لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

لڪياري سادات

تاريخي پس منظر:
تحفـة الڪرام جي روايت آهي ته بغداد جي خليفي (؟) چوٿين صدي هجريءَ ۾،ڇٽي امراڻيءَ جي داد طلب دانهن تي، سامره مان سيد علي موسوي (بن سيد عباس، بن سيد حسين، بن سيد ارشد،بن سيد زيد، بن سيد جعفر، بن سيد عمران، بن سيد ھارون، بن سيد عبدالله الاشرف، بن سيد قاسم، بن سيد عبدالله، بن امام حضرت موسى ڪاظم) کي سؤ سوارن سان دلوراءِ جي گوشماليءَ لاءِ ڏياري موڪليو.
سيد صاحب پھچي، ان کان اڳ ئي ڇٽي امراڻيءَ جي دانھن جو داد دربار باري تعالى مان ٿي ويو. نه الور رھيو، ۽ نه دلوراءِ جي ننگري قائم رھي. ٻيئي شھر غضب الاھيءَ ھيٺ تھه و بالا ٿي ويا. اتفاق چئجي يا منشاءِ ايزدي، پاڻ دلوراءِ بچي ويو، ۽ سيد صاحب جيئن عراق کان سنڌ اندر پھتو، تيئن ئي دلوراءِ سندس خدمت ۾ پھچي، پنھنجي ڪئي تي پشيمان ۽ توبه تائب ٿيو، ۽ پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ به سيد جي سپرد ڪيائين. سيد پنھنجو مرڪز لڪيءَ کي بڻايو، جنھنڪري ”عليءَ “ جي پٺيان اھا سرزمين ”لڪعلويءَ“ جي نالي سان مشھور ٿي، ۽ دلوراءِ جي نياڻيءَ مان جيڪو اولاد ٿيو، سو ”لڪياري“ ساداتن جي عرف سان نه فقط انھيءَ زماني ۾ منسوب ٿيو، بلڪ صدين گذرڻ بعد اڄ به ساڳيءَ ئي نسبت سان معروف آھي.
اھو آھي انھيءَ روايت جو اجمال، جنھن کي مير علي شير ’قانع‘ تحفتـﮧ الڪرام ۾ محفوظ ڪيو آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ انھيءَ خاندان جو شرح حال سواءِ انھيءَ ھڪ ڪتاب جي، ٻئي ڪنھن ۾ آيل ڪونه آھي. مير ’قانع‘ نون صدين جو اھو پراڻو مذڪور، 1181ھه ۾ ڪنھن کان ٻڌي لکيو، ڪٿان آندائين، ڪير راوي آھي، ان جو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو اٿائين؛ فقط ”قيل“ جو لفظ لکي، روايت کي لکي ويو آھي، جنھن جي معنى آھي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو.“
انھيءَ روايت جي سلسلي ۾ ھيٺيان نڪتا قابل غور آھن:
1_ سامرو، جنھن مان سيد صاحب ڪمڪ وٺي سنڌ ڏانھن اُسھيو، تنھن جي تعمير معتصم باالله (خلافت 19 رجب 218ھه وفات 20 ربيع الاول 227ھه)_ سال 221 ۾ ڪري، بغداد جي بجاءِ خلافت جو مرڪز ۽ فوج جو ھيڊ ڪوارٽر ڪيو. ڪم و بيش سٺ سالن بعد 279ھه ۾، معتمد علي اللـﮧ (256_ 279ھه) سامري مان مرڪز کڻي، وري وڃي بغداد کي وسايو.
چوٿين صديءَ ۾، جنھن ۾ سيد عليءَ جو اتان فوج وٺي ھيڏانھن اچڻ بيان ڪيو وڃي ٿو، سامرو ويران ٿي چڪو ھو، سرڪاري عمارتون ۽ فوجي بيرڪون ڊھي ڦٽي ويون ھيون، چند باغ، ھڪ جامع مسجد ۽ ڪي ساداتن جا روضا وڃي بچا ھئا. اھو وسھڻ مشڪل آھي ته چوٿين صديءَ ۾، جڏھن ته نه سامارو خلافت جو مرڪز ھو، نه فوجي اڏو ھو، ۽ نه آباد ۽ شاداب ھو، ڪا فوج وٺي سيد علي سنڌ ڏانھن ھليو ھجي.
