لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي 2

ٺٽي ننگر متعلق وڌيڪ معلومات
_______
(نقشا، تصويرون ۽ انهن جي سمجهاڻي)

هت آءُ ٺٽي ننگر جي ڪيترن مزارن، مسجدن، مقبرن، جاين ۽ عمارتي هنرن جا فوٽا ڏيئي رهيو آهيان، جن مان ڪي فوٽا مون 1962ع ۾ ڪڍيا هئا ۽ ڪي تازو 22_27 سيپٽمبر 1972ع ۾ ڪڍيا اٿم. پهرئين دفعي مرحوم قاضي علي محمد (ڏسو تڪملـﮧ مقالات شجرو ص 118) رهنمائي ڪئي هئي ۽ هن ڀيري ٺٽي جي آخري مشهور شاعر سائين زمان شاهه رضوي مرحوم مغفور(1) جي فرزند سائين گلزار علي شاهه ۽ شيخ محمد امين صاحب سيڪريٽري هسٽاريڪل سوسائٽي ٺٽي جي، منهنجي مدد ۽ همراهي ڪئي، جنهن لاءِ آءُ سندن بيحد ٿورائتو آهيان.
هن دفعي جي ڏسڻ ۽ تحقيق ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته خوشقسمتيءَ سبب سنڌ جي هن تاريخي شهر ۾، جنهن کي تاريخ ۾ پنهنجي علمي، تهذيبي ۽ ثقافتي برتريءَ سبب بغداد، بخارا، سمرقند ۽ دمشق جو ثاني سڏيو ويو آهي، اڃا تائين ڪيترا تاريخي آثار موجود آهن_ جهڙوڪ بزرگن جون مزارون، مقبرا، مسجدون، بازارون ۽ محلا وغيره. محلن ۽ پاڙن جا نالا اگرچ هاڻي بدلجي ويا آهن، تنهن هوندي به ڄاڻُنِ کي اُنهن جا پراڻا تاريخي نالا ياد آهن.
ٺٽو روز بروز زبون ٿيندو وڃي ٿو، ممڪن آهي ته اڄ جيڪي تاريخي نشان ملن ٿا سي به ڪن سالن پڄاڻان وڃائي ويهي رهون. تنهنڪري وقت ۽ صورتحال کي غنيمت ڄاڻي، اسان کي انهيءَ شهر جي تاريخي حد بندي ڪري، ان جو تاريخي نقشو ٺاهڻ کپي ۽ جيڪي پاڙا ۽ تاريخي آثار آهن، انهن جي حفاظت جو بِلو ڪيو وڃي.
هنن تازن دؤرن ۾ مون کي معلوم ٿيو ته هيٺيان محلا، پاڙا مزارون، مشهور جايون ۽ مسجدون موجود آهن.

(1) محلا

مل شير، شير خاناڻي، شاڪراڻي، شڪر الاهي، شاهه مين، بٽواڻي، تئندسر (اسلام پور)، کٽي محلو، مخدوم محلو، پتي هٽ (هي تاريخي محلو آهي ۽ اڃا اُنهيءَ نالي سان هليو اچي)، قاضي محلو، عقيلي محلو، گيدڙِنِ جو محلو (هي تازو نالو انهن جي رهاڪن جي نسبت تي آهي)، عابداڻي (شاهه مبين جي ڀر ۾)، ڪشمشي محلو، بٺالا محلو، چانداڻي محلو، عباسين جا ٻه محلا (موليڏني صاحب عباسيءَ جو ۽ ٺيڪرِن جو، پويون محلو شاهه مسڪين جي ڀر ۾ آهي)، لوهارن جو محلو (شاهه مسڪين جي لڳ)، وڏن جو محلو، قاصائي محلو، اميرخاني محلو (جامع مسجد جي اوڀر _ اتر ۾)، انگريزن جو محلو (خضري مسجد جي پٺيان، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ انگريزن اتي واپاري ڪوٺي ڪڍي هئي ۽ اڄ تائين انهيءَ نسبت سان مشهور آهي)، رضوي ساداتن جو محلو (اهو دراصل اگر محلي جو حصو آهي)، شيرازي محلو، ڀاڀي محلو، جمال محلو، مس گر محلو (مسڪر).

(2) پاڙا

محلن ۾ جدا جدا پاڙا آهن، جيڪي ذات يا ڪنهن بزرگ جي مزار جي نالي پٺيان سڏجن ٿا، مثلاً: شاهه ڪمال پاڙو، کٽي پاڙو، کهنباٽي پاڙو، (شاهه مبين جي محلي ۾)، صابوگر پاڙو (شاهه مبين جي محلي ۾)، بخاري پاڙو (شاهه ڪمال جي محلي ۾). هيٺيان پاڙا محلي تندسر ۾ _ جنهن کي هاڻي اسلام پور چيو وڃي ٿو _ آهن: واسواڻي پاڙو، ڪوٽائي پاڙو، وزن ڪشن جو پاڙو، غني پاڙو، ڀيلن جو پاڙو، حبشي پاڙو، ڇاپائي پاڙو، ڪاٺيارن جو پاڙو، درسن جو پاڙو. ٻين مختلف حصن ۾ هي پاڙا آهن: وارين جو پاڙو، خلالخورن جو پاڙو (هي پتي هٽ محلي ۾ آهي)، سيد تيرهن جو پاڙو، دُبائي پاڙو، سون پاڙو (هي شيرازن جي امام بارگاهه مٿان آهي)، ساد پاڙو، لاسي پاڙو (هي جامع مسجد جي لڳ آهي). مسجد جي اوسي پاسي ۾ ٻيا هي پاڙا آهن: مثلاً حجام پاڙو، ماڻڪاڻي پاڙو، ميمڻ پاڙو، پلنگ پاڙو (هي پاڙو مسجد امير خانيءَ جي ڀرسان سَر اولهه ۾ آهي. اتي ميدان هو، پاڪستان کان اڳ اتي هڪ وڏو صندل، جنهن کي پلنگ چوندا هئا، ٻيل هو. شام جو ڪم ڪار لاهي، چلم ٺاهي، اوسي پاسي ۾ موڙا ۽ کٽون وجهي، هندو ڪچهري ڪندا هئا، اهو سندن روزانو معمول هو. انهن جي وڃڻ بعد ڪيترو وقت پلنگ پيل هو، ڇاڪاڻ ته اهو ڳـؤراڻ سبب کڄي نٿي سگهيو، پر پوءِ ڪنهن شاهينگ اَو يڪِيو پراپرٽيءَ جي آوه ۾ آڻي، ان کي وڪڻي، کائي ڇڏيو يا ڪاٺيون ڪري ساڙي ٻاري ڇڏيو. پلنگ پاڙو گويا هڪ ڪلچرل سينٽر هو، جو ڪم از ڪم مني صدي هلي، هن هلندڙ دؤر ۾ هميشـﮧ لاءِ ختم ٿي ويو.)_ جانگلا پاڙو، رِڊُ پاڙو، کيٽ پال (بديع الزمان جي گهر وارو پاڙو)، دُبل لاسي پاڙو (ميروءَ جي تلاءَ وٽ)، چنڊاڙا پاڙو، اوسيڙا پاڙو (عرف سوداگرن جو پاڙو اگر محلي ۾)، ڪٽ اگر پاڙو، سمن جو پاڙو (کڏ فاضل بيگ جي ڀر ۾. هي شايد اهو ماڳ مڪان هجي جتي پنهنجي دؤر ۾ سمن سلطانن جا محل ۽ ماڙيون هوندا هئا.)، سيدن جو پاڙو (هي به فاضل بيگ جي کڏ وٽ آهي)، سُندراڻي پاڙو (پوليس چوڪيءَ مٿان)، سُوجهائي پاڙو، ڪالاڻي پاڙو (بازار جي مٿان)، سبزپوشن جو پاڙو.

