سنڌ جي جديد ادب تي سرسري نظر
جيئن سنڌ جي هر شيءِ نرالي ۽ پنهنجي آهي ۽ ٻين کان مختلف آهي، تيئن سندس ادبي روايتون ۽ روشون، فڪر جا طريقا ۽ سوچڻ جا ذريعا پڻ علحدا آهن. مثلاً: شعر ۾ سنڌ جون ٻه شيون خاص آهن، يعني ڪافي ۽ ڏوهيڙا! سنڌ جو سڄو فڪر، ۽ سنڌ جي سڄي ذهني تشڪيل انهن ٻن شعري صنفن ۾ سمايل آهي. انهن کان سواءِ ٻيون جيڪي طرزون، طريقا ۽ نيون جدتون پيدا ڪيون ويون آهن، سي خارجي، غير طبعي ۽ نامناسب آهن. انهن جون پاڙُن واريءَ مٿان آهن، زمين جي پاتال تائين پهتل نه آهن. اهوئي ڪارڻ آهي، جو جن شاعرن مٿي بيان ڪيل ٻن طرزن کان هٽي شعر چيو آهي، تن کي قبول عام حاصل ٿي ڪونه سگهيو آهي. ماڻهن جي دلين تائين سندن اهي گفتا پهچي ڪونه سگهيا آهن ۽ نه ماڻهن جي دماغ ۽ فڪر تي انهن ڪو اثر قائم ڪيو آهي. ڪي قدر سندن ڪتاب موجود آهن، ڪن ڪن شوقينن وٽ لڀي به پوندا، ليڪن انهن جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهڙي نه آهي جو هوند انهن کان اکٻوٽ ڪجي ته ادب جي تاريخ ۾ ڪو هاڃو يا وڏو خال ٿي پوي. گويا سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خمير ۽ ضمير ۾ ڪابه ڌاري ۽ خارجي شيءِ جٽاءُ ڪري ئي ڪانه ٿي سگهي.
جڏهن سنڌ جي ادب جي تاريخ اسان جي يارن لکڻ شروع ڪئي، ان وقت انهيءَ قسم جي شاعريءَ کي_ جنهن کي آءُ خارجي چئي چڪو آهيان_ هنن ”موزون شاعريءَ“ جو نالو ڏنو. خدا نه ڀلائي ته انهيءَ طرز جو باني خليفي گل محمد کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي شعر جو مجموعو ”ديوان گل“ جي نالي سان ٻه دفعا کن ڇپيو بلاشڪ آهي، ليڪن سندس ڪلام ڪنهن به عام يا خاص کي ياد ڪونه آهي. ”موزون شاعري“ درحقيقت غزل کي چيو وڃي ٿو، جيڪو فارسي زبان جي ذريعي هندستان ۾ پهتو ۽ انهيءَ جو نقل هتان جي ماڻهن انهيءَ وقت ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن سندن ذهن ۽ فڪر ۾ انگريزن جي غلامي زوال آڻي چڪي هئي.
اسان جي ڪيترن معزز شعرن انهي ”موزون شاعريءَ“ جي ميدان ۾ شهسواري ڪندي، ڪابه ڪوتاهي يا پاڻئون گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي، ليڪن جنهن صورت ۾ غزل جا عناصر ۽ اجزاء ترڪيبي ڌاريا هئا ۽ مڪاني ماڻهو انهن سڀني تشبيهن، استعارن ۽ اصطلاحن کان ناواقف هئا، جيڪي غزل جو زيب ۽ زينت ٿين ٿا، تنهنڪري ان ۾ دلچسپي ڪانه ورتائون. حقيقت ۾ ان کي ”موزون شاعري“ چوڻ به موزون نه آهي، بلڪ انهيءَ کي ”تقليدي شاعري“ چئي سگهجي ٿو، جيڪا نتيجو آهي قومن جي زوال ۽ غلاميءَ جو. جيڪڏهن گستاخي معاف ۽ جان بخشيءَ جي ڪا صورت پيدا ٿئي، ته هن چوڻ ۾ مون کي ڪابه هٻڪ ڪانه ٿيندي ته انهيءَ زمري جي شاعرن کي شاعر نه، بلڪ ”عطائي شاعر“ سڏي سگهجي ٿو.
