لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ڄام نظام الدين سمون

سنڌ جا ماڻهو قرب ۽ محبت منجهان کيس ”ڄام نندو“ سڏيندا هئا ۽ اڃا تائين به سندس نالي جي اها تخفيف بدستور مروج ۽ مشهور آهي.
ڄام نظام الدين، سمن جي خانوادي جو آخري ۽ آزاد سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن 25_ ربيع الاول 866هه(1) کان 914هه تائين نه ڇڙو ملڪ مٿان فرمانروائي ڪئي، بلڪ ماڻهن جي دلين تي به بادشاهي ڪئي.
کانئس پوءِ پُٽس ڄام فيروز ۽ خاندان جي ٻئي هڪ شهزادي ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ خانه جنگي شروع ٿي. سنه 914هه کان وٺي سنه 967هه تائين، سنڌ تي، ڪڏهن صلاح الدين گجرات کان ڪٽڪ ڪَهرائي پهتو، ۽ ڪڏهن سبيءَ ۽ قنڌار کان ارغونن کي وٺي، فيروز تي اچي ڪڙڪيو. نيٺ انهيءَ ڪشمڪش ۾ ارغونن نه فقط صلاح الدين کي فيروز جي مقابلي ۾ ختم ڪيو (967هه)، بلڪ سال_ اڌ اندر فيروز جي به پڄاڻي آڻي، انهيءَ گهراڻي جي شاهيءَ جو ڏيو هميشه لاءِ اُجهائي ڇڏيو.
انهن ٻن شهزادن جي ويڙهه جو نتيجو ڏاڍو اُگرو ۽ اندوهناڪ نڪتو. برابر اڍائي سؤ ورهين (927هه/1152هه) تائين ماڻهو ۽ ملڪ، ڌارين جي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا. سواءِ ڪنهن ڏوه ۽ گناه جي، هتان جو هر متنفس صدين تائين اذيت ۽ عذاب ۾ مبتلا رهيو، ۽ بنان ڪنهن ڪَئي ۽ قصور جي مسلسل لوڙ لوڙيندو رهيو.
سنڌ جي انهيءَ سانحه ۽ فيروز_ جنهن کي سنڌ جي مؤرخن ”فيروز ناپيروز“ لکيو آهي_ جي انهيءَ حرڪت جو ذڪر ڪندي، ”ظفرالواله“ جي مصنف عربيءَ جو هڪ شعر مثال طور آندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”_ جيڪو ماڻهو مصيبت جي وقت عَمرو جي پناهه ڳولي ٿو، سو انهيءَ انسان وانگر آهي، جيڪو نٽهڻ اُس کان بچڻ خاطر، باهه ۾ ٽپي پوي ٿو_“
المستجير بعمرو عند ڪربتـﮧ
ڪالمستجير من الرمضاءِ بالنار(1)
افسوس ڪندي مصنف لکي ٿو ته ”فيروز جو حشر به ساڳيو ئي ٿيو، جڏهن مغل سنڌ ۾ پهتا، تڏهن هِرکجي پيا (طمعوا في الملڪ). کين طمع وٺي ويئي ۽ هنن چالبازيءَ سان وزير دريا خان کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ بيوفائيءَ ڪندي کين ذري ماتر پرواهه ڪانه ٿي(2).“
ساڳيو مؤرخ اڳتي هلي، سنڌ ۽ سنڌين جي بدبختيءَ ۽ بدقسمتيءَ تي واويلا ڪندي، چوي ٿو: ”سنڌ سنڌين هٿان نڪري ويئي. هو مغلن جي رعيت بڻجي، شاهه مير (شاهه بيگ) جي دؤر کان وٺي جاني بيگ جي عهد تائين، زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا_ در حقيقت زماني جي چڪيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي، جاني بيگ جي دؤر (1000هه) نه، بلڪ ان کان پوءِ به ڏيڍ صديءَ تائين برابر پيڙبا ۽ پيسبا رهيا.“ مؤرخ سنڌ جي الميه جو اهو عبرتناڪ داستان هن فقري تي ختم ڪري ٿو:
”_ وڪل مايُنيلـﮧ الدهرلـﮧ امد وينقضيٰ والله سبحانـﮧ الدائم ملڪـﮧ_“
’زمانو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو، ان لاءِ ضرور سبب ٿيندو آهي‘_ ۽ اهو سبب اهو ٿيو، جو گهراڻي جا ٻه فرد ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تنگدل ٿي، هڪٻئي سان وڙهي پيا. ڪشمڪش هلي، فساد ٿيا، سبب ٺهي آيو، ڌارين کي موقعو ملي ويو، ۽ زماني دستور مطابق نه فقط انهن ٻن کي، بلڪ سڄي ملڪ کي سزا ڏيئي ڇڏي. اهڙي ئي موقعي لاءِ شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:
چو از قومي، يڪي بيدانشي ڪرد
نه ڪـﮧ را منزلت ماند، نه مـﮧ را
ڄام نندو نهايت ئي نيڪ ڪردار ۽ گفتار جو سچو، منتظم، جري ۽ خوش اطوار سلطان هو؛ جاه و جلال، شان و شوڪت، تدبر خواهه فهم و فراست ۾ سندس شاني ۽ ثاني ٻيو ڪو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ امن امان هو؛ خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه هو؛ سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيا؛ سڄو ملڪ ريان کيان هو؛ دينداري ۽ دنياداري ملڪ ۾ ٻيئي گڏوگڏ هيون؛ ديني ۽ دنيوي علومن جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪُنڊين انتهائي عروج تي هئي؛ مدرسا ۽ خانقاهون آباد، راڄ ۽ رعيت، امير خواه سپاهي، سڀ آرام ۽ آسائش ۾ هئا. جيسين پاڻ زندهه هو، تيسين ڪنهن به ڌارئين کي همت ڪانه ٿي، جو سنڌ ڏانهن مَندي اک کڻي نهاري.
ڄام نندي جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقويٰ جون ڪيئي ڪهاڻيون مشهور آهن. تاريخ ۾ ان جا ڪيترا مثال محفوظ آهن. قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي هن ڪري پڙهائي، جو پاڻ سموري زندگي با وضو رهيو ۽ ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي هئائين. ٺٽي ۾ ڪيترا پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن اهي وصفون فقط سنڌ جي سلطان ۾ موجود هيون.انهيءَ تقويٰ ۽ پرهيز گاريءَ سبب ئي هڪ روايت مطابق، پير مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام ئي پڙهائي. مشهور آهي ته جڏهن هو گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ ويندو هو، ته جانورن جي پُٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو: ”خدا اهو ڏينهن نه آڻي جو سواءِ غَزا جي، آءُ اوهان تي سواري ڪريان! دعا آهي ته ڪنهن به مسلمان جو خون منهنجي هٿان اوهان تي سواري ڪندي نه وهي! آءُ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل شرمندو نه ٿيان(1)!“
سندس هيٺينءَ رباعيءَ مان پڻ سندس سيرت ۽ ڪردار تي روشني پوي ٿي:
اي آنڪ ترا نظام الدين مي خوانند،
تو مفتخري ڪه مرا چنين مي خوانند!

گر در رهِ دين از تو خطائي رفته،
شڪ نيست ڪه ترا ڪافر لعين مي خوانند.