جيڪڏھن چوٿين صديءَ واري روايت کي پٺتي ھٽائي، ٽين صديءَ جي مٿي ڏيکاريل عرصي اندر سيد عليءَ جي آمد کي تصور ڪيو وڃي، ته ان حالت ۾ پڻ اھو باور ڪرڻ مشڪل پيو لڳي ته ھو فوجي ڪمڪ کي وٺي سنڌ ۾ آيو ھوندو. انھيءَ دور ۾ سنڌ خود عربن جي مضبوط حڪومت موجود ھئي، خلافت طرفان ھتي گورنر، فوج ۽ ٻئي سموري شاھي لاءُ لشڪر سميت موجود ھئا. اھڙيءَ حالت ۾ ڇٽي امراڻيءَ جو سنڌ جي عرب حڪومت کي ڇڏي بغداد ڏانھن دانھن کڻي وڃڻ ۽ بغداد جي خليفي جو ھتان جي گورنر کي در گذر ڪري، ايتري دور دراز ملڪ تي فقط ھڪ سؤ سپاھين سان سيد کي موڪلڻ، ڪھڙيءَ ريت مناسب ۽ موزون ٿي سگهي ٿو؟
ازنسواءِ سنڌ اندر ، جڏھن ته عربي حڪومت چئن ڪنڊن تي قابض ھئي، ان حالت ۾ اروڙ ۽ برھمڻ آباد تي ھڪ غير مسلم حاڪم دلوراءِ جو قبضو ڪھڙيءَ ريت ٿيو. برھمڻ آباد جي ڀڪ سان عربي حڪومت جو مرڪز منصوره موجود ھو، جتي سنڌ جو عربي حاڪم رھندو ھو. اروڙ پڻ انھيءَ زماني ۾ عرب قبيلن جو مستحڪم رھائش گاه ھو. ھڪ غير مسلم جو اھڙين حالتن اندر اقتدار حاصل ڪرڻ، ۽ اقتدار به اھڙيءَ قوت جو، جو کيس نيچي نوائڻ لاءِ ھڪ فرياديءَ جو سنڌ جي حڪومت ۾ آسرو نه رکي خليفي تائين پھچڻ، قطعي نه وسھڻ جھڙو معاملو ۽ ھڪ بي معنى ڳالھه آھي.
تحفـة الڪرام ۾ ھڪ جاءِ تي اھو پڻ لکيو ويو آھي ته سيد صاحب سان جيڪي سؤ سپاھي آيا، سي سامره جا سومرا ھئا _ حالانڪه سنڌ جي تاريخ دانن کي اھو معلوم آھي ته سومرا خواه سما ٻيئي عربي نسل جا قبيلا نه پر ھتان جا مقامي خاندان ھئا.
مٿين نڪتن جي بناءَ تي، مير قانع جي بيان ڪيل لشڪر ڪشيءَ واري روايت ۽ اھا به سامري مان چوٿينءَ صديءَ اندر، وسھڻ جوڳي نه آھي.
اسان جو ذاتي خيال آھي ته چوٿين صديءَ ۾، سيد صاحب ڪنھن به فوجي مقصدن سان نه، بلڪ ديني صلاح جي لحاظ سان، يا سامري جي تباه ٿي وڃڻ سبب، ترڪ وطن ڪري ھتي وارد ٿيو ھوندو . ساڻس جيڪي ھڪ سؤ سپاھي چيا وڃن ٿا، سي فوجي افراد نه بلڪ سندس مريد ۽ معتقد يا چئجي ته سندس سنگتي ساٿي يا اوڙي پاڙي جا متعلقين ھوندا .
