مولانا محب علي سنڌي
مولانا محب علي سنڌيءَ جي ذات والا صفات، انهيءَ سلسلي جي هڪ سونهري ڪڙي آهي. جنهن بزرگ جي علمي ڪمال ۽ ديني مرتبي، سنڌ کان وڌي هندستان جي تاريخ ۾ به اهم مقام حاصل ڪيو آهي. خان خانان جهڙي عظيم المرتبت سپهه سالار ۽ سخن پرور امير به سندس صحبت ۽ معيت کي غنيمت ۽ سندس وجود مسعود کي باعثِ عزت تصور ڪيو آهي.
مولانا جي متعلق سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۽ تذڪري ۾ تاريخي ۽ مستند احوال ڪونه ٿو ملي، سواءِ مير علي شير ’قانع‘ جي ”تحفـﺔ الڪرام“ ۽ ”مقالات العشرا“ جي، پر افسوس اهو آهي ته انهن ٻڻ ماخذن ۾ به فقط چند ناڪافي فقرا موجود آهن.
جيڪڏهن هو بزرگ هندستان نه پهچي ها، ته پوءِ شايد اسان کي سندس احوال جي سلسلي ۾ فقط اُهي ئي چند سٽون نصيب ٿين ها. ليڪن شڪر آهي جو هو صاحب هندستان ويو، جتي سندس علم ۽ فضل چمڪيو ۽ اڪبري ۽ شاهجهاني دﺆر جي مـﺆرخن ۽ تذڪره نويسن سندس حال احوال قلمبند ڪيو، ۽ ان سان گڏ، سندس علم ۽ فضل جي تعريف ۾ پنهنجا ڪيترا صفحا صرف ڪيا. اهوئي سبب آهي، جو اڄ اسان انهيءَ قابل ٿيا آهيون، جو هي چند سٽون سندس متعلق مرتب ڪري سگهيا آهيون.
مولانا جا بزرگ:
خوشگو، پنهنجي ”سفينه“ ۾، ۽ عبدالباقي نهاوندي، ”ماثر رحيمي“ ۾، مولانا جي والد جو نالو مولانا حيدر علي لکيو آهي، ليڪن ”بادشاهه نامه“ جو مصنف سندس والد جو نالو صدرالدرين محمد ڄاڻائي ٿو. پهريان ٻيئي مصنف لکن ٿا ته ”سندس والد مولانا حيدر علي اوائلي عمر ۾ سمرقند مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ مقيم ٿيو“. ان طرح عبدالحميد لاهوري ”بادشاهه نامه“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”سندس ڏاڏو علي بيگ بابر سان گڏ ٺٽي ۾ پهتو، ۽ مستقل طرح سان اتي بود و باش اختيار ڪيائين.“
انهيءَ سلسلي ۾ عبدالباقيءَ تي وڌيڪ اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو خان خانان جو مـﺆرخ آهي، ۽ مولانا سندس همعصر به هو ۽ خان خانان جي علمي مصاحبن ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ پڻ هو، تنهنڪري کيس وڌيڪ مستند ۽ تحقيقي احوال ملي سگهيو هوندو.
حقيقت هيءَ آهي ته سندس ڏاڏو علي بيگ نه، بلڪ سندس والد مولانا حيدر علي، سمرقند مان لڏي، سيوهڻ ۾ اچي ويٺو، جتي هن مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواريءَ جي ملازمت اختيار ڪئي.
قبيلو:
مولانا جي قبيلي متعلق، سواءِ ”بادشاهه نامه“ جي، ٻيا سڀ سوانح نگار خاموش آهن. چنانچه عبدالحميد لکي ٿو ته:
”او خود را به گروه ’کوه بر‘، که از قبيله است از
قبائل ’چغتا‘، منسوب مي سازد.“
تولد:
مولانا محب علي، بقول ’رحيمي‘، سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد فوت ٿي ويو. ان حقيقت جي تائيد ۽ تصديق عبدالحميد لاهوريءَ پڻ ڪئي آهي. جڏهن پاڻ سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن سيوهڻ مان لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو، جتي تعليم حاصل ڪري علم ۽ فضل ۾ ڪمال پيدا ڪيائين.
