لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

غيرت خان_ ”ماثر جهانگيريءَ“ جو مـؤلف

غيرت خان انهيءَ مشهور جهانگيري امير، خواجه عبدالله فيروز جنگ (موت: 17 شوال 1054هه)، و ڀائٽيو هو، جنهن لاءِ ”ماثر الامرا“ جي مصنف لکيو آهي ته ”هو (خواجه عبدالله) ناصر الدين احرار جي خاندان منجهان هو ۽ جيتوڻيڪ هو خواجه حسن نقشبنديءَ جهڙي اهل دل بزرگ جو ڀاڻيجو هو، تنهن هوندي به ذاتي طور هو هڪ بنهه بيرحم، ڪميڻو ۽ ظالم شخص هو“. خان جهان لوديءَ جڏهن هن مشهور جهانگيري امير، خواجه عبدالله، کي گرفتار ڪري، ڏانهنس شيخ فريد بکريءَ، مـؤلف ”ذخيرت الخوانين“، جي هٿان ڏهه هزار روپيا خرچ پکي لاءِ ڏياري موڪليا، تڏهن خواجه عبدالله ۽ شيخ فريد بکريءَ جي وچ ۾ جيڪا دلچسپ گفتگو ٿي، سان هن طرح هئي:
”عرض ڪيم: نواب صاحب (اوهان) خدا جي راهه ۾ گهڻيون جنگيون ڪيون آهن؟ ڪيترن ڪافرن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا اٿو؟
”چيائين: (اٽڪل) ٻه لک انگ بيهندو. آگري کان پاٽنا تائين انهن جي کوپرين جا رستي جي ٻنهي پاسي ڍير لڳا پيا آهن!
”چيم: البت انهن ۾ ڪافي بيگناهه مسلمانن جا سر پڻ هوندا؟
”ڪاوڙ جي چيائين: پنج لک ڪافر، زالون ۽ مرد قيد ڪري وڪيا اٿم، جيڪي سڀ پوءِ دين اسلام ۾ داخل ٿيا. اُهي پنهنجي اولاد سميت وڌي ويجهي، قيامت تائين نيٺ وڃي ڪروڙن جي تعداد کي پهچندا! (2)“
اُنهيءَ ئي گفتگو جي سلسلي ۾ آيل آهي ته: خواجه عبدالله فيروز جنگ بهادر وڌيڪ هيءَ به اظهار فرمايو ته:
”خدا جو پيغمبر (صلعم) (پنهنجي سر) هلي، پيڃاري جي گهر ويندو هو ۽ وڃي معجزا ڏيکاريندو هو ته من ڪو هڪ اڌ شخص مسلمان ٿئي! مون ته هڪ ئي ڌڪ سان پنج لک آدمي مسلمان ڪري ڇڏيا! (3)
ائين چئي، آخر ۾ دعويٰ ڪيائين ته:
”جيڪڏهن ڪو حساب ڪتاب پڻ ٿيو، ته به ميزان ۾ منهنجي کتي، لٿي پٿي، مسلمان زياده رهندا!“
شيخ فريد لکي ٿو ته جڏهن اُهو مڪالمو هن موٽي اچي، خان جهان جي اڳيان بيان ڪيو؛ تڏهن هن چيو ته:
”عجب آهي هن شخص تي، جو ههڙن اڻسهائيندڙ عملن تي فخر ٿو ڪري ۽ ڪو شرم ڪونه ٿو اچيس!“
پر ههڙن”اڻسهائيندڙ عملن (اعمالي نڪوهيده“) جي باوجود به، ”ماثرالامرا“ جي مصنف جو چوڻ آهي ته ”هندستان (هند _پاڪ) جا ساده طبع ۽ وهمي مسلمان هن کي ڪرامتن جو صاحب سمجهندا هئا ۽ سندس حضور ۾ نذر ۽ نياز پيش ڪندا هئا!“ (4)

خواجه ڪامگار جو پيءُ:
هن عجيب ڪردار جي مالڪ، خواجه عبدالله فيروز جنگ، جي ٻن ڀائرن جا نالا ”ماثر الامرا“ ۽ ٻين ڪتابن ۾ آيا آهن_ يعني هڪڙو خواجه يادگار ۽ ٻيو خواجه پر خوردار. پر غيرت خان، جنهن جو پنهنجو نالو خواجه ڪامگار هو، تنهن جي پيءُ جو نالو ”ماثرالامرا“ وغيره ۾، ڀائرن جي نالن سان يا هونئن به، ڪٿي بيان ڪونه ٿيو آهي. مغل تاريخن ۾، غيرت خان کي رڳو ”فيروز جنگ جو ڀائٽيو“لکي، ڳالهه کي ختم ڪيو ويو آهي(5). البت انگريزي تاريخ نويس، ايليٽ، جي ڪتاب ”تاريخ هند“ ۾، ”ماثر جهانگيري“ جي تعارفي نوٽ ۾ هن جي پيءُ جو نالو ”سردار خان“ (6) ظاهرڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جهانگيري تاجپوشيءَ جي چوڏهين سال، هو مغل درٻار ۾ داخل ٿيو ۽ کيس حاجيپور ۽ مونگير ۽ بهار ۾ ڪي ديهون جاگير طور پڻ عطا ٿيون.

