لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

تاريخ عرب جا قديم ماخذ

آنحضرت صلعم جي بعثت کان پوءِ، جڏهن اسلام فروغ ورتو ۽ کلمهء توحيد ٻاهرينءَ دنيا ۾ گونجڻ لڳو، ان وقت عربن کي پنهنجي تاريخ ۽ انساب جي محفوظ ڪرڻ جو خيال جاڳيو. ڇاڪاڻ ته ٻاهرينءَ دنيا جو جنهن صورت ۾ عرب سان رابطو ۽ ضابطو وڌيو، تنهن صورت ۾ لازمي هو ته هنن تائين عربن جا حالات ۽ تاريخي حڪايات به پهچايا وڃن. انهيءِ ڪري ان وقت تاريخ عرب جي منتشر ٺڪرن کي جمع ڪرڻ جي قدري ڪوشش شروع ٿي. مگر عملي صورت اها به وٺي نه سگهي. جنهن جو وڏو ڪارڻ هي هو، جو اصحاب سڳورا ۽ ٻيا پريا مڙس ان وقت زنده هئا، جن کي سلسله انساب ۽ تاريخ جو مخزن سمجهيو ٿي ويو. تنهنڪري قرآن ۽ انهن جي موجودگيءَ ۾ جدا تاريخ جي چندان تڪليف گوارا ڪانه ڪئي ويئي.
اهو دور جڏهن گذري ويو ۽ اسلامي علم پوريءَ طرح عالم تي پنهنجو پرچم لهرائڻ شروع ڪيو، تڏهن ٻاهرينءَ دنيا جي معلوم ڪرائڻ لاءِ ضروري ٿيو ته عرب جا جغرافيائي، سياسي ۽ تاريخي حالات گڏ ڪري، مجموعي جي صورت ۾، دنيا اڳيان پيش ڪيا وڃن. ان وقت مورخن کي جيڪو سامان انهيءَ عزم جي تڪميل لاءِ هٿ چڙهيو سو هي آهي:

(1) قرآن مجيد: قرآن مجيد ۾ عرب جي قومن جا حالات بيان ٿيل هئا.

(2) روايتون ۽ تفسير: مفسرن انهن آيتن جي تفسير ۾ وضاحت کان ڪم ورتو آهي.

(3) اسرائيليات: عرب جي قومن جو اڪثر ذڪر تورات ۾ هو، انهيءَ ڪري عام طرح يهودي انهن مان واقف هئا. مفسرن جي روايتن جو بنياد سمورو اسرائيليات تي آهي. وهب بن نبه، ڪعب الاحبار، ضحاک؛ سدي، کلبي، واقدي؛ مدايني، مجاهد، عڪرمه، وغيره، انهن روايتن جا ماخذ آهن. وهب ۽ کعب ته اسرائيلي هئا ۽ ٻيا صاحب وري اسرائيلين جا خوشه چين. مگر انهن جي روايتن مان گهڻو انداز اهڙو آهي، جنهن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته يهودين جي روايتن جو بنياد تورات ۽ تفسير کان زياده زباني قصن ڪهاڻين ۽ اڻ ڏٺل جمع خرچ تي هو. پر تنهن هوندي به اسرائيليات کي يڪسر ڪاٽا ڪري نٿو سگهجي.
ابن مردويه، ديلمي، مجاهد، مقاتل بن سليمان ۽ ابن جرير طبريءَ جي بناء گهڻو ڪري اهڙن وضعي روايتن تي آهي، جن جو معيار اعتبار جي حد کان لٿل آهي. ضحاک، سدي، کلبي، هشيم بن عدي، واقدي، جيڪي انهن روايتن جا مصنف ۽ ناقل آهن_ تن جي دروغ بيانين ۽ ڪذب گوئين جو اسماءَ الرجال جي محققن ڪچو چٺو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. عکرمه، وهب بن نهه ۽ ڪعب الاحبار به جرح کان ڇٽل ڪين آهي.
مٿين سڀني جو سرمايهء علم يهودي روايتن تي مبني آهي. جنهن جي بناءِ توارت، نبين ترڪوم ۽ تالمود تي ٻڌل آهي ۽ گهڻو حصو عام گپن مان به ورتل آهي.

