لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

شاه ڀٽائي (رحه) ڪافيءَ جو موجد نه آهي!

سنڌي ادب جا تقريباً سڀئي محقق، اڄ تائين، هن ئي خيال جا آهن ته ڪافيءَ جو موجد حضرت شاه صاحب آهي، ۽ هن ئي سڀ کان پهريون سنڌي ادب ۾ ”وائي“ جي نالي سان ڪافيءَ جي صنف کي داخل ڪيو. ڪلهوڙن جي آخري دﺆر ۾ ڪافي مقبول ٿي ۽ عام شاعرن انهيءَ ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي. انهيءَ خيال تي قائم رهڻ ۾ سنڌ جا اديب هڪ حد تائين حق بجانب آهن، ڇاڪاڻ ته شاه صاحب کان پهرين جي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ وائيءَ يا ڪافيءَ جو نشان ڪونه مليو آهي. دودي چنيسر جي فرضي شعرن کان وٺي، قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جي مختصر ڪلام تائين اسان کي فقط ڏوهيڙن جو سراغ مليو آهي: ڪافيءَ ياڪنهن به ٻيءَ صنف جو ڪوبه نمونو ملي ڪونه سگهيو آهي، جنهن مان سنڌي شعر جي همه گيريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي.
سنڌي شعر جي وجود جو هونءَ ته اسان کي اڄ کان 12 سئو ورهيه کن اڳ پتو پوي ٿو ۽ اهو به سنڌ جي ڪتابي ذخيري مان نه، بلڪ عربي ۽ فارسي تاريخن جي طفيل. هارون الرشيد جي برمڪي وزيرن جي داد و دهش ۽ علم نوازيءَ کان ڪير واقف نه هوندو. وزير فضل بن يحى برمڪيءَ جي درٻار ۾ هڪ سنڌي شاعر پهچي هيٺيون شعر پڙهي ٿو:
اره بره کنکره کراکري مندره
انهيءَ وزير جي وزارت جو زمانو 180هه کان 193هه تائين آهي، گويا اهو شعر اڄ کان تقريباً 12 سئو ورهيه اڳ جو آهي.
عربي ۽ فارسي تاريخن انهيءَ شعر جي زبان اهڙيءَ طرح بگاڙي ڇڏي آهي، جو اڄ ان جي صورت سڃاڻڻ به مشڪل پئي لڳي. تاريخ ۾ ان شعر جي معنى هن طرح لکيل آهي:
”جڏهن اسان جي ملڪ ۾ داد و عيش ۽ جود و سخا جو ذڪر نڪرندو آهي، ان وقت فقط تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي.“
سومرن جي دﺆر ۾ دودي چنيسر جي قصي جا بيت ملن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جي تحقيق نه ٿي سگهي آهي ته انهيءَ زماني جا آهن يا پوءِ ڪنهن سگهڙ انهن کي تصنيف ڪيو آهي. البته جيڪو قصو بيان ڪيو ويو آهي سو تاريخي لحاظ سان گهڻيءَ حد تائين فرضي آهي.
سمن جي دﺆر ۾ سنڌي شاعريءَ جا گهڻائي شواهد موجود آهن، جيئن ته شيخ حماد جماليءَ جي شاعري، شيخ اسحاق آهنگر جا ڏوهيڙا، ماموئيءَ جا ست شعر، مخدوم احمد ڀٽيءَ جو ڪنهن شاعر جا سنڌي بيت ٻڌي ساهه ڏيڻ، ۽ آخر ۾ قاضي قاضن جا 7 شعر.
سمن جي اختتام ۽ ارغونن جي آمد تائينءَ جي انهيءَ مختصر ادبي سرمايي تي، جيڪو ڪنهن به خاص ڪوشش کان سواءِ، اسان کي محض اتفاقي طرح نصيب ٿيو آهي، جيڪڏهن نظر ڪبي، ته فني خواهه لساني لحاظ سان هي يقين ٿئي ٿو ته سنڌ جي شاعريءَ جا اهي ابتدائي نمونا نه آهن، بلڪ هر لحاظ سان اهي اشعار ترقي يافته آهن، زبان بلڪل شسته ۽ شائسته آهي، جن جي لحاظ سان به منجهن ڪا خاص خامي ڪانه آهي: جيڪڏهن اسان فارسيءَ ۽ اردوءَ جي شعر جا ابتدائي نمونا ڏسنداسين ته اسان کي تصديق ٿيندي ته ڪنهن به زبان جو ابتدائي شعر انهيءَ حد تائين پنهنجي پهرينءَ تشڪيل ۾ نفيس ۽ دلڪش نه ٿيندو آهي. جيڪو شعر آءُ 12 صدين اڳ جو مٿي پيش ڪري چڪو آهيان، تنهن جي زبان اگرچه غير مانوس لڳي ٿي، ليڪن ان ۾ لساني رواني، ڪافيه ۽ رديف جي پابندي تمام بهتر نموني سان ڪئي ويئي آهي.