غيرت خاني لقب:
شاهه جهان جي اوائلي حڪومتي سالن ۾ خان جهان لوديءَ ۽ دريا خان جون بغاوتون مغل تاريخ جا مشهور واقعا آهن. خان جهان مغل سلطنت جي باغي هجڻ جي حيثيت ۾ هونئن به بادشاهه جي ڏمر هيٺ آيل هو پر شاهجهان جي ان ڏمر کان زياده سندس ۽ فيروز جنگ جي وچ ۾ جيڪا ذاتي دشمني هئي، سائي در حقيقت هن لاءِ موتمار ثابت ٿئي. خان جهان جي دل ۾ سلطنت جي خلاف جيڪڏهن ڪي ارادا ۽ منصوبا هئا به سهي، ته اهي دريا خان جي مار جڻ کان اڳي ئي ختم ٿي چڪا هئا ۽ پوءِ هن فقط گمناميءَ جي ڪنهن اهڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي زندگي بسر ڪرڻ ٿي چاهي، جتي هو حڪومت جي نظرن کان پوشيده رهي، آئنده لاءِ بادشاهه جي دل تان بنهه لهي وڃي. پر ”ماثر الامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب، هو جيڏانهن ٿي ويو، اوڏانهن فيروز جنگ هن جي پٺ ڪانه ٿي ڇڏي؛ ايتريقدر جو خان جهان کي ڪيڏانهن بچي نڪرڻ جي اميد باقي ڪانه رهي ۽ هو زندگيءَ منجهان بيزار ٿي پيو (7) ۽ آخر ڪار هو ڪالنجر (8) کان ويهه ڪوهه پري، سهيره جي ڪناري تي پهرين رجب 1040هه (1631ع) تي، فيروز جنگ سان مقابلو ڪندي، مارجي ويو.
عبدالله خان فيروز جنگ جو ڀائٽيو خواجه ڪامگار، جيڪو اُن وقت تائين وڌي صرف 1000پيادن ۽ 400 سوارن جي منصب تائين پهچي سگهيو هو، سو ست ڏينهن پوءِ، 8 رجب تي، جڏهن بادشاهه سلامت تاپتي نديءَ جي ڪناري سان، ٻيڙين ۾ آرامي ٿي، مرغابين جي شڪار سان ”دل وندرائي“ رهيو هو، پنهنجي چاچي فيروز جنگ جو ڪيل هيءُ نئون شڪار_ يعني خان جهان شهيد جو سر_ کڻي وڃي اُتي حضور ۾ حاضر ٿيو (9). اُن انساني شڪار تي نظر پوڻ سان نه صرف اعليٰ حضرت، صاحب قرآن ثانيءَ، جي زبان مبارڪ مان ”شڪر افضال الاهيٰ“ جو ڪلمو نڪتو، ۽ ”ڪوس شادمانيءَ“ جي وڄائڻ جو حڪم جاري فرمايو ويو، پر فيروز جنگ جي هن ڊوڙايل ٻانهي، خواجه ڪامگار، جي بخت ۽ اقبال جي نقاري تي پڻ عروج ۽ بلنديءَ جو ڏؤنڪو وڳو_ يعني اُنهيءَ گهڙيءَ هن کي خلعت ۽ گهوڙي ۽ 500 پيادن ۽ 200 سوارن جي اضافي کان علاوه ” غيرت خان“ جي لقب سان سر فراز فرمايو ويو. شاهي درٻار جا شاعر، جيڪي اهڙن ئي خدا داد موقعن جي تاڙ ۾ ويٺا اوجهرندا هئا، تن مان هڪڙي (10) جي وات ۾، خان جهان لوديءَ (11) جو رت ڄميل سر ڏسندي ئي، پاڻي ڀرجي آيو، ۽ فوراً هڪڙي گرما گرم رباعي هٿ ۾ کڻي، هو اڳتي وڌيو ۽ عرض ڪيائين:
”اين مرﱞدهﻋ فتح از پيﻋ هم زيبا بود
اين کيف دوبالا چه نشاط افزا بود
از رفنن دريا سر پيرا هم رفت
گويا سر او حباب (اين) دريا بود (12)
اُن شاعر اُن فرشي رباعيءَ جي عوض ڪهڙو انعام کٽيو، سو ته معلوم ڪونهي، پر مغلشاهي غيرت جو جلوو بهرحال خواجه ڪامگار جي”غيرت خانيءَ“ جي صورت ۾ اُنهيءَ ئي موقعي ت نمايان ٿيو.