(4) خانداني روايات: خانداني روايتون جيڪي عربن ۾ نسلن کان وٺي هليون ٿي آيون، جنگين جا واقعا يا سلسلهء انساب جيڪو پيڙهين کان وٺي عربن کي ورثي ۾ ملندو ٿي آيو_ توڙي جو گهڻو ڪري انهن روايتن کي اعتبار ۾ آڻي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته روايتن جي پرکڻ لاءِ اسلام جيڪا تواتر جي ڪسوٽي مقرر ڪئي آهي، ان ۾ اهي نٿيون اچن_ تاهم گهڻو اندازو اهڙو آهي، جن مان امداد ملي سگهي ٿي.

(5) اشعار ۽ عربي مثال: ان کان زياده محفوظ ذريعي اطلاع اُهي اشعار ۽ عربي ضرب المثل آهن، جن ۾ فخريه ڪلمه ۽ مدح ستايش، اظهار شجاعت ۽ بهادريءَ جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن. مگر افسوس جو اهو قيمتي سرمايو به اسان وٽ اسلام کان چند سال پهريون کان اڳ جو ڪونه ٿو ملي سگهي. تاهم قبل اسلام جي ڪيترن خاندانن ۽ قومن جو احوال انهن مان معلوم ٿي سگهي ٿو. طبري، قوم عاد جي احوال ۾، لکي ٿو ته: ”ڪن ايرانين قوم عاد کان انڪار ڪيو آهي. توڙي جو جاهليت جي شعرن ۾ انهن جو مفصل ذڪر ڪيل آهي.“
بهرحال انهيءَ سرمايي کي مسلمانن هيٺينءَ طرح تدوين ڪري، دنيا اڳيان پيش ڪيو:

(1) ڪتب تفسير
تفسير جي ڪتابن ۾ آيتن جي تحت انهن واقعن کي آندو ويو. اهڙي قسم جا تفسير هيٺيان آهن:
(1) تفسير مجاهد بن جبير_ (المتوفي 104هه)
(2) تفسير مقاتل بن سليمان_ (المتوفي 150هه)
(3) تفسير ابراهيم بن معقل النسفي_ (المتوفي 295هه)
(4) تفسير ديلمي_ (المتوفي نامعلوم)
(5) تفسير ابن جرير طبري_ (المتوفي 310هه)
(6) تفسير ابن ابي حاتم_ (المتوفي 354هه)
(7) تفسير ابن حبان_ (المتوفي 410هه)
(8) تفسير ابن مروويه_ (المتوفي 516هه)
(9) تفسير بغوي_ (المتوفي نامعلوم)

