حضرت مولانا دين محمد وفائي
اجل جي اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، پاڻ ۾ گڏ هئاسين. جنهن شام جو ملاقات ٿي ان جي صبح تي سکر وڃڻ جو ارادو هوس. ”يونين بڪ اسٽال“ جي دروازي تان موڪلايوسين. نه هن کي اهو معلوم ته وري ملڻ ممڪن نه ٿيندو، نه مون کي اها خبر ته ڀاڪر پائي موڪلائڻ، گويا عارضي جدائيءَ لاءِ نه بلڪ قيامت جي وڇوڙي لاءِ آهي.
جيتوڻيڪ دنيا درگذر آهي، ڪئين پيا اچن، ڪئين پيا وڃن، اهو سلسلو شروع کان ئي شروع آهي ۽ آخر تائين رهندو__ ڪنهن جو ڏک ڪري ڪنهن جو ڪبو__ پر مولانا جو اسان کان جدا ٿيڻ اهڙو معمولي ۽ اهڙو عام نه آهي جنهن جو ڏک جلد مٽبو، جنهن جو سور سهنج سان ويندو يا جنهن جو داغ دائما نه رهندو.
____ ____ ____
مولانا جي عمر، انتقال وقت اٽڪل 59 ورهيه هئي. مينديءَ رتل سونهاري، اکيون روشن، پيشاني ڪشادي، نڪ جو نقشو سهڻو، منهن جي تختي نه ڊگهي نه گول، بلڪ درمياني بيضوي، رنگ کليل ڪڻڪ ونون، قد متوسط، هاٺي ۽ هڏ ڪاٺ بلڪل مضبوط، پوشاڪ سادي پائيندو هو، مٿي تي پٽڪو، ڪڏهن ترڪي ٽوپي، بدن تي قميض، هلڪي سٿڻ ۽ انگريزي وضع جو شارٽ ڪوٽ، ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي درزيءَ جي سبيل شيرواني به پهريندو هو. ڪنهن وقت مٿي تي سلڪ جو پٽڪو به پائيندو هو، جنهن کي ترو به ڇڏيندو هو. هوءَ سندس عام وضع، ۽ هي پوشاڪ هوندي هئي. پويون ويس گهڻو ڪري سرديءَ جي سمي ۾ پهريندو هو، هٿ ۾ هميشه بيد جو وچٿرو لڪڻ کڻندو هو.
گهر کان انهيءَ ٺاٺ سان نڪرندو، خرامان خرامان، ڪڏهن الوحيد، ڪڏهن شيخ صاحب قبله جو گهر ۽ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي غريب خاني تي به عنايت ڪندو رهيو. ڪتابن جي دڪانن تي به کيس عام طرح ڪنهن ڪتاب جي مطالعي ۾ مصروف ڏٺو ويندو هو. مدرسه مظهرالعلوم به سندس آمدرفت جو مرڪز هو.
ڪو ماڻهو ملندس، کلي، ٽهڪ ڏيئي، سينو کولي، کيس ڳراٽي پائيندو هو. تعلقات وسيع، ڪنهن سان اختلاف نه ڪيائين. هميشه دوستي، سڀ سان محبت ۽ سڀڪنهن سان اُنس رکندو هو. ڪڏهن کڻي ڪنهن تي ڪاوڙيو تڏهن به وات مان ويڻ نه ڪڍندو، ڏکيو لفظ ڪنهن کي نه چوندو، پيشانيءَ تي هلڪو گهنڊ پوندس، ليڪن منهن تي مُشڪ هونديس. ”بيوقوف يا احمق“ جو لفظ نڪتو ته گويا وڏو وس ٿيو، بس ڪاوڙ ختم، غصو ويو، وري هڪدم ٽهڪ ڏيئي ڳالهه آئي وئي ڪري ڇڏيندو.