(3) مشهور ماڳ ۽ مڪان

کير بازار، گدا بازار، مجرا مندر، ڪاري ماڙي، پلنگ پاڙي جو ميدان، ميروءَ جو تلاءُ، عالي جان واهه، تندسر جو پيٽ، فاضل بيگ جي کڏ، علي جان جي پل (جنهن جو ”عطا“ذڪر ڪيو آهي)، سبز پوشن جي مسجد (عطا شاعر واري)، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو گهر ۽ حُجرو، مخدوم محمد هاشم ۽ مسجد، پير آسات جو گهر، مسجد ۽ مدرسي جي زمين.

(4) مزارون ۽ مقبرا

هن وقت جڏهن ته ٺٽو تقريباً سڄو برباد ٿي چڪو آهي، ڪيترن تاريخي بزرگن ۽ خدا جي بندن جون مزارون ۽ مقبرا اڃا به شهر جي مختلف پاڙن ۽ محلن ۾ موجود آهن. انهن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي، انهن لاءِ اهو به لکيل آهي ته ڪهڙي پاڙي ۾ دفن هئا. 962هه ۾ پورچوگيزن جي حملي وقت جن جاين تي شهيدن کي دفن ڪيو ويو ۽ انهن جو نالو ’گنج شهيدان‘ پيو، سي جايون ۽ ميدان پڻ سلامت آهن. تاريخي محلن جا اصلوڪا نالا بدلجي، هاڻي انهن مقبرن ۽ مزارن جي نالن سان مشهور آهن. انهن موجوده ذريعن جي آڌار تي اسين نهايت آسانيءَ سان شهر جي تاريخي حدبندي ڪري سگهون ٿا. هن وقت ڪم و بيش چوهٺ (64) بزرگن ۽ معروف شخصيتن جا مدفن شهر ۾ موجود آهن، جن جا نالا هي آهن:
شاهه ڪمال(محلو مسگر_ پاڙو شاهه ڪمال)_ پير عباس ۽ مسجد پير عباس (مسگر محلو_ ڪشمشن جو پاڙو)_محمود شاهه (مسگر محلو)_ شاهه ڏنو (مرشد شاهه ڪمال_ محلو مسگر)_ بيبي قدم(مسگر_بس اسٽينڊ)_ لال شاهه بخاري (مسگر_ بس اسٽيڊ) شاهه مبين (گدا بازار_ شاهه مبين محلو)_ خواجه اشرف صفي عرف مشرف علي شاهه چشتي (گدا بازار_شڪر الاهي محلو)_ شاهه لڌو (گدا بازار_کير بازار)_ يتيم مردان عرف اتي مردان (گدا بازار_تندسر_ جي ڀر ۾ واسواڻي محلو)_ شاهه منظم ٻانگو(گدا بازار_ تندسر_ واسواڻي محلو)_ شاهه حسين (تندسر_ ميروشاهه جو تلاءُ)_ شاهه ابراهيم جيلاني (تندسر جو ڪنارو_ڪنڀارن جي گهرن وٽ _ محلو اسلام پور)_ ڇتن شاهه_ (تندسر ڇاپائي محلو_ اسلامپور)_ نٿن شاهه (مرشد ڇتن شاهه ٻيئي قبرون گڏ آهن)_ شاهه ابراهيم (تندسر_ڇاپائي محلو)_ ٽي بيبيون (شيرازي خاندان جون، تندسر_ ڇاپائي محلو)_ ميرو شاهه شيرازي (ميرو شاهه جو کوهه_ تندسر)_ لال ڇتو (تندسر_نئين تلاءَ جي اتريين پاسي قبرستان ۾)_مخدوم قاسم(تندسر_ ملاکڙي جو پَٽ)_ شاهه حسين جيلاني (تندسر_چانگن جو ڳوٺ_ ٻاڏن جي گهر سان لڳ)_ شاهه برهان (تندسر_ سوني منڊين جو پاڙو)_ بيبي راڻي (تندسر_ عطارن جو پاڙو)_ حاجي سليمان (تندسر_ٽڪائين جو پاڙو_ محلو اسلام پور)_ شاهه ابراهيم (مغلواڙو_رضوي سيدن جي گهر پٺيان)_ بابو شاهه بودلو (مغلواڙو_ سوداگرن جا گهر_ محلو اگر)_ شاهڏنو ايسار (مغلواڙو_ايسار)_ شاهه البو (پتڻ واري رستي تي الهندي طرف (ناڪي وٽ)_ شاهه گوهر گنج (سهتيه_ گورگنج)_ شمس تبريز (۽ ٻيو درويش _سهتيه _ گورگنج)_ محراب شاهه (سهتيه_گور گنج)_ علي شاهه ناگائي (سهتيـﮧ_گورگنج)_ ننگر فقير (آگر)_ شاهه عبدالواحد جيلاني (آگر_ مضبوطن جي ڊٻ)_ حسين شاهه بخاري (اگر)_ پير دادن شاهه ۽ ٻيون تربتون (اگر_ مهدوي رضوي محلو)_ شاهه اسماعيل بخاري (اگر)_ لاکو شاهه (اگر)_ ابراهيم شاهه بخاري (امير خاني قلعو(1) عرف جامع مسجد جو دروازو_ محلو امير خاني)_ شاهه صدر لڪياري (قلعو عرف جامع مسجد جو دروازو_ محلو امير خاني)_ شاهه عبداللطيف (محلو امير خاني_ ڀاٽين جو پاڙو)_ پير شاهه بخاري (محلو؟) شيخ فريد شڪر گنج (غله بازار_ پتي هٽ_ ڌوڙڌين جي گهر وٽ، نزديڪ مڇي مارڪيٽ)_ شاهه محمد مڪي (غله بازار_بازار جو ڇيڙو_ پتي هٽ_ هن بزرگ جي ٻي تربت حيدرآباد جي ڪچي قلعي ۾ آهي)_ محمد شيرازي (غله بازار_ پٽي هٽ)_ شاهه حسين (غله بازار_ عقيلي محلو)_ شاهه مسڪين ۽ خاڪي شاهه (شاهي بازار_ غله بازار_ ڪپڙي بازار)_ ابراهيم شاهه غازي (غله بازار_مَنگهائي مسجد)_سيد اسماعيل محلـﮧ خواجا شڪر_ بَٽِواڻي پاڙو)_ملوڪ شاهه (مشرف علي شاهه چشتيءَ جو پڙ ڏاڏو_ شيخ بهاع الدين جي الهندي پاسي)_پير سائبو (ٻه تربتون گڏ_ چوڪ عبدالغني_ پلنگ پاڙو)_پير آرڏو (تندسر_ چانگ پاڙو_ الهورائي گوڙ جي پاسي ۾ ڀڳل مسجد وٽ)_ شاهه اسماعيل (ورين جي گهر لڳ)_ جاڙا پير (ٻه قبرون_ مخدوم محمد هاشم جي گهر وٽ)_ٻڍل شاهه (کدڙن جي مڙهيءَ وٽ_سائين جي گهر سامهون)_ڇتن شاهه (اڳڙن جي گهر سامهون وڏي تربت)_ شاهه گل ۽ شاهه گهوٽ (حمالين جي گهر پٺيان رستي تي ٻيئي ڀائر هئا)(1)_ شاهه ابراهيم بخاري (پراڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي گرائونڊ ۾)_ لال ڇٽو (آمون شيديءَ جي گهر الڳ_ تار پاڙي ۾)_ شاهه بندر (هنومان مندر جي پاسي ۾_ مڪليءَ جي دروازي وٽ)(2)_ پير جڏڙو (مشهدي سيدن جي پاڙي ۾_ هاڻي کڏ وارا سيد سڏجن ٿا. کجين جي جُهنڊ ۾ ڪچي رستي تي)(3).

