي! ليڪن خدا جو شڪر آهي، جو انهيءَ ظلمات ۾ سنڌيءَ لاءِ ڪي روشنيءَ جا تررا موجود هئا. سنڌ جي خدا رسيده بزرگن، صوفين ۽ ولين، خانقاه نشينن ۽ حجرن جي مڪينن حسب دستور سنڌيءَ جو دامن ڪونه ڇڏيو ۽ ان جي سرپرستي ڪندا رهيا.
تحفـةالڪرام ۾ سنڌي شاعرن جي حالات جو ڪو اهتمام ٿيل ڪونه آهي، تنهنڪري ڪتاب ۾ بيان ڪيل ايترن سارن سنڌي بزرگن مان ڪهڙا سنڌيءَ جا شاعر هئا_ ان جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي. اتفاقاً ڪٿي ڪٿي مير ’قانع‘ لکيو آهي ته هيءُ يا هو بزرگ سنڌي شعر چوندو هو. يارهين صديءَ جي پهرين ٽن چوٿائين جي هيترن سارن بزرگن جي سوانح ۾ سنڌي شاعريءَ جو ڪوبه انگ آيل ڪونه آهي، البته ان صديءَ جي آخر جا چند بزرگ ملن ٿا، جن لاءِ سنڌيءَ جي شاعريءَ جو اشارو موجود آهي. انهن جي زماني جو تعين به مير ’قانع‘ ڪونه ڪيو آهي، اسان جو پنهنجو گمان آهي ته اهي يارهين صديءَ جي آخر جا بزرگ هوندا. مثلاً:
ميان ابوالحسن، جنهن جي سنڌي مشهور آهي، ٺٽي جو بزرگ ۽ وڏو عالم هو. هن پهريون دفعو مذهبي عقائدن کي سنڌي نظم ۾ آندو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا. ”تحفـةالڪرام“ جي مصنف سندس وفات جو سال يا زمانو ڪونه ٻڌايو آهي. اسان جو قياس آهي ته هي بزرگ يارهين صديءَ جي آخر ۾ هوندو، ڇاڪاڻ ته مير ’قانع‘ جي لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته (1188هه) کان گهڻو اڳ گذري چڪو هوندو. سندس گهرواريءَ جو ڀاڻيجو ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريو، ميان ابوالحسن جڏهن جهور ڪراڙو هو، تڏهن اڃا 10_12 ورهين جو هو. اهو تمام وڏيءَ عمر جو ٿي، 1167هه ۾ فوت ٿيو. ان جي پٽ جو ذڪر ڪندي ’قانع‘ لکي ٿو ته 1186هه ۾ گذاري ويو. ان مان پڻ اسان جي قياس جي تصديق ٿئي ٿي ته ميان ابوالحسن يارهين صديءَ جي آخري اڌ جو هجڻ کپي. ”تحفـةالڪرام“ ۾ سندس سنڌي نظم متعلق آهي ته ”اسلام جي عقائدن، ايمان ۽ اسلامي فرائض متعلق سندس سنڌي نظم مشهور آهي، جا عام توڙي خاص ماڻهن جو ورد آهي(559).
مرحوم سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ نظم ۽ مثنوي چئي ۽ ڪتاب جوڙيا، جنهن جي پيروي مخدوم محمد هاشم ٻارهين صديءَ ۾ ڪئي.
شاه عنايت اللـﮧ رضوي:
هي بزرگ نصرپور جو ۽ سنڌي زبان جو ڪامل شاعر هو. ’قانع‘ سندس شعر جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ”سندس شعر عارفن جي زبان جو ورد ۽ يقين جي حقيقتن تان پردو کڻندڙ آهي. سندس مزار موسى آهيداڻيءَ جي قبرستان ۾ خلق جي زيارت گاه آهي“(398). هن بزرگ متعلق به اسان جو قياس آهي ته يارهين صديءَ جي آخر جو آهي. ’قانع‘، جنهن پنهنجو ڪتاب (1188هه) ۾ لکيو، تنهن کان گهڻو اڳ ٿي چڪو هوندو. امڪان آهي ته سندس انتقال ٻارهين صديءَ جي بلڪل شروع ۾ ٿيو هجي.
