سنڌ جو پھريون زرعي سڌارڪ، شاه عنايت صوفي
جرمم ھمينست، عاشق روي تو گشته ايم.
ٻارھين صدي ھجريءَ جي سنڌ، بيپناھه مصيبتن، آفتن، ڌارين جي حملن ۽ پنھنجن جي نفاق ۽ اختلاف ۾ مبتلا ھئي. مغلن جي غلاميءَ جو طوق، مرڪز جي ڪمزور ٿيڻ سبب، اگرچه ڍرو ٿي چڪو ھو، ليڪن ان ھوندي به سندن گورنر ھڪٻئي پٺيان ٺٽي مٿان جلد به جلد مقرر ٿيندا ۽ ايندا رھيا. صوبيدارن ڏٺو ٿي ته سندن اقتدار جا پويان پساھه آھن، تنھنڪري جيڪي پُڳن ٿي، سو ميڙي چونڊي پنھنجا گهر ٿي ڀريائون. پنھنجي نابود حالت ڏسي، نيٺ مغل حڪومت کي اتر سنڌ، سيوي کان سيوھڻ تائين، ڪلھوڙن کي ٺيڪي تي ڏيڻي پيئي.
سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل ھيون، باھمي نفاق، مسھائپ ۽ حسد، بغض ۽ عناد جي باوجود به، سنڌ جي غريب عوام تي انھن ئي سڀني قوتن جو گڏيل قبضو ھو. جنھنڪري ھتان جي رھاڪن جو جسم غلام، ذھن مفلوج، ڪڇڻ پڇڻ جي قوت سلب ۽ سڀيئي انساني حق کانئن کسيل ھئا. سنڌ ھڪ عجيب وغريب بحراني ڪيفيت ۾ مبتلا ھئي، ۽ بيان ڪيل حالتن، سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان زيادھه زبون ۽ بدتر ڪري ڇڏي ھئي. آب _ رسانيءَ جو سلسلو پوريءَ ريت ڪونه ھو ۽ نه چارن پيچرن کان سواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام رستا ۽ شاھي سڙڪون ھيون. افلاس، تنگدستي ۽ بک پيڙا انتھا تي پھچي چڪي ھئي. ڪنھن به مظلوم جو سڏ واڪو ڪونه ٿي سُڻيو!
اھو ھو سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حال، جنھن وقت جھوڪ جو شاھه عنايت صوفي، جيڪو تصوف ۽ طريقت جي تعليم لاءِ دکن ويل ھو، سو اتان موٽي سنڌ اندر پنھنجي ٿاڪ يعني جھوڪ شريف ۾ اچي پھتو.
عالمگير ڪم و بيش پنجويھه ورھيه حيدرآباد دکن جي مسلم رياستن کي تھه و بالا ڪرڻ ۾ گذاريا. شاھه عنايت صوفي انھيءَ جنگ و جدل، ڪشت و خون ۽ مسلسل تباھين ۽ بربادين جا ڪيئي نظارا پاڻ اکين سان ڏسي چڪو ھو ۽ ڪنن سان ڪيترا خوني داستان ۽دردناڪ ڪھاڻيون خود انھن مظلومن جي واتان ٻڌيون ھئائين، جن مٿان اھي ويل وھيل ھئا.
غلبي، قوت، تشدد، بي انصافيءَ ۽ انسانذات جي مظلوميت جو احساس انھيءَ وقت سندس فڪر ۽ ذھن تي نقش ٿي چڪو ھو، جڏھن پاڻ دکن ۾ ھو. ويتر جو سنڌ ۾ پھچي ھن عوام جي ھيءَ زبون حالت ڏٺي، تنھن کيس سخت حساس ۽ رنجيدو بنائي ڇڏيو.
سندس خاندان مدتن کان معزز ۽ محترم ھو. خدا آگاھي انھيءَ خاندان جي خمير ۽ ضمير ۾ موجود ھئي. خانقاھه موجود، مسند قائم ۽ مريدن جو وڏو گروھه انھيءَ پراڻيءَ گهراڻي سان وابسته ھو. مغليه دستور مطابق انھيءَ خاندان کي ڍل جي معافيءَ سان پنھنجي ڳوٺ جي پسگردائي ۾ زمينون پڻ مليل ھيون، جن تي سندن بزرگن جو گذارن ھو.