خان خانان جي ملازمت:
اڪبر جي زماني ۾ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني بيگ تي فتح حاصل ڪري، سنڌ کي مغل شهنشاهت ۾ داخل ڪيو، تڏهن هن، مولانا شڪيبيءَ جي تحريڪ تي، جيڪو ان وقت ٺٽي ۾ مرزا سان گڏ هو، مولانا محب عليءَ کي پنهنجي ملازمت ۾ داخل ڪيو. عبدالباقي نهاوندي لکي ٿو ته:
”در اوائل سن صبي که آن جناب در ’تته‘ بکسب
کمال مشغولي مي نمود، خدمت حسان الزماني، مولانا
شکيبي اصفهاني که انيس و جليس اين سخندان (خان خانان)
و سخن پرور بود، ايشان دريافته، و اطلاع بر فضل و
کمال و سلامت نفس و فقر و مسکنت اين خورد و
بمعنيٰ بزرگ، پيدا کرده احوال آن جناب را کماحقـﮧ
بخدمت اين دوستدار درويشان عرض نمود.“
جڏهن خان غيرت نشان جي سامهون مولانا پيش ٿيو، تڏهن هيٺيون شعر عرض ڪيائين.
بي غم! عشق تو صد حيف ز عمري که گذشت،
پيش زين ڪاش! گرفتار غمت مي بودم!
اهو واقعو 999هه ۾ ٿيو. مرزا عبدالرحيم خان خانان جي ملازمت کان سواءِ، مولانا ٻئي ڪنهن جي نوڪري اختيار نه ڪئي، جيئن پاڻ چوي ٿو:
مرا چون شد جواني بر در تو،
نخواهم شد به پيري از بر تو.
اهڙيءَ طرح عبدالباقي به چوي ٿو:
”بغير خدمت و صحبت اين بزرگوار رفيع مقدار، خدمت
و صحبت هيچ يک از اهل زمان اختيار نه نمود و نديد.“
خان خانان وٽ، مولانا نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسر ڪئي ۽ زماني جي سڀني ضرورتن ۽ گهرجن کان بي نياز رهيو. جيئن مولانا پاڻ ان علم پرور امير جي صحبت ۾ خوش ۽ خورم رهيو، تيئن خان خانان لاءِ به مولانا جو وجود مسعود، فخر ۽ مباهات جو سبب هو. چنانچه عبدالباقي لکي ٿو:
اين عالي شان (خان خانان) بوجود فايض الوجود او.......
مباهات مي نمايد، و صحبت او را غنيمت مي شمارند،”
نواب شاهنواز جي اتاليقي:
1025هه ۾ جڏهن خان خانان دکن تي ڪاهيو، تڏهن پنهنجي پٽ نواب شاهنواز خان کي به ساڻ ورتيون ويو، ۽ مولانا کي به سندس پڙهائڻ لاءِ ساڻ کنيائين.
1028هه ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان، ڪثرت شراب نوشيءَ جي ڪري وفات ڪئي، تڏهن مولانا به فارغ ٿي وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو.
حج جو سفر:
مولانا شڪيبي، المتوفي 1023هه، جڏهن حج تي اُسهيو، تڏهن مولانا به ساڻس همسفر ٿيو. مولانا شڪيبيءَ کي خان خانان 80 هزار (اسي هزار) رپيا، ٻين سڀني ضروريات سان گڏ، نقديءَ جي صورت ۾، زاد راه لاءِ ڏنا، ۽ ساڳئي وقت مولانا لاءِ بقول رحيمي:
”ما يحتاج راه و خرچ، ضروري آن سفر را، چنانچه
بايد و شايد، بجهت او مستعد و مهيا ساختند.“
انهيءَ سعادت کان سرفراز ٿي جڏهن عدن جي بندر تي سندن ٻيڙي غرق ٿي ويئي. چنانچه ٻين حاجين سان گڏ، هنن ٻنهي بزرگن وٽ به جيڪو مال اسباب ۽ پيسو ڏوڪڙ هو، سو ڪجهه ته غرق ٿي ويو، باقي شهر جي حاڪمن ۽ عالمن جي ور چڙهيو. اهڙيءَ طرح حيران پريشان، بندر سورت تي پهتا، جيڪو ان وقت خان خانان جي جاگير ۾ هو. خان خانان کي جڏهن اهو واقعو معلوم ٿيو، تڏهن وري به انعام اڪرام ڏيئي، کين نهال ڪري ڇڏيائين.