(2) تاريخ
ابتدائي تاريخ نويس، جن جو سلسلو حضرت معاويه جي زماني کان شروع ٿئي ٿو، عبيد بن شريه، ابو عبيد، عوانه بن حڪم، هشام ڪلبي، قاضي ابوالبختري، ابن هشام وغيرهه آهن. هي اُهي مصنف آهن، جن ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ ۾ خالص عربن جون قديم تاريخون لکيون، جيڪي هيٺ ڏنيو وڃن ٿيون:
(1) عبيد بن شريه_ ڪتاب ”اخبار الملوک والماضئين“ (يعني گذشته بادشاهن جا حالات). مصنف امير معاويه جو همعصر هو. هن ڪتاب جا ٽڪرا، مسعوديءَ ۾ جابجا ڏنل آهن.
(2) ابو عبيده_ ڪتاب ”مغازات قيس واليمن“، ڪتاب ”خبر عبدالقيس“، ڪتاب ”مناقب باهله“، ڪتاب ”مکه والحرام“، ڪتاب ”بيوتات العرب“، ڪتاب ”ماثرالعرب“، ڪتاب ”ماثر غطفان“. ڪتاب ”قصـﺔالکعبه“، ڪتاب ”الحمس من قريش“، ڪتاب ”الاوس والخزرج“، ڪتاب ”ايلم بني بشکر.“
(3) بمرد_ ڪتاب ”ايام بني مازن“، ڪتاب ”فجطان و عدنان“.
(4) هشام ڪلبي_ ڪتاب ”من نقل من عاد و ثمود و الــــعـــمـــالــيـــق و جــــــــديـــــس“، ڪـــــتـــــاب ”عـــــاد و الاولــــــيٰ و الــــــثـــــانــــيـــــه“، ڪتاب ”تفرق عاد“، ڪتاب ”اصحاب الکهف“، ڪتاب ”الحيرت“.
(5) قاضي ابوالبختري_ ڪتاب ”طسم و جديس“.
(6) ابن هشام_ ”سيرت النبوي“ جي مقدمي ۾ قديم عرب جي تاريخ ڏني اٿائين. ۽ ڪتاب ”التيجان“ به انهيءَ موضوع تي جدا لکيو اٿائين.
(7) ابن الحائڪ همداني_ عرب جو هڪ جغرافيه نويس هو. هن جا ٻه ڪتاب ”صفـﺔ جزيرت العرب“ ۽ ”اڪليل“ آهن. هنن مان پهريون ڪتاب ”جزيرت العرب“ جغرافيه جو آهي، ۽ لنڊن ۾ ڇپجي چڪو آهي. ٻيو ڪتاب فقط يمن جي تاريخ تي آهي، جنهن جو ڪامل نسخو اڃا تائين ڪونه ملي سگهيو آهي. البته ان جي لڌل هڪ ٽڪري کي پروفيسر مولر (O. H. Meellir ) شايع ڪرايو آهي، جيڪو 10 بابن ۾ ورهايل آهي (ارض القرآن). عرب جي قديم تاريخ تي يورپ جا مستشرق ان کان زياده مستند ٻئي ڪنهن ڪتاب کي نٿا سمجهن. همداني چونڪ حميري زبان مان واقف هو، ۽ هن آثار ۽ ڪتبا وغيرهه پڙهيا هئا، تنهنڪري هن کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
(8)علقمه بن علڪم_ هڪ شاعر هو، ۽ هن قصيده ”نونيه“ ۾ همير (قوم تبع) جا حالات ۽ عام عمارتن جا نالا ڏنا آهن.
(9) نشوان بن سعيد الحميري_ هن ”قصيده حميريه“ جي نالي سان هڪ تاريخ لکي آهي، جنهن ۾ حمير جي تاريخ ۽ بادشاهن جا حالات لکيا آهن. نشوان خود يا انهيءَ وقت جي ڪنهن ٻئي عالم انهيءَ قصيدي جو شرح به لکيو آهي. ٻيو ڪتاب آهي ”شمس العلوم“ جيڪو گويا هڪ لغت آهي، جنهن ۾ الفاظن، جيڪي حمير ۽ ٻين سان تعلق رکندڙ آهن، جي ضمن ۾ ڪيترن حميري نالن ۽ لفظن جي تصحيح ڪئي ويئي آهي ۽ انهن جو معنائون لکيون اٿائين؛ جنهنڪري يورپي عالمن کي حمير ۽ سبا جي تاريخ لکڻ ۾ ڏاڍي مدت ملي آهي ۽ انهيءَ زبان جي ڪتبن پڙهڻ ۾ به گهڻي قدر سهولت ٿي اٿن. ڪتاب ”التيجان“، ”قصيده حميريه“، ”شرح قصيده“ ۽ ”شمس العلوم“، بانڪي پور جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. ”قصيده حميريه“ کي ”الفريڊ وان ڪريمر“ به شايع ڪيو آهي. ”شمس العلوم“ جو هڪ عمدو نسخو اسڪوريال لائبريريءَ ۾ به آهي (هن ڪتاب جي پهرينءَ طباعت کان پوءِ سنه 1900ع ۾ هن جو هڪ حصو تاريخ يمن تي، ڊاڪٽر عظيم الدين، گب ميموريل لنڊن ۾ ڇپايو آهي).
مطلب ته اسلامي علمي ذخيرو، جيڪو هن وقت موجود ۽ مطبوعه آهي، ان جي آڌار تي چوڻ ۾ اچي ٿو ته سڀ کان پهريون مـﺆرخ ابن اسحاق المتوفي سنه 151هه آهي، جيڪو ان وقت، ”ابن هشام“ المتوفي سنه 218هه جي روايت مطابق، موجود هو ۽ ابن هشام جي ڪتاب ” السيرت“ جو جز اعظم آهي. ان کان پوءِ به مسلمان مـﺆرخن پنهنجي تاريخن جي مقدمي يا تمهيد ۾ تاريخ عرب ۽ قومن تي بحث ڪيو آهي.
بهرحال مـﺆرخين اسلام مان جن جون تصنيفون موجود ۽ مطبوعه آهن ۽ جن جون تصنيفون ”تاريخ عرب“ جي موضوع تي لکيل آهن، انهن مان هيٺين ماڻهن کي اهميت حاصل آهي.
(1) ابــــــــــــــــــن هــــشــــــــــــام_ (الـــــمــــــتـــــوفـــــي 218هه)، ڪتاب ”السيرت“ مطبوعه يورپ و مصر.
(2) ابــــــو الــــــوليد ازرقــــــي_ (المتوفي 223هه)، ”اخبار مکه“ مطبوعه يورپ و مصر.
(3) ابــــــــــــن قــــــتــــــيــــــــــــبه_ (الـــــمــــــتـــــوفـــــي 276هه)، ڪتاب ”المعارف“ مطبوعه يورپ و مصر.
(4) ابن واضح يعقوبي_ (المتوفي 277هه)، ”تاريخ يعقوبي“ مطبوعه يورپ و مصر.
(5) ابو جعفر طبري_ (المتوفي 310هه)، ”تاريخ الرسل و الملوڪ“ مطبوعه يورپ و مصر.
(6) حمزه اصفهاني_ (المتوفي 370هه)، ”تاريخ مني ملوڪ العرض“ مطبوعه يورپ و ڪلڪته.
(7) مسعودي_ (المتوفي 346هه)، ”مروج الذهب“ مطبوعه يورپ و مصر.
مٿيان صاحب قدما جي دﺆر جا آهن، متاخرين ۾ فقط هيٺيان ٻه صاحب قابل ذڪر چيا وڃن ٿا.
(1) ابوالفدا_ (المتوفي 732هه)، ”المختصر في اخبار البشر“ مطبوعه يورپ و مصر.
(2) ابن خلدون_ (نامعلوم) ”العبر و ديوان المبتدا والخبر“، مطبوعه يورپ و مصر.
هن کان پوءِ عرب جي جغرافيه نويسن تي بحث ڪنداسين ۽ ان کان پوءِ تاريخ عرب جي چوٿين ڪڙي يعني ’انساب‘ جو ذڪر ڪيو ويندو.