شاھه عنايت صوفي دکن مان موٽي اچي جڏھن پنھنجي بزرگن واريءَ مسند تي ويٺو، انھيءَ وقت ھن عبادت اِلاھيءَ سان گڏ خدمت خلق جو پڻ سلسلو سٽيو، جيڪو عبادت الاھيءَ جو حقيقي مفھوم به آھي.
زميندار ۽ ھاريءَ جي وچ ۾ انھيءَ وقت ڪو قانون يا حدون مقرر ڪونه ھيون. جيڪڏھن زميندار ڏاڍو آھي، ته پوک جا ٻيئي سرا سندس گهر پھچندا ھئا ۽ ڏوھاري اوڇڻ ڇنڊي ديري مان نڪرندو ھو، ۽ ھونئن به دستوري طرح قرضن ۽ ٻين ڏيتين ليتين سبب بٽائيءَ بعد ڪڙميءَ جي پلَوَ ۾ مشڪل سان ڪي داڻا پوندا ھئا. اھوئي سبب ھو، جو سنڌ جو ھاري آواره نشينن وانگر ڪٿي به پڪيءَ طرح رھي نه سگهندو ھو. بک ۽ افلاس کي دور ڪرڻ لاءِ ھو ھڪ ھنڌان لڏي ٻئي ھنڌ، اميدن پٺيان اميدن جا جھوپڙا اڏيندو ۽ مايوس ٿيڻ بعد ڊاھيندو وتندو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو، جو سنڌ جو مجبور طبقو زمين جي پيدائش تان آسرو لاھي، پيٽ گذارن جي ٻي ڪا راھه نه ڏسي، پنھنجي پنھنجي ٻارن جي بک دور ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي اخلاقي گناھن ۾ مبتلا ٿي ويو ٿي _ جھڙوڪ ڌاڙا ھڻڻ، چوريون ڪرڻ، کاٽ ھڻڻ ۽ مال ڍڳي جي ٻڌ _ ڇوڙ. اھي اخلاقي پستيون سڀ انھيءَ ڀيانڪ معاشري جون پيداوار ھيون، جنھن ۾ اقتصادي حالت ھٿ سان غير متوازن ۽ ڊانواڊول ڪئي ويئي ھئي.
شاھه عنايت صوفي پھريون ماڻھو ھو، جنھن انھيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي دکن کان ايندي شرط شدت سان محسوس ڪري، پنھنجي آبائي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏيئي، پيداوار تي مساوي حق ۽ حصي جي رٿا تي، ۽ مريدن، ڳوٺاڻن ۽ پاڙيسرين کي گڏي، انھيءَ اسڪيم تي عملي قدم کنيو. سندس ڳوٺاڻا، سندس اھل خاندان ۽ سندس مريد يا ھاري ناري گڏجي زمين ۾ ھرَ ڪاھيندا ھئا، آمدنيءَ ۽ پيداوار تي سڀني جو گڏيل حق ھو ۽ ونڊڻ وقت ھر ڪو ھڪجيترو آن ورھائي کڻندو ھو. اھو تجربو بيحد ڪامياب ٿيو. انھيءَ رٿا ۾ شامل ٿيل ماڻھو مطمئن ٿي ويا ۽ سندن اقتصادي حالت سڌري ويئي، ھرڪو ريان کيان ڏسڻ ۾ آيو ٿي.
انھيءَ نئين ۽ انوکي طريقي ڪار، پاسي پلؤ جي مفلس ۽ بکئي عوام جو توجه پاڻ ڏانھن ڇڪايو، چنانچه تنگدست ۽ بکايل ھاري اوسي پاسي جي زميندار جي زمينن کي ڇڏي، پنھنجي لڏکڻي جھوڪ جي ”مشترڪ اقتصادي نظام“ ھيٺ اچي ڏسڻ ۾ آيو ٿي .
زميندارن لاءِ اھو عمل وڏي خطري جو سبب ھو. نه فقط عوام تان سندس اثر ختم ٿيو ٿي ۽ سندن زمين کي آباد ڪرڻ ۾ ڪنھن دلچسپي ڪانه ٿي ورتي، بلڪ انھيءَ کان وڌ سندن لاءِ اھا تباھي ھئي، جو ھنن جيڪا ڪاڪ ٺاھي ھئي ۽ جيڪو ٽڪساٽ حڪومت جي آڌار تي اڏيو ھئائون، سو سمورو شاھه عنايت جي انھيءَ رٿا سبب عنقريب ڊانواڊول ۽ ڊھڻ وارو ھو.