نبي آباد جو ڳوٺڙو، ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ آهي، مولانا اُتي ڄائو، تعليم ڪٿي ۽ ڪهڙي ورتائين ان جو پتو نه آهي. ليڪن علم جو اڪابر هو؛ فارسي، عربي، اُردو ۽ سنڌي زبانون سندس ٻانهن ٻڌيون ٻانهيون هيون. زندگي اڪثر سکر ۾، ۽ گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ گذاريائين.
هوش سنڀالڻ شرط، قلم هٿ ۾ کنيائين، ڪڏهن اخبار لکيائين، ڪڏهن رسالو ڪڍيائين ۽ ڪڏهن ڪو ڪتاب تصنيف ڪيائين. تاريخ جو سنڌ ۾ امام هو. حافظو پڇاڙيءَ تائين غضب جو هيس. سنڌ جي تاريخ بر زبان، مشاهيرن جون حياتيون ياد، انهن جي تولد ۽ وفات جي تاريخن تائين به ياد ٻڌائيندو هو. سنڌ ۾ اهل حديث جو پهريون علمبردار هو. 30_35 سال حديث جي خدمت ڪيائين.
خلافت جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ اسلامي سياست جو عاشق زار، ڪابه اسلامي تحريڪ شروع ٿي ته مولانا متانت ۽ سنجيدگيءَ سان ان ۾ شامل ٿيندو ۽ پڇاڙي تائين ان جو ساٿ ڏيندو هو.
خلافت جي زماني ۾ ”الوحيد“ نڪتي ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ٻاويهن سالن تائين ان جي ادارت جا فرض نباهيندو رهيو. 30 سالن کان ماهوار رسالو ”توحيد“ ڪڍندو رهيو، جنهن ۾ مذهبي، علمي، تاريخي، اصلاحي ۽ معاشرتي مضمون شايع ٿيندا رهيا. ابتدائي زماني ۾، غالباً 1916ع جي ڳالهه آهي، ته پير عبدالغفور شاه سان گڏجي ”الڪاشف“ نالي سان هڪ علمي ۽ تاريخي رسالو ڪڍيائين_ اهو غالباً سنڌ جو پهريون ئي رسالو هو جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن تي معياري مضمون شايع ٿيا. 1962ع ڌاري ”الحزب“ نالي نهايت خوبصورت هفتيوار اخبار ڪڍيائين_ ان ۾ جيڪي سندس تاريخي ۽ علمي مضمون شايع ٿيا، سي اڄ تائين ماڻهن کي ياد آهن. انهن کان سواءِ هن نصف صديءَ اندر سنڌ ۾ جيڪي به روزانه، هفتيوار يا ماهنامه نڪتا تن سڀني کي مولانا پنهنجن مضمونن سان مزين ڪندو رهيو.
____ ____ ____
مولانا تقريباً 50_60 تصنيفون به ڇڏيون. مذهب، تاريخ ۽ سوانح_ اهي ٽي ميدان هئا جن ۾ هن جي قلم جي جولاني رهي. صحيح بخاري جو ترجمو ”الهام باري“ جي نالي سان 5 جلدن ۾ ڪيائين ۽ چئن يارن جي سوانح نهايت دلنشين پيرايه ۾ قلمبند ڪيائين. ”ياد جانان“ نالي ميان جان محمد جوڻيجي جي حياتي لکيائين، جنهن ۾ ان دﺆر جي سياسي تاريخ به بيان ٿيل آهي. نالا ياد نٿا پون ليڪن ڪئين ڪتاب لکيائين.
هن پوئين زماني ۾ به ڪتابن لکڻ جو وڏو پروگرام سندس سامهون هو. سنڌ جي مشاهيرن جا حالات لکي رهيو هو، خبر نه آهي ته ڪيستائين اهو ڪتاب مڪمل ڪيائين. شاهه عبداللطيف عليه الرحمته جي سوانح خاص ڪاوش ۽ قرينه سان لکي هئائين، جيڪا ڇپجي رهي هئي ۽ ان جو آخري پروف جنهن ڏينهن موت سان ملاقي ٿيڻ سکر اُسهيو ٿي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڏٺو هئائين. غالباً اڃا سندس مزار جو لوڙه به نه سُڪو ته سندس اهو علمي ڪارنامو نڪري نروار ٿيو.