سڀني مؤرخن، سنڌ جي انهيءَ نيڪنام سلطان جي تعريف ڪئي آهي، ۽ سندس دؤر کي امن ۽ سڪون، ايمان ۽ اخلاق، نيڪيءَ ۽ ديني بلنديءَ جو دؤر ليکيو ۽ لکيو آهي. ”معصوميءَ“ جو مصنف لکي ٿو:
”..... در اوائل حال، طلب علم مي نمود، ودر مدراس وخوانق ميگزرانيده. و بغايت متواضع و خليق بود، بصفات پسنديده و اخلاق حميده متصف. و زهد و عبادت بدرجـﮧ ڪمال داشتـﮧ.“
آخر م لکي ٿو:
”..... و فضيلت و حالت او زياده ازان بود ڪه شمـﮧ ازان تحرير توان نمود(2).“
”ماثر رحيميءَ“ جو مصنف لکي ٿو ته ”سنڌ ڇا؟ بلڪ سموري هندستان ۾ جهڙس ديندار، متقي ۽ صاحب فضيلت بادشاهه ڪونه ٿيو.“ مغل دؤر جي انهيءَ مؤرخ جو اهو قول وزندار ۽ وڏي ۾ وڏو اعتراف آهي:
”درميان سلاطين سنده چه؟ ڪه درميان سلاطين هندوستان بفضيلت و حالت او نبوده.“
ساڳيو مصنف لکي ٿو ته ”سندس دؤر ۾ عالم، صالح، بزرگ ۽ فقير سڀ خوش و خورم، ۽ رعيت خواهه سپاهي فارغ البال ۽ آسوده حال هئا.“
”....در زمانِ دولت او، علماء و صلحاء فقراء، در نهايت فراغت، اوقات مي گذرانيدند و سپاهي ورعيت اَسوده حال و مرفع الحال بودند(1).“
مذهبي شوق ۽ شغف جي سلسلي ۾ مير معصوم جو قول آهي ته:
”.....در زمان دولت او، احياء سنّن نوعي شيوع يافته بود ڪه مافوق آن تصور نتوان ڪرد. و در مساجد اقامت جماعت به نهجي ميبود ڪـﮧ صغير و ڪبير محله“ در مسجد حاضر آمده، بگذاردن نماز، تنها راضي نبودند(2)“
ساڳئي سلسلي ۾ ”ماثر رحيميءَ“ جو مصنف لکي ٿو:
”.....احياء سُنّن و رواج مدارس بنوعي در سند مقرر بود ڪـﮧ زبان قلم از تحرير آن عاجز است(1).“
”مڪلي نامه“ جو مصنف، ”تحفـة الڪرام“ ۾ رقم طراز آهي:
”.....در زمانش علماء و سادات و صلحاء و عموم خلق الله برفاهيت ڪلّي، گذرانيده، احياي سنن بنوعي شيوع يافت ڪـﮧ احدي بدون صوم و صلواة نبودي.“
”تـــــحـــــفـــــــة الـــــــڪـــــــرام“، ”مـــــقـــــالات الــــــشـــــعــــراء“، ”حديقـة لاولياء“، ”تحفـة الطاهرين“ يا ٻين تذڪرن ۽ تاريخن ۾ اسان کي اڪيچار سنڌي عالمن، بزرگن، مشائخن محدثن ۽ شاعرن جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن انهيءَ سلطان جي دؤر ۾ سنڌ اندر، اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ديني ۽ دنيوي علمن کي فروغ ڏيڻ ۾ اڻ وسرندڙ ڪوششون ۽ خدمتون ڪيون.
اهڙيءَ ريت امن، راحت، فراغت ۽ خوشحاليءَ جون خبرون جڏهن ڏورانهن ڏينهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ کان ٻاهر جي مشاهيرن به قطار در قطار هن طرف رخ رکيو. سلطان نظام الدين جي آخري دؤر ۾ ته خاص طرح ايران، خراسان خواهه ماوراء النهر مان ڪيئي گهراڻا سنڌ ۾ ايڏيءَ ڪثرت سان اچي پهتا، جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ حضرت ننگر ٺٽي ۾ علحدا محلا مخصوص ڪرڻا پيا. وچ ايشيا ۾ اهو زمانو سخت بدامنيءَ ۽ طوائف الملوڪيءَ جو هو.