پاڙيسري جاگيردار، زميندار، وڏيرا، پير خواھه خانقاھي، پرائيءَ پيدائش تي پلجدڙ پڳدار ۽ مسند نشين انھيءَ انقلاب ۽ لڏپلاڻ سبب بنھه مڇرجي پيا. بلڙيءَ ۽ جھوڪ جي ڀر وارا پليجا ۽ پير انھيءَ پيدا ٿيندڙ قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. مختلف سازشون سٽيائون. ڪلھوڙن پڻ فقيري روپ ۾ سنڌ اندر نروار ٿيا ھئا. اڌ سنڌ ٺيڪي ۾ کڻي چڪا ھئا، باقي سنڌ تي سندن نگاھون ھيون. شاھه عنايت جي قوت انھن جي پروگرامن کي ڊاھڻ لاءِ پڻ ڪو گهٽ خطرو ڪانه ھئي . الغرض، آھستي آھستي، سڄا پاڙيسري، شاھه عنايت ۽ سندس حلقي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجا سمورا نفاق، عداوتون ۽ اختلاف وساري، متحد ٿي ويا. پھرين دھليءَ ۾ درخواستون ڪيائون، پوءِ ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان جي ذريعي مرڪز جي اميرن ۽ وزيرن جا ڪَن ڀريائون. شاھه عنايت خلاف فرخ سير بادشاھه تي ھي اثر ويھاريو ويو ته سندس اھا تحريڪ خانقاھي ۽ درويشي نه، بلڪ دراصل حڪومت جي خلاف ھڪ مڪمل بغاوت جي تحريڪ آھي. ھو ماڻھن کي انھيءَ لاءِ تيار ڪري رھيو آھي ته ھڪ ڏينھن انھن جي ذريعي مغل حڪومت سان جنگ جوٽي، سنڌ کي آزاد ڪرائي ۽ پاڻ ان جو سلطان بڻجي ويھي! شاھه عنايت جي خلاف اھا سازش ايڏي وڏي پئماني تي رٿيل ھئي، جو ھو پنھنجن خانگي ماڻھن کي دربار ۾ موڪلي به ان جي صفائي ڪري ڪونه سگهيو. فرخ سير زوال پذير بادشاھت جو پر _ وھيڻو جاءِ نشين، جيئن ته ڪمزور، پر ٻڌڙيو ۽ ڪنن جو ڪچو ھو، تنھنڪري ھن جي انھيءَ ڪمزوريءَ کان مخالفن ۽ اعظم خان گڏجي پورو فائدو ورتو ۽ ھن کان شاھه عنايت سان جنگ جوٽڻ جو پروانو حاصل ڪري ورتائون.
جھوڪ جي مرڪز جي تباھيءَ ۾ تنھا شاھه عنايت جو سوال نه ھو، ھي انھن سڀني مفلسن ۽ مظلومن ۽ بکايل انسانن جي موت ۽ زندگيءَ جو مسئلو ھو، جيڪي ھِتان ھُتان جي زمينداري آڙاھه مان نڪري شاھه عنايت جي رٿيل ” اقتصادي نظام“ ھيٺ ڪجھه وقت کان سک جو ساھه کڻي رھيا ھئا. جيڪڏھن اھو نظام درھم برھم ٿيو ٿي ته سندن لاءِ وري ساڳيو اونداھه ۽ انڌوڪار ھو. يعني اھو افلاس، اھا بک، اھا غلامي ۽ اھا ئي ذلت، خواريءَ ۽ خجالت واري زندگي!
سبيءَ، اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جي سڀني جاگيردارن ۽ زميندارن جو جڏھن ڪٽڪ اعظم خان جي ڪمان ھيٺ ڪاھي اچي جھوڪ مٿان ڪڙڪيو، ان وقت شاھه عنايت ۽ سندس ساٿين ”الارض للـﮧ، جو نعرو ھڻي، پنھنجي مساوي ۽ گڏيل ملڪيت کي بھر صورت بچائڻ جو فيصلو ڪيو. جڏھن جنگ جي نوبت آئي، تڏھن مردانه وار پنھنجو بچاءُ ڪيائون ۽ ايڏيءَ بي جگريءُ سان پنھنجي مدافعت ۾ سينا تاڻي اڳتي وڌيا، جو ھيڏي ساري لشڪر جا بنھه ڇھه ڇڄي پيا.