سنڌ جو فڪر، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ذهن جي جيڪڏهن تلاش ۽ تحقيق ڪرڻي هجي ته اُها غزل گو شاعرن جي ديوان مان نٿي ڪري سگهجي، بلڪ ڪافين، ڏوهيڙن ۽ ٻين ٺيٺ سنڌي صنفن جي کاڻ مان مَڻين ۽ هيرن کي ڪڍي، پروڙي ۽ پرکي سگهجي ٿي! انهيءَ پنهنجي وَٿ کي سنڌ جا رهاڪو دِلي جي وڄت، چَپڙن جي جهانءِ، ۽ يڪتاري جي سرتار تي، ڪَن جي هٿ رکڻ بعد، ’اَلو ميان‘ سان شروع ڪن ٿا.
سنڌ جي انهيءَ ٺيٺ شعري ادب کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون اهو دور آهي جيڪو انگريزن جي گرفت کان پهرين، ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙي جي صورت ۾ پاڻ وٽ موجود آهي. ٻيو دور آهي جيڪو انگريزن جي قبضي بعد شروع ٿي، مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شاعريءَ تي ختم ٿئي ٿو. ٽيون دور اهو آهي جيڪو پهرينءَ عالمي جنگ جي خاتمي کان ٿورو اڳ شروع ٿيو ۽ اڄ تائين هليو پيو اچي.
انهيءَ ٽئين دؤر کي اسان ترقي يافته دور، جديد دور يا اُهو دور سڏي سگهون ٿا، جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ تي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعات جو اثر پيو، سماجي صورتحال کان متاثر ٿي طبقاتي تحريڪ منجهس دخل ڏنو ۽ سنڌي شاعري، زبان خواه پيغام ۽ فڪر جي لحاظ سان، اسان جي زندگيءَ جي صحيح ۽ سچي پچي صورتحال ۾ پيوست ٿي ويئي.
انهيءَ جديد دور کي پڻ پاڻ ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهريون دؤر، خلافت تحريڪ کان وٺي 1936ع تائين آهي. ٻيو دؤر 1937ع کان شروع ٿي، 1947ع تائين اچي ٿو، ۽ ٽيون دور 1947ع يعني پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين پهچي ٿو.
پهريون دؤر، جيڪو پاڻ مقرر ڪيو اٿئون، ان ۾ ڪيئي بزرگ شاعر ٿي گذريا آهن، جن ان وقت جي هنلدڙ قومي مسئلن، طبقاتي ظلمن ۽ سماجي بي رحمين کان متاثر ٿي، شاعريءَ جي ذريعي جدوجهد جو جهنڊو بلند ڪيو. درحقيقت پهرين عالمي جنگ کان وٺي، ٻيءَ عالمي جنگ تائين جيڪو عرصو آهي، اُهو وڏي ڪشمڪش جو دور رهيو آهي. سنڌ جو عوام پهرين عالمي جنگ جي بند ٿيڻ کان پوءِ ٽن قومن جي پيڙا ۾ رهيو. پهريون پير، جنهن مذهب جي ذريعي عوام جي ذهن کي مفلوج ڪيو ۽ کين سوچ جو موقعو ڪونه ڏنو! ٻيو زميندار، جنهن عوام جي سماجي صورتحال کي ناقابل بيان ۽ ناشاناتيءَ جي حد تائين خراب ۽ خوار ڪري ڇڏيو! ۽ ٽيون طبقو هو انهيءَ واپاريءَ جو، جنهن وٽان سنڌي عوام، لوڻ ۽ مرچ جي صورت ۾ کڻت کڻندو ۽ ڀريندو رهيو؛ ليڪن رقم ساڳئي جي ساڳي ۽ اوتري جي اوتري قائم رهندي رهي. تنهنڪري ڪامورو هر وقت انهن جو مددگار ۽ حامي ٿي رهيو. انهيءَ پيڙا ۽ صورتحال کي محسوس ڪري، انهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي شاعر پيدا ٿيا ۽ جن جهاد ڪيو، تن ۾ سڀ کان سرويچ ۽ سورهيه حيدربخش جتوئي هو، جيڪو خود ڪامورو هو. ڪامورڪي ماحول ۾ رهي، ٿيندڙ ظلم هن اکين سان ڏٺا؛ جنهن صورت ۾ قلب تي ڪاراڻ ۽ دل تي ڪامورڪي ڪٽ ڪانه چڙهي هيس، پاڻ انسان هو ۽ دل زنده هيس ۽ انهيءَ دل ۾ درد هيس، تنهنڪري نوڪريءَ کي پراڻيءَ جتيءَ وانگر پري اڇلائي، انهيءَ منجهائيندڙ ماحول کي ترڪ ڪري، تياڳ ڏيئي، ٻاهر نڪري آيو. اهو سڀني کان پهريون شاعر آهي، جنهن ”شڪوو“ لکيو، ڪفر جون فتوائون سٺائين، مهراڻ جي موجن سان مخاطب ٿيو ۽ اهڙن عنوانن هيٺ شعر چيائين ، جن ذهني انقلاب آڻڻ ۾ جادوءَ جو ڪم ڪيو. انهيءَ دور ۾ ”هاري ڪميٽي“ پڻ ٺهي. مولانا وفائي ” توحيد“ ڪڍي، پيرن جي جهروڪي ۾ جهانءِ وجهي ڇڏي، انهيءَ ٺيهيءَ کي ڊاهي، ان جا سمورا طلسم ٽوڙي تارتار ڪري، هڪٻئي کان ڌارئون ڌار ڪري ڇڏيا. حيدربخش جتوئي، زمينداريءَ جي قلعي تي نه فقط شعرن جا تير هلايا ۽ ان جي در ديوار ۾ گرزن سان گهاءُ ڪيا؛ بلڪ ”هاري ڪميٽي“ بنائي، زميندارن جي سڄي سسٽم کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. پيريءَ ۽ زمينداريءَ جي خاتمي جو سلسلو انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيو، اگرچه غبارو اڄ تائين هوا ۾ هلندو وتي، ليڪن منجهانئس هوا انهيءَ زماني کان نڪري چڪي آهي. انهيءَ دؤر ۾ ٻيا به ڪيترا شاعر هئا، جن مان کيئل داس ’فاني‘ ڪشنچند ’بيوس‘، قادر بخش ’حقير‘، ليکراج ’عزيز‘ ۽ قادربخش ’بشير‘ جا نالا وساري نه سگهبا. پويان ٻه دؤر، جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو، در حقيقت انهيءَ پهرئين دؤر جي جدوجهد جو نتيجو ۽ حاصل آهن.
ٻيو دؤر 1936ع کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ۽ سنڌ جي ليڊر شپ زميندار شاهيءَ جي قبضي ۾ اچي ويئي. پيسو وٽن جام هو، تنهنڪري انهن پنهنجي مرضيءَ ۽ مقصدن کي پوري ڪرڻ لاءِ وزارتن ۽ اسيمبلين کي استعمال ڪري، هڪ دفعو وري پاڻ کي جيئدان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
انهيءَ دور اسان جي ادب تي خاص اثر ڪيو. زميندارن ۽ پيرن جي ٽهي اڃا پوريءَ ريت ٽٽي ڪانه هئي؛ ويتر جو وزارتون، ميمبريون ۽ سنڌ جو سڄو صوبو سندن ور چڙهي ويو، تنهن سنڌ جي عوام کان اُسهڻ ۽ اُسرڻ جو موقعو وري کسي ورتو. انهن حالتن اديبن کي نئين سر سوچڻ تي مجبور ڪيو. اسان جي اديبن سمجهيو ٿي ته بمبئي کان جدا ٿي، سنڌ جا سڄا مسئلا حل ٿي ويندا؛ طبقاتي فرق مٽبو، غريبن جا ڏک لهندا ۽ سنڌ جو عوام ريان کيان ٿي، زندگيءَ جي جدوجهد ۾ صحتمند قدم اڳتي وڏائي دنيا ۾ آبرو مندانه مقام حاصل ڪندو! ليڪن مسئلو حل ته ڪونه ٿيو، الٽو غلاميءَ، ڏک ڏاکڙي جا ڪيئي زنجير نئين سر سندن هٿن پيرن، ذهن ۽ سوچ تي پئجي ويا.