انهيءَ ڀاڄڙ ۾ گهڻا ته خس وخاشاڪ جي مثل هئا، ليڪن ڪي اهڙا عالم ۽ دانشمند به اچي پهتا، جن جو اچڻ سچ پچ ته سنڌ لاءِ هڪ نعمت هو. مثلاَ:
مولانا عبدالعزيز ابهري، ۽ سندس پٽ مولانا اثيرالدين پنهنجي سموري خاندان سميت هتي پهتا. علم جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري، هنن سون علم جي طالبن جي آس ۽ پياس پوري ڪئي.
علامه جلال الدين دواني (المتوفي سنه 908هه) سنڌ ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿيو. راهه خرچ به ڏانهس موڪليو ويو، ليڪن افسوس جو خرچ پهچڻ کان اڳ، مولانا لاڏاڻو ڪري ويو:
”.....تا رسيدن خرچ راه و رسولان، مولانا سفر تته را
بسفر آخرت تبديل نموده بملڪ بقا رفتـﮧ بود(1).“
هن جا ٻه جيد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين، ٺٽي ۾ آيا، جن هتي رهي ديني ۽ دنيوي علم جي اشاعت ۾ ڀلئون ڀل بهرو ورتو.
اهڙيءَ ريت سنڌ جي انهيءَ نيڪ نهاد سلطان جي سَمي ۾ ڪيترن بيروني عالمن هتي پناهگزين ٿي، شاهي سرپرستيءَ هيٺ، سنڌ کي علمي فائدو رسايو.
ڄام نظام الدين جو اهو سلوڪ، ڇڙو پنهنجي هم مذهب رعيت سان نه هو، بلڪ سنڌ جي غير مسلم رعايا به انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي. تاريخ ۾ ڪيترن هندو اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندس دور ۾ حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا. عام هندن پڻ مسلمان رعيت وانگر، خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ سان پنهنجو وقت خير خوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه مذهبي دوئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪ انهيءَ قسم جو تصور به سندس زماني ۾ موجود ڪونه هو.
سلطان پنهنجي چوڌاري، مجلس خواهه مصلحت، ملڪي ڪاروبار خواهه حڪومت جي نظام هلائڻ لاءِ چيدا چيدا ماڻهو رکيا هئا. وڏو مردم شناس بادشاهه هو، تاريخ ۾ اسان کي سندس متعلقين مان ڪوبه هڪ ماڻهو، غلط قسم جو ڪونه ٿو ملي.
درياخان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا. پاڻ وٽ آڻي سندس پرورش ڪيائين، ۽ اعليٰ پيماني تي تربيت ڏيئي، معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزيراعظم جي عهدي تائين وڃي رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد هئي. ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جا خاصا خطاب ڏيئي، سندس مرتبو بلند ڪندي، آخر ۾ کيس پنهنجي فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽ اقبال منديءَ جي آخري منزل تائين پهچايائين. مردم شناس سلطان زندگيءَ ۾ ته نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سوريءَ سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو؛ بلڪ سلطان جي وفات کان پوءِ به اهو ئي اڪيلو امير هو، جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پورا ٻارهن سال مسلسل جدوجهد کي جاري رکيو. پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ڏنائين، ۽ درهء بولان وٽ پهچي، کين شرمناڪ شڪستون ڏيئي پٺتي ڌڪيائين. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٺ وٽ لڙندي وڙهندي، تير ۽ تلوارون هڻندي ۽ کائيندي، جڏهن پنهنجو سر صدقو ڪيائين، ان کان پوءِ ئي خرابيء سنڌ“ جو باب کلي پيو، جنهن هڪ ٺٽي جو ڇا، بلڪ غيرن جي غلاميءَ لاءِ پوريءَ سنڌ جو رستو هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو.