انهيءَ مان منهنجي مراد اها آهي ته سنڌي شعر تمام قديم آهي، ۽ قاضي قاضن جي زماني کان گهڻو اڳ ترقي ڪري چڪو هو، ۽ اهو پڻ خيال آهي ته شعر جون ڏوهيڙن کان سواءِ ٻيون به ڪي صنفون ايجاد ٿي چڪيون هيون، ليڪن چونڪ ڪتابي سرمايو مسدود، ڪوشش ڪمزور، ۽ مطالعو فقط سنڌي زبان تائين محدود رهيو آهي؛ تنهنڪري انهيءَ ڏس ۾ اسان کي جيڪي ڪجهه ڪرڻ کپندو هو، سو ڪونه ڪري سگهيا آهيون: ورنه اسان کي گهڻوئي ڪجهه ملي وڃي ها، ۽ لساني خواه ادبي تحقيقات جي لاءِ اسان اڳيان نيون نيون راهون ۽ جدا جدا رستا کلي وڃن ها.
اسان جيڪڏهن فقط پنهنجي ملڪ ۾ ئي، سنڌ جي ڪتبخانن ۽ خاندانن جي قديم ذخيرن جي دل لڳائي ڇنڊڇاڻ ڪريون ها، ته ”همت مردان مدد خدا“، اسان جي جهولي خالي اصل نه رهي ها ۽ ضرور ڪي نه ڪي ادبي اجزا اسان کي اهڙا ملي وڃن ها، جيڪي اسان جي ٽٽل ادبي ڪڙين کي ڳنڍڻ جو ڪم ڏين ها.
همت هاري، حوصلو ڇڏي، دلگير ۽ دل هير ٿي، اسان کي جيڪي اتفاقي شيون هٿ آيون آهن، اڄ تائين فقط انهن تي اعتبار ڪريو، پنهنجي ادبي تحقيق ۽ تلاش جو مدار رکيو، ويٺا رڳو ڏڌ ولوڙيون؛ انهيءَ ئي ڪم همتيءَ ۽ سست رويءَ جو ڪارڻ آهي، جو اسان حضرت شاه صاحب ڀٽائيءَ کي ئي پنهنجي ادب جو بنيادي ستون بڻائي، ان جي پيا پرستش ڪريون، ۽ 1165هه کان اڳ جي 11 صدي جي سڀني سنڌي ادب جي خدمت گذارن کي وساري ۽ ميساري ويٺا آهيون. اسان جي چشم پوشيءَ ۽ روگردانيءَ جي اها حالت آهي، جو خود قاضي قاضن کان وٺي شاه سڳوري تائين، جن متعدد شاعرن جو ڪلام اسان جي هٿ آيو آهي، ان تي به جيڪو توجهه ڏيڻ کپندو هو، سو ڪونه ڏيئي سگهيا آهيو، حالانڪ خود شاه جي ئي زماني جو سنڌ جو عظيم ترين شاعر شاه عنايت صوفي به اسان جي توجهه ۽ ياد جو مستحق نه رهيو آهي. جيستائين منهنجو مطالعو آهي، اِهو شاعر، يا خود شاه ڪريم يا انهيءَ دﺆر جا ٻيا شاعر، نه رڳو فني ۽ لساني لحاظ سان شاه صاحب جي همسري ڪري سگهن ٿا، بلڪ خود تصوف جي ميدان ۾ به اوليت جو شرف انهن کي حاصل آهي.
خود شاه صاحب جي ذات والا صفات تي جيڪا چند سالن کان اسان جي اديبن ۽ عالمن جي ڌماچوڪڙي ۽ وٺ پڪڙ ٿي آهي، سا به محض سطحي، سرسري، ۽ عاميانه انداز ۾. انهيءَ سموري تنقيدي، تحقيقي، ۽ تعريفي انبار کي جيڪڏهن يڪجاءِ ڪري، پوءِ مطالعو ڪجي، ته معلوم ٿي ويندو ته سواءِ تڪرار ۽ هڪ ئي ڳالهه کي باربار دهرائڻ جي ڪابه مختلف ۽ انوکي يا اڇوتي ڳالهه نظر ڪانه ايندي. شاه صوفين جو سرتاج هو، شاه قومي شاعر هو، شاه راڳ جو ماهر هو، شاه محب وطن هو، شاه ڪانگريسي هو، شاه مسلم ليگي هو، شاه رومي هو، شاه گوئٽي هو، شاه هير کي پيش ڪيو آهي، شاه مارئيءَ کي زنده ڪيو آهي، الغرض شاه هر دور جي دوا آهي ۽ شاه هر مرض جو علاج آهي، مطلب ته جيڪا ڪار غالب ۽ اقبال سان ٿي آهي سا ويڌن اسان حضرت شاه صاحب سان ڪئي آهي.