خواجه ڪامگار پنهنجن منصبن، اعزازن ۽ سوارن جي هن واڌو حاصلات معرفت توڙي پنهنجي هن ”غيرت خانيءَ“ جا آڌار تي ته ڪڏهن به تاريخ جي درٻار ۾ باريابي حاصل ڪري نٿي سگهيو ۽ نه وري تاريخ جي غيرت پنهنجي گورستان ۾ هن جي قبر تي ڪو ڪتبو ٽنگي، کيس ڪا دائمي حياتي بخشش ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تيار هئي. پر حقيقت هيءَ آهي ته ان لاءِ خود هن جي پنهنجي سوانح ۾ اسان کي هيٺيان ٽي عنوان صاف ۽ وڏن اکرن ۾ لکيل ملن ٿا:
(1) دهليءَ ۾ شاهجهان آباد جا جنهن وقت بنياد پيا، تنهن وقت هو اتان جو ناظم ۽ عمارتن جو نگران هو؛
(2)جهانگيري دور تي هن ”ماثر جهانگيري“ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جو هڪ نهايت معتبر ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو؛ ۽
(3)مغل تسلط جي دور ۾، هو ٺٽي جو صوبه دار مقرر ٿي آيو ۽ اتان جي مٽيءَ ۾ هن کي ابدي آرام نصيب ٿيو.
جيتوڻيڪ مٿين واقعن مان هن زندگيءَ جا پهريان ٻه واقعا ئي هند_ پاڪستان جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگن لاءِ غيرت خان ڏانهن متوجهه ٿيڻ واسطي ڪافي آهن، پر منهنجي ذاتي دلچسپيءَ جو خاص ڪارڻ سندس زندگيءَ جو ٽيون واقعو آهي، جنهن جي آڌار تي اڄ آءُ تاريخ جي عالمن جي هن عظيم اجتماع جي خدمت ۾ غيرت خان جي زندگيءَ ۽ سندس آخرين آرامگاهه متعلق چند صفحن پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان.

دهليءَ جي حڪومت:
شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي ڏهين سال، يعني ربيع الثاني 1047هه جي 23 تاريخ، ”گوهر بحر خلاقت“ يعني بادشاهزادي محمد اورنگزيب بهادر کي، جنهن اڳتي هلي، خود پنهنجي پيءُ کي گرفتار ڪري پنهنجو قيدي بنايو، بادشاهه سلامت دولت آباد روانو ڪيو، ته جيئن هو اتان لشڪر ساڻ ڪري، ڪافر ڀرجيءَ (13) جي ملڪ، بڪلا نه تي_ جيڪو دولت ۽ خوشحاليءَ ۾ موافق آبهوا کان مشهور هو_ حملو ڪري، ان کي مغل سلطنت سان شامل ڪري ڇڏي. انهيءَ ئي ڏينهن غيرت خان کي به دهليءَ جي گورنريءَ جو فرمان مرحمت ٿيو_”باد شاهه نامه“ جي عبارت هيءَ آهي:
”23 ريبع الثاني (1047هه) تي عبدالله خان فيروز جنگ جي ڀائٽئي غيرت خان کي خلعت ۽ 1000 پيادن ۽ 1040 سوارن جي اضافي سان 2500 پيادن ۽ 2000 سوارن جي منصب، ۽ اصالت خان جي جاءِ تي، گاديءَ واري صوبي دهليءَ جي نظامت جي عهدي سان سرافراز ڪيو ويو. (13)
شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي ٻارهين سال، شاهجهان آباد جي شاهي عمارتن ۽ لال قلعي جا بنياد وڌا ويا، انهن جي نگراني غيرت خان جي سپرد ٿي. شاهنواز خان جي چوڻ موجب:
”...مذڪور....صوبي جي حاڪم، صاحب اعتبار (غيرت خان)، 5 ذي الحج 1048هه تي، رٿيل نقشي مطابق، (عمارتن ۽ قلعي جي) بنيادن وجهارائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو.“ (14)
نئين سال جي شروع ۾، يعني 9_ محرم 1049هه (1639ع) تي، لال قلعي جا بنياد ڀرجڻ شروع ٿيا. ان کان پوءِ چئن مهينن تائين، جيڪو به سامان ۽ مصالحو موجود هو، اُهو بنيادن ۾ وجهي، جيئن اُهو ڪم ختم ڪيو ويو (15)، تيئن، ”ماثرالامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب، غيرت خان جي بخت جو ستارو چمڪيو ۽ ٺٽي جي صوبهداريءَ جي مٿس نوازش ٿي ۽ هو انهيءَ طرف روانو ٿي ويو (16). ”بادشاهه نامه“ جي مـؤلف ان تبادلي جي تاريخ 11_ جمادي الاول 1049هه ڏني آهي ۽ لکيو آهي ته:
”11تاريخ (جمادي الاول 1049هه) تي الله وردي خان کي 1000 پيادن ۽ 1000 سوارن جي اضافي سان 5000 پيادن ۽ 5000 سوارن جو منصب عطا ڪري، غيرت خان جي جاءِ تي گاديءَ واري صوبي دهليءَ جي صوبه داريءَ جي سرافرازي بخشي ويئي ۽ رخصت فرمايو ويو (17).“

ماثر جهانگيري:
غيرت خان جي تاليف، ”ماثر جهانگيري“، جو نالو خافي خان (18) ۽ ”ماثر الامرا“ کان علاوه، خود ڪتاب جي مـؤلف ”جهانگير نامه“ لکيو آهي. شاهنواز خان جي راءِ هن ڪتاب متعلق هيءَ آهي:
”.....مذڪور....(مـؤلف ’ماثر جهانگيريءَ‘،) ڪنهن به ڳالهه کي وڌائڻ گهٽائڻ کان سواءِ ’اقبال نامهﻋ جهانگيريءَ‘ جي مصنف متعلق، (جيڪو مزاح گوئيءَ ۾ بي اختيار گرفتار هو) ۽ خاص طرح جهانگير جي شهزادگيءَ واري دور جي بغاوت جا واقعا، تفصيل سان بيان ڪيا آهن“. (19)
اُن سلسلي ۾ خافي خان جو چوڻ آهي ته:
”عقل جي صاحبن تي پوشيده نه آهي ته جهانگير جي شهزادگيءَ واري دؤر جي بغاوت جو احوال،محمد قاسم فرشته ۽ ٻين مـؤرخن،جيڪي جنت مڪانيءَ جا همعصر هئا، بادشاه جي ملاحظي جي خيال کان، فقط اشارن اشارن ۾ بيان ڪيو آهي، پر ميرزا ڪامگار، مخاطب به غيرت خان، حميدالله خان (؟) جي ڀائٽئي، جنت مڪانيءَ جي احوال پيش ڪرڻ ۾ خاص تفصيل کان ڪم ورتو آهي ۽ معتمد خان متعلق به سچ لکڻ ۾ ڪا ڪمي ڪانه ڪئي آهي ۽ ڪافي احوال شهزادي محمد سليم جي شهزادگيءَ واري دؤر جي بغاوت جو پڻ بيان ڪيو آهي...الخ.“
تاريخ نويسن جي هنن راين منجهان ڪتاب جي اهميت ۽ مـؤلف کي مشاهده نگاريءَ ۽ واقعن کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جي جيڪا صلاحيت هئي، تنهن جو پوريءَ طور اندازو ٿي سگهي ٿو.
غيرت خان هيءُ ڪتاب شلهجهان جي تا جپوشيءَ کان ٽي سال پوءِ، يعني 1040هه (1630ع) ۾ ختم ڪيو (20).
ٺٽي جي حڪومت: جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي، غيرت خان کان دهليءَ جي نظامت جون واڳون وٺڻ لاءِ الله وردي خان 11 جمادي الاول 1049هه تي شاهي حضور منجهان رخصت ياب ٿيو. هو پوءِ ڪڏهن دهليءَ پهتو ۽ ڪڏهن غيرت خان کان دهليءَ جي نظامت سنڀالي ورتائين، ان جي ڪا خبر ڪانهي. بهرحال اٽڪل ساڍن ٽن مهينن کان پوءِ، 16_ شعبان 1049هه تي، جڏهن شاهجهان ڪابل کان موٽندي لاهور ۾ منزل انداز هو، غيرت خان اچي اتي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو (21). اٽڪل اڍائي مهينا لاهور ۾ رهي، ”تماشاي شگوفهﻋ شفتالو“ منجهان دل تي لطف اندوز ٿي، 25_ شوال 1049هه تي، جڏهن ”فتح ۽ ڪامرانيءَ جا شاهاڻا جهنڊا“، خوش بخت گهڙيءَ جو انتخاب ڪندي، ڪشمير ڏانهن اسهڻ لاءِ هوا ۾ ڦڙڪڻ لڳا، تيستائين غيرت خان شاهي درٻار ۾ موجود هو (22). اوچتو بادشاهه جو سهرو، يمين الدولـﮧ آصف خان، جيڪو اُنهيءَ زماني ۾ لاهور جو حاڪم هو، بيمار ٿي پيو، جنهنڪري بادشاهه سلامت لاهور جي قلعداري غيرت خان جي سپرد ڪري، پاڻ ڪشمير ڏانهن روانو ٿيو (23).
لاهور جي هيءَ قلعداري غيرت خان کي چئن مهينن تائين حاصل رهي، جنهن کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم، خواص خان،جي بدليءَ سبب، 4_ ربيع الاول 1050هه تي غيرت خان واسطي فوراً ٺٽي ڏانهن وڃڻ جو حڪم صادر ٿيو ۽ لاهور جي قلعداري ذوالفقار جي سپرد ٿي.