(مٿي ذڪر ڪيل بزرگن مان ڪن جي قبرن جا فوٽا آءُ هن مضمون ۾ شامل ڪري رهيو آهيان).

(5) مزارن جا ڏڻ وار

شهر جي هيٺين بزرگن جي مقبرن تي مقرر تاريخن تي ميلا، ختما ۽ خيراتون اڄ تائين ٿينديون رهن ٿيون:
(1)شاهه ڪمال مليو27 رجب ۽ هر مهيني ۾ ختمون.
(2) شاهه مسڪين ۽ خاڪي شاهه 18_19 جمادي الاول، عرس.
(3) شاهه ابراهيم27_28جمادي الاول، عرس.
(4) شيخ فريد شڪرگنج 10 شعبان، ميلو.
(5) بابو شاهه 17 رجب، ميلو.
(6) شاهه گوهر گنج 27_28 شعبان، ميلو.
(7) شاهه مبين 1 ذي الحج، ميلو.
(8) شرف علي شاهه لودي چشتي 27_29 ربيع الثاني، عرس.
(9) شيخ بهاءُ الدين صفر پوئين اربع، ميلو.
(10) پير قادري 11 ذي الحج، ختمون.
(11) پير ملوڪ شاهه 12 ربيع الثاني، صرف ختمون.
(12) بيبي راڻي 28 جمادي الاول، صرف ختمون.
(13) حاجي سليمان 19_ تاريخ هر ماهه ختمون، 19_رمضان تي عرس.
(14) حسين شاهه (تندسر وارو) 2_ تاريخ عيدالفطر جي مهيني ۾ ختمون.
اهي مشهور ميلا ۽ ڏڻ وار آهن. ٻين مزارن ۽ مقبرن تي به جدا جدا رسمن ۽ سببن ڪري ماڻهو باسون، وٽون ۽ سکائون کڻي ويندا آهن. گويا هرهڪ مزار سان ڪانه ڪا روايت ۽ ڏڻ وار منسوب آهي.