انهيءَ قسم جي مردم شناسيءَ جا ڪيئي مثال سلطان نظام الدين جي تاريخ ۾ اسان کي ملن ٿا. مثلاَ سندس پهريون وزير دلشاد خان به شجاعت ۽ انسانيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. بکر جي صوبي ۾ هُن جيڪي اصلاحون آنديون، سي تاريخ ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال آهن. اهڙيءَ طرح ڪيئي امير ۽ مشاهير، سلطان جي بزم جا روشن چراغ هئا. اهو ئي سبب هو، جو سندس سلطنت مستحڪم، ملڪي نظام محڪم، ۽ سموري سنڌ، جيسين جيئرو هو، تيسين ريان کيان ۽ باغ و بهار رهي.
سلطان نظام الدين جو دؤر (866_914هه) ٻئي هڪ لحاظ سان به تاريخ ۾ يگانو هو. جنهن وقت سلطان جي سنڌ تي حڪومت هئي، ان وقت پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ، حسن اتفاق سان، سڀيئي بادشاهه جهڙس ئي جليل القدر ۽ ناميارا هئا. تاريخ غير معمولي بادشاهن جي اهڙي يڪجائي ڏاڍو مشڪل سان پيدا ڪندي آهي.
گجرات، پاڙو پاڙي سان هئي. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مٽي مائٽي به هئي. علاوه ازين، سندن ثقافتي تعلقات به ڏاڍا ڳوڙها هئا. اتي سلطان محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاهه (813_917هه) حڪومت ڪري رهيو هو بهلول لوڌي، دهليءَ (855_894هه) جو بادشاه هو. مانڊو ۽ غياث الدين بن محمود خلجي (873_906هه) حڪمران هو. سلطان محمود بهمني دکن جو (887_924هه) بادشاهه هو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف سنڌ جي ٻئي همسايي ملڪ خراسان تي، شاهه حسين بايقرا (862_912هه) جي حڪومت هئي، جنهن جي علم پروري ۽ ادب نوازي، تمدن ۽ تهذيب جي هاڪ تاريخ ۾ مثالي آهي، ۽ جنهن جو دور جهڙو راحت ۽ سڪون، امن ۽ امان، ۽ جنهن جي زماني جهڙو فراغت ۽ فارغ البالي، خراسان جي خطي کي وري ڪڏهن نصيب ڪانه ٿي.
مولانا جامي انهيءَ دور جو شاعر ۽ انهيءَ بادشاهه جو دوست هو. بهزاد مصوّر انهيءَ سلطان جي دربار جي زيب ۽ زينت هو.مير علي شير نوائيءَ جهڙو اديب ۽ ادب پرور مدبر، جنهن جو مثال تاريخ مشڪل سان پيدا ڪندي، سو سندس وزير باتدبير هو.
ڄام نظام الدين جو مقبرو، جنهن جي واکاڻ ”مڪلي نامه“ جي مصنف ڪئي آهي، تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪٻئي سان ملائي، اهڙيءَ طرح پيوست ڪيو ويو آهي، جو تعمير جي تاريخ ۾ اهو مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال ٿي پيو آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي، انهن جي دلڪش امتزاج مان، هڪ عجيب و غريب شاهڪار تخليق ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏسندڙن جي نظر کي پهرينءَ ئي نگاهه سان پاڻ ۾ جذب ڪري وٺي ٿو.
سامهين ديوار ۾ پکين جي قطار، سورج مکيءَ ۽ ڪنول گل جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهروُڪن جا وڌاوڙا ۽ انهن جا پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽ ٻاهيون، خواهه داخلي دروازي جي چوڪور ساخت_ مٿي بيان ڪيل مختلف اثرات کي نمايان طرح ظاهر ڪري رهي آهي(1).
