لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ابوالبقا امير خان

روهڙيءَ جي سول ڪورٽ سان لڳولڳ، سکر واري ساڌ ٻيلي جي سامهون، درياه جي ڪناري تي هڪ ننڍيءَ ٽڪريءَ مٿان، خوبصورت قبرستان آهي. اوري پري کان ايندي ويندي ان جو نظارو، بيهڪ ۽ جوڙجڪ ايتري وڻندڙ ۽ دلڪش آهي، جو ماڻهو پهرن تائين بيهو رهي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسڻ ۾ محو ٿيو وڃي.
پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهو ”ستن جو ٿان“ آهي_ سَت واريون ست ڀينر اتي رهنديون هيون، جن سڄي عمر سَت نڀائي، اتي ئي راهه رباني ورتي. انهيءَ عمارت جي مٿئين ايوان تي ڪيئي قبرون آهن، انهن لاءِ پڇا ڪرڻ تي، مجاور سنڌ جي تاريخ جا ورق اٿلائيندي، سينه بسينه روايتون ٻڌائيندي، وڃي 31 سؤ ورهيه اڳ جي خونريز لڙاين تئين پهچندو، جيڪي عربن ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ اروڙ ۾ لڳيون هيون، ۽ پنهنجي تاريخي ڄاڻ تي اعتماد ڪندي ٻڌائيندو ته هتي ”بول قاسم“ شهيد دفن ٿيل آهي، جيڪو ”بن قاسم“ سان گڏجي عرب کان آيو هو، ۽ ارڙو ۾ راجا ڏاهر جي لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿيو.
اڻ پڙهيل، پوڙهي، ۽ پيڙهين کان انهيءَ قبرستان جي سيواداري مجاور اهي قصا دليؤن جوڙيا آهن، يا وڏن وٽان روايت به روايت هلندي، وٽس اچي پهتا آهن، تنهن لاءِ البت چئي نٿو سگهجي؛ باقي انهن قصن بيان ڪرڻ مان سندس مطلب هي هوندو ته جيئن ڏسندڙ مرعوب ٿي، فاتحه خواني ڪن، باسون باسين، من جي مرادن لاءِ دعائون گهرن، ۽ پوءِ هلندي وقت سندس هٿ تي ڪجهه نذر نياز رکي، پنهنجو دين ۽ مجاور جي دنيا به درست ڪيو وڃن.
حقيقت ۾ اهو نه ”ستين جو ٿان“ آهي، نه ”بل قاسم“ شهيد جو قبرستان. ٻيئي روايتون غلط، من گهڙت ۽ ڏند ڪٿا کان به وڌيڪ بي بنياد، ۽ بي حقيقت آهن.
انهيءَ عمارت جو نالو ”صفهء صفا“ آهي، ان جو ٺهرائيندڙ ۽ مالڪ اسان جي ممدوح مير ابوالبقا امير خان جو والد، مير ابوالقاسم نمڪين هو. انهيءَ پُر فضا ٽڪريءَ، شگفته ماحول ۽ حسين نظارن جي آغوش ۾ هن اها عمارت پنهنجي تفريح ۽ تسڪين لاءِ ٺهرائي هئي. جڏهن بکر جو گورنر هوندو هو ته گرمين جي چانڊوڪين راتين ۾ هو انهيءَ عمارت جي مٿئين ميدان تي شعر و سخن جون مجلسون منعقد ڪندو هو، دوستن احبابن کي گڏ ڪندو هو، اروڙ جا هنداڻا، روهڙيءَ جون کارڪون ۽ سکر جا انب کائيندو ۽ کين کارائيندو هو.