اسان پنهنجي فطري عقيدتمنديءَ سبب شاه جي تعريف ۾ سڀڪجهه چئي ويا آهيون، ليڪن هن لحاظ سان ڪڏهن به اسان نگاهه ڪانه ڪئي آهي ته شاه جي پيدا ڪيل ادب ۾ علمي، ادبي، لساني ۽ فني خوبيون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن، ۽ ٻين زبانن جي ادب ۽ شاه جي ادب جي وچ ۾ ڪهڙيون امتيازي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن، ۽ شاه ادب ۾ ڪهڙيون نيون شيون پيدا ڪيون آهن، جيڪي ٻين زبانن جي ادب کان اسان جي ادب جو شان دوبالا ڪن ٿيون.
منهنجو خيال هي آهي ته شاه تي لکندڙن جي اڳيان چونڪه ٻين زبانن جو ادب ڪونه آهي، يا ته هو پڙهن نٿا يا ان تي کين دسترس ڪونه آهي، جنهنڪري تقابل ڪري ڪونه ٿا سگهن. جيڪي لکن ٿا سو رڳو قصيده خواني ٿيو پوي، جنهن مان اسان جي علمي خواهه تحقيقي سرمايي ۾ ڪوبه اضافو ڪونه ٿو ٿئي، ۽ خود شاه جي ادب جو اصلي مقام، خوبيون ۽ خصوصيتون به اسان جي نظر کان اڄ تائين پوشيده رهجي ويون آهن.
مطالعي جي افلاسي تحقيق ۽ اُن جي ڪوتاهيءَ ڪارڻ ۽ نيازمنديءَ جي وهڪري ۾ وهي، اسان هر ادبي ايجاد کي هن وقت تائين شاه صاحب ڏانهن منسوب ڪندا رهيا آهيون، چنانچه آءُ جيئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪافيءَ جي صنف جو ايجاد به شاه جي دامن سا ڳنڍيون ٿا، حالانڪ اهو شاه صاحب تي سراسر الزام ۽ بهتان آهي، جيئن ته منهنجي تحقيق آهي ته ’ڪافي‘ سنڌ ۾ شاه جي پيدا ٿيڻ کان تقريباً ڏيڍ سـﺆ ورهيه کن اڳ نه فقط ايجاد ٿيل هئي، بلڪ مقبول ۽ عام هئي. انهيءَ صنف تي ’ڪافيءَ‘ جو نالو به انهيءَ ئي زماني ۾ هو.
شاه صاحب جو تولد 1102هه ۾ ٿيو ۽ سندس وفات 1165هه ۾ ٿي. سندس زماني کان تقريباً ڏيڍ صدي اڳ پاٽ جي ويٺل هڪ صوفي بزرگ شيخ لادجيو سنڌيءَ جو پتو پوي ٿو، جيڪو ڪافيون ڳائيندو هو.
اوهان کي معلوم آهي ته پاٽ سنڌ جو قديم شهر آهي. اسان جي سياسي ۽ ادبي تاريخ جاڪيترا واقعا ساڻس منسوب آهن. سمن، ارغونن ۽ مغلن جا ڪيئي معرڪا انهيءَ شهر جي پسگردائيءَ ۾ ٿيا. سنڌ جي قسمت جا ڪيترا فيصلا انهيءَ سرزمين تي وقوع ۾ آيا. همايون بادشاهه، اڪبر اعظم جي والده حميده بانو بيگم سان شب عروسي انهيءَ شهر ۾ ماڻي. سياسي واقعن کان سواءِ خود علمي ۽ ادبي خواهه روحاني سلسلي ۾ به انهيءَ شهر جي مردم خيز خطي ڪيترا بزرگ پيدا ڪيا، جن نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ بلڪ ان کان ٻاهر نڪري به نالو پيدا ڪيو، جيڪي اڄ جيتوڻيڪ اسان جي اسلاف فراموشيءَ واري عادت سبب اسان کي ياد ڪونه آهن، ليڪن تاريخ، سوانح ۽ ادب جي ڪتابن ۾ پنهنجي زرين ڪارنامن سبب زنده آهن ۽ هميشه زنده رهندا.