انهيءَ دؤر ۾ ضرورت جي مدنظر حيدربخش جتوئي، عبدالڪريم گدائي، قادربخش حقير، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراهيم جويي نه ڇڙو نظم، بلڪ پهريون دفعو ڊرامي ۽ افساني کي پڻ پراڻين اندر سڀائي روايتن کان ڇني ڌار ڪري، منجهس نئون روح ڦوڪي، بيان ڪيل فرعوني ۽ سلطاني طاقتن جي قلعن کي ڪيرائڻ لاءِ ڪتب آندو.
انهيءَ دؤر جو سمورو ادب، مذڪوره زماني جي سنڌ جي چشم ديد ۽ حقيقت ڀري تاريخ آهي. افسانو، ڊرامو ۽ شعر جيڪڏهن پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي طرح ڇا وهي واپري رهيو آهي؟ ۽ ڪهڙيون طاقتون هيون، جن جو ادب جي انهن اوزارن سان مقابلو ڪيو ويو.
دؤر حاضر جو عظيم سنڌي شاعر شيخ اياز، انهيءَ ٻئي دؤر جي آخري حصي جي پيداوار آهي ۽ انهيءَ دؤر ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍاين جي عمل جو ردعمل آهي.
1947ع کان اسان جي جديد ادب جو ٽيون دؤر شروع ٿئي ٿو. هن دؤر کي جيڪڏهن اسان پنهنجي دؤر جو سنهري دؤر، قيمتي دؤر، ابدي ۽ ازلي دؤر سڏيون ته هوند بيجا نه ٿيندو. هنن ٻاويهن سالن جي مختصر عرصي اندر، سنڌي ادب جي صفا ڪايا پلٽجي ويئي هئي ۽ اميد کان وڏو انقلاب آيو آهي.
آءُ هن دؤر کي انهيءَ ڪري قيمتي، سونهري، ازلي ۽ ابدي سڏيان ٿو، جو هن دؤر جو سڄو ادب بامقصد آهي. ڊرامو، افسانو، شعر جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي، سو سـﺆ فيصد مقصديت جو حامل آهي. اسان وٽ هن وقت اڻ ڳڻيا اهڙا شاعر موجود آهن، جن جي هڪ هڪ سٽ سون سان تورڻ جي لائق آهي. اگرچه شعر ۾ ڪافي ۽ ڏوهيڙي کان هٽي به، هنن ڪيئي صنفون ايجاد ۽ استعمال ڪيون آهن، ليڪن اُهي سڀئي روايتي ۽ تقليدي قيد و بند کان آزاد آهن ۽ انهن جي بي روح جسم ۾ ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙي جهڙي جان وجهي ڇڏي اٿن. شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، شمشير حيدري، پروانو ڀٽي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، تنوير عباسي، محسم ڪڪڙائي، بردو سنڌي، الطاف، قمر شهباز، فتاح ملڪ، سليم ڳاڙهوي، تاج صحرائي، استاد بخاري ۽ آثم ناٿن شاهي، اهي سڀئي شاعر اهڙا آهن، جن کي هر سنڌي پنهنجي ڳچيءَ جو ڳانو سمجهي ٿو! ڪنهن به وقت، ڪنهن به منزل ۽ ڪنهن به صديءَ ۾ انهن کي وساري ڪونه سگهبو.