(2) جغرافيه
مسلمانن ۾ علم جغرافيه جي ابتدا پهريون ئي عربن وٽان ٿي. اڃا هو يونانين جي لفظ ”جغرافيه“ سان آشنا ئي نه هئا، جو انهن اهو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ۽ حقيقت ۾ انهيءَ فن ۾ ايترو ڪمال حاصل ڪيائون جنهن جو ٻي ڪابه قوم مثال پيش ڪري نٿي سگهي.
عربن جا انهيءَ فن تي ٻن قسمن جا ڪتاب آهن. هڪڙا اهي جيڪي خالص عرب جي جغرافيه تي آهن؛ ۽ ٻيا اهي، جنهن ۾ ٻين ملڪن جي جغرافيه بيان ڪندي، ضمناً عرب لاءِ به لکيو اٿن؛ جنهنڪري اسان به هن هيٺ ڪتابن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪريون ٿا؛ چنانچه پهرئين قسم جا جغرافيائي ڪتاب هي آهن:

(1) ابو زياد ڪلابي_ (سنه 200هه)، هن ”ڪتاب النوادر“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو انهيءَ فن جو پهريون ئي ڪتاب چيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جو هڪ حصو خاص عرب تي آهي.

(2)نصر بن شميل_ (سنه 330هه)، هن جو لکيل ڪتاب ”ڪتاب الصفات“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جي هڪ حصي ۾ عرب جو جغرافيه آهي، ۽ اتان جي خيمه گاهن، گهرن، جبلن ۽ غارن تي نهايت تفصيل سان بحث ڪيل آهي.
هي ڪتاب 740ع ۾ لکيو ويو؛ ”تمدن عرب“ جي مصنف ڊاڪٽر گسٽوليبان جو چوڻ آهي ته ”اهو ڪتاب يهودين لاءِ لکيو ويو هو.“ مصنف نصر بن شميل اصل بصري جو رهاڪو ۽ مشهور محدث ۽ نحوي هو، حريري انهيءَ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”درت الغواص في اوهام الخواص“ ۾ ڪيو آهي. بصري مان نڪري خراسان ويو، ۽ نحو ۾ مشهور نحوي ”خليل“ جو شاگرد هو. 40 ورهيه کن بدوين سان گڏ رهيو هو، جنهن جا اثرات هن جي ڪتاب تي پيل آهن (علي بلگرامي، ”تمدن عرب“، حاشيه ص 431).

(3) هشام بن محمد ڪلبي_ (سنه 206)، ”ڪتاب البلدان“ ۽ ”ڪتاب الاقابم“ نالي ٻه ڪتاب جوڙيا اٿائين.