پاٽ جو بزرگ حضرت قاسم ابن يوسف سنڌي، شيخ طاهر محدث سنڌي، شيخ مبارڪ سنڌي ۽ حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسى جندالله شطاري اگرچه اوهان جي نظرن کان پوشيده آهن، ليڪن علمي ۽ روحاني ميدان جا مسافر انهن کان واقف ۽ انهن جي سهڻن ۽ سونهري ڪارنامن کان آشنا آهن.
جنهن ”ڪافي دان“ بزرگ جو نالو مون ورتو آهي، سو به انهيءَ شهر جو باشندو ۽ مٿي ذڪر ڪيل بزرگن جو صحبتي، ساٿي ۽ سنگتي هو. همايون جڏهن شيرخان لوڌيءَ کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي اچي ڊڪ ڊوڙ مچايائين، تڏهن سنڌ جا ڪيترا درويش، صوفي، اوليا ۽ امن پسند اديب ۽ عالم انتشار ۽ بد امنيءَ سبب هتان لڏي، ٻاهرين ملڪن ڏي هليا ويا. پاٽ جي بزرگن به گجرات، دکن ۽ برهانپور طرف رخ رکيو، چنانچه سڀ کان اول حضرت قاسم، شيخ طاهر محدث ۽ سندن خاندان جي ٻين ماڻهن پنهنجي وطن کي خيرباد چيو، جنهن کان پوءِ انهن جي ڪيترن مريدن، معتقدن ۽ شاگردن خواهه سنگتين ۽ ساٿين، انهن جي ڪشش ۽ قرب ڪارڻ، ديس ڇڏي پرديس اختيار ڪيو ۽ سڀئي وڃي برهانپور ۾ گڏ ٿيا.
انهن سنڌي بزرگن پنهنجي روحاني ۽ علمي قوت جي آڌار تي، اتي وڃي ايڏو وڏو اثر پيدا ڪيو، جو برهانپور جي حاڪم کان وٺي ادنى عوام تائين اُتي سندن معتقد ۽ مريد ٿي پيا. انهن بزرگن جي طفيل اڄ تائين برهانپور ۾ ”سنڌي پوري“ جو محلو آباد آهي ۽ اڄ به سندن معتقد اتي موجود آهن.
روحاني رهاڻ سان گڏ انهن بزرگن علم ۽ ادب جي مسند کي به وڃي آراسته پيراسته ڪيو، چنانچه حضرت قاسم سنڌي، شيخ طاهر محدث، حضرت مسيح الاوليا ۽ بابا فتح محمد سوين ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ مذهبي علومن جي هر شاخ ۾ لکيا.
خود سنڌي ادب جو به چرچو وڃي پرديس ۾ پيدا ڪيائون. شيخ قاسم پاڻ سنڌيءَ جو زبردست شاعر هو، ۽ سندس اولاد مان حضرت مسيح الاولياءَ ۽ اُن جي فرزند رشيد حضرت بابافتح محمد جي به پنهنجي وطني ادب سان بيپناهه دلچسپي هئي. شيخ محمد قاسم جو انتقال 981هه ۾ ٿيو، گويا قاضي قاضن جي دﺆر جي ٻئي به هڪ سنڌي شاعر جو اسان جي ادبي تاريخ ۾ اضافو ٿئي ٿو.
انهن بزرگن سنڌي راڳ کي به فروغ ڏنو، ۽ برهانپور ۾ هميشه راڳ روپ جون مجلسون ڪندا رهندا هئا. انهن ئي مجلسن جو مور شيخ لاد جيو هوندو هو، ۽ ان جي ئي دم خم سان انهيءَ قسم جون مجلسون اُتي آباد رهنديون هيون.
”تذڪرة الابرار“ جو مصنف غوثي لکي ٿو ته ”شيخ لاد جيو حسن صورت ۽ حسن سيرت سان گڏ، خوش گلوئيءَ جي نعمت عظمى سان به مالامال هو، نغمه سنجي ۽ نغمه نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو، سنڌي ڪافيون اهڙي درد ۽ سوز سان آلاپيندو هو، جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو، بلڪ ٻڌندڙ به محو ۽ مسحوز ٿي ويندا هئا.“
اوهان کي اهو ياد رکڻ کپي ته ٻڌندڙن ۾ فقط سندن بزرگ نه هئا، بلڪ انهن مجلسن ۾ برهانپور ۽ ان جي اطراف جا معتقد ۽ مريد به شامل ٿيندا هئا، ۽ انهن غير سنڌي سامعين تي به سنڌ جو دلنواز نغمو اثر انداز ٿيندو هو، ۽ کين مست ڪري ڇڏيندو هو.