(6) ٺٽي شهر ۾ رهندڙ قومون ۽ انهن جا عرفي نالا

ٺٽي شهر ۾ هن برباديءَ واريءَ حالت ۾ به تقريباً هڪ سـؤ چوهٺ ذاتيون ۽ قبيلا رهن ٿا، جن مان ڪيترا قديمي آهن ۽ ڪن ذاتين تي عجيب عرفي نالا، جن کي سنڌيءَ ۾ آل چيو وڃي ٿو. پيل آهن. هيٺين فهرست سيد گلزار علي شاهه ولد مرحوم سيد محمد زمان شاهه رضويءَ مون کي 22_ سيپٽمبر 1972ع جو مرتب ڪري ڏني آهي، جنهن لاءِ آءُ سندس بي اتنها شڪر گذار آهيان.
هيٺئين فهرست ۾ ميمڻن جا گهڻي ۾ گهڻا پاڙا آهن، جن تي جدا جدا عرفي آلَ پيل آهي. ميمڻن جو ٺٽي شهر ۾ مغل دؤر اندر ۽ مغلن جي زوال واري زماني ۽ وڏو اثر رسوخ هو. سمورو ڪاروبار سندن هٿ ۾ هو، ۽ اقتصادي قبضو سندن هو. عبدالحڪيم عطا، ٺٽي جي مشهور شاعر، پنهنجي ’شهر آشوبن‘ ۾ سندن زبان، هلت چلت ۽ ڪاوباري زندگيءَ ۾ سخت گيريءَ متعلق ڏاڍي شڪايت ڪئي آهي (ڏسو تحفـﺔ الڪرام، مرتب حسام الدين ص 423). ڪيتريون آلون نهايت دلچسپ ۽ پُر معنيٰ آهن_ جنهن قبيلي يا پاڙي تي پيل آهن، انهيءَ جي اطوارن متعلق نشاندهي ڪن ٿيون.
ميمڻن تي آلون: اڳڙا، آٽائي، بَرڙ، بيگاڻي، بجالاڻي، بَڊي، بِندرا، بَٽوئڻان، ڀُنڊ، ڀـؤنڀِڙا، بيڍنگا، بَڊاڻي، تِتِرَ، ٽِڪَ، پَلائي، پُولِڙا، پاڏا، پکيئڙا، پخالي، پيچارا، پٽڪمي، جَنڊڙآ، جوڙن وارا، چاڪي، چِڪن دوز، هيڊڙا، حمال، هالائي، حافظ، دُونگا، دکا، ڌوڙ ڌوئا، ڌَڙِ وائي، ديگلار، ڌمبر، دُبائي، ڏاندڙا، ڊاڳائي، رانئوٽي، زردوش (زر دوز)، سوني منڊي، سونارا، سوکالڙا، شير خاناڻي، شاڪراڻي، شاعر (شايد هنن جي وڏن مان ڪي شاعر هئا)، عطار، غَفي، ڪانگ، ڪارڙا، ڪارَ، ڪاٺيار، ڪينار، ڪاٺوڙا، ڪاٽوني، کُڻ، لُڏائي، کاٽڪي، کونڀائي، ککڙا، کجر، گدڙ، گونرا، گڏوڙا، گونگائي، گوند وارا، ٺوڻا، لونگائي، مَڇَر، مُمبائي (هي شايد بمبئيءَ کان آيل آهن)، ماڻڪاڻي، مڪڙ، مئيندڙا، موراڪي، مَنَ، مُنور، ٺيڪري، نورسيا (شايد هي پوءِ شاهوڪار ٿيا هوندا، موراڪي، مَنَ، مُنور، ٺيڪري، نورسيا (شايد هي پوءِ شاهوڪار ٿيا هوندا، جنهنڪري نورسيا مٿن آل پيئي، نوريسا محلو تاريخي آهي)، نانگ، وزن ڪش، وينجهر، وفاڻي لٽائي.
مُلن تي آلون: بسڪوٽي، بوڳڻي، درس، غسال، خياز، مسوارا، مئيت، مولبي.
سادات: سيدن جا قبيلا هي آهن_ انور، باغائي، بوزائي، بخاري، تيرا، چڪائي، باڏائي، شيرازي، شڪرالاهي صوفي، ڪٽائي، کڏائي، لودي، منگڻاڻي، مهدي (رضوي سيد)، ميرڪي، ميرخاني (امير خاني).

ٻيا قبيلا: ٺٽي جي ٻيا مختلف قبيلا هن ريت آهن_ آسماني (شيدي)، عابداڻي، اوسيڙا (شيخ)، بٽ (ڀٽ فقير)، بوري (اسماعيلي)، بورچي (سما)، ٽَپِڙي (شيخ)، جِنڙي (شيخ)، جَبَلي (شيخ)، جَهويري (شيخ)، جَلواڻي، چَنڊ، ڇالپائي (قريشي)، ڇوڙائي، ڇلي ڪس، خان (مغل)، خليفا، خاناڻي، سبز پوش، سوداگر، سِرائي، سَروان، سنڙا، شِفعاڻي، شيشگل، صابوگر، جَشني، ڪنڙا (ڪولوڙا)!، ڪلاڙَ (شيخ)، ڪوٽائي (قريشي)، ڪوندي (شيدي)، ڪئينڊِڙا، ڪشمشي، ڪوئا، ڪُنڀار، قاصائي، کُماڻ، ڪَرناڻي، مَلِشيري (شيدي)، متزائي (مسقطي)، مرزان، مضبوط، مخدوم، مشقطي، منصبدار (مغل)، مَخول (غالباً هي مسخرا شيدي هوندا هئا). بَٺارا، نقشبندي، ناٿاڻي، نقيب، واسُعاڻي، واڍا (سما ۽ ٻيا).

مٿين معلوماتي ۽ تاريخي شواهدن ۽ ذخيري کي سامهون رکي،
آءُ سنڌ جي حڪومت کي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي تهذيب جو واسطو وجهي عرض ڪندس ته محڪمه آثار قديمه ۽ محڪمه اوقاف جي گڏيل وسيلي سان ٺٽي شهر لاءِ هيٺيان قدم کڻي:

(الف) شهر جي سروي ڪئي وڃي.
(ب) شهر ۾ يا شهر جي آسپاس جيڪي مقبرا، مزارون، مسجدون يا تاريخي آثار آهن، انهن کي نروار ڪيو وڃي ۽ محفوظ ڪيو وڃي، ۽ هر هڪ مقبري، مسجد ۽ ماڳ تي نالي ۽ تاريخ جي تختي هنئي وڃي.
(ج) انهيءَ سروي ڪرڻ ۽ آثارن کي نروار ڪرڻ بعد تاريخي ڪتابن، جهڙوڪ تاريخ معصومي_ تاريخ طاهري_ ترخان نامون_ تحفـﺔ الڪرام_تحفـﺔ الطاهرين_ معيار سالڪان طريقت_ مڪلي نامون_ ۽ راقم الحروف جي مختلف مضمونن کي سامهون رکي، شهر جي قديم محلن، پاڙن، بازارن ۽ چوڪن جي حدبندي ٿيڻ کپي.
(د) ۽ انهيءَ کان پوءِ شهر جو تاريخي نقشو تيار ڪجي، جنهن ۾ اهي سمورا آثار ۽ محلا، پاڙا ۽ بازارون، مقبرا ۽ مسجدون ڏيکاريون وڃن.
اهو وقت جو آواز آهي ۽ اها تاريخ جي صدا آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. موجوده حڪومت انهيءَ عمل ڪري دائمي طرح سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ثبت ڪري ويندي.
(7) تصويرون ۽ انهن تي حاشيا:
هن کان پوءِ ٺٽي شهر جي متعلق هڪ عام نقشو ۽ 92 تصويرون ڏنيون وڃن ٿيون. نقشو موجوده ميونسپل حدن کي ڏيکاري ٿو ۽ تصويرون ڪيترين تاريخي مسجدن، مقبرن، ۽ مزارن جون آهن. ٺٽي جي جاين جي اڏاوت جي طور طريقي ۽ عمارتي ساخت کي سمجهڻ لاءِ به ڪي تصويرون آنديون ويون آهن. ڪاٺ تي اُڪر ۽ چٽساليءَ کي به ڏيکاريو ويو آهي. وڌاوڙن، بالڪنين ۽ ٻه ماڙن ۽ انهن جي آڳُرن ۽ وچ جاءِ ۾ اڱڻ جو نمونو ۽ ان جي چوڌاري ورانڊو، ٺٽي جي عمارت سازيءَ جي خصوصي نقطن کي ڏيکارڻ، ظاهر ڪرڻ ۽ بجاءِ خود هڪ تاريخي عمل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پڻ ڪي تصويرون ڏنيو ويو آهن. تصويرن کان اڳ ۾ هر هڪ تصوير متعلق نمبر سامهون ڏيئي سمجهاڻي لکي ويئي آهي ۽ سمجهاڻيءَ جي وچ ۾ جتي ڏنگين ۾ (ڏسو صفحو) آهي، ان مان هن ڪتاب ۾ آيل اڳئين مضمون (43_125) جو صفحو مُراد آهي.

تصويرن لاءِ سمجهاڻيون
(1) ٺٽي شهر جي ميونسپل حدن جو نقشو.
(2_3) مسجد خضري جڙيل1022هه_داخلي دروازو ۽ محراب جو تاريخي ڪتبو_ (ڏسو ص90).(1)
(4_5_6_7) جامع مسجد شاهجهاني جا تاريخي ڪتبا_ (ڏسو ص97).
(8) مسجد جامع شاهجهانيءَ جو نقشو.
(9_10) اتر ۽ اولهه جا حجرا، جتي تعليم ڏني ويندي هئي يا مهمان ۽ مسافر رهندا هئا.
(11_12) اولهه ۽ اوڀر جي ڍڪيل حصي (اصل مسجد) جا پيش طاق (مهاڙيون).
(13_14_15) ڇتين تي ڪاشيءَ جو ڪم.
(16_17_18_19_20) محراب ۾ چؤگوشن تي ڪاشيءَ جو ڪم.
(21_22) مسجد امير خاني (ڏسو ص94).
(23_24_25_26) جامع خسرو مسجد دابگير (ڏسو ص 88)
مسجد جو ڇتائون حصو_ محراب جو تاريخي ڪتبو (997هه)_ ڇت تي ڪاشيءَ جو ڪم ۽ محراب ۾ پٿر تي اُڪر جو خوبصورت ڪم.
(27_28_29_30) جامع فرخ جا تاريخي ڪتبا، جيڪي هن وقت نيشنل ميوزم جي اڳيان هنيا ويا آهن (30 نمبر).
28 نمبر واري ڪتبي جي وچ ۾ طغرائي نقشيدار هيءَ عبارت آهي_ الله رسول علي.
ڏسو انهن ڪتبن تي مضمون
A PERSIAN et A PERSIAN
INSCRIPTION OF SHAH HASAN ARGHUN
BY Dr. M.A, Ghafur, J.A S. Pakistan, Dacca,1962, P.277.
(31)مسجد ولي نعمت شاهه مراد شيرازيءَ جي جوڙايل (ڏسو ص84).
(32)مسجد صفه (ڏسو ص 85). هن وقت سيد عاليءَ جي مسجد سڏجي ٿو_ هيءَ تصوير 1962 جي نڪتل آهي.
(33) مسجد صفـﮧ_ هيءَ تصوير مرمت ٿيڻ بعد سيپٽمبر 1972ع ۾ ڪڍي ويئي آهي. اهي ٻيئي مسجدون، مسجد ولي نعمت ۽ مسجد صفه، شيرازي ساداتن جي محلي ۾ آهن.
(34) مئين جي مسجد حاجي اشرف ميمڻ جي تحويل ۾ آهي ۽ هو صاحب هر مهيني يارهين شريف انهيءَ مسجد ۾ ڪندو آهي، تازو آيل ڪاٺياواڙي ميمڻن ان جي مرمت ڪرائي آهي.
محلي تندسر، جنهن کي هاڻي اسلامپور جو نالو ڏنو ويو آهي، اها مسجد انهيءَ ۾ آهي. تصوير 1962ع جي نڪتل آهي.
(35_36) مسجد قمري (گدا بازار) داخلي دروازو ۽ اندرين مُهاڙي، هيءَ مسجد تازو مرمت ٿي آهي. (هن جو احوال پڙهجي ص104تي).مسجد مخدوم علي احمد قمريءَ جي نسبت سان مشهور آهي ۽ ان ۾ ٻين سان گڏ مخدوم علي احمد قمري پڻ درس ڏيندو هو. مخدوم جو سلسلو هن طرح آهي:

مخدوم اسحاق(1)
مخدوم آدم متوفي 1066هه مخدوم علي احمد قمري
| (مدرس)
ميان ابوبڪر متوفي 1085هه
| |
شيخ عبدالباسط مخدوم رحمـﺔ الله
(مدرس_ شاعر، عهد، عهدِ عالمگير) (طالب العلم مدرس)
| |
محمد اشرف مخدوم عبدالجميل
(منشي_ ميان سرفراز 1188هه ۾ زنده هو) متوفي 1154هه، مدرس_
مخدوم ضياءالدين ٺٽويءَ
جو نياڻو
| |
مخدوم نعمت الله متوفي 18 ذوالقعد مخدوم ميان محمد صادق
1179هه مدرس_ استاد مير قانع، شاگرد مدرس_ استاد قانع
مخدوم ضياءٌالدين ۽ مولوي محمد صادق |
(ميان سرفراز سندس معتقد هوندو هو) ميان عبدالجميل عرف
ميان متو، 1188هه
موجود هو.
(37_38) مسجد حاجي سليمان محلو تندسر جنهن کي ٺٽي وارا هن وقت ’ٽِنڊسِرَ‘ چون ٿا. مسجد کي ’ٽڪاڻي واري مسجد‘ سڏيو وڃي ٿو. مسجد چَنڊنِ جي پاڙي ۾ آهي. مسجد جي صحن ۾ حاجي سليمان دفن ٿيل آهي. (ڏسو ص 101).حاجي موصوف فقهه ۽ حديث جو وڏو فاضل ۽ صاحبِ دل بزرگ هو. تحفـﺔ الطاهرين ۾ آهي ته مرقد متبرکـﮧ وي در مسجدي واقع_ (ڏسو ص 146).
(39) مسجد محله ڪشمشيان_هيءُ مسجد درياهه ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي، دابگير مسجد جي اورئين پاسي يعني شهر طرف. مسجد جي تصوير 1962ع جي نڪتل آهي. هن وقت مسجد جي چوڌاري ايترو جهنگ آهي، جو مسجد تائين پهچڻ مشڪل آهي، فقط پير چارو آهي. مسجد تي نالو لکيل آهي. مسجد ڪشمشي جي عرف مان ڀانئجي ٿو ته اهو محلو ڪشمشن جو محلو هو.
(40) هن تصوير ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ پيرآسات سان تعلق رکندڙ ٽي جايون نظر اچي رهيو آهن. (1)مسجد پير آسات، (2) سندس گهر ۽ (3) هن وقت ميدان آهي، ليڪن انهيءَ جاءِ تي سندس مدرسو هوندو هو. پيرآسات مڪليءَ تي عبدالله شاهه جي سامهون دفن ٿيل آهي (ڏسو مڪلي نامو تحفـﺔ الطاهرين، تحفـﺔالڪرام).
(41_42)حجره حضوري ٻاهريون پراڻو در ۽ اندريون حجري جو در. مخدوم ابوالقلسم نقشبنديءَ جي عبادت ۽ ويهڻ جو حجرو آهي. تڪلمـﮧ مقالات الشعرا جي مصنف جي روايت آهي ته (ص 183) انهيءَ حجري ۾ حضور جن صلي الله عليـﮧ وسلم تشريف فرما ٿيا هئا، جنهنڪري مخدوم صاحب ان تي ’حجره حضوري‘ نالو رکيو. نقشبندي مخدومن جو محلو جامع مسجد جي ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ ۾ آهي. مون اها تصوير 1962ع ۾ ڪڍي هئي. خبر نه آهي ته هن وقت اهو حجرو موجود آهي يا نه. مسجد کان ٻن سون وکن تي محلو ۽ حجرو حضوري آهن.
(43) مقبره سيد ابراهيم تندسر جي ڪناري تي _ سيد ابراهيم مجذوب هو، جنهن کي گاريون ڏيندو هو ان جو ڪم ٿيندو هو. تحفـﺔ الطاهرين (ص106) ۾ آهي: مزار فيض آثارش برڪنار ڪولاب ملاحان واقع_ ڀانئجي ٿو ته اُهو انهن مهاڻن جو تڙ هو. مقبرو تازو مرمت ٿيو آهي، ۽ مقبري جي اڳيان مسجد ۾ اڳياڙي ٺهي رهي آهي.
(44) تندسر جو پيٽ_ هي درياءَ جو پراڻو پيٽ آهي. جيڪو ٺٽي جي اولهه_ ڏکڻ ۾ وهندو هو. هن وقت خشڪ آهي. سيد ابراهيم انهيءَ جي ڪناري تي پوريل آهي. ٺٽي وارا ”ٽِنڊسر“ چون ٿا، ليڪن اصل ۾’تُندسر‘ يعني ’تکو واهڙ‘ نالو هيس، جنهن جي’تند‘ کي’ٽِنڊِ‘ ڪيو ويو آهي.
(45) هي ڪتبو هڪ قديم مسجد جو آهي، جنهن کي تپرن جي مسجد ڪوٺيو وڃي ٿو. مڇي مارڪيٽ جي ڏاکڻين_ اوڀارينءَ ڪنڊ تي آهي. اتر وارو ڪتبو اهو آهي، ڏکڻ طرف جو ڪتبو کاڄي ويو آهي_ ڪتبي مان ظاهر آهي ته اها مسجد بخشي الملوڪ مرزا محمد جعفر صادق ٺهرائي هئي. سال وارو ڪتبو کاڄي ويو آهي.
(46) سيد شاهه حسين جي مزار، تندسر جي ڪناري تي ، انهيءَ حصي کي هن وقت ’ميرو شاهه جو تلاءُ‘ سڏجي ٿو. تلاءَ جي مٿان هڪ ننڍي مسجد هئي، جنهن کي هاڻي نئين سر ٺهرايو وڃي ٿو. اها مسجد ميان ملوڪ شاهه جي هئي. (ڏسو ص 102)مزار جي مرمت ٿيل آهي. (تحفـﺔ الطاهرين 144 ۽ تحفـﺔ الڪرام فارسي ص 192
(47) عالي جان واهه شهر جي اوڀر ۾ آهي. جامع مسجد جي اوڀر ۾ درياهه ڏانهن ويندڙ رستي جي اوڀارئين ڪناري سان لڳ اهو واهه غالباً ڏکڻ کان ڦرندو ڪنهن زماني ۾ تندسر سان ملندو هو، هن تي عطا شاعر ۽ ٻين شاعرن شعر جوڙيا آهن.
(48) تلاءُ مرزا فاضل بيگ محلو سرواڻ، اهو تلاءُ ئي عالي جان واهه مان نڪري ٿو.
(49) شيخ فريد جو مقبرو مسجد غلـﮧ بازار جي ويجهو آهي. هي بزرگ مرزا عيسيٰ ترخان ابتدائي سال (جمعـﮧ 1962هه) ۾ پورچو گيزن جي حملي ۾ شهيد ٿيو (تحفـﺔ الطاهرين ص103). ٻاهران عمارت نئين ٺهرائي ويئي آهي، جنهن تي سال شهادت (شعبان 658هه) غلط لکيو ويو آهي. ٻاهران پوڙهو بزرگ سيد فخرالدين شاهه ولد سيد رجب علي شاهه (باغائي سيد) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ان وقت دعا گهرڻ آيو هو. مزار جو متولي ميان احمدعلي حافظ غلام حسين ميمڻ آهي. (ڏسو ص 53)
(50) مقبرو شاهه ڪمال.محلو مسڪر جنهن کي هاڻي محلو شاهه ڪمال سڏيو وڃي ٿو. شاهه ڪمال پنهنجي حويليءَ ۾ دفن ٿيو (ڏسوص 69) (تحفـﺔ الڪرام ص 981_245، طاهرين ص152).
(51) ڪٽهڙو مزار شاهه مسڪين ۽ خاڪي شاهه (سندس مرشد) (ڏسو ص 52). انهيءَ متعلق ڏسو هن کان پوءِ ايندڙ مضمون ”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد“_ (ص145کان).