دلوراءِ جي سلسلي ۾ مير قانع جيڪا روايت بيان ڪئي آھي، ان جي حيثيت سنڌي تاريخ جي لحاظ سان تمام اھم آھي، ڇاڪاڻ ته انھيءَ روايت جي دامن سان سنڌ جي ٻن عظيم ۽ تاريخي شھرن جي تباھيءَ جو داستان وابسته آھي.
انھيءَ روايت جي روئداد ھن ريت آھي ته دلوراءِ ولد آمر (آمر، جنھن جي نالي پٺيان ”آمريءَ“ جو شھر آباد ٿيو) اروڙ ۽ برھمڻ آباد جو حاڪم سخت ظالم ۽ زناڪار ھو. ٻيا ته ڪيئي ڪڌا ڪرتوت ھئس، ليڪن ھو پنھنجي سڳي ڀاءُ جي گهر واريءَ سان به ھٿ چراند ڪرڻ مان ڪين گٿو. ڀاڻس ڇٽو امراڻي جڏھن مسلمان ٿي، عرب مان فاطمه نالي ھڪ نينگريءَ سان نڪاح ڪري، ڳوٺ پھتو، تڏھن دلوراءِ مائيءَ جي ست وڃائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن تي ڇٽو رات ڪري ڳوٺان ڀڳو. سيوھڻ ۾ ٻار ڇڏي پاڻ عراق ھليو ويو. اتان جيسين فرياد جو داد لھي موٽي، تنھن کان اڳ پھريان اروڙ ۽ پوءِ برھمڻ آباد قھر الاھيءَ ھيٺ اچي تباھه ٿي ويا.
دلور جي ڍيرن ۽ ڇٽي امراڻيءَ جي مزار موجود ھجڻ سبب، انھن ٻن شخصيتن جو ھجڻ ته تسليم ڪري سگهجي ٿو، ليڪن اھو تعجب ضرور ٿئي ٿو ته جنھن دلوراءِ جي ڪڌن ڪمن ڪري ٻن عظيم شھرن تي قھر الاھي نازل ٿيو، ۽ ھزارين بي گناه انسان ۽ سوين پالتو جانور اجائي آوي ۾ شھر جي دڙن ھيٺ دٻجي ويا، اھو اصلي گهنگار دلوراءِ پاڻ وري به صحيح سلامت بچي ويو ۽ نه فقط پاڻ بچيو ليڪن انھيءَ ظالم جو غالباً سمورو گهر ٻار پڻ محفوظ رھجي ويو. ليڪن جڏھن سيد علي رحمـة اللـﮧ عليـﮧ عراق کان آيو، تڏھن ھن پنھنجي وڏور نياڻي، سيد صاحب جي عقد ۾ آڻي، نجات اخروي حاصل ڪئي.
سنڌ جي قديم تاريخ انھيءَ قسم جي روايتن سان ڀرپور آھي، رب ڪريم ڄاڻڻھار آھي ته مٿي ڏيکاريل روايتن جي نوعيت ڇا آھي؟ انھيءَ روايت جي ٽن ڪردارن يعني دلوراءِ، ڇٽي ۽ حضرت سيد عليءَ جي شخصيتن جو پاڻ ۾ تعلق ڪھڙو آھي. بھرحال دلوراءِ جي ننگري ”دلور جي دڙن“ ۾ موجود آھي؛ سيد عليءَ جو اولاد لڪياري ساداتن جي نسبت سان سنڌ جي سڀني حصن ۾ اڄ تائين ھليو اچي ٿو، ۽ مائي فاطمه سميت ڇٽي امراڻيءَ جي قبر پڻ سيوھڻ ۾ ھن وقت زيارتگاه خاص و عام آھي، جنھن تي شاھجھاني دور جي ھڪ دين پرور حاڪم ديندار خان ، ھيٺيون ڪتبو لڳارائي ڇڏيو آھي:
بــــــدور شــــــھــــنــــــشــــــاه شــــــاهه خديوي خردمند صـــــاحــــــب قــــــرآن
چوخلد برين روضـﮧ شھه ڇٽه بنــــــــا کــــــرد نــــــواب دينــــــدار خــــــان
ز سال بنايش طلب داشتـــن ”بھشتي بروي زمين“ گفت عثمان
(1042ھه)


لڪياري سادات:
جيستائين سيد عليءَ جي سنڌ ۾ آمد جو تعلق ھو، اوستائين جو تاريخي پس منظر مٿي پيش ٿي چڪو آھي، ان کان زياده نه مير قانع بيان ڪيو آھي ۽ نه ڪنھن ٻيءَ تاريخ ۾ اسان جي نظر مان گذريو آھي.