چوٿينءَ تاريخ (ربيع الاول 1050هه) تي، غيرت خان، جنهن کي لاهور جي قلعداريءَ جي عهدي جي سرافرازي حاصل هئي، 500 پيادن جي اضافي سان، 3000 پيادن ۽ 2000 سوارن جو منصب حاصل ڪري، خواص خان (24) جي جاءِ تي، ٺٽي جي صوبه داري سنڀالڻ لاءِ اتان فارغ ٿيو ۽ لاهور جي قلعداري ذوالفقار خان کي، جيڪو هيستائين وڏي شان واري بادشاهزادي مراد بخش جي خدمت خاص ۾ مقرر هو، مرحمت ڪئي ويئي (25).
۽ ساڳئي وقت هيءُ به خاص حڪم صادر ٿيو ته هو، يعني غيرت خان، هڪدم روانو ٿي وڃي ۽ بنا دير جي، وڃي پنهنجو نئون عهدو سنڀالي (25).
سنڌي مـؤرخ، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ، ”تحفـة الڪرام“ ۾ ٺٽي جي مغل صوبه دارن جي جيڪا فهرست ڏني آهي، اها ترتيب توڙي تاريخن جي لحاظ کان غلط به آهي ۽ اڻپوري به. چنانچه غيرت خان جو نالو ۽ ذڪر ان ۾ موجود ئي ڪونهي (26)، ۽ پڻ ان ۾ شاهجهان جي اوائلي دور جي صوبه دارن جا نالا ۽ احوال پڻ غائب آهن، ۽ ڇاڪاڻ ته هيءُ ئي ڪتاب ”لب تاريخ سنده“ جو ماخذ آهي، تنهنڪري ان ۾ به اهي اوڻايون موجود آهن. ”لب تاريخ سنده“ ۾ پڻ سال صرف اندازي ۽ قياس جي آڌار تي ڄاڻايل آهن ۽ ان ۾ سنڌ جي مغل صوبه دارن جي آيل فهرست پڻ ساڳيءَ طرح غلط آهي (27).

وفات:
غيرت خان ٺٽي: ۾ جيڪو عرصو رهيو، ان جا تفصيل اسان کي انهيءَ ڪري معلوم نٿا ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ جا سمورا ماخذ سندس دؤر جي واقعن ۽ احوال کان خالي آهن. مغل تاريخن مان اسان کي صرف هيءَ معلوم ٿو ٿئي ته غيرت خان ٺٽي ۾ 1050هه ۾ انتقال ڪيو، جنهن جو اطلاح 7 ذي الحج 1050هه تي شاهجهان کي پهتو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن بادشاهه ٺٽي جي حڪومت جون واڳون شاد خان جي حوالي ڪيون:
”ستين تاريخ (ذي الحج)_ هن تاريخ تي جڏهن بادشاهه جي حضور اقدس ۾ گذارش عرض ٿي ته ٺٽي جو صوبه دار، غيرت خان، زندگيءَ جون منزلون پوريون ڪري چڪو، تڏهن شاد خان کي (27) خلعت ۽ تلوار ۽ 500 پيادن ۽ 500 سوارن جي اضافي سان 2000 پيادن ۽ 2700 سوارن جو منصب عطا ڪري، هڪ گهوڙو مرحمت ڪيو ويو ۽ مذڪور صوبي جي صوبه داريءَ سان سرافراز ڪيو ويو (29).

مدفن:
غيرت خان جي زندگيءَ جي ٺٽي ۾ ئي پڄاڻي ٿي. ڪنهن به مـؤرخ هيءُ ڪونه لکيو آهي ته ڪٿان جي سرزمين هن جي بيجان جسم کي پاڻ وٽ پناهه ڏني_ يعني هن جي مٽي ڪٿان جي مٽيءَ سان ملي ۽ ڪٿان جي گز زمين ۾ هن کي ابدي آرام نصيب ٿيو.
هن مقالي ۾ منهنجو مقصد غيرت خان جي سوانح حيات بيان ڪرڻ جو ڪونه هو. انهيءَ ڪري جيتريقدر هن جي اصل زندگيءَ جي احوال جو واسطو آهي، ان کي بلڪل مٿاڇري نموني ڇڏيندو، آءُ اڳتي وڌندو پئي ويو آهيان. منهنجي اصل منشا هيءَ آهي ته آءُ تاريخ جي عالمن جي خدمت ۾ هي ظاهر ڪيان ته حضرت ننگر ٺٽي جي خاڪ پاڪ ئي هميشه لاءِ غيرت خان جي خاڪي جسم کي پاڻ وٽ جڳهه ڏني آهي ۽ هو مڪليءَ جي بيمثل تاريخي قبرستان ۾ ئي دائمي طور آرامي آهي.