انهن شاعرن نه فقط سنڌي شعر کي بامقصد بنايو آهي، ليڪن زبان کي جيڪي ڏاج ۽ ڏيوڻ ڏنا اٿن، سي پڻ اچرج ۾ وجهندڙ آهن خارجي لفظ، بيجان محاورا ۽ اڻ ڏٺل استعارا_ جيڪي چور دروازي کان غزل جي ذريعي سنڌي ادب ۾ داخل ٿيا هئا_ سي سڀ پنهنجي اڻ سهائيندڙ ۽ اڻ وڻندڙ حياتي پوري ڪري ڪم ٽوڙي چڪا آهن. هن وقت سنڌ جي ٺيٺ ۽ مٺي زبان، نظم ۽ نثر ۾ ڪتب اچي رهي آهي.
اياز هن دؤر ۽ هن سمي جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. انهيءَ ۾ ٻه رايون ٿي ڪونه ٿيون سگهن ته اياز جو نالو سنڌ جي ادبي تاريخ جو خاص عنوان ٿي رهندو.
نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي ۽ پروانو ڀٽي، هن دؤر جي انهن شاعرن مان آهن، جن جو شعر جڏهن آءُ پڙهندو آهيان، تڏهن لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي آهي ۽ پڪ اٿم ته هر پڙهندڙ جو اهوئي حال ٿيندو هوندو.
افسانه نويسن ۾ غلام رباني زبان جي لحاظ کان مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، ليڪن ارمان آهي جو چند افسانن لکڻ کان پوءِ هن مسڪين جو ادبي انتقال ٿي ويو آهي. جمال ابڙي سان پڻ اهائي ويڌن ٿي. رشيد ڀٽي، علي احمد بروهي ۽ ڪروڙ پتي جهڙا برک مزاح نويس، ڪن قسمت وارين زبانن ۾ پيدا ٿيندا آهن. امر جليل جا افسانه مان پڙهيا آهن، جن مان ڪيترا ڪلاسيڪل ادب جي تحت اچي سگهن ٿا. آغا سليم جا افسانه ۽ ناٽڪ اهڙا آهن جن کي سنڌي ادب جي جان چئي سگهجي ٿو. ذاتي طرح نسيم کرل مون کي ان ڪري پسند آهي، جو هو هڪ خاص خطي جي زبان، محاورا، رهڻي ڪهڻي ۽ اُتان جا مسائل پنهنجي افسانن ۾ بيان ڪندو آهي، جيڪي شايد انهن پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو ڪارڻ نه ٿي سگهن جيڪي انهيءَ خطي جا رهندڙ نه آهن. آءُ انهيءَ خطي جو رهاڪو آهيان، تنهنڪري يقين سان چئي سگهان ٿو ته نسيم کرل کي پنهنجي ماحول، زبان ۽ انداز بيان تي پوري قدرت حاصل آهي. سراج گهڻين صلاحيتن وارو نوجوان آهي، بنيادي طرح هو به ڊرامه نويس آهي، ليڪن خبر نه آهي ته هن ڪهڙيءَ ضرورت تحت غير ضروري مضمونن تي وقت ضايع ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ”روح رهاڻ“ جا ايڊيٽوريل جيڪڏهن سچ پچ حميد سنڌيءَ جا لکيل آهن ته زبان ۽ لکت جي لحاظ سان حميد سنڌي مبارڪ جو مستحق آهي.
اسان جي تنقيد نگارن ۽ نثر نويسن ۾ رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو. ڊاڪٽر علي احمد قاضي، غلام علي علانا، پرو فيسر محبوب علي چنا ۽ محرم خان جا نالا قابل ذڪر آهن؛ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهي سڄڻ سدائي پيا جيئندا.
هن دؤر ۾ اسان جون ڪيتريون ڀينرون پڻ لکي رهيون آهن، جن جو لکتون اگرچه ايتريون پخته نه آهن، ليڪن بهرحال عورتن جو لکڻ جي ميدان ۾ اچڻ، سنڌي ادب لاءِ سچ پچ ته نيڪ فال آهي.