(4) ابو سعيد الاصمعي_ (سنه 313)، ”ڪتاب جزيرت العرب“ ۽ ”ڪتاب مياه العرب“ لکيا اٿائين، معلوم ٿو ٿئي ته پهريون ڪتاب عرب جي عام جغرافيه تي آهي ۽ ٻيو خاص تلائن (تالاب) جي بيان ۾ آهي.

(5) سعدان بن مبارڪ_ (سنه 300)، ”ڪتاب الارضئين و المياء و الجبال“ جي نالي سان زمين، تلائن ۽ پهاڙن جي بيان ۾ آهي.

(6) ابو سعيد حسن السڪري_ (سنه 300)، ”ڪتاب المناهل و القري و الابيات“ جي نالي سان عرب جي غارن، آبادين ۽ گهرن جي حالات تي لکيو اٿائين.

(7) عمر بن رسته_ سنه 300)، ”الاعلاق النفسيه“ جي نالي سان ڪتاب آهي، جنهن جو ستون فصل عرب جي جغرافيه تي آهي. ان جو هڪ ٽڪرو ”صنعا“ جي بيان وارو رچرڊ گوٿائيل، سميٽڪ اسٽڊي بريل ۾ 7 نمبر تي ڇاپيو آهي.

(8) ابن هائڪ همداني_ (سنه 320)، ”صفـﺔ جزيرت العرب“، هي ڪتاب جغرافيه عرب تي محقق ترين ڪتاب آهي. عرب جي زمينن، قومن، قبيلن، حيوانن، رستن، پهاڙن، تلائن، چراگاهن، وادين، کاڻين ۽ آثار قديمه وغيرهه تي نهايت مفصل بيان ڏنل آهي. هي ڪتاب 1819ع ۾، ليڊن ۾ ڇپيو آهي.

(9) ابو زيد بلخي_ (سنه 340)، ”ڪتاب البدء و الاخبار“ جي 13 فصل ۾ عرب جو جغرافيه ڏنل آهي. نيز مسجدن، رستن ۽ عجائبات تي به مفصل طرح بيان آهي. فرنچ مستشرق (ڪلمان) ڪتاب کي شايع ڪرايو آهي.

(10) ابو سعيد حسن السيرافي_ (368هه)، ”ڪتاب جزيرت العرب“ جي نالي سان عرب جي جغرافيه تي بهترين ڪتاب آهي.
مولانا سليمان ندوي ”عرب و هند کـﻶ تعلقات“ ۾ لکي ٿو ته ”سيراف، خليج فارس جو مشهور بندرگاهه آهي. ابو زيد اتان جو رهاڪو هو؛ سنه 264هه سندس ڪتاب ۾ ملي ٿو، مسعودي ساڻس سيراف ۾ 300هه ۾ مليو هو، هي عرب تاجر هو، ۽ سليمان تاجر جو سفرنامو پڙهي، 25_30 ورهين کان پوءِ ان جو تڪملو لکيائين.
هندستان ۽ چين جي پاسي تجارت جي خيال سان بحري سفر ڪندو هو. هندستان متعلق به سندس ڪتاب ۾ گهڻو مواد آهي (ص 31_35).“

(11) حسن بن محمد المعروف بالخالع_ (سنه 380هه)، ”ڪتاب الادويه و الجبال“ جي نالي سان، عرب جي پهاڙن ۽ وادين جي بيان ۾ لکيل آهي.

(12) محمود بن عمر زمخشري_ (سنه 398هه)، ”ڪتاب الامکته و المياه و الجبال“ عرب جي جاين، تلائن ۽ پهاڙن تي نهايت سٺو ڪتاب آهي.

(13) البڪري_ (نامعلوم)، ”معجم ما استعجم“ عرب جي جاين، مقامن ۽ ٻين جغرافيه حالات تي آهي.