سيد عليءَ جي سلسلي ۾، اھو پڻ معلوم ٿي نٿو سگهي ته سندس انتقال ڪٿي ٿيو، ۽ سندس مزار آھي به يا نه. البت سندس اولاد جو ذڪر پنھنجي دور تائين مير قانع ڪيو آھي، ۽ ڪن لڪياري مشاھيرن جي مختصر احوال کي پڻ پنھنجي تاريخ ۾ حسب دستور نھايت اختصار سان جاءِ ڏنائين، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ گهراڻي جيد علماء، ۽ باڪمال اھل اللـﮧ پيدا ڪيا. حضرت شاھه صدر عليـﮧ رحمه، جنھن کي قانع _ ”صاحب آيات باھره و ڪرامات ظاھره ، ولي وقت، سرخيل مشائخ روزگار، فخر سادات، جامع البرڪات“ _ لکيو آھي، سو انھيءَ گهراڻي جو وڏي ۾ وڏو اولياءُ ٿي گذريو آھي.
سيد عليءَ کي، معلوم نه آھي ته دلوراءِ جي دختر مان يا ڪنھن ٻئي محل مان، جملي چار فرزند ٿيا:
1_ سيد محمد، 2_سيد مراد، 3_ سيد حاجي عرف سيد ڀرڪيو، 4_ سيد چڱو.
تحفـة الڪرام جي روايت مطابق پھرئين فرزند سيد محمد جو فرزند حضرت سيد شاه صدر عليـﮧ رحمه ھو. چوٿين فرزند چڱي جي اولاد مان حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمـة اللـﮧ جو اولاد آھي. سيد چڱو، مير قانع لکيو آھي، ليڪن راشدي خاندان جي ڇپيل شجري ۾ انھيءَ بزرگ جو نالو شاھه ڇڪڻ آندو ويو آھي. اھو نالو پڻ تحقيق طلب آھي، ڇاڪاڻ ته ”ڇڪڻ“ يا ”چڱو“ خالص سنڌي ۽ ديھاتي نالا آھن ۽ عرب کان آيل نو وارد سيد جي پھرينءَ پيڙھيءَ ۾ پنھنجي پٽن تي ديھاتي نالا رکڻ، مثلا سيد ڀرڪيو يا سيد چڱو يا ڇڪڻ بلڪل محل نظر آھن. خاص طرح چوٿينءَ صديءَ ۾ جڏھن ته سيد جتي به ويا، ايران خواھه ھند، يا دنيا جي ڪنھن ٻئي گوشي ۾، اُتي نالا انھن پنھنجي ابن ڏاڏن جا رکيا. سيد ڀرڪئي جو اصل نالو سيد حاجي ھو، ۽ حاجي بطور نالي يا نسبت جي پڻ چوٿينءَ صديءَ ۾ رائج نه ھو.

نئون مواد:
لڪياري خاندان جي سلسلي ۾، 11 صديءَ جي ھڪ ٻئي تاريخي ڪتاب مان پڻ قدري معلومات ملي ٿي. اھو تاريخي ڪتاب ”مظھر شاھجھاني“ آھي، جيڪو مير ابوالقاسم نمڪين (ستين جي ٿان واري) جي فرزند، يوسف ميرڪ، 1044ھه ۾ شاھجھان جي لاءِ سنڌ جي انھيءَ دؤر جي حالات تي تاليف ڪيو.