مڪلي ٽڪريءَ تي، ميرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ،(30) جي مقبري جي مغربي پٺ کان، ڀت کان ڪجهه پرڀرو، ٽي اوچيءَ سطح جا جدا جدا چبوترا آهن. پهرئين چبوتري تي هڪڙي ڀوري پٿر جي هڪ قبر آهي جنهن تي هيءُ ڪتبو آهي:
”نـــــــــدا رســـــــــيد کــــــه وي اصـــــــــل خـــــــــدا شـــــــــد،
گفت غمين مباش که فردوس ساخته روشن“ 1052هه
ان کان پوءِ هڪ ٻيو چبوترو آهي، جنهن تي پڻ صرف هڪڙي ئي قبر باقي وڃي بچي آهي، جنهن تي هيءُ ڪتبو موجود آهي:
”رحلت نمودن مرحومي مغفوري
خواجه محمد لطيف بتاريخ بست
وشـــــــشم شـــــــــهر شـــــــوال دوشنبه“ 1052هه
انهيءَ چبوتري تي هڪڙو پٿر جو ڪتبو مون ڪنهن زماني ۾ پيل ڏٺو هو، جنهن تي هيءُ شعر اُڪريل هو:
سال وفات آن سعيد، جست چو طبع خرد
از نفس مشک بيز پيکر روحانيان 1135هه (؟)
ساڳئيءَ طرز ۽ ساڳئي سلسلي جو ٽيون ۽ سڀ کان آخري چبوترو، ذڪر ڪيل ٻن چبوترن سان لڳو لڳ آهي. ان تي پڻ رڳي هڪڙي قبر باقي وڃي بچي آهي، جا پٿر جي ٺهيل نه آهي ۽ جنهن کي ڪنهن دؤر ۾ چُن جي گَچ سان پلاسٽر ڪيو ويو ٿو ڀانئجي. اُنهيءَ چبوتري تي مون، اڄ کان ڇهه ست سال اڳ، پٿر جو هڪرو ڪتبو هيٺ ڪريل ڏٺو هو، جيڪو غيرت خان جي مزار جو ڪتبو هو. خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي ته جتي مون کي ڪتبو پيل مليو هو، انهيءَ ئي چبوتري ۽ اتان جي ئي ڪنهن ڊٺل قبر جو اهو ڪتبو هو يا اهو ٻئي ڪنهن آسپاس واريءَ قبر کان الڳ ٿي، ڪٽي ڪريو پيو هو ۽ ڪنهن ماڻهوءَ اتان کڻي آڻي انهيءَ چبوتري تي ان کي ڇڏيو هو. حقيقت هيءُ آهي ته مڪليءَ جي مقبرن جي سنڀال، صفائيءَ ۽ حفاظت جو بندوبست جيڪو اڄ موجود آهي، اهڙو اڳي ڪڏهن به ڪون هو، ۽ اُنهيءَ ڪسمپرسيءَ جي ڊگهي عرضي ۾ شيمار تاريخي قبرون ڀُري ۽ ڊهي، زمين سان زمين ٿي، ملبهه ۾ گم ٿي ويون آهن.
منهنجو ذاتي قياس هيءُ آهي ته غيرت خان جي قبر انهن ٽن چبوترن مان ڪنهن هڪ تي موجود هئڻ کپي ۽ هوندي به ؛ زياده امڪان هيءُ آهي ته اُها اُنهيءَ ئي چبوتري تي آهي جتان مون کي اُهو ڪتبو مليو هو،
بلڪ عين ممڪن آهي ته اُهائي چن سان لِتل قبر غيرت خان جي قبر آهي. منهنجو هيءُ قياس اِنهيءَ ڪري به ڀروسي جهڙو ٿي سگهي ٿو، جو آسپاس مقبرن جي انهيءَ حلقي ۾ ٻين مغل حاڪمن ۽ اميرن جون قبرون پڻ موجود آهن.
ڪتبو: آءُ هتي انهن چبوترن جي تصويرن سان گڏ، ان ڪتبي جو چرٻو ۽ تصوير پڻ پيش ڪري رهيو آهيان. ڪتبو اهڙي ئي ڀوري پٿر تي اُڪريل آهي، جيڪو عام طور مڪليءَ جي مقبرن تي استعمال ٿيل آهي. ڪتبي جي پٿر جي ڊيگهه ويڪر 18×35 آهي (31)، ۽ ان تي ٻن سٽن ۾ هيٺين عبارت ۽ تاريخ اڪريل آهي:
”بسم الله الرحمان الرحيم_ لا الـﮧ الا اللـﮧ محمد رسول الله
گفت (32) تاريخ از ميان نام غيرت خان برار_
باقيء آن سال تاريخ وفاتش را شمار_ 1050هه
لفظ ”تاريخ“ جا عدد 1211، لفظ ”غيرت خان“ جي عددن 2261 مان ڪٽ ڪبا، ته وفات جو سال 1050 نڪري اويندو، جيڪو ڪتبي جي ٻنهي مصراعن جي وچ ۾، انگن ۾ لکيل پڻ موجود آهي.