(52) شاهه گور گنج جي مزار جو ڪهڙو. اها مزار بقول مصير قانع_ بر کنار بيله شمالي مغلواره است_ يعني ٻيلي جي وٽ تي جيڪو مغواڙي جي اوڀر ۾ هو (تحفـﺔ، فارسي 246). سندس پيرانديءَ کان سندس مريد مهربان فقير جي مزار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. نهايت پرفضا جاءِ تي مقبري جي عمارت ٺهيل آهي. بقول تحفـﺔ الطاهرين اها مزار محله سهتيه ۾ آهي (ڏسو ص 70).
(53) ڪٽهڙو سيد ابراهيم جي مرزا جو. ڏسو تصوير43_ ٽائيلس جو فرش ۽ عمارت نئين آهي.
(54) مقبرو بابو شاهه جو، شهر جي ڏکڻ ۾ ٻاهران درياهه تي ويندڙ پڪي رستي جي ڪناري تي آهي. عالم، فاضل ۽ پهتل ٻانهو رب جو هو. حاجي شيخ بهاءَ الدين جو ظاهري علمن ۾ شاگرد هو؛ تذڪرة المراد، تحفـﺔ الڪرام ۽ تحفـﺔ الطاهرين ۾ سندس ذڪر آهي، اصل بخارا جو سيد هو، ڪڪرالي ۾ کهڙن هٿان شهيد ٿيو. پير مراد شيرازيءَ جو معاصر هو.
(55_56) شاهه گور گنج جي مقبري جي عمارت ۽ اندر مزار تي ڇٽي. پيرن کان مهربان فقير جي قبر (ڏسو تصوير 52) محلـﮧ سهتيـﮧ (طاهرين ص 119).
(57) مزار شاهه مبين_ جنهن کي پير منبو چون ٿا. محلي گدا بازار ۾ سندس مقبرو آهي. (ڏسو”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد“، (ص145کان).
(58) شاهه غيب ۽ شاهه ڪمال جي مزار_ (شاهه گورگنج، محلـﮧ سهتيه) (تحفـﺔ الطاهرين 118).
(59) گلاب شاهه جي مزار_ جامع مسجد جي اوڀر ۾ عاليجان واهه جي ڪپ تي.
(60) شاهه صدر لڪياري_ (؟)عاليجان واهه جي ڪپ تي جامع مسجد جي اوڀر ۾ درياهه تي ويندڙ سڙڪ جي ڪناري تي.
(61_62) پير دادن_تحفـﺔالطاهرين (ص 166) ۾ هن جو ذڪر ’سواد بلده‘ جي تحت آيل آهي، شهر جي ٻاهران آهي. رضوي ساداتن جي محلي قريب سيد محمد يوسف رضويءَ جو چوڻ هو ته ”مشڪل جي وقت جيڪو مون وٽ نه پهچي سگهي سو پير دادن وٽ وڃي، سندس تڪليف دُور ٿي ويندي.“ مزار جي ٻاهران حاطو ڏنل آهي. تازي مرمت ٿيل آهي.
(63) مزار حضرت يتيم مردان المعروف به آتي مردان(تحفـﺔ الطاهرين ص 137)_گچ سان ليپو آيل آهي. محلي تندسر ۾ آهي، جنهن کي هاڻي واسواڻي محلو سڏيو وڃي ٿو. گدا بازار جي ڪناري تي آهي. ميان نور محمد ميمڻ ڪاٺياواڙي اُن جو مجاور آهي (ص 77).
(64) سيد برهان جي مزار_ محلو تندسر، نزديڪ جَوار سيد ابراهيم(ص77).
(65) سيد ڇٽو ۽ ميان ڇتو_ محلو تندسر، جنهن کي هاڻي ڇاپائي محلو ۽ اسلامپور چئجي ٿو. مرمت تازي ٿيل آهي. (ص76)
(66) شاهه ابراهيم جي مزار_ محلو تندسر، ميان ڇٽي ۽ ميان ڇتي جي ڀر ۾ (ڏسو ص 76).
(67) حاجي موذن جي مزار_ محلو اگر (آڳڙيه) (ڏسو ص 60). تحفـﺔ الطاهرين ۾ آهي ته: ارباب حاجات هر مشڪلي بخدمتش مي بردند، بيمن انفاس متبرکـﮧ او آسان ميشد. اکنون نيز طوائف انام براي انجاح مدام خود بمرقد وي سائل شوند و بکام دل باز روند (ص 136).
(68) پير محمود جي مزار_محلو مسگر (ڏسو ص 69).
(69) شاهه حسين جي مزار_ تندسر جي ڪناري تي، موجوده نالو ”ميرو شاهه جو تلاءُ“ (ڏسو تصوير 46). جيڪا مرمت کان پوءِ تازو سيپٽمبر 1972ع ۾ ڪڍي ويئي آهي. هيءَ تصوير 1962ع جي آهي، جڏهن مرمت ٿيل ڪانه هئي.
(70) شاهه عبدالوهاب جيلانيءَ جي مزار_ مضبوطن جي ڊِبَ، محلو اگر_ دابگرن جي اولهه ۾ سڙڪ جي ڪناري تي.
(71) شيخ محمد مڪائي_محلو غلـﮧ بازار_(ڏسو ص 53).
(72) سيد محمود جي مزار_غله بازار (عقيلي محلو) ڏسو ص 53).
(73) بيبي راڻيءَ جي مزار_ محلو تندسر، چَنڊَن جو پاڙو (ڏسو ص 77).
(74) شاهه لڌو_ گدا بازار (کير بازار)، سامهون هندن جو مندر آهي. مزار جي جاءِ تي سندس دڪان هوندو هو. وجيهه ۽ ٺاهوڪو مڙس هو (ڏسو ص 22).
(75_76_77_78)ٺٽي جون بازاريون.
(79_80) پاڻيءَ جا مٽ_ بهشتي ڀري گهرن ۾ پهچائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته مٺي پاڻيءَ جا کوهه ڪونه آهن ۽ نه اڃا نلڪن جو بندوبست آهي. پيئڻ جو پاڻي نهايت گندو آهي.
(81_82_83_84_85) ٺٽي جي جاين جو نمونو ۽ ساخت
ديوار جي اندران ڪاٺين جا جڙاءُ، ان جي مٿان گچ لڳل. ٻه ماڙيون، ٽي ماڙيون، انهيءَ ڪاٺن ۽ ڪاٺ جي مامري سان راس ٿيل آهن. هن وقت مرمت نه هجڻ سبب ۽ (هندو) مالڪن جو لڏي وڃڻ سبب ويران پيون آهن. مهاجرن کي مليون، ليڪن اهي جاين کي قائم رکي نه سگهيا. سمورو شهر ناس ٿي ويو.
(86) شيرازي ساداتن جي حويليءَ جي ڏيڍي_دروازي تي شمعدان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو خاص ٺٽي جو مقامي نمونو آهي.
(87_88) گهرن جي اندر چوڪور کليل ايوان، چوڌاري ڇتائون ورانڊو ۽ وچ ۾ ڇت کان سواءِ اڱڻ. ورانڊي مان ڪمرن جا در کُلن ٿا. ويهڻ، کائڻ ۽ ٻي اٿي ويٺي، مرداني خواهه زناني انهيءَ اڱڻ ۽ ورانڊي ۾ ٿيندي آهي.
(89_90) ٻه ماڙ جايون، ڪاٺ جون بالڪنيون، ڪاٺ تي اڪر جو ڪم_ٺٽي جي هر جاءِ ۾ اها خاصيت آهي.
(91_92) مٿينءَ ماڙيءَ تي آڳر وارا ڪاٺ جا ورانڊا ۽ ڇتيون.
(93_94) دروازن جي مٿان ڪاٺ جي ڪم جون ڄاريون_ گذريل پنجويهن سالن ۾ سنڌ جو اهو خاص هنر ۽ ڪم ختم ٿي چڪو آهي. هن وقت ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم ڪونه ٿو ٿئي.
(95_96) ڇت جا شهتير ۽ مٿن اُڪر جو ڪم.
(97_98) خوبصورت چٽساليءَ تي ڪاٺ جون ڇتيون ۽ اُڪَر ٿيل شهتير.