ميرڪ يوسف جو والد، سيد نمڪين ۽ ڀاءُ مير ابوالبقا امير خان (جنھن ٺٽي جي جامع مسجد جوڙائي) سنڌ جي مختلف صوبن تي ڪيئي ڀيرا مغلن طرفان گورنر ٿي رھيا.
انھيءَ دؤر جي تاريخ جو بيان ڪندي ميرڪ يوسف جيڪو لڪياري ساداتن جو ذڪر ڪيو آھي، سو ھن ريت آھي.

صحيح النسب سادات: لڪيارن جي صحيح النسب ھجڻ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”السادات لڪعلوي بسيار صحيح النسب اند“. (274/2)
اڳتي ھلي لکي ٿو ته ”ھو ايتري قدر صحيح نسب آھن ۽ پنھنجي نسب تي ناز اٿن، جو پنھنجيون نياڻيون ٻين ساداتن کي سڱابنديءَ ۾ ڪونه ڏيندا آھن.
”لڪي، آمري، ۽ ٺٽي ولي محمد جا ڳوٺ انھن ساداتن جا مرڪز آھن، جتي کين زمينون آھن، ۽ وافر مال ملڪيت سندن حصي ۾ آھي.“

ھمايون ۽ لڪياري سادات:
شاھه حسن ارغون جي دؤر ۾، جڏھن شير شاھه سوريءَ کان شڪست کائي، ھمايون سنڌ ۾ (947_950ھه) آيو، ان وقت شاھه حسن سڄيءَ سنڌ کي ويران ڪرائي ڇڏيو ھو _ خاص طرح انھن حصن کي، جن لاءِ کيس احتمال ھو ته ھمايون پنھنجي منزل ڪندو. آباديون ساڙائي ڇڏيائين، کوهه لٽرائي ڇڏيائين، گاھه ۽ ڪاٺين جا ذخيرا ڪجهه ساڙائي، ڪجهه قلعن ۾ بند ڪرائي، اھڙيءَ ريت ملڪ ويران ڪرائي ڇڏيائين، جيئن ھمايون ۽ سندس لشڪر کي نه اَن ملي، نه گاهه ۽ داڻو ملي ۽ نه کين جلائو ڪاٺيون ميسر ٿين، اهڙيءَ ريت ڏڪار ۽ ويراني ڏسي، بادشاھه سنڌ ۾ قيام ڪري نه سگهي.
لڪياري ساداتن جو ان دؤر ۾ ڏاڍو زور ھو، ڀريل تريل ۽ وڏي اثر رسوخ وارا ھئا. اگرچ وقت جي بادشاھه جي پاليسي مختلف ۽ مخالفانه ھئي، ليڪن لڪياري ساداتن ان جي پرواھه نه ڪندي، مھمانداريءَ جا فرائض پوريءَ ريت ادا ڪيا. ھمايون لاءِ ۽ سندس سموري لاءُ لشڪر لاءِ اَن، گاهه، داڻو، ڪاٺيون ڪليون ۽ جانور وغيره مھيا ڪيائون. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:
”خدمت خوب از دست سادات لکعلوي در حق عساکر ظفر
ماثر آمده بود ....... اين جماعـﮧ سادات بجا و مقام خود نشستـﮧ بودند، و از دانه و گاه و بز و گوسفند وغيره اشياي که بمردم سپاه درکار مي باشد، خبرداري ميگرفتند.“ (275/2)
بادشاھه کي سندن اھي خدمتون ڏاڍيون ڀاءِ پيون . ان وقت اگرچه ھو پاڻ غريب الوطن ھو، ليڪن انھيءَ اميد تي ته ڪڏھن نه ڪڏھن وري ھندستان سندس ھٿ ايندو، سيد کي انھيءَ خدمت جي عيوض، جاگيرون ۽ ٻين انعامن اڪرامن جا پروانا لکي ڏنائين:
”و حضرت جنت آشياني (ھمايون) خدمتھاي اين جماعـة را ديده، خوشحال شدند، و فرمان عاليشان در باب سيورغال ديھه ايشان عنايت کردند.“ (274/2)

مير نمڪين ۽ سادات:
ميرڪ يوسف لکي ٿو ته ”ڪيتري زماني کان وٺي ملڪي مصيبتن ۽ مقامي تڪليفن سبب، ساداتن جو حال ھيڻو ٿي ويو ھو. ھو پنھنجا گهرگهاٽ، ڳوٺ ۽ مال ڇڏي، ڪاھان جي پرڳڻي ۾ منتشر ٿي ويا ھئا. جن ۾ اھا طاقت ڪانه ھئي!، جو ھو موٽي ماڳين اچن ۽ پنھنجا وساڻل وٿاڻ وري وسائين.