هيءُ معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي ته ”تاريخ“ ڪنهن ٻڌي آهي: ”مفتاح التواريخ“ ۾ هيءُ شعر موجود آهي، پر ڪتاب جي مـﺆلف تاريخ ٻڌڻ واري جو نالو لکيو ڪونه آهي. ڪتاب جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”(غيرت خان) ............. نام پدرش سردار خان بود، در سن يک هزار و پنجاه هجري......... فوت کرده و عزيزي در تاريخ فوتش اين بيت خوب يافته“:
”لفظ تاريخ از ميان نام غيرت خان برار
باقيء آن را تو در ابجد بيگر و بر شمار(33)
هن بيت ۽ ڪتبي تي اڪريل بيت ۾ ٿورو لفظي فرق آهي، جيڪو ظاهر آهي.


حاشيا

(1) هيءُ مقالو پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي يارهين سالياني اجلاس (30 مارچ 1961ع) ۾ پڙهيو ويو.
(2) ”ذخيرة الخوانين“ جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”قريب پنج لک آدم از ذکور و اناث کفره اسير کرده
فروخته ام و همه مسلمان شده اند، و توالد و تناسل
آنها تا دور قيامت ارب کهرب آدم مي شود..............“
(خطي نسخو، ملک راقم الحروف_ ص 268).
(3) ”ذخيره“ جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”.............پيغمبر خدا براي اسلام بخانهء نداف
مي رفت و معجزات مي نمود تا يک کس مسلمان
مي شد_من يک مرتبه پنج لک آدم راه باسلام
آورده ام_اگر عدالت هم مي شود اهل اسلام بيشتر
مي آيند............“
(خطي نسخو، ملک راقم الحروف_ ص 269).
(4) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 775 ۽ ان کان پوءِ.
(5) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 863.
(6) اهوئي نالو بيل صاحب ”مفتاح التواريخ“ ۾ ڏنو آهي.
(7) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 863.
(8) امپيريل گزيٽئر xiv ص 310 (1908).
(9) پڻ ڏسو خافي خان_ جلد 1، ص 442.
(10) طالب ڪليم همداني.
(11) خان جهان لودي جڏهن قنڌار جو صوبه دار هو، تڏهن ملتان سان گڏ بکر پڻ سندس جاگير م شامل هو؛ ۽ خان خانان سان ٺٽي جي مهم ۽ فتح ۾ پڻ غالباً شريڪ هو. سندس شهادت جي تاريخ هيءَ آهي:
”آه و نالـﮧ از افغان برآمد“
”آه“ ۽ ”نالـﮧ“ جا عدد (92)، ”افغان“ جي عدد (1132) مان ڪٽ ڪرڻ سان تاريخ جو سال (1040هه) نڪرندو.
(12) خافي خان_ جلد 1؛ ص 444.
ٻئي شعر جي پهرينءَ مصرع جي پڙهڻي هن طرح به آهي:
از کشتن دريا، سر پيدا هم رفت
”پيدا خان“ اصل خان جهان جو نالو هو. انهيءَ بيت ۾ دريا جي قتل جو اشارو ”کشتن دريا“ مان ڪري، پوءِ خان جهان جي سر وڍجڻ لاءِ ”سر پيدا هم رفت“ چيو ويو آهي.
(13) ”بادشاه نامه“_ جلد 1؛ ص 280.
(14) ”ماثرالامرا“_ جلد 2؛ ص 864.
ڊاڪٽر برگس The chronology of modern India (p.92, ۽ 25 ذي الحج (29 اپريل 1639ع) تاريخ ڏني آهي.
(15) ”ماثرالاامر“_ جلد 6؛ ص 864: جلد3؛ ص 463. پڻ ”عمل صالح“ جلد 3.
(16) غيرت خان کان الله وردي خان جائزو ورتو (”ماثرالامرا“_ جلد 1؛ ص 210. ۽ ٻه سال ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن درياءَ جي پاسي کان لال قلعي جي ڀت ڏهه گز وڌي چڪي هئي، هن کان ملا مرشد شيرازيءَ عرف مڪرمت خان نظامت جو جائزو ورتو ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 460، 462).
(17) ”بادشاهه نامه“ جلد 1؛ ص 158.
(18) خافي خان_ جلد 1؛ ص 442.
(19) ”ماثرالامرا“_ جلد 2؛ ص 865.
(20) اسٽوري 563_ ريو، جلد 1؛ ص 257، ”ماثر جهانگيري“ جي ديباچي جي حوالي سان.
(21) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 128.
(22) هن دور جي واقعن جون چند تاريخون، ”بادشاهه نامه“ جي روايت مطابق هن ريت آهن:
17 ربيع الثاني 1048هه تي شاهجهان آگري کان لاهور روانو ٿيو.
15 رجب 1048هه، لاهور پهتو.
1 ذيقعده 1048هه، لاهور کان ڪابل طرف روانو ٿيو.
25 ربيع الثاني 1049هه، ڪابل کان لاهور طرف موٽيو.