سيد هارون ڍوريءَ هنڱوريءَ جو مشهور بزرگ هو. ’قانع‘ لکيو آهي ته ”پوئين زماني وارن بزرگن ۾، فقيريءَ ۽ رضا ۾ گهڻن فقيرن جو سردار ٿي گذريو آهي. سندس ڪيئي کليل ڪرامتون ۽ محققانه شعر آهن. سندس قبر ڳوٺ جي ٻاهران عام مخلوق جي زيارت گاه آهي“(442).
”پوئين زماني“ جي لفظ جو اطلاق ڪم از ڪم ٻارهين صدي، جنهن ۾ ’قانع‘ پاڻ موجود آهي، ٿي نٿو سگهي. ’قانع‘ جو تذڪرو 8_9 سَو سالن جي بزرگن تي حاوي آهي، تنهنڪري اهڙي تذڪري ۾ ”پويون زمانو“ به ڪم از ڪم صدي ڏيڍ اڳ هجڻ گهرجي: بهرحال جيسين ڪن ٻين ذريعن سان هن بزرگ جي زماني جو يقين ڪونه ٿو ٿئي تيسين هن کي به يارهين صديءَ جي آخر ۾ رکي سگهجي ٿو.
ڪامل مجذوب: هي بزرگ، بقول مير ’قانع‘، ٺٽي جو مجذوب ۽ سالڪ هوندو هو. هميشه رڻ پٽن ۾ پيو گذاريندو هو، ۽ جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ايندو هو، ته قدرت خدا جي سان ان ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪانه ڪا خوشي رهندي هئي. انهيءَ سبب ڪري، ڪيترا ماڻهو کيس پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وٺي وڃڻ لاءِ طرحين طرحين جانا ڀريندا هئا، ليڪن هو جڏهن خيال پوندو هئس تڏهن پاڻهُرتو ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي نڪرندو هو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”مسائل جو جواب جيڪڏهن مرضي پوندي هيس ته ڪنهن سنڌي بيت ۾ ڏيندو هو؛ جيڪو مطلب سان ٺهڪي ايندو هو“(627).
هي مجذوب پاڻ شاعر هو يا ٻين جا بيت پڙهندو هو، ان جي صفائي ٿيل ڪانه آهي؛ بهرحال ان مان سنڌي شعر جي عام رواج جي تصديق ٿئي ٿي. هن بزرگ لاءِ پڻ اسان جو قياس آهي ته 11 صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ٿيو هوندو.
شاهه لطيف جو دور
ٻارهين صدي، جنهن ۾ سنڌ جي شاعريءَ جو سرتاج يعني شاه عبداللطيف پيدا ٿيو، اها صدي مغلن جي زوال جي صدي هئي، جنهن ۾ عالمگير جي وفات کان پوءِ شهزادن هڪٻئي سان وڙهي، مغل سلطنت جو خانو خراب ڪري ڇڏيو، ۽ آخر سنڌ تان سندن حڪومت جو قبضو ٽٽي، پنهنجي سنڌين يعني ڪلهوڙن جي هٿ ۾ آيو، جن جي مادري زبان سنڌي هئي. ليڪن اها سموري صدي به سڪون ۽ راحت، يا امن امان سان ڪانه گذري. شاه عنايت صوفيءَ جي شهادت جو واقعو، نادرشاه جي سنڌ ۾ آمد ۽ لٽ ڦر، مدد خان پٺاڻ جو سنڌ ۾ وارد ٿيڻ، ڪلهوڙن جون پاڻ ۾ خونريزيون ۽ قنڌار جي پٺاڻ حڪمرانن جون سنڌ تي ترڪتازيون، سڀ انهيءَ صديءَ جا امن سوز واقعا آهن. پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌين کي هن صديءَ ۾ سوکڙيون اهڙيون مليون، جن سندن دک درد ۽ ڏک سور سڀ مٽائي ڇڏيا. هڪ ”شاه جو رسالو“ ٻيو ”تحفـةالڪرام“. هڪ سنڌي زبان کي حيات جاويد بخشي ڇڏي ۽ ٻئي سنڌ جي تمدن ۽ تهذيب، تاريخ ۽ تصوف، مشاهيرن ۽ بزرگن کي هميشـﮧ لاءِ زندگي ڏيئي ڇڏي.
