لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

مولانا محمد هاشم ۽ مولانا عبدالواحد جون تصانيف

سرزمين سنڌ انهن گرانمايه گوهرن کي پنهنجي گود ۾ پاليو ۽ پوسيو، جن جو ثاني وري پيدا ٿي نه سگهيو. سوين اهڙا اڪابر ۽ اولياء پيدا ٿيا، جن جي شهرت جي ڊنڪي ساريءَ دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي. ڪيترا اديب، عالم ۽ فاضل اهڙا هن سرزمين مان اٿيا، جن جي شهرت جو شور دنيا ۾ چارسو گونجڻ لڳو. وقت گذرندي دير ڪانه ٿي ٿئي؛ زمانو ڦري ويو؛ چند ڏينهن کان پوءِ اسان ڏسون ٿا ته نه سنڌ ۾ ولي آهن، نه اڪابر آهن، نه عالم ۽ فاضل، ۽ نه شاعر؛ ڄڻ ته هئائي ڪين، ڇڙو ياد جو هڪ هلڪو عڪس دل تي رهجي ويو آهي، سو به اسان جي قلب جي ڪَٽ ڪري اجهو ڪي ميٽجي ويو.
مولانا محمد هاشم بن عبدالغفور السندي الٺٽوي (الله ۽ سندس پياري حبيب جون مٿس رحمتون هجن)، قديم سنڌ ۾ نهايت بلند ترين هستيءَ جو مالڪ هو. الله جو پيارو ٻانهو هو، کيس ذات باري تعاليٰ جو قرب حاصل هو. ٺٽي جي صوبي جو مفتي ۽ قاضي هو. اڄڪلهه سندس تصنيفات ڪٿي به دستياب ڪونه ٿيون ٿين_ الا ماشاالله، سواءِ چند خاندانن جي ٻئي هنڌ نام و نشان به ڪونه آهي. سندس تصانيف گهڻو ڪري مذهبيات تي آهن ۽ عربي زبان ۾.
مولانا عبدالواحد سيوستاني به ساڳيءَ طرح نهايت بلند پايه ڪامل بزرگ هو_ خدا کيس غريق رحمت ڪري. سچ پچ ته اهي بزرگ سنڌ جي سونهن هئا. اڄ ته اوندهه لڳي پيئي آهي، نه اهي بزرگانه محفلون آهن ۽ نه اهي اديبانه درباريون؛ ساري سنڌ هڪ اجڙيل آشياني جيان نظر اچي ٿي، چارسو سنسان ۽ ويران لڳو پيو آهي.
اهي صورتون ته هاڻي پوشيده ٿي ويون آهن، البته سندن تصانيف اڃا موجود آهن، جن مان سندن سيرت ڏسي سگهون ٿا. مگر ڪنهن کي ان جي ضرورت آهي، جو تجسس ۽ تفحص ڪري انهن کي دستياب ڪري. الله جا بي ذوق بندا اهڙا آهن، جو بزرگن کي زمين ۾ دفن ٿيل ڏسي انهن جي تصنيفن کي به ڪاٺ جي کوکن ۾ پوريو ويٺا آهن ۽ ”وڏن جي نشاني“ انهيءَ وقت تائين ٻاهر نٿا ڪڍن، جيسين اندران اڏوهي کائي ٻاهر نٿي نڪري اچي. اهڙن فرعونن لاءِ اسان ٻنهي ڀائرن 1926ع کان ”موسيٰ“ بنجڻ جو خيال ڪيو، ۽ مصمم ارادو ڪيوسي ته ڪيئن به ڪري سنڌي مصنفن جا قلمي ڪتاب گڏ ڪيون. اڄ برابر اٺون سال آهي_ رات ڏينهن جي ڪوششن ۽ محنتن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڪافي تعداد ۾ ذخيرو مهيا ٿي چڪو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تازو اسان کي چند ڪتاب مولانا محمد هاشم ۽ عبدالواحد سيوستانيءَ جا هٿ آيا آهن، جن جي فهرست ناظرين ڪرام جي تفنن طبع لاءِ هيٺ ڏيون ٿا.

مولانا محمد هاشم ٺٽويءَ جا ڪتاب

هيٺيان سڀ ڪتاب عربي ۽ قلمي آهن. ڪاتب جو نالو ڪن ڪن ٿي لکيل آهي، هڪ صديءَ جا پراڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

(1) القول الانور في حکم لبس الاحمر
(2) بذل القوت في حوادث سني النبوت
(3) فتاويٰ محمد هاشم
(4) طراز المذهب في ترجيح الصحيح المذهب
(5) نورالعين في اثبات الاشارت في التشهدين
(6) فرائض الايمان

مولانا عبدالواحد جون تصانيف

(1) ڪتاب التخريج الخريج_ فارسي (هن ڪتاب سان گڏ هڪ عربي رسالو به آهي.)
(2) رسالـﺔ في افضلينه الصديقـﮧ
(3) الدرر المتنائره في الاخبار المتواتره
(4) اربعين لارشد الطالبين
(5) مرات الحيلـﺔ
(6) تهديد الغافر بتعذيب الکافر
(7) ارشاد الصواب لمن وقع في بعض الاصحاب
(8) اربعين بروايـﺔ سراج المسلمين
(9) احسن الفهم و العقل في جمع الکسب و التوکل
انهيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڪتاب آهن، جيڪي ساڳئي مجموعي ۾ آهن، مگر نالا پڙهڻ ۾ نٿا اچن. مولانا محمد عمر، ابو عبدالرحمان، علي بن محمد سلطان، محمد ابراهيم مڏئي ٺٽوي ۽ علامه شيخ محمد البکري وغيرهه جون تصانيف به آهن، جن جو بيان ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ ڪيو ويندو.

[”ستاره سنڌ“، 2 سيپٽمبر 1934ع]