(14) سيوطي_ (سنه 910هه)، ”مراصد الاطلاع علي اسماءَ الامکنه و البقاع“ 6 جلدن ۾ ڇپيو آهي. عرب جي سڀني جاين جا حالات ڏنل آهن.
مٿيان ڪتاب اهي آهن، جيڪي خاص عرب جي جغرافيه تي لکيا ويا آهن. باقي جن ۾ ضمني طرح ذڪر آهي انهن جو تفصيل هن هيٺ آهي:

(1) ابن خردازيه_ 250هه ۾ موجود هو)، سيد سليمان ”عرب و هند کي تعلقات“ ۾ ابن خردازيه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”هي عيسوي نائين صديءَ ۾ عباسي خليفه ( معتمد) جي زماني ۾ ٽپال ۽ خفيه رپورٽن جي محڪمي جو عملدار هو، ۽ چونڪه سرڪاري عملدار هو، تنهنڪري هن جي ڪتاب جي معلومات نهايت پڪي ۽ قيمتي آهي“ (صفحو 14). سندس ڪتاب 1889ع ۾ بريل ۾ ”ڊي_غوجي“ (De_ Goete) شايع ڪرايو آهي. ڪتاب جي اڌ ۾ ”تمين“ جي عنوان هيٺ عرب جو جغرافيه ڏنو اٿائين. ڪتاب جو نالو ”ڪتاب المسالک والممالک“ آهي.

(2) ابن فقيه همداني_ (سنه 290)، ”ڪتاب البلدان“، هي ڪتاب يورپ وارن شايع ڪيو آهي، ٻئي باب ۾ مڪه، طائف، مدينه، يمامه ۽ يمن جو ذڪر ڪيو اٿائين.

(3) ابن واضح يعقوبي_ (سنه 300هه)، احمد بن يعقوب بن جعفر عباسيه عهد ۾ دفتر انشا جو افسر اعليٰ هو، هندستان ۽ ٻين ملڪن جي به سير سياحت ڪئي هئائين. هي پهريون ئي مسلمان آهي جنهن دنيا جي سڀني قومن جي تاريخ لکي آهي. 287هه ۾ انتقال ڪيائين. سندس ٻه ڪتاب آهن. هڪ ”تاريخ يعقوبي“ جا ٻن جلدن ۾ آهي ۽ ٻيو جغرافيه ”ڪتاب البلدان“ نالي، اهي ٻئي ڪتاب لنڊن ۾ ڇپيا آهن.

(4) اصطخري_ (سنه 340)، هن جي ڪتاب جو نالو به ”ڪتاب المسالک والممالک“ آهي. يورپ ۾ ڇپيو آهي. پهريون باب عرب جي جغرافيه تي آهي. سيد سليمان لکي ٿو ته ”ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي، اصطخريءَ جي نالي سان مشهور هو، بغداد جي محلي ڪرخ جو رهاڪو هو، تمام زبردست سياح هو، هن جا جغرافيه ۾ ٻه ڪتاب آهن، هڪ ڪتاب الاقاليم ۽ ٻيو، ڪتاب مسالک الممالک. پهريون ڪتاب سنه 1839ع ۾ ”گوٿا“ ۽ ٻيو سنه 1870ع ۾ ليڊن ۾ ڇپيو آهي. جو 320هه (901) ۾ هندستان به آيو هو، جتي ابن حوقل سان به مليو هو. هن انهيءَ وقت هڪ دنيا جو نقشو به تيار ڪيو هو، جيڪو سندس بهترين ڪارنامو آهي. (”عرب و هند کـﻶ تعلقات“ صفحو 39، ”تمدن هند“ صفحو 431).

(5) مسعودي_ (سنه 343)، ڪتاب جو نالو ”مروج الذهب“ آهي، مصر ۾ ڇپيو آهي. مسعودي جو نالو ابوالحسن علي آهي، هڪ بلند پايي جو مورخ، ۽ جغرافيه نويس، ۽ سياح جي حيثيت سان مشهور آهي. چنانچه سموري حياتي آزاد ۽ سير سياحت ۾ صرف ڪيائين. پنهنجي وطن بغداد مان نڪتو. عراق، شام، ارمينيا، روم، ايشياي ڪوچڪ، افريقه، سوڊان، رزنگ، چين، تبت، هندستان ۽ سرانديب، کي خوب گهميو. نيز چين، عرب، حبش، فارس ۽ روم جي درياهن جا به چڪر ڪاٽيائين. سندس ڪيترن ڪتابن مان هينئر به ڪتاب ملن ٿا. هڪ ”ڪتاب النبيـﮧ و الاشرف“ جيڪو مختصر آهي، ۽ ٻيو ان کان وڏو آهي ”مروج الذهب و معادن الجوهر“ جيڪو مشهور ترين ڪتاب آهي. ڪتاب جي مقدمي ۾ سموريءَ دنيا جي قومن جي تاريخ به لکي اٿائين. مطلب ته هرهڪ ڳالهه تي نهايت پر از معلومات لکيو اٿائين_ پنهنجي سياحت 332هه ۾ ختم ڪيائين. ۽ ان کان پوءِ اهو ڪتاب لکيائين_ پيرس ۾ فرينچ ترجمي سان اهو ڪتاب 9 جلدن منجهه شايع ٿيو آهي. مصر ۾ به ڪيترا دفعا شايع ٿي چڪو آهي. (ع_هه_ت_ص ص 37_38)