انهن مجلسن جي ڪشش ايتري قوي ۽ کنچاوٽ انهيءَ حد تائين مضبوط هئي، جو جيڪو هڪ دفعو ان ۾ شريڪ ٿيو، سو بار بار شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. برهانپور جي فاروقي حڪمران محمد شاه هڪ سنڌي بزرگ شيخ مبارڪ کي برهانپور کان ٻاهر قاضي القضاة جو عهدو ڏيئي اماڻيو، هو بزرگ جلدئي انهيءَ عهدي تان ان ڪري استعفا ڏيئي برهانپور موٽي آيو، جو اتي کيس اهي صحبتون نصيب نه هيون ۽ شيخ لاد جيو جا سنڌي نغما ميسر ٿي ڪونه ٿي سگهيا.
شيخ لادجيو جي وفات ستر ورهيه جي ڄمار ۾ 1007هه ۾ ٿي. انهيءَ حساب سان هن جو تولد 930هه ۾ ٿيو هوندو. اهو زمانو قاضي قاضن جو آهي جنهن جا فقط 7 ڏوهيڙا اسان کي مليا آهن ۽ شاه صاحب جي دﺆر کان پوڻين ٻن صدين اڳ جو اهو قصو آهي.
تذڪره نگار، غوثي، اهو پڻ ڄاڻائي ٿو ته ’ڪافي‘ سنڌ جو مقبول ترين راڳ آهي.
مٿين حقيقت اسان کي هيٺين نتيجن تي پهچائي ٿي__

(1) شاه ’ڪافيءَ‘ جو موجد نه آهي، بلڪ کانئس تقريباً ٻه صديون اڳ سنڌي ادب ۾ ’ڪافي‘ نه فقط موجود هئي، ليڪن مقبول عام هئي.
(2) شاه کان ٻه سـﺆ ورهيه اڳ ڪيئي ڪافي گو شاعر پيدا ٿيا هوندا، جن جون ڪافيون شيخ لادجيو چوندو هو. ظاهر آهي ته هڪ ئي شاعر جو ڪلام باربار ڪونه ڳايو ويندو هوندو.
(3) انهيءَ لحاظ مان هن شڪ جي ڪافي گنجائش موجود آهي، ته قاضي قاضن ۽ انهيءَ دﺆر جي ٻين شاعرن به ڪافيءَ جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي هوندي، ليڪن اسان جو اهو سڄو ادبي ترڪ غالباً سمن، ارغونن، همايون ۽ ان کان پوءِ ترخانن ۽ مغلن جي مسلسل انتشار ۽ ڪشاڪش ۾ برباد ٿي ويو ۽ شايد بچيل سچيل پس انداز وري نور محمد ڪلهوڙي جي ڪتبخاني سان گڏ نادر شاه ايران ڏانهن کڻي هليو ويو.
(4) ڪافي، ڪافيءَ جي نالي سان، شاه کان ٻه صديون اڳ ئي مشهور هئي. معلوم نه آهي ته شاه صاحب انهيءَ صنف تي وائيءَ جو نالو ڇو وڌو، ان جا اسباب تحقيق طلب آهن.
(5) سنڌي راڳ خواهه زبان ۾ ايتري ڪشش ۽ ميٺاج هو، جنهن برهانپور جهڙي وسطي هند جي دور افتاده ٽڪري ۾ انهن جي باشندن کي به ان سان مانوس ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪوبه تعلق براه راست سنڌ ۽ سنڌي زبان سان ڪونه هو ۽ نه ڪا آمدرفت هئي.
اسان کي سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي تحقيق ڪرڻ گهرجي: اهو قاعدو ڪليه آهي ته جنهن قوم کي زبان ڪانه آهي، اها قوم نه آهي، ۽ جنهن زبان کي تاريخ نه آهي، اُها زبان زبان نه آهي. اسان تي فرض آهي ته پنهنجي زبان ۽ ان جي ادب جو ذخيرو گڏ ڪريون، ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري صدين جو جيڪو گرد و غبار مٿس پئجي ويو آهي ان کي لاهي، صاف ڪري، تحقيق جا رستا کوليون.
جيڪڏهن اسان ڪوشش، تجسس ۽ تلاش شروع ڪئي، ته خود سنڌ جي سرزمين ئي ڪيترا اڻ لڀ امل ماڻڪ اسان جي جهوليءَ ۾ وجهندي.

[”نئين زندگي“، 3_ 1953ع]