هن صديءَ جي پهرين اڌ تائين مغل صوبه دار سنڌ تي ايندا رهيا، ليڪن جڏهن آخري طرح سموري سنڌ ڪلهوڙن جي قبضي ۾ آئي، ان وقت صوبه دارن جو اچڻ بند ٿيو. ڪلهوڙن جي اگرچه مادري زبان سنڌي هئي، ۽ سندن امير امراءَ ۽ انهن جا متعلقين سڀ سنڌي هئا، تاهم سرڪاري لکپڙهه جي زبان اڃا به فارسي هلندي آئي. هن صديءَ ۾ ٽن ملڪن مان فارسي دان اچي سنڌ ۾ پهتا. صديءَ جي پهرينءَ چوٿائيءَ ۾ مغل صوبه دارن جي توسط سان هندستان مان، وچ صديءَ ۾ نادر شاهه جي ڪري ايران مان ۽ صديءَ جي پوئين اڌ اندر احمد شاه ابدالي وغيره پٺاڻ حڪمرانن جي توسل سبب قنڌار کان. خود سنڌين ۾ به فارسي مقبول هئي. مدرسن جي سموري تعليم فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ ٿيندي هئي. عطا، محسن، قانع، رجا، مداح، تسليم، سرخوش، مشوقي، عزلت، عطارد، مشتاقي، مير جان الله رضوي، جهڙا فارسي گو شاعر خود سنڌ جي سرزمين مان پيدا ٿيا. عبدالرﺆف منشي ۽ نورالحق سيوستاني جهڙا فارسي نثر جا مشاق انشا پرداز، سنڌي نرﱞاد هئا. ڪلهوڙن حڪمرانن جو پنهنجو ذوق به فارسيءَ سان هو. نور محمد جي وصيت فارسيءَ ۾ آهي. طب دائودي ۽ صيدنامو به شاهي خاندان جي افرادن جو لکيل آهي. محمد علي عالي، ۽ سرفراز خان وغيره پڻ فارسيءَ جا صاحب ديوان شاعر هئا.
ليڪن اهي سڀ سهولتون اگرچه فارسيءَ لاءِ مهيا هيون، اها سموري سرپرستي جيتوڻيڪ ڌاري زبان جي لاءِ وقف هئي، ان هوندي به سنڌي هن صديءَ اندر خوب ڦَلي ۽ ڦهلي.
”تحفـﺔ الڪرام“ اندر اگرچه هن دور جي سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪونه آيو آهي، ايستائين جو خود شاه عبداللطيف جي بيان ۾ به سندس سنڌي شعر ڏانهن اشارو ڪونه ٿيل آهي، ليڪن سنڌ جي ادبي تاريخ جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته شاه جا همعصر ڪيترائي سنڌيءَ جا شاعر هئا، جن جو ذڪر هن مضمون جي حدن کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻ کي هتي ”تحفـﺔ الڪرام“ جي اطلاعن تائين محدود رکيو آهي.
شاه عبداللطيف عليه رحمـﺔ ڏوهيڙا، سنڌ جي قديم شاعرن جا ٻڌي، پوءِ چيا، اهڙيءَ طرح ڪافيون پڻ صدين کان سنڌ جي ادب ۾ مروج هيون، ۽ شاه انهن کي ’وائيءَ‘ جو نالو ڏيئي تصنيف ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جي عشقيه قصن جي سلسلي ۾ مشهور آهي ته انهن کي شاه لطيف ڏوهيڙن ۾ آڻي، مختلف حقيقي ۽ روحاني رمزون ۽ مطلب ڪڍيا، ليڪن هن مضمون ۾ اسان ڏسي آيا آهيون ته انهن قصن کي سنڌي نظم ۾ آڻڻ جو رواج پڻ شاه کان ڪيئي صديون اڳ هو. خود شاه جا وڏا معاصر شاه جي دور ۾ اهي قصا پنهنجي ڏوهيڙن ۾ قلمبند ڪري چڪا هئا. ليڪن باوجود انهن سڀني ڳالهين جي، شاه جو مقام سنڌي ادب ۾ ايترو اوچو آهي، جو نه کانئس اڳ ڪو انهيءَ مقام تي پهتو ۽ نه وري پوءِ ڪو پهتو ۽ پهچندو.