گجراتي خواه هندي فن عمارت سازيءَ جو اهو اثر، ڄام نظام الدين جي مقبري تي يا سمن جي ٻين چوڪُنڊين ۽ مقبرن، انهن جي گنبذن ۽ پيلپاوَن تي، جن سببن ڪري پيو ٿو ڏسجي، انهن مان اهم ترين سبب آهي گجرات ۽ سنڌ جي پاڻ ۾ همسايگي ۽ انهيءَ ڪري عام جام هڪٻئي سان مٽي مائٽي. جنهن نه فقط سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪٻئي جي ويجهو ڪري ڇڏيو، بلڪ سماجي خواهه تمدني طرح پڻ ٻنهي ملڪن ۽ سلطنتن جا ناتا استوار ۽ مضبوط ڪري، ڪيترا ثقافتي ويڇا وچان مٽائي ڇڏيا.
سلطان نظآم الدين جي روضي جي اترئين طرف واري بند ٿيل دروازي جي مٿئين سردر تي جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان نظام الدين جي انتقال بعد، ڄام فيروز سنه 915هه ۾ اهو مقبرو ٺهرائڻ شروع ڪيو_ ظاهر آهي ته تعمير مڪمل نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ستت ئي تخت ۽ تاج تي خانداني وڳوڙ ۽ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن ٻيا سڀيئي رفاهي ۽ تعميري ڪم بند ڪري ڇڏيا_ اهو سبب ٿيو، جو نه گنبذ ٺهيو ۽ نه عمارت جو رٿيل نقشو مڪمل ۽ راس ٿي سگهيو.
ڪتبي جي عبارت مطابق ته مقبري جو ٺاهيندڙ ڄام فيروز آهي. ليڪن ظاهر آهي ته هو ان وقت الهڙ نوجوان هو، تنهنڪري اهڙي نفيس تخليق سندس ذهن جو ايجاد ۽ دماغ جو اختراع ٿي نٿي سگهي. درياخان جي مقبري واريءَ ديوار جي ساخت کي_ جنهن کي هن سنه 895هه ۾ ٺهرايو_ ڏسندي، اسان جو خيال آهي ته پنهنجي ولي نعمت ۽ پنهنجي منهن ٻولئي پيءُ جي مقبري ٺهرائڻ ۽ ان جي رٿا ۾ ضرور دريا خان ’دولهه‘ جو فڪر رسا ڪار فرما رهيو آهي.
مقبري جي چؤديواريءَ اندر چار قبرون آهن، جن تي ڪوبه ڪتبو يا نشان ڪونه آهي، جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ته انهيءَ خوشنام ۽ نيڪ نهاد سلطان جي ابدي آرامگاهه ڪهڙي آهي.
سمن سلطانن جي خانداني شجري خواهه سلطانن جي ترتيب ۽ فرمانروائيءَ جي سالن ۾ سخت اختلاف آهي. هر ڪنهن مـﺆرخ جو بيان جدا جدا آهي. اسان هڪ سلسليوار شجرو ۽ ان تي وضاحتي حاشيا(1)
زير اشاعت ڪتاب ۾ ڏيئي رهيا آهيون، جنهن مان پڙهندڙ، انهيءَ خاندان جي سلطانن جو هڪ خاڪو به آسانيءَ سان ذهن نشين ڪري سگهندا.
انهيءَ شجري مان اهو پڻ پتو پئجي ويندو ته سنڌي سلطان، گجراتي حاڪم ۽ خانديش جا فاروقي فرمانروا ڪهڙيءَ ريت مٽيءَ مائٽيءَ ۽ سڱابنديءَ ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ پوتل هئا.

[”مهراڻ“،3_4 1966ع]

________________________________________
(1) معصومي_ صفحو 74.
(1) ظفرالواله_ صفحو، 138.
(2) فان المغل لما دخلوالسند بـﮧ طمعوا في الملڪ فلحتالوا علي وزيره دريا خان و ڪان وجوده بـﮧ و في الفرصـﺔ قتلوه غدراَ و مابالوابد. صفحو 138.
(1) معصومي_ ص 70، ماثر رحيمي، ج 2، ص 273.
(2) معصومي، ص 74.