مولانا جيترو وقت، مڪه معظمه ۽ مدينه عاليه ۾ هو، سارو وقت ماڻهن کان پري گوشه نشينيءَ، عبادت ۽ ذڪر و فڪر ۾ مشغول رهندو هو. چنانچه مولانا شڪيبيءَ سان به هر ڏهن ڏينهن کان پوءِ، فقط هڪ دفعو شهر کان پري، ڪنهن ويراني ۾ ملندو هو، سو به تڏهن جڏهن مولانا شڪيبي سندس لاءِ ڳولا جاري رکندو هو.
عبداحميد لاهوري لکي ٿو ته حج تي ويندي سورت بندر ۾ پهچي، مولانا، شيخ محمد فضل الله جي صحبت مان فيضياب ٿيو ۽ کانئس خلافت جو خرقو حاصل ڪري، پوءِ روانو ٿيو.
حج تان موٽڻ بعد وري اچي سپـﮧ سالار جي ملازمت ۾ مشغول ٿيو، ليڪن هن دفعي ’دائم الصوم ۽ قائم الليل‘ رهڻ پنهنجو شعار بنايائين ۽ تسبيح ۽ تهليل ۾ سارو وقت صرف ڪرڻ شروع ڪيائين.
برهانپور ۾:
1028هه ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان فوت ٿيو، تڏهن مولانا به دنيا کان آقي باقي تعلق ٽوڙي، مستقل طرح سان وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو. عبدالحميد لاهوري لکي ٿو:
”ٽيهه سال خان خانان وٽ رهڻ کان پوءِ، برهانپور پهتو، ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ اتان حج تي ويو ۽ موٽي وري به اچي برهانپور ۾ مقيم ٿيو.“
999هه ۾ مولانا، خان خانان وٽ ملازم ٿيو ۽ 1028هه ۾ نواب شاهنواز جي وفات کان پوءِ گوشه گير ٿيو. تنهنڪري ٽيهه سال نه پر اڻٽيهن سالن کان پوءِ، پنهنجي ڪرم گستر سپهه سالار کان علحدو ٿيو. اهڙيءَ طرح سان بقول عبدالباقي:
”در ايام ملازمت ايشان باين سعادت سرفراز گرديد“
يعني، 1023هه کان اڳ، مولانا حج تي ويو، ڇاڪاڻ ته اهو سَن، مولانا شڪيبيءَ جي وفات جو آهي، جيڪو ساڻس همسفر هو.
ملا عبدالنبي فخرالزماني، مولانا جو ذڪر ڪندي، هڪ دفعي لاءِ لکيو آهي ته مولانا، خان خانان کان موڪل ڪري، پنهنجي وطن جي حب ۾ ڳوٺ ڏانهن ٿي موٽيو؛ ليڪن اڃا پهتوئي ڪين ته وري کيس خان خانان ياد پيو، چنانچه انهن پيرن تان موٽي وڃي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ هن طرح معذرت ڪيائين:
”خواستم چون صبت جودت، سر نهم در عالمي_
کوه شوقت ره شد، چون صدا باز آمدم.“
اهڙيءَ طرح، عبدالنبيءَ فخرالزمانيءَ جي ’ميخانه‘ ختم ٿيڻ يعني 1028هه تائين، سندس لکڻ موجب ”مولانا، خان خانان وٽ هو.“
شاهجهان جي ملازمت:
ملا عبدالحميد لکي ٿو ته جڏهن صاحب قرآن ثاني، يعني شاهجهان، 1037هه ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن مولانا وري اچي بادشاهه جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. اهڙيءَ طرح مولانا جي هموطن، مير علي شير ’قانع‘ به ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ سندس احوال ۾ جيڪا هڪ_ اڌ سٽ لکي آهي، ان ۾ کيس شاهجهان جو ملازم لکيو اٿس.
شاهجهان جي درٻار ۾ به مولانا کي وڏو مرتبو حاصل هو. 1047ع ۾ بارش نه پوڻ سبب جڏهن سخت ڏڪار جو انديشو پيدا ٿيو، تڏهن بادشاهه شاهجهان، جن بزرگن کان ان موقعي تي ’باران نماز‘ پڙهائي، انهن ۾ مولانا جو نالو، عبدالحميد لاهوريءَ پ ڻ ڄاڻايو آهي.
مولانا، شاهجهان جي ملازمت ۾ ڪيترو عرصو رهيو، ان جو پورو پتو پئجي نٿو سگهي. ”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1047ع تائين مولانا، بادشاهه جي حضور ۾ موجود هو. سندس احوال به ”بادشاهه نامه“ جي پهرئين جلد ۾ آيل آهي، جيڪو 1047ع جي واقعات تي ختم ٿئي ٿو، ۽ سندس احوال جي پڇاڙيءَ ۾ عبدالحميد لکي ٿو ته:
”اکنون از پيشگاه حضور مرخص گشته“
ان مان اندازو ٿئي ٿو ته 1037ع کان وٺي 1042ع تائين، مولانا شاهجهان وٽ رهيو.
مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواري، جنهن وٽ مولانا جو والد سمرقند مان لڏي اچي ملازم ٿيو هو، ان جي پٽ مير عبدالله سلطان عريضي جڏهن شريف الملڪ جي معزوليءَ کان پوءِ، ٺٽي جي منصبداري ڇڏي، تڏهن وقت گذران لاءِ سندس والد جو حق نمڪ ادا ڪندي، مولانا کيس شاهجهان بادشاهه کان پنجاهه هزار سالياني آمدنيءَ جي جاگير ڄام تماچيءَ جي سيريءَ مان وٺي ڏني. انهيءَ واقعي مان به شاهجهاني درٻار ۾ مولانا جي دسترسيءَ جو اندازو ٿي سگهي ٿو.
علم و فضل:
جيئن مٿي لکي آيا آهيون، مولانا ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ علم و فصل ۾ ايترو ڪمال حاصل ڪيائين، جو شڪيبيءَ جهڙي استاد جي نظر، جنهن کي حسان الزمان سڏيو ويندو هو، ٺٽي جي سموري علمي مرڪز ۾ وڃي مٿانئس پئي. نيٺ سندس شخصيت کان متاثر ٿي ايترو مجبور ٿيو، جو کيس به خان خانان جهڙي علم دوست ۽ علم پرور امير جي صحبتن جي سلسلي ۾ شامل ڪرايائين: حالانڪ ان وقت ايران ۽ هندستان جا سوين بهترين عالم ۽ شاعر اتي اڳ ۾ ئي موجود هئا.
عبدالباقي نهاونديءَ سندس ذڪر نهايت شاندار نموني ۾ لکيو آهي؛ ۽ سندس نالي کي نهايت ادب ۽ احترام سان کنيو آهي. سندس علم ۽ فضل جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”در فن طلب علمي بينظير و بيمثال و فريد عصر و ييگانه دهر است.“
ملا عبدالحميد لکي ٿو ته:
از علوم ظاهري بهره مند است و از تکلفات رسمي و تصنعات عرفي بيگانه.“
خان خانان وٽ جيڪي عالم ۽ شاعر هئا، انهن جو ذڪر ڪندي ’ماثر رحيمي‘ جو صاحب لکي ٿو ته:
”مثل مولانا محب علي سندهي که از مشاهير روزگار است“ (2_588).
اهڙيءَ طرح ٻيءَ جاءِ تي نواب شاهنواز خان جي احوال لکندي، مولانا لاءِ لکي ٿو ته:
”از آن جمله مولانا محب علي سندهي است که از افاضل و اعيان روزگار ست، و طبع نظم عالي دارد؛ انيس و جليس ايشان است“ (2_634).
مولانا جو اهوئي علم ۽ فضل جو ڪمال هو، جنهن جي ڪري خان خانان به سندس صحبت کي غنيمت ڄاتو ٿي ۽ پاڻ وٽ هجڻ جي ڪري فخر ۽ مباهات محسوس ٿي ڪيو_ باوجود ان جي، جو وٽس ٻيا به يگانه روزگار اهل ڪمال موجود هئا.
ٻيون خصوصيتون:
مولانا نه فقط عالم ۽ فاضل هو، پر مذهبي لحاظ سان به حضرت بايزيد بسطامي ۽ جنيد بغداديءَ جهڙو کيس مرتبو حاصل هو. چنانچه عبدالباقي لکي ٿو ته:
”درويش نهاد و فاني مشرب واقع شده، و در طرز تصوف
و تذکير و تحقيق، جنيد و بايزيد وقت و زمان خود است.“
’ماثر رحيمي‘ جو مصنف، سندس بزرگيءَ کان ايترو ته متاثر ڏسجي ٿو، جو شاعريءَ جي ساڻس نسبت ڪرڻ گستاخي ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته:
”نسبت شعر و شاعري به ايشان دادن لازم آمد، والا مرتبه
و حالت ايشان را در اقسام حيثيات و استعدادات بتخصيص
فقر و مسکنت، که انسان کامل، عبارت از جمع است
که اين سه رشته بدست در آورده باشد، آن ست. راقم
را ازين گستاخي باز ميداشت.“
ساڳيو مصنف، صوم و صلواة جي پابنديءَ جو ذڪر ڪندي، ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”دائم الصوم و قائم الليل بودن را شعار خود ساخته و
در زهد و ورع و تسبيح و تهليل هيچ گونه فوت و
فرو گذاشتي نه مي نمايد. و براه نمونهء قائد توفيق
قدم در اين وادي نهاده موفق گرديده، هادي و مقتدي
و راه نمائي اين فرقه گرامي توانند شد.“
اڳتي هلي ساڳيو ملا عبدالقادر لکي ٿو:
”و زخارف دنيوي را معدوم انگاشته به مضمون عمل مي نمايند.