خوش قسمتيءَ سان اُنهن 15_20 ڏينهن اندر مون کي ساڻس ملڻ جو ڪئين دفعا اتفاق ٿيو. هونءَ ته ڪڏهن ڪڏهن مهينا به لنگهي ويندا هئا ته ملڻ جو موقعو ڪونه ملندو هو. ليڪن هنن چند ڏينهن ۾ ڪڏهن ڄاڻي واڻي ۽ ڪڏهن اتفاقي، جلد از جلد ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون.
28_ مارچ جو الوحيد ۾ ويس، اڃا در کان منهن ڪڍيم ته مولانا ڏسي ٽهڪ ڏنو. دين محمد عليگ جي قريب ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو، اُٿي ڳراٽي پاتائين، حال احوال پڇيائين، ڪتابن جون ڳالهيون نڪتيون. ڪجهه هن ڪيون، ڪجهه مان ڪيون، ڪلاڪ ٻن کان پوءِ کانئس موڪلائي هليو آيس.
____ ____ _____
2_ اپريل جو 11 بجي ڌاري، شيخ صاحب، دين محمد عليگ ۽ پاڻ مون وٽ آيا، ڪتبخاني ۾ ويٺا رهياسين، پهريون سنڌ جي تاريخ لکڻ تي بحث ٿيو. مهراڻ پبلشنگ هائوس ۽ نون ڪتابن لکڻ تي گفتگو ٿي، سنڌ جي ضرب المثلن ۽ محاورن گڏ ڪرڻ جي تجويز ٿي ۽ ديهاتي ڏوهيڙن ۽ گيتن کي گڏ ڪري ڇپائڻ جي اسڪيم به تيار ٿي. الغرض 11 بجي صبح کان 5 بجي شام تائين انهيءَ قسم جي گفتگو هلندي رهي. انهيءَ ڏينهن هڪٻئي سان چرچو مذاق به خوب ڪيوسين. خدا مون کي بخشي ۽ هُن تي به رحمت ڪري.
4_ اپريل جي صبح جو مولانا مون وٽ آيو_ اهو ئي آمد جو دلنشين انداز، ترڪي ٽوپي، ننڍو ڪوٽ، هٿ ۾ لڪڻ، خرامان خرامان اچي ڪتبخاني جي هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويٺو. لڪڻ پاسي ۾ رکيائين، ترڪي ٽوپي لاهي ٻيءَ ڪرسيءَ تي رکيائين، کيسي مان پَن جي ٻيڙي ڪڍي، مون کان ماچس وٺي دکايائين، هڪ سوٽو هڻي چيائين ”الهام باري“ ڏي. مان ڇوڪري کي ڪتاب ڳولهڻ لاءِ موڪليو. پاڻ تيسين ٻيا ڪتاب ڏسڻ لڳو. ڪٻاٽ مان مرزا حيرت جو لکيل ”چراغ دهلي“ ڪڍرايائين، ان کي ڪن ڪن جاين تان نظر مان ڪڍيائين. ”الهام باري“ آيو، کڻي روانو ٿي ويو.
”چراغ دهلي“ جتي رکيو ويو اتي ئي رکيو هو ته چوٿين ڏينهن شام جو سندس انتقال جي خبر پيئي. رات جو ڪتبخاني ۾ گهڙيس، پهريون ئي نظر ”چرغ دهلي“ تي پيئي، اکين مان ڳوڙها وهي ويا. اڃا 7_8 ڏينهن ٿيا ته مولانا ان کي پڙهي رکي ويو آهي، جتي رکي ويو آهو اتي ئي پيو آهي، پر پاڻ پنهنجي جاءِ تي ٺهي ئي ڪونه.