اها عمارت انهيءَ زماني ۾ پنهنجي مخصوص طرز تعمير، دلڪش پسگردائيءَ، مجلسن منعقد ٿيڻ ۽ شعر و سخن جي بزم آئين سبب هند ۽ سنڌ ۾ مشهور هئي. ”ماثر الامرا“ جو صاحب لکي ٿو ته ”چانڊوڪين راتين ۾ انهن جو نظارو وسرڻ جهڙو نه آهي.“
ابوالقاسم نمڪين، جڏهن 1018هه ۾ فوت ٿيو ته سندس لاش ڪابل کان آڻي. اُتي دفن ڪيو ويو. کانئس پوءِ سندس جيڪي عزيز و اقارب فوت ٿيا، سي به اتي رکيا ويا، ۽ هلندي هلندي، اهو انهيءَ گهراڻي جو خانداني قبرستان بڻجي ويو. چنانچ 1057هه ۾ جڏهن مير ابوالبقا امير خان فوت ٿيو، ته ان جو لاش به ٺٽي کان آڻي سندس پيءُ جي پاسي ۾ اتي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
مير ابوالبقا امير خان جي والد ابوالقاسم نمڪين جا وڏا اصل سبزوار جا رهاڪو هئا. سندس والد ملا ميز سبزواري اتان لڏي مشهد مقدس ۾ امام موسيٰ رضا جي درگاهه جو مجاور ٿيو. مير نمڪين مشهد مان هجرت ڪريپهرين ڪامل آيو، اتان اڪبر جي ابتدائي دؤر ۾ لڏي سنڌ اچي پهتو، ۽ هن ملڪ، يعني ”سند دلبند“، کي هميشه لاءِ وطن بڻائي هتي ويهي رهيو. مير نمڪين ايندي شرط اڪبري اميرن ۾ داخل ٿيو ۽ ٿوري وقت اندر پنهنجي تدبر، فهم فراست ۽ بهادريءَ سبب اڪبري منصداريءَ جي آخري منزل تي وڃي پهتو. بکر ۾ ٻه دفعا گورنر ٿي آيو ۽ 1017هه ۾ مرزا غازي ترخان سان گڏجي ڪابل ويو، جتي سندس انتقال ٿيو ۽ اتان لاش کڄي بکر پهتو، جتي پنهنجي ٺهرايل عمارت ”صفهء صفه“ ۾ دفن ٿيو.
هن ٽن بادشاهن (اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان) جو وقت ڏٺو، ۽ ٽنهي جي زماني ۾ هو مختلف اعليٰ عهدن ۾ ممتاز ملازمتن ۾ هو. هندستان جي ڪيترن صوبن تي گورنري ڪيائين، ڪيترن معرڪن ۾ مردانو ٿي ميدان کي منهن ڏنائين. جهانگير جي آخري دؤر ۾ ملتان ۾ نائب هو. ۽ شاهجهان جي تخت نشينيءَ بعد، جڏهن ٺٽي جو گورنر مرتضيٰ خان انجوءَ وفات ڪئي، تڏهن پهريون دفعو سنڌ جو گورنر ٿي آيو؛ ڪيترا سال رهيو ۽ سنڌ خواه ٺٽي جي دارالسلطنت کي خوب سنواريائين ۽ سينگاريائين. سندس پنهنجو وطن هو، پڻس جي به وصيت هئي ۽ اڳي پوءِ کيس به انهيءَ ملڪ ۾ ئي رهڻو هو؛ تنهنڪري ملڪ کي سرسبز، شاداب ۽ پنهنجي وطني ڀائرن جي خوشحاليءَ ۽ خورميءَ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏيائين. پهريون دفعو 1038هه ۾ حاڪم ٿي آيو، ڪجهه وقت رهي وري بدلي ٿي ويو ۽ هندستان خواهه دکن جي مختلف صوبن صوبه دار ٿيندي ٿيندي، ٻيهر وطن واپس آيو. پهرين سيوهڻ جو ناظم ٿيو ۽ 1052هه ۾ جڏهن ٺٽي جي گورنر نواب شاد خان انتقال ڪيو، تڏهن ٻيهر ٺٽي جي واڳ اچي ورتائين؛ جتي ڇهن سالن بعد، 1057هه ۾ سندس انتقال ٿيو.