”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف فارسي شاعريءَ جو عاشق هو، سنڌيءَ شاعريءَ جو هو قائل ڪونه ٿو ڏسجي_ انهيءَ حد تائين، جو هن شاه جي شاعريءَ کي به ڪا اهميت ڪانه ڏني آهي ۽ نه ان جو ذڪر ڪيو اٿائين. اسان کي يقين آهي ته هن دور اندر ڪيئي سنڌيءَ جا شاعر ٿيا هوندا، جن جو تذڪرو ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ موجود به هوندو، ليڪن انهن جي احوال ۾ سنڌي شاعريءَ جو چونڪه ذڪر ڪونه آهي تنهنڪري اسان کي خبر پئجي نٿي سگهي.
يوسف سهتو: هن بزرگ جو احوال ٺٽي جي مشائخن ۾ ڪيو ويو آهي، ۽ لکي ٿو ته ”پنهنجي وقت ۾ حال ۽ قال جو صاحب هو، ۽ سنڌي زبان جو مشهور شاعر هو. سنڌي شاعرن جو ميلو سندس خانقاه تي لڳندو آهي“(581).
’قانع‘ سندس زماني جو تعين ڪونه ڪيو آهي، ليڪن قرينو اهو آهي ته هي بزرگ شاه کان اڳ جو يا ڪم از ڪم شاه جو وڏو معاصر هو. ليڪن ٻي اهم ڳالهه، جا مير ’قانع‘ جي مٿينءَ عبارت مان ظاهر ٿئي ٿي، سا هيءَ آهي ته شاه جي دور خواه قانع جي زماني ۾ يوسف سهتي جي مزار تي سنڌ جا سنڌي شاعر هر سال ميلو لائيندا هئا. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته:
(1) شاه ۽ قانع جي دور (1165۽1188هه) تائين اهو ميلو لڳندو هو.
(2) ٺٽي خواه سنڌ ۾ ايترا گهڻا سنڌيءَ جا شاعر هئا، جو جڏهن سال ۾ هڪ دفعو اچي يوسف سهتي جي مزار تي گڏ ٿيندا هئا، ته ميلي جيترا ٿي پوندا هئا_ اگرچه غير شاعر به ميلي ۾ موجود هوندا هئا.
(3) انهيءَ ميلي ۾ جڏهن شاعر اچي گڏ ٿيندا هوندا، تڏهن ظاهر آهي ته پنهنجا شعر به پڙهندا هوندا ۽ هڪٻئي جا شعر به ٻڌندا هوندا، گويا شاه عبداللطيف جي زماني ۾ اهو هڪ قسم جو سنڌي مشاعرو ٿيندو هو.
مخدوم محمد هاشم:
سنڌ جو هي لافاني عالم 10_ربيع الاول 1104هه ۾ ڄائو. ”تحفـﺔالڪرام“ ۾ سندس ذڪر آيو آهي. ميان ابوالحسن کان پوءِ هي پهريون بزرگ آهي، جنهن ان جي تتبع ۾ سنڌي زبان ۾ تصنيفون ڪيون ۽ مذهبي معاملات متعلق ڪيئي ڪتاب سنڌي نظم اندر لکيا جيڪي اڄ تائين مشهور ۽ معروف آهن.
مخدوم صاحب شاه عبداللطيف جو معاصر هو ۽ شاه (المتوفي 1165هه) کان چند سال پوءِ يعني 6_رجب 1174هه جي فوت ٿيو.
شاه عبداللطيف جو ساڻس ڪوبه رستو ڪونه هو. البته سندس علمي رقيب مخدوم محمد معين سان شاه جي ياراني هئي ۽ شاهه بار بار ٺٽي ۾ ان کي ڏسڻ ايندو هو.
بهرحال ميان ابوالحسن کان پوءِ سنڌي ادب جو هي ٻيو شاعر آهي، جنهن نظم ۽ مثنوي تصنيف ڪئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب جوڙيا.
(منيلا، 22_ آڪٽوبر 1959)
[روزنه ”مهراڻ“_ سالگره نمبر، 1959]