(6) ابن مردويه_ (سنه 352هه)، ”معجم البلدان“ نالي بهترين ڪتاب جغرافيه تي آهي، جنهن ۾ عرب جي شهرن، ام القراي، عام عرب، عمان، مدينه وغيره جو پر از معلومات ۽ احوال ڏنل آهي. بانڪي پور ۽ حيدرآباد دکن جي ڪتب خانن ۾ نهايت قيمتي قلمي نسخا موجود آهي.

(7) ابن حوقل_ (سنه 362هه)، ”کتاب المسالک و الممالک“ مطبوعه يورپ جي باب پهرئين ۾ عرب جو جغرافيه، پهاڙ، ريگستان ۽ رستن جو بيان ڏنل آهي.
ابن حوقل اصل بغداد جو رهاڪو ۽ اتان جو وڏو تاجر هو. سنه 341هه مطابق 943ع جو بغداد ڇڏي، يورپ، افريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جو سفر شروع ڪيائين. اسپين ۽ سسليءَ کان وٺي ويندي هندستان تائين جي زمين ڇاڻيائين. ۽ ملڪن جا نقشا تيار ڪيائين، سنڌ جو نقشو به تيار ڪيو هئائين جيڪو ايليٽ صاحب ڏنو آهي.

(8) ابوالنباءِ بشاري مقدسي_ (سنه 375هه)، ”احسن التقايم في معرفته الاقاليم“ هن ڪتاب ۾ عرب جي صوبن، قصبن، ڳوٺن، عمارتن، کاڻين ۽ سمندرن جو مفصل بيان ڏنل آهي.
شمس الدين محمد بن احمد بشاري، شام ۾ بيت المقدس جو رهاڪو هو، هن پنهنجو ڪتاب 375هه ۾ ختم ڪيو. ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1906ع ۾، ليڊن ۾ ڇپيو آهي.

(9) ادريسي_ (سنه 545هه)، ”نزهته المشتاق في الفتراق الافاق“ هن ڪتاب ۾ به ساڳيءَ طرح عرب جو جغرافيه آهي، مگر ڪتاب جو جيڪو ٽڪرو شايع ٿيو آهي، تنهن ۾ عرب جو احوال ڪونه آهي.
ابو عبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مـﺆرخ ۽ جغرافيه نويس هو. صقيله جي بادشاهه راجرس وٽ نوڪر هو، ۽ بادشاهه لاءِ هڪ چانديءَ جو ڪره ٺاهيو هئائين، جنهن جي تشريح ۾ هن پنهنجو جغرافيه لکيو. سال ولادت 1109ع آهي ۽ سنه وفات 1164ع (علي بلگرامي، ”تمدن هند“ ص 37).

(10) ياقوت_ (سنه 623هه)،”معجم البلدان“ مصر ۾ 10 جلدن ۾ ڇپيو آهي. عرب جي سڀني تلائن، پهاڙن ۽ جاين وغيره جو بيان ڏنل آهي، ۽ ماپ به لکيل آهي. مصنف جو نالو ”ابو عبدالله ياقوت الرومي الحموي البدادي“ آهي.

(11) زڪريا قزويني_ (مولود سنه 674هه)، ”آثارالبلاد“ يورپ ۾ شايع ٿيو آهي. مختصر ڪتاب ۾ ترتيب اقاليم آهي. هرهڪ اقليم ۾، جتي عرب جو ذڪر آيو آهي، اتي ڏاڍيءَ وضاحت کان ڪم ورتو اٿس. علي بلگرامي لکي ٿو ته ”مصنف جو نالو ’زڪريا بن محمد القزويني‘ آهي ۽ مشهور ترين عالم آهي.“ هن جا ٻه ڪتاب ٺهيل آهن، هڪ ”عجائب المخلوقات“ ۽ ٻيو ”آثارالبلاد و اخبار العباد“ (ص 432).