(1) ماثر رحيمي، ج 2، ص 273.
(2) معصومي، ص 25:
(1) رحيمي، ج 2، ص 273.
(1) رحيمي جلد 2، ص 274.
(1) ڏسو: BURGESS, The Muhammadan Architecture of Gujarat 3 Vol. 1896_1903_1905
(1) درياخان جو اصلي نالو ”قبوليو“ هو، ۽ هو پهرين ڄام نظام الدين جي ديوان لکمير (لکدير_ لکسير) جو غلام هو؛ جتان ڄام نظام الدين کيس پاڻ وٽ آندو.
درياخان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. فوجي، سياسي خواهه سماجي يا اقتصادي صورتحال کي هن اهڙيءَ ڪڙيءَ تي پهچايو، جو مؤرخن جو متفقه قول آهي ته ”اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو ۽ نه پوءِ.“
انهن تعميري ۽ رفاهي صلاحيتن سان گڏ، منجهس آزاديءَ ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زنده پابنده رکندو. سرن جا سانگا لاهي، وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي، اهو حقيقتا وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آهي.
سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو. سندس سڀيئي پٽ وطن دوست، آزاد خواهه، جري جوان ۽ بهادر هئا. علاء الدين منجهان عالم نڪتو، محمود خان ۽ مٺڻ خان سپاهي مرد ڪيئي جوٽان ڪيائون. سارنگ خان سندس چوٿون پٽ به انهيءَ ڏس ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. انهن سڀني هٿان_ درياخان جي شهادت کان پوءِ ۽ ٺٽي تي قبضي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪيتري عرصي تائين_ ارغونن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.
درياخان جو قبرستان، ڄام نظام الدين جي مقبري جي ويجهو، اولهه پاسي کان آهي_ پٿر جي محڪم چؤديواري، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ٻه دروازا، جن تي ڪتبا اُڪريل اولهائينءَ ديوار ۾ محراب ۽ ان جي لڳ سندس قبر، جنهن تي خوبصورت خط ۾ اَيتون اُڪريل آهن_ سيرانديءَ کان نالي جو ڪتبو هن ريت آهي:
يا الله
هذا مرقد المعطر
للخان الاعظم
شهيد مبارڪ خان
ابن سلطان نظام الدين

اوڀارين دروازي جي مٿئين سردر تي جيڪو ڪتبو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سال 895هه ۾ دريا خان، قبرستان جي اها چؤديواري ٺهرائي، ڏاکڻين دروازي جي سردر واري ڪتبي مان ظاهر ٿو ٿئي ته کيس احمد نالي پڻ هڪ پٽ هو، جنهن اهو ڪتبو، قطب الدين بن محمود کان اُڪرايو_ ڪتبي تي سندس نالو هن ريت اُڪريل آهي:
احمد بن دريا خان
غفر الله لـﮧ
چـﺆ ديواريءَ اندر، دريا خان جي مزار کان سواءِ، ستاويهه ٻيون قبرون آهن، جن مان ڪنهن تي به نالو نشان اُڪريل ڪونه آهي.
انهيءَ مان دريا خان جي شڪست ۽ شهادت جو سال برآمد ٿئي ٿو. علاوه ازين، سنڌ جي غلاميءَ جي بسم الله پڻ انهيءَ_ خرابيءَ سنڌ_ سان شروغ ٿئي ٿي، اهو مهينو به محرم جو هو. پوڻا نَوَ سـﺆ ورهيه اڳ ٿيل ڪربلا واريءَ ناريخ کان هڪ ڏينهن وچان وجهي، سنڌ جي هن ڪرب و بلا جو واقعو واقع ٿيو. يارهين محرم الحرام جو دريا خان دولهه، سنڌ مٿان سر صدقو ڏيئي سُرهو ٿيو، ۽ سنڌ انهن جي بيرحم فيضي ۾ اچي ويئي، جيڪي ڌاريان ئي ڌاريا هئا.