مير نمڪين جڏھن سيوھڻ جو صوبه دار ٿي (1009_1013_1017_1019ھه) آيو، ان وقت ساداتن سان ھن ڏاڍا سٺا سلوڪ ڪيا. سڀني کي جدا جدا جاين تان گڏ ڪري، کين پنھنجي اصلي ڳوٺن ۾ آباد ڪيائين ۽ ڍلن جي کين معافي ڏنائين ۽ سندن ويران ٿيل زمينن کي وري آباد ڪري ڏنائين. انھيءَ امداد سبب ھڪ دفعو وري سيد خوشحال ٿي ويا، ۽ سندن ڦٽل مرڪز وري مستحڪم ٿي ويا.
انھيءَ ئي دؤر ۾، مير نمڪين کين صلاح ڏني ته ھو ھمايون وارا پروانا کڻي جهانگير جي درٻار ۾ وڃن، ۽ وڃي پنھنجي لاءِ جاگيرون ۽ انعام اڪرام وٺي اچن. سيد ھندستان وڃڻ جي تيارين ۾ ھئا، جو سندن گهرن کي اوچتو باهه لڳي جنهن ۾ ٻين ٽپڙن سان گڏ اهي شاهي پروانا به ڀسم ٿي ويا.

ويرانيءَ جو سبب:
مير نمڪين جي آمد کان اڳ لڪياري ساداتن تي مصيبتون ڇو ۽ ڇاجي ڪري آيون، ھو پنھنجا گهرگهاٽ ڇڏي، ڪاھان جي پرڳڻي ۾ ڇو منتشر ٿي ويا، ان جو تفصيل مير يوسف ڪونه ڏنو آھي. ھڪ ھنڌ فقط اشارتاً جيڪا ڪيفيت ڏني اٿائين، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوھڻ ضلعي جي سميجن ۽ ٽڪر جي ڌاڙيلن جو من وڌي ويو ھو، جن لٽ ڦر ۽ خون ڌاڙن جي ذريعي سڄي صوبي اندر ھيجان برپا ڪري ڇڏيو ھو. سيوھڻ جا صوبه دار ڪمزور ۽ نڪما آيا ٿي، جي نه حڪومت جو رعب قائم رکي سگهيا ٿي ۽ نه صوبي جو انتظام ھلائي ٿي سگهيا، جنهنڪري ڏوهاري قومن جو دماغ خراب ٿي ويو، ۽ هنن سڄي ملڪ کي تاراج ڪرڻ شروع ڪيو.
انهن ئي قومن، بار بار سيدن جي ڳوٺ تي پڻ حملا ڪيا، ڪيترا دفعا لٽ ڦر ڪيائون، ڪيترن سيدن کي شھيد ڪيائون ۽ ھزارن جي تعداد ۽ مال متاع ڪاهي هليا ويا. سيدن بارھا مقابلا ۽ مجادلا ڪيا، ليڪن مجبور ٿي آخر کين پنھنجا وٿاڻ ڇڏڻا پيا.