پهرئين دفعي ٺٽي ۾ هن ”چوڪ ملڪ امان“ تي هڪ مسجد ٺهرائي، جيڪا 1039هه ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1040هه ۾ جڙي راس ٿي، ۽ پوئين دفعي 1054 ۾ ٺٽي جي مشهور عالم جامع مسجد جوڙائڻ شروع ڪيائين، جيڪا 1057 ۾ ٺهي پوري ٿي. پهرين مسجد، ”مسجد اميرخاني“ جي نالي سان اڄ به پنهنجي شڪسته حاليءُ تي، جامع مسجد جي اتر اولهه واريءَ ڪنڊ تي مرثيه خوان آهي، ۽ پوئين جامع مسجد، ”جامع شاهجهان“ سڏجي ٿي. انهيءَ جامع جي اوڀارينءَ دويوار سان اميرخاني محلو آهي، جيڪو مير صاحب پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ پاڻ آباد ڪيو هو. مسجد جي ڏاکڻي دروازي اڳيان جنهن ميدان مٿان هن وقت گند ۽ ڪچرو پيو آهي، ان وقت اتي ٺٽي جو گورنر جو قلعو هوندو هو، جنهن کي ”قلعهءِ حاڪم نشين“ چوندا هئا. اڄ جتي گڏهه ۽ گهوڙا لڏيون لاهن ٿا، ڪنهن وقت اتي سرڪاري محل ۽ ماڙيون هيون ۽ اتي ئي ٺٽي جو حاڪم، سنڌ ۽ سنڌ جي رهاڪن ۽ رعيت جي قسمتن جا فيصلا ڪندو هو، ”بهه ڦرندي ڀاڳ“ چوندا آهن، ڪڏهن ڇا هيو ۽ اڄ ڇا آهي!
ٺٽي جي گرد نواح ۾ مير صاحب هڪ خوبصورت شهر ”امير آباد“ جي نالي سان به آباد ڪيو هو، جيڪو ان وقت بٺوري، بهرام پور، درڪ ۽ پيلجن جي پرڳڻن جو صدر مقام هو. 1203هه تائين اهو شهر آباد هو؛ اڄ خبر نه آهي ته ان جو ڪو نالو به آهي يا نه.
ٺٽي جا امير خاني سادات انهيءَ مير ابوالبقا جو اولاد آهن. انهيءَ گهراڻي سنڌ تي پورا اڍائي سؤ ورهيه راڄ ڪيو. اڪبر جي دؤر کان ڪلهوڙن جي آخري ايامن تائين انهيءَ خاندان جا افراد نه فقط ملڪ داريءَ ۽ سياست ڪاريءَ جي ميدان ۾ انتهائي اوج ۽ اقبال منديءَ سان پنهنجا جهنڊا بلند ڪندا آيا، بلڪ ادب جي بزم آراين ۾ به سندن مٽ ثاني ڪونه هو.
ابو البقا کي جهانگير ’ميرخان‘ جو خطاب ڏنو هو، جنهن ۾ الف جو اضافو شاهجهان ڪري کيس ’امير خان‘ ڪيو. مير صاحب انهيءَ الف جي مناسبت سان هڪ لک روپيه بادشاهه جي حضور ۾ نذراني طور ڏنو. مير صاحب جي ڪارداني، فهم، فراست ۽ دانشمنديءَ جي سڀني مؤرخن تعريف ڪئي آهي. هنن لکيو آهي ته ”مغليه تاريخ ۾ اهو ئي هڪ عجيب و غريب امير هو، جنهن اهڙي ته عقلمنديءَ ۽ سلامت رويءَ سان وقت گذاريو، جو ٽنهي بادشاهن مان ڪنهن به هڪ کي ڪڏهن به سندس خلاف پيشانيءَ تي ڇڙو شڪ به نه پيو.“