[مڪمل ڪيل_ ڪراچي،10آڪٽوبر 1972ع_”مهراڻ“4_1972ع]

________________________________________
(1) ڏسو مڪلي نامـﮧ ص 641، تحفـﺔالڪرام ڇاپو حسام الدين ص 363، تڪملـﮧ مقالات ص 657
(1) تاريخي واقعن ۽ آهڃاڻن مان ظاهر آهي ته ٺٽي جو قلعو حاڪم نشين، جتي صوبيدار يا حاڪم رهندا هئا، سو جامع مسجد جي داخلي دروازي جي سامهون ڏکڻ واري ڦٽل ميدان ۾ هو، ابراهيم شاهه جي مزار جي وقوع لاءِ مٿين روايت انهيءَ ڳالهه کي صاف ڪري ٿي. جيڪڏهن اهو ميدان کوٽبو ته قلعي جا آثار نڪرندا. عاليجان واهه به انهيءَ قلعي جي قريب هو، سو اڄ به انهيءَ جي گواهي ڏئي ٿو.
(1) مشهور آهي ته ڪڇو راڙي جنهن کي هجي، سو ست ڏينهن تربت تي وڃي رات جي وقت ۾ نم جي وڻ ۾ اڳڙيون ٻڌي اچي. اٺين رات تائين ڪڇوراڙي ختم ٿي ويندي.
(2) مڪليءَ جو دراوازو تاريخي شئي آهي، گويا اهو ماڳ موجود آهي.
(3) مزارن متعلق هيءَ سموري معلومات ميان محمد امين شيخ مهيا ڪري ڏني آهي، جنهن لاءِ آءُ سندس ٿورائتو آهيان.
(1) انهيءَ مير معموريءَ سان گڏ عبدالقيوم نالي شاعر هندستان کان آيو هو. شهرن تي هن پنهنجي ’شهر آشوب‘ ۾ هجو چئي، جيڪا بقول مير قانع (مقالات 425) مشهور ٿي. سندس ٻه شهر هي آهن:
گرچه در سندام زخيلِ نو کرانِ پادشـﮧ
مير معموري مظفر خان، شمارا بنده ام
ميخورد، گويند، يک مرغ و دو نان، نواب ما
باوجودِ کيفِ افيون، اشتها را بنده ام
(1) ڏسو تحفـﺔالڪرام سنڌي ص 554، قمر، خوش الحانيءَ سبب، حضورجن کان لقب عطا ٿيل هوس.