(12) شمس الدين دمشقي_ (سنه نامعلوم)، ”تاخبته الادهر في عجائب الير و البحر“ يورپ ۾ شايع ٿيو آهي، ڏهون فصل عرب عام جي جغرافيه تي آهي، صوبن، قلعن جي حدن ۽ شهرن جو بيان ڏنل آهي.

(13) ابوالفدا_ (سنه 732هه)، ”تقويم البلدان“ يورپ ۾ شايع ٿيو آهي. پهرئين فصل ۾ عرب جي 42 آبادين جو ذڪر ٿيل آهي، ۽ طول و عرض ماپيل ۽ لکيل آهي.
مٿيان ڪتاب عرب جي جغرافيه تي آهن، جن مان گهڻا اهي آهن، جيڪي اڄ يورپ جي بدولت اسان وٽ پهتا آهن.

(4) انساب

جيڪڏهن تورات کي جدا ڪجي ٿو ته پوءِ دنيا ۾ عربن جي ئي قوم رهي ٿي، جنهن سلسلي نسل و انساب کي هڪ مستقل فن بڻائي ڇڏيو. هڪ عرب جي نگاه ۾ سڀ کان زياده قيمتي ۽ ڪمائتي شيءِ فقط پنهنجو نسب ئي هو، جنهنڪري عرب جو ٻچو ٻچو پنهنجي نسل کي بر زبان ياد رکندو هو.
عرب جا شاعر به ان ڪري قبيلن جا شجرا ياد ڪندا هئا، جو کين مدح ۽ هجو جي موقعي تي اهي ڪم ايندا هئا. اسلام کان اڳ خواه پوءِ عرب ۾ انهيءَ فن جا تمام وڏا وڏا ماهر ٿي گذريا آهن، جن کي تمام عرب جي قبيلن، خاص ڪري مشاهيرن جو سلسله نسب دل تي نقش هوندو هو.
جڏهن تدوين علوم جو وقت آيو، تڏهن ٻين فنون سان گڏ اهو فن به مدون ٿيو، ۽ انساب جي عالمن ان تي ڪيترا ڪتاب لکيا. اسلام جي پهرئين وقت ۾ غفل، بڪري، لسان الحمرت، عبيد بن شريه، ۽ ان کان پوءِ ابن ڪواءِ، قرقبي، عوانه بن حڪم، ابوالفطان، هشام ڪلبي، محمد بن سائب ڪلبي، مدائني، فاڪهاني، معصب بن عبدالله، زبيري، زبير بن بڪار، ۽ مصنف انساب قريش، اصمعي، ابو عبيده، ابن هشام، ۽ مصنف انساب حمير مبرد ۽ ازرقي، ۽ متاخرين ۾ بلاذري، سعاني، ابن حزم ۽ قلشقندي انهيءَ فن جا امام هئا.
انهن سڀني کان مشهور ۽ مستند انسابدان، علامه سمعاني ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجو ”ڪتاب الانساب“ 562هه مطابق 1166ع ۾ لکي پورو ڪيو. مصنف جو نالو قاضي ابو سعيد عبدالڪريم هو ۽ ڪنيت سمعاني هيس. ڪتاب تمام ضخيم ۽ 1206 صفحن تي آهي. يورپ جي بدولت اهو ڪتاب به اسان جي هٿن تائين پهتو. مسٽر اي_جي_برل ليڊن ۾ 1917ع ۾ ڇپايو هو.
باقي ٻين بزرگن جا ڪتاب به انهيءَ فن تي نهايت قيمتي آهن، مگر انهن مان ڪيترا اڄڪلهه بلڪل ناياب آهن، جنهنڪري انهن مان متمتع ٿيڻ محال آهي.
مطلب ته عرب جي قديم تاريخ مدون ڪرڻ ۾ ذڪر ڪيل چئن ماخذن ئي مدد ڏني آهي، جنهنڪري اهو سمورو ذخيرو جڙي راس ٿيو.
[هن مضمون ۾ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي ويئي آهي: 1_ ”ارض القران“_ سيد سليمان ندوي، 2_ ”تمدن عرب“_ علي بلگرامي، 3_ ”فهرست الفداي“_ حسام الدين، 4_ ”فهرست ابن نديم“_ علامه ابن نديم، 5_ ”عرب و هند کـﻶ تعلقات“_ سيد سليمان ندوي.]

[روزانه ”ستاره سنڌ“، 2_9 ۽ 16 ڊسمبر، 1934ع]