مير صاحب جو وڏو پٽ مير عبدالڪريم(1) به پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر مغليه سرڪار ۾ امير ڪبير ٿيو، عالمگير جو خاص درٻاري ۽ پيشڪار هو، پيءُ وارو خطاب ’امير خان‘ حاصل ڪيائين، ۽ فرخ سير(2) جي زماني تائين مختلف سرڪاري عهدا ماڻيندو رهيو. مير صاحب جو ٻيو پٽ امير ابوالمڪارم(3) شهود پنهنجي دؤر جو عظيم الشان شاعر ۽ باعمل عالم هو. ”مثنوي پريخانهء سليمان“ ۽ ”سيف الملوڪ“ (فارسي نظم ۾) سندس ئي شاهڪار آهن. اُنهيءَ بزرگ جو هڪ پٽ مير امين الدين خان(4) ٺٽي جو گورنر هو. ۽ ساڳئي وقت ٻن وڏن ڪتابن جو به مصنف هو_ ”معلومات الافاق“ ۽ ”رشحات الفنون“، ٻيئي علومن ۽ معلومات جا انسائيڪلو پيڊيا آهن. سندس ٻيو پٽ مير رضي الدين خان فدائي(1) فارسيءَ جو شاعر هو. اهڙيءَ طرح مير امين الدين خان جو پٽ مير متين الدين خان(2) به سنڌ جي مختلف صوبن جو حاڪم ٿي رهيو ۽ فارسيءَ جو بهترين شاعر هو، ان جا ٻيئي ڀائر، مير محمد عطا(3) ۽ مير محمد گدا(4)، به فارسيءَ جا سخن سنج هئا، مير رضي الدين فدائي جو پٽ مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل(5) ڪلهوڙن جي دؤر جو عظيم شاعر هو؛ فارسي، اردو ۽ سنڌي شعر و سخن تي هڪجهڙي قدرت هيس، شعر ۾ ڏهه ديوان مرتب ڪيائين، ليڪن ڏهه ئي اڄ گم آهن. اهڙيءَ طرح مير ڪامل جا ٻيئي پٽ، مير حافظ الدين(6) ۽ مير معين الدين(7)، به پيءُ جهڙائي شعر وسخن ۾ ڪامل هئا. مير حفيظ الدين(8) سندس پوٽو ۽ مير حافظ الدين جو پٽ هو، اهو به پنهنجي دؤر ۾ سخن سنجيءَ جو استاد هو.
مير ابوالبقا امير خان پاڻ به فارسيءَ جو شاعر هو. سندس والد مير نمڪين شاعر هو يا نه، پر انشا جي هڪ بهترين ڪتاب ”منشئات نمڪين“ جو مصنف هو. مر ابوالبقا امير خان جو وڏو پٽ، امير عبدالڪريم اميرخان، صاحب ديوان شاعر ۽ ”رقائم ڪرائم“ نالي هڪ ڪتاب جو مصنف هو.”رقائم ڪرائم“ عالمگير جي انهن مڪتوبن جو مجموعو آهي، جيڪي هن امير عبدالڪريم ڏانهن لکيا؛ ابوالبقا اميرخان جو ننڍو ڀاءُ يوسف ميرڪ، شاهجهاني دؤر جو مؤرخ هو. سنڌ جي تاريخ تي هن ”مظهر شاهجهاني“ نالي ٻن جلدن ۾ اهو بيمثل ڪتاب لکيو، جيڪو قديم دستور مطابق فقط سلطاني تاريخ نه، بلڪ عوامي ۽ ملڪي تاريخ تي آهي. اهڙيءَ طرح ”دستور العمل“ نالي هڪ ڪتاب لکيائين، جيڪو انهيءَ دؤر جي ملڪي ڪاروبار ۾ نظم و نسق تي مڪمل دستاويز آهي.
انهيءَ گهراڻي سنڌ کي نه فقط تاريخ جا ڪتاب ڏنا، شعر و سخن جا مجموعا ڏنا، انشا ۽ علومن جا مستقل ذخيرا ڏنا، بلڪ ڪيتريون مسجدون ڏنائون، ڪيتريون عمارتون ڏنائون ۽ ڪيئي نوان شهر سنڌ کي آباد ڪري ڏنائون. اميرآباد جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون، انهيءَ هڪ شهر کان سواءِ ٻيا به ڪيترا شهر امير ابوالبقا سنڌ جي مختلف سرڪارن ۾ آباد ڪرايا. بکر ۾ هڪ جامع مسجد، هڪ عظيم الشان بازار ۽ روهڙيءَ ۾ هڪ جامع مسجد ۽ هڪ عيدگاهه انهيءَ گهراڻي ٺهرايون. ميرابوالقاسم نمڪين، جيئن روهڙيءَ ۾ ”صفهءِ صفا“ ٺهرايو تيئن سيوهڻ ۾ به ”صفهء وفا“ ٺهرايو هو.