در دهر که عيب و هنرش ميدانم،
وز هر چه در او ست، کمترش ميدانم؛
بالي نه فشانم و صغيري نکشم،
برخود ز نفس تنگترش ميدانم.
و اين شيوه از يشان بغايت پسنديده و نيکومي نمايد
چرا که از شائبه ريا و کذب مير است، و تمام اوقات
شريف مسلوک ميدارد، که نه از عنايت و مرحمت جهانيان
خوشحال و نه از کم لطفي و بي شفقتي زمانيان آزرده و
صاحب ملال مي گردد، لطف مخلوق را معدوم انگاشته،
بندگيء خلق جز و کز و خدمت و صحبت فقراء و
درويشان را برهمه چيز ترجيح مي نهد.“
مصنف، مولانا جي انهن بزرگانه ۽ درويشانه خوبين ۽ خصوصيتن کان ايترو ته متاثر آهي، جو چوي ٿو ته مون کي تعجب آهي ته اهو صاحب، سپهه سالار جي صحبت ۾ ڪيئن رهي پيو آهي. آخر ۾ مولانا کي ساراهيندي، سندس ذڪر هن فقري تي ختم ٿو ڪري:
”الحق مثل مولاناي مذکور درين جز و زمان نيست
و نخواهد بود، و اهل هند را اعتمادي تمام بفضيلت
و حالت او هت و ميرسد و مي زيبدشان.“
شاعري:
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، مولانا محب علي قادرالڪلام شاعر به هو ۽ عبدالباقيءَ جي قول مطابق حڪيم سنائيءَ جو هم پايه هو ۽ شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري، تتبع به ان جوئي ڪندو هو. ساڳيءَ طرح سندس هم وطن مـﺆرخ مير علي شير ’قانع‘ به کيس شاعر، اشعر ۽ شاعر جيّد جي لقب سان ياد ڪيو آهي.
”مقالات الشعرا“ ۾ سندس چند اشعار، ”ميخانه“ ۾ سندس ”ساقي نامه“ جا ٻه_ٽي شعر، ۽ ”رحيميءَ“ ۾ سمورو ”ساقي نامه“ ۽ چند قصيدا ڏنل آهن. ”ميخانه“ جو صاحب لکي ٿو ته سندس ديوان اڃا گڏ ڪونه ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح ٻئي به ڪنهن سوانح نگار سندس ديوان يا ٻئي ڪنهن تصنيف جو پتو ڪونه ڏنو آهي.
سندس معاصر:
عبدالرحيم خان خانان جهڙي سخن پرور ۽ فياض امير جي بدولت، مولانا کي ان زماني جي بهترين عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ميسر ٿي. سندس معاصرين به بلند مرتبه حيثيت جا مالڪ آهن، جن جي مفصل احوال جي گنجائش هت ڪري نٿي سگهجي. حسام الزمان مولانا شڪيبي، مولانا نظيري، نواب قلي بيگ انيسي، شريف ڪاشي، مُلا ڪافي سبزواري، مُلا بقائي وغيره جا نالا معاصرن جي سلسلي ۾ بطور نموني جي ڏيئي سگهجن ٿا. ’مقاصد رحيمي‘ ان لاءِ وڌيڪ رهنمائي ڪري سگهي ٿي.
وفات:
مولانا جي وفات جي تاريخ ۽ سن معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿيان سڀ سوانح نويس، سندس حياتيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب ختم ڪري چڪا آهن. ملا عبدالحميد لاهوري 1065ع ۾ فوت ٿيو ۽ 1047ع جي واقعات تائين مولانا کي برهانپور ۾، ”بپرستش ايزدي“ مشغول ڏسي ٿو.
[”مهراڻ“، 1_1967ع]