____ _____ _____
8_ اپريل تي اسان جي آخري ملاقات ٿي. ساڍي 5 بجي شيخ صاحب جي جاءِ تي، ”مهراڻ پبلشنگ هائوس“ واري ڪمري ۾ ويس. شيخ صاحب ننڍيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، ان جي سامهون شيخ ساز علي موجود آهي، مولانا ڪنڊ ۾ پيل آرام ڪرسيءَ تي پلٿي ماريو ويٺو هو، لڪڻ پاسي ۾، ترڪي ٽوپي ٻيءَ ڪرسيءَ تي پيئي آهي، پاڻ ”الهام باري“ جي هڪ جلد کي پڙهندو به وڃي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي تصحيح به ڪندو وڃي پيو.
مان ڪرسي سوري سندس پاسي ۾ ويٺس، ايتري ۾ عثمان علي انصاري ۽ دين محمد عليگ به اچي ويا، ٿوري وقت بعد مولانا غلام مصطفي ۽ ڊاڪٽر شيخ نور محمد جن به آيا، گهڻو وقت گفتگو شاهه جي رسالي جي طباعت تي ٿي، مسلمانن جي ان وقت جي اخلاقي زوال ۽ ذهني پستيءَ تي به ڪلاڪ کن روئڻو رنو ويو، مولانا بحث ۾ منهنجو پاسو ٿي ورتو. شيخ صاحب وچ ۾ بحث کي ختم ڪرڻ جي گهڻي حد تائين ڪوشش ٿي ڪئي. دين محمد عليگ سامهين ڪنڊ ۾ ننڍيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو ڇڙو کلي رهيو هو. عثمان علي انصاري ۽ شيخ نور محمد ڪڏهن نرم ۽ ڪڏهن گرم گفتگو ٿي ڪئي.
مولانا ٻئي ڏينهن پنهنجي بيگم کي سکر وٺي وڃڻ لاءِ تيار هو، دين محمد عليگ ۽ شيخ صاحب کيس روڪيو ته صبح جو نه وڃو، آخر سندس وڃڻ جو وقت ٻئي ڏينهن تي مقرر ٿيو.
مان کيس چيو ته مولانا ”حديقـﺔ الاوليا“ مون کي ڏيئي وڃو ته نقل ڪرائي وٺان. چيائين ته دير ٿي ويئي آهي، ڪتاب جا منتشر اجزا آهن هاڻي لڀي نه سگهندا، هفتي بعد موٽي اچي ڏيندس. مان محض مذاق ۾ کيس چيو ته مولانا موت ۽ ملاقات جو وقت ئي ڪونه آهي، معلوم نه آهي ته تون مرين يا مان مري وڃان، تنهنڪري ڪتاب هاڻي ڏيئي وڃ. ”الهام باري“ ڏي اشارو ڪري چيائين ته اسان اڃا ڪونه مرنداسين. ڪيترو علمي ۽ مذهبي ڪم ڪرڻو آهي. ”الهام باري“ جي تصحيح ڪرڻي آهي. مولانا عبيدالله رحه جي تفسير جو سنڌي ترجمو ڪرڻو آهي ۽ شاهه جو رسالو نئين سر مرتب ڪرڻو آهي، سنڌ جي مشاهيرن وارو ڪتاب به اڃا پورو نه ٿيو آهي، تنهنڪري اطمينان رک جلد ڪونه مربو، هفتي بعد اچي ڪتاب ڏيندس.