الغرض انهيءَ گهراڻي ڏهين صديءَ هجريءَ جي آخر کان وٺي ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين، ڪم و بيش اڍائي سؤ ورهيه سانده، سنڌ جي ڇڙو ملڪي ڪاروبار ۾ حصو وٺي، سنڌ کي فائدو پهچايو، بلڪ تمدن، تهذيب ۽ ثقافتي ذخيري سان گڏ علمي ۽ ادبي خزاني جو به اڻ کٽ ورثو ڏيئي ڇڏيو.
انهيءَ خاندان جا ڪي بزرگ، يعني مير ابوالبقا اميرخان تائين، ”ستئين جي ٿان“ ۾ دفن آهن، ۽ امير عبدالڪريم اميرخان کان وٺي پوءِ جا مشاهير، مڪليءَ جي قبرستان ۾، ”اميرخاني رانڪ“ منجهه مدفون آهن. ڪن جو مٽيءَ پنوڙو سيوهڻ جي خاڪ ۾ مليل آهي.
ستين جي ٿان کي ته ”بل قاسم شهيد“ ۽ مائين ستين جي نالي، احترام، عقيدي ۽ کڻي چئجي ته برڪت، اڃا تائين زير و زبر ٿيڻ کان محفوظ رکيو آهي، ليڪن مڪليءَ وارن مقبرن جي حالت سخت زبون ٿي ويئي آهي. ڪوبه لوڙهه سلامت نه آهي ۽ ڪابه قبر بچيل ڪانه آهي. جن جو ٿورو گهڻو کڻي اڄ نشان پتو پوي ٿو، سي به سڀاڻي تائين زبون ٿي، هميشه هميشه لاءِ مٽجي ۽ ميسارجي وينديون. پوءِ ڪنهن کي به پتو ڪونه پوندو ته سنڌ جو صوبو ۽ ”معلومات الاقاق“ جو مصنف مير امين الدين ڪٿي دفن هو؛ سنڌ جي حاڪم ۽ شاعر مير متين الدين جي ڪهڙي قبر هئي؛ فارسيءَ جا ٻه نغزگو شاعر ميرمحمد عطا ۽ مير محمد گدا ڪهڙين قبرن ۾ ستل هئا؛ مير رضي الدين فدائيءَ جهڙي باڪمال سخن سنج جي آرامگاهه ڪٿي هئي؛ اورنگزيب عالمگير جي ساٿيءَ، سنگتيءَ ۽ خاص مصاحب امير عبدالڪريم امير خان جي رانڪ ڪهڙيءَ جاءِ تي هئي. رهي نالو ربّ جو. آخر سڀ فنا آهي. ليڪن اهڙو به شل ڪنهن سان ڪلور ڪونه ٿئي، جو سمورو ثقافتي ورثو، تمدني ۽ تهذيبي ذخيرو، ڏسندي ڏسندي قوم جي ڇڙو ڪاهليءَ ۽ عدم توجهيءَ سبب اسان جي سامهون رفتي رفتي مٽبو ۽ معدوم ٿيندو وڃي.

[”نئين زندگي،“10_1956ع]


________________________________________
(1) 1113هه کان پوءِ انتقال ڪيائين.
(2) زمانو 1124هه کان 1131هه تائين.
(3) وفات 1073هه ”بجنت خدا داد جا“ مان اهو سن نڪري ٿو. دفن جوار قلندر لعل شهباز سيوهڻ.
(4) وفات 1127هه ”داخل الجنات او“ مان اهو سن نڪري ٿو. دفن مڪلي.
(1) وفات 1120هه ”هي رضي الدين“ مان اهو سن نڪري ٿو، دفن مڪلي.
(2) وفات 1177هه ”منزل متين الدين جنت“ مان اهو سن نڪري ٿو، مدفن مڪلي.
(3) وفات 1187هه، مدفن مڪلي.
(4) وفات 1188هه کان پوءِ، مدفن مڪلي.
(5) وفات 1164هه، ”ان للمتقين جنت“ مان اهو سن نڪري ٿو.
(6) وفات جو سال معلوم نه آهي.
(7) وفات 1133هه، ان اڪر مڪم عند الله اتقڪم“ مان اهو سن نڪري ٿو.
(8) وفات 1188هه کان پوءِ.