آخر ۾ آءُ هڪ خاص حادثي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ۽ اهو ذڪر يا عرض ڪرڻ هن ڪري ضروري ٿي پيو آهي، جو ان جو اثر سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ڪجهه وقت کان پوءِ هاڄيڪار ٿيندو. چند سالن کان آءُ ڏسي رهيو آهيان ته شعر ۾ اياز جي زبان بگڙي رهي آهي. غير مانوس ۽ هندي آميز ڌاريا لفظ ايترا ڪتب آڻي ٿو، جو سندس شعر ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو سمجهڻ ئي ڏکيو ٿيو پوي. مون کي خبر آهي ته جيڪڏهن هن اها روش قائم رکي ۽ ان جي تلقيد ٻين جدت پسند نوجوانن به ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته سنڌي ادب لاءَ هڪ هاڄيڪار سانحو ٿيندو ۽ هيتري ساري ڪيل محنت تي پاڻي ڦري ويندو. مون کي خطرو آهي ته خود اياز جي شاعريءَ کي به انهيءَ روش مان سخت نقصان پهچندو! پر ڌڻيءَ ۾ آس آهي ته جو جلد ئي پنهنجي غير طبعي طريقي تي نظرثاني ڪندو. ”جل جل مشعل جل“ يا انهيءَ قسم جي ڪيل شاعريءَ واري زبان تي اياز کي فوري اصلاح ڪري پاڻ کي پنهنجي انهيءَ ساڳيءَ طرز تي واپس آڻڻ کپي، جنهن کيس هن دؤر جي ادبي ورثي جو سرتاج بڻايو آهي.
هن وقت تائين اسان جي نوجوانن ۽ تعليم يافته طبقي جو گهڻي ۾ گهڻو زور شعر، افساني ۽ ڊرامي تي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته فن ۽ ضرورت جي لحاظ کان اهي صنفون بيحد ضروري آهن، ليڪن انهن کان سواءِ ڪي ٻيا اهم موضوع پڻ آهن جن تي نئين نسل کي فوري توجهه ڏيڻ کپي. ڪابه قوم فقط شعر، افساني ۽ ڊرامي جي سهاري جيئري رهي نه سگهندي آهي! سنڌ جي تاريخ ۾ به هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو هن وقت تائين اکين کان ٽريل رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ طرف جيڪڏهن اسان جا لکلندڙ توجهه ڏيندا ته نه فقط کين ٿيل تاريخي هاڃن جي خبر پوندي، بلڪ انهيءَ جي پڙهڻ ۽ لکڻ سان سندن ادبي تخليقات ۾ نئون رنگ ۽ رس ڀرجي ويندو، نوان موضوع ملندا، ۽ نرالا عنوان قائم ٿي ويند! مون کي يقين آهي ته پنهنجن خواهه پراون جون اکيون کلي پونديون.
تاريخ کان علاوه پاڻ کي جهاني تاريخ جي هن سونهري دؤر ۾_ جڏهن ته انسان زمين کان وٺي چنڊ تائين جي ڪائنات تسخير ڪري چڪو آهي_ جيڪي جديد علوم نکري نروار ٿيا آهن، انهن ۾ پڻ وڌئون وڌ قدم وڌائڻ کپي.
هن جدوجهد ۽ هلوتاڻيءَ جي زماني ۾ اهائي قوم قائم رهي سگهندي جيڪا ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي هلڻ جي ڪوشش ڪندي. هن خطرناڪ ۽ عجيب دور ۾ اها قوم جيئري رهندي ۽ اهوئي ماڻهو آبرومند مقام حاصل ڪري سگهندو، جيڪو زماني جي رفتار سان گڏو گڏ پنهنجي رفتار قائم رکندو ايندو. اهو قانون فرد خواهه قوم سان هڪجهڙو لاڳو آهي_ خصوصاً هن وقت جڏهن ته حق ۽ انصاف ڪوڙهه ورتل رن زال جيان زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ٽه واٽي تي پيو آهي_ انهيءَ سمي ۾ حق ڇاجو؟ ۽ انصاف ڪهڙو؟ بازي اُهو کٽندو ۽ کڻندو، جيڪو مردانه وار قدم کڻي پنهنجي قوت اراديءَ ۽ پنهنجي اڪيلي آسري تي وڃي منزل اوڏو رسندو.
[ماهنامو ”سوجهرو“، ........ 1970ع]