____ ____ ____
سانجهي ٿي، مولانا نماز پڙهي، مان کيس چيو هل ته هلي قاضي اختر ميان جوناگڙهيءَ سان ملون، اُتان موڪلائي ٻئي گڏجي نڪتاسين، مولوي غلام مصطفى به ساڻ ٿيو. بندر روڊ تي ”يونين بڪ اسٽال“ وٽ پهچي اختر ميان جي جاچ ڪئي سين، معلوم ٿيو ته ڪونه آهي. فوٽ پاٿ تان موڪلايوسين، مان گهر هليو آيس، ۽ مولانا، غلام مصطفى سان گڏجي، گهر طرف روانو ٿيو. وقت تقريباً اٺين بجي جو هو. بس اها آخري ملاقات هئي.
____ ____ ____
9 تاريخ مولانا ڪراچيءَ ۾ هو. 10 تاريخ صبح جو اهليه سميت سکر روانو ٿي ويو. 7 بجي شام جو اُتي پهتو ۽ 5 ڪلاڪن بعد 11 بجي ڌاري انتقال ڪري ويو. ڪراچيءَ موٽي اچڻ جو سندن ارادو قائم رهيو، مون سان جيڪو ”حديقـﺔ الاولياء“ ڏيڻ جو وعدو ڪيو هئائين سوئي وفا ڪري نه سگهيو.
پنچهه اُط گيا ليکن ڊال ابهه تک جهوم رهه هـﻶ.
____ ____ ____
11_ تاريخ شام جو شيخ صاحب وٽ ويس. اکين ۾ آب آڻي ٻڌايائين ته مولانا رات انتقال ڪري ويو. يقين نٿي آيم. ليڪن مختلف پيراين ۾ پڇڻ کان پوءِ آخر پڪ ٿي.
چار ڏينهن اڳ شام جو جنهن ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺو هو، اها اڃا انهيءَ ئي انداز ۾ پئي هئي. پاسي ۾ جنهن ڪرسيءَ تي ترڪي ٽوپي رکي هئائين، اها به اڃا اُتي ئي رکي هئي. پَن جون ٻيڙيون ڇِڪي جيڪا خاڪ اُڇلائي هئائين، اُها به هوا اُتان اُڏاري نه سگهي هئي. ڪي اڌڙ 15 نمبر ٻيڙين جا اڃا اُتي ئي منتشر پيا هئا. سڄي ڪمري کي ڏٺم، سڀ شيون ساڳيءَ ريت پيون هيون، ليڪن نه ”الهام باري“ اُتي هو ۽ نه ان جو مصنف مون کي نظر آيو. افسوس!
هنڌ اُهي ئي ماڳ، پر جت نه پسان جوءِ ۾.
____ ____ ____
دين محمد عليگ مليو، چيومانس ته تون ڪنهن وزير کي چئو ته اڌ ڏينهن سنڌ جون آفيسون مولانا جي اعزاز ۾ بند ڪرائين.
ٿڌو ساهه کڻي چيائين ڀاءُ! مان ڪنهن کي چوان! ۽ جي چوان به کڻي ته دين محمد وفائيءَ لاءِ ڪنهن کي پئي آهي جو آفيسون بند ڪندو. هو نه ليڊر هو، نه اسيمبليءَ جو ميمبر، نه وزير هو، ۽ نه امير.
منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو، دل ۾ خيال ڪيم ته واقعي سچ ٿو چوي، مولانا دين محمد وفائي رڳو عالم هو. فقط الوحيد اخبار جو 22 سال ايڊيٽر رهيو. هن محض سنڌ جي تاريخ پڙهي ۽ سنڌين کي پنجاهه ورهين تائين ان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. مذهب جي خدمت ڪيائين ۽ هن ديس جي ادب جي خدمت ڪئي. نه ورهيه، نه ٻه ورهيه، پر پورا پنجاهه سال. اهي خدمتون ڀلا ان لائق ڪٿي جو سنڌ جا ڪلارڪ سوڳ ڪن.
اسپ تازي شد مجروح بزير پالان
طوق زرين همـﮧ در گردن خرمي بينم
[”يادگار وفائي“، مرتب: علي نواز وفائي، تان ورتل.]