21 جمادي الثاني 1049هه، لاهور پهتو.
16 شعبان 1049هه، غيرت خان دهلي کان اچي لاهور ۾ حاضر ٿيو.
25 شوال 1049هه، بادشاهه لاهور مان ڪشمير ڏانهن روانو ٿيو ۽ غيرت خان کي لاهور جو قلعدار مقرر ڪيائين.
(23) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 179.
(24) دولت خان مَئِي، جيڪو خواص خان جي نالي سان مشهور ٿيو (مئي شعبه ايست از طوائف بهڻي که در صوبهء پنجاب ميرسم زمينداري و قطاع الطرقي مي گزرانند). پهريائين شيخ مرتضيٰ خان فريد بخاريءَ جو ”رومال بردار“ هو ۽ هميشـﮧ شيخ سان گڏ حضور ۾ ويندو هو. ”ماثرالامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب ”چون سر آغاز بهار، حسن نظر فرڍمي داشت“_ حضور جنت مڪاني يعني حضرت جهانگير بادشاهه ضل اللـﮧ مٿس ’نگاه ڪرم‘ فرمائيندو هو ۽ شيخ جي وفات کان پوءِ انهيءَ ئي شاهي ڪرم جي نگاهه کيس هميشـﮧ لاءِ پنهنجو بنايو؛ ۽ جڏهن اهڙيءَ طرح شهنشاهه هند سان وابسته ٿي ويو، تڏهن ”دولت خانيءَ“ سان گڏوگڏ پنهنجي خصوصيات جي آڌار تي ”خواص خان“ به ٿي ويو. شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي اٺين سال (محرم 1045هه)، خواص خان کي يوسف محمد خان تاشقنديءَ جي تبادلي سبب ٺٽي جي صوبه داري ڏني ويئي. ” ماثرالامرا“ لکيو آهي ته: ”.......مدتها بحڪومت آن ديار گزرانيد“. سندس حڪومت جي مدت جون تاريخون ٻڌايون نه ويون آهن پر ”بادشاهه نامه“ منجهان معلوم ٿئي ٿو ته اٽڪل پنجن ورهين کان پوءِ سندس تبادلو عمل ۾ آيو ۽ غيرت خان اچي کانئس ٺٽي جي صوبداريءَ جي چارج ورتي (”ماثرالامرا“ جلد 1؛ ص24).
(25) ”بادشاهه نامه“ جلد 2؛ ص 198.
(26) خطي نسخو، مڪتوبه 1267هه، ۽ پڻ ڇپيل نسخو.
(27) ”لب تاريخ سنده“، ڇاپو امرتسر 1900ع_ ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.
(28) شجاعت خان شادي بيگ پسر جانش بهادر_ شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي چوڏهين سال شاهه قلي بيگ جي تبادلي سبب هن کي بکر جي حڪومت واسطر روانو ڪيو ويو، جنهن لاءِ 19 رمضان 1050هه تي حڪم جاري ٿيو (”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 220). پوءِ جڏهن غيرت خان جي وفات جي خبر (1050هه) آئي، تڏهن هن کي ٺٽي تي مقرر ڪيو ويو (”ماثرالامرا“_ جلد 3؛ ص 262). هن جو پيءُ، جانش بهادر، ميرزا حڪيم جو ملازم هو. ميرزا جي وفات کان پوءِ، هو اڪبر جي اميرن ۾ داخل ٿيو. سنڌ جي فتح جي ڪشمڪش ۾ هو خان خانان سان گڏ هو_ 1009هه ۾ وفات ڪيائين (”ماثرالامرا“_ جلد 1؛ ص 511).
شاهه قلي جڏهن شادخان کي بکر جي چارج ڏيئي، پاڻ صوبي ڪشمير جي نظامت سنڀالڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو، تڏهن هن رستي ۾ حسن ابدال جي ويجهو وفات ڪئي. هيءَ خبر پهرين ذي الحج 1050هه تي شاهجهان جي گوش گذار ٿي، جنهن تي هن تربيت خان کي ڪشمير جو ناظم مقرر ڪري، اوڏانهن روانو ڪيو (”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 225).
(29) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 225).



(30) ميرزا عيسى ترخان ثانيءَ جي احوال لاءِ ڏسو ”حواشي مڪلي نامه“ از راقم الحروف.
(31) پٿر جا ڪنارا ڀڳل آهن ۽ مٿينءَ سٽ جا ڪي لفظ به ڀڄي پيا آهن.
(32) پٿر جي کاڄي وڃڻ ڪري هيءُ لفظ پڙهڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اندازي طور ان کي ”گفت“ ئي سمجهي سگهجي ٿو.
(33) ”مفتاح التواريخ“_ بيل، ص 245. ۽ پڻ:
The Oriental Biographical Dictionary, by T,w. Beale, Calcutta. 1881_p.94.


[روزنامه ”مهراڻ“، سالگره نمبر، 5 جنوري، 1962ع]