انھيءَ لٽ ڦر ۽ خونريزيءَ آمريءَ ۽ ٺٽي ولي محمد کي ويران ڪري ڇڏيو. جيسين سيوھڻ جو حاڪم شمشيرخان ھو، تيسين اھو علائقو آباد ۽ سرسبز ھو، ليڪن ان جي تبديل ٿيڻ بعد ٿوري عرصي اندر تباھي ۽ بربادي اچي ويئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:
”رفته رفته از دست سميجه و مردم کي کوھي، خراب و ضايع شده.چنانچه از مواضع سادات، دو موضع يک تتي ولي محمد و ديگر کوه آمري ويران مطلق شدند. واکثر سادات اين مواضع را مردم کوهي و سميجه بدرجه شھادت ريسانيدند و رعيت متفرق شده رفت.“ (376/2)
ٻئي ھنڌ ميرڪ لکي ٿو ته:
”تا انقراض شمشير خان اوزبک نھايت آبادان و معمور بودند، و گذشت عمل او اکثر سادات اين ھر دو مواضع از دست مردم نھمردي و سميجه بدرجهء شھادت رسيدند وقليل کلـﮧ ماندند، متصرف شده بھرجا رفتند.“ (386/2)
ديندارخان جڏھن سيوھڻ جو صوبه دار ٿي آيو، ان وقت ھن پڻ مير نمڪين وانگر سيدن جو گهڻو خيال رکيو. آمريءَ جو علائقو ھن سمن جي ارباب يوسف جي تحويل ۾ ڏنو، ۽ ٺٽي ولي محمد، سيد حسن لڪياريءَ جي حوالي ڪيائين. سيدن انھيءَ دؤر۾ انھن ٻنھي علائقن کي ڏاڍي اطمينان سان سرسبز ۽ شاداب ڪيو. ديندار خان کين اھي ئي رعايتون ڏنيون، جيڪي مير نمڪين جي زماني ۾ کين حاصل ھيون. يعني ھڪ حصو سيد ابوبڪر لڪياريءَ رحمـة الله جي اولاد کي ملندو ھو ۽ باقي ھڪ حصو ٻين ساداتن ۾ تقسيم ٿيندو ھو. ٻه حصا رعيت لاءِ مقرر ٿيا.
خاتمهء ڪلام: ڪيترين صدين گذرڻ بعد اڄ به لڪياري ساداتن جو مرڪز سيوهڻ (يعني ضلو دادو) آھي. ڪيترا ڳوٺ انهيءَ پسگردائيءَ ۾ آهن، جيڪي سندسن زمينداريءَ ۽ اثر رسوخ ۾ آھن. لڪي ۽ آمري اڄ به سيدن جا آھن. خدا جي فضل سان سڀيئي سادات ڀريا ڀاڳيا ۽ ھلنديءَ پڄنديءَ وارا آھن. انھيءَ گهراڻي جو هڪ روحاني مرڪز لڪيءَ ۾ حضرت شاهه صدر جو مقبرو آھي، ٻيو مرڪز حضرت پير سائينءَ روضي وارن جي درگاهه آھي، ۽ ٽيون صاحب جھنڊي وارن جي خانقاهه آھي. انھن ٽنهي خانداني مرڪزن کان سواءِ انهيءَ گهراڻي جي ڪيترن جيد خليفن جا پڻ روحاني مرڪز سنڌ اندر موجود آهن. خليفي چوٽيءَ واري جي خانقاهه، خليفي دين پور واري جي خانقاهه، خليفي ڀرچونڊيءَ جي خانقاهه ۾ امروٽ شريف جي خانقاهه اپر سنڌ ۾، اھي وڏيون خانقاھون آھن. لوور سنڌ ۾ پڻ اهڙيءَ طرح ڪيترن خليفن جون خانقاھون موجود آھن، جيڪي قادري سلسلي ۽ نقشبندي طريقي جي فروغ کي قائم رکيو اچن ٿيون.

[”روزانه مھراڻ“_ 27_ جنوري 1958ع]