اھو ياد رکڻ گهرجي ته دستوري طرح انھيءَ لشڪر کي به مذھبي پيشوائن جي پشت پناھي حاصل ھئي. انھيءَ دور جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھه عنايت جي مٿان ڪفر جون فتوائون حاصل ڪيون ويون ھيون ۽ کيس پنھنجي سڄيءَ جماعت سميت بي دين ٺھرايو ويو ھو.
بھرحال مقابلي ۾ زور آورن ۽ زبردستن جو لشڪر کانئن کٽي ڪونه سگهيو. نيٺ ٻيو چارو نه ڏسي، صلح جي بھاني سان، اعظم خان شاھه عنايت کي پاڻ وٽ اچڻ آماده ڪيو، جيئن صلح جا شرط روبرو طيء ڪري، ۽ شاھي ڪٽڪ پٺتي موٽي وڃي.
شاھه عنايت جي دل ۾ فتور ڪونه ھو ۽ نه ڪا فتني جي خواھش ھئي . تنھنڪري ھو سواءِ ڪنھن شڪ شبھي جي اعظم خان وٽ ھلي اچي پھتو. ڏاڍي جي ڪردار ۾ وعده خلافي ۽ ڌوڪو ڏيڻ پڻ وصف ٿي شمار ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته فريب، دغا ۽ ڌوڪو شڪست خورده زور آور قوت جو آخري ھٿيار آھي! جڏھن اعظم خان ۽ زميندار شاھي گڏ ٿي به شاھه عنايت کي زير ڪري ڪونه سگهيا، تڏھن ھنن انھيءَ ھٿيار کان ڪم وٺي کيس پاڻ وٽ آڻي گرفتار ڪيو. گرفتاريءَ بعد جھوڪ جي سڄي ڳوٺ، حويليءَ جي ڪوٽ ۽ ھارين نارين جي جھڳين ۽ جھوپڙن کي تھس نھس ڪري، ھڪ طرف انھيءَ مرڪز جو بنياد ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ويو ته ٻئي طرف شاھه عنايت صوفيءَ کي پابه جولان ڪري، ٺٽي وٺي وڃي ساڻس اھو ئي ڪيائون، جيڪو منصور جو مَرڪ ھو يا جيڪو سرمد سان ٿي چڪو ھو.
شاھه عنايت جو ڪو ڏوھه ڪونه ھو، ھن گهريو ٿي ته سنڌ ۾ اقتصادي نظام اھڙي نموني رائج ٿئي، جيڪو سنڌ جي رھاڪن لاءِ ھڪجھڙو ۽ ھڪجيترو روزگار ميسر ڪري. غير متوازن نظام معيشت ختم ٿئي ۽ ماڻھن جا جسم، ذھن ۽ فڪر زبردستن جي زنجيرن جي جڪڙ مان آزاد ٿين. اھو نه خدا جو ڏوھه ھو ۽ نه اسلام جي انحرافي! بلڪ اھو عين اسلام ھو. اھو اسلام جيڪو اسان جي رسول محمد مصطفى آندو. بھرحال تيرھن سؤ ورھيه اسلام جي انھيءَ روح کي زماني ۽ وقت جون قوتون ڪچليندريون رهيون آهن. هتي سنڌاندر به اهو روح شاهه عنايت جي صورت ۾ ڪچليو ويو. پر جن انھيءَ روح کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آخر اھي پاڻ به جلد ئي فنا ٿي ويا. نادرشاھه جي ڪاھه، افغانن جو ڪٽڪ ۽ مددخان پٺاڻ جي گهَل يقيناً انھيءَ بيگناھه خون جو نتيجو آھي، جيڪو شاھه عنايت جي سسيءَ مان، ڌڙ کان ڌار ٿيڻ وقت، نارا ڪري اعظم خان جي پيرن ۾ ڪريو ھو.
ديدي که خون ِ ناحق ِ پــــروانه شمــــــع را
چندين امان نه داد که شب را سحر کند
[”سجاڳي“ _ مارچ 1970ع]