لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

ھي ڪتاب ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ جاگرافي ، ٻئي ڀاڱي ۾ تاريخ، ٽئين ڀاڱي ۾ سوانح، چوٿين ڀاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد، پنجين ڀاڱي ۾ ڪتابيات ۽ ڇھين ڀاڱي ۾ متفرق مضمون شامل ڪيا ويا آھن. پيرصاحب جي هيءَ عالمانہ تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو تہ آهي ئي، پر سنڌ جي تاريخي ورثي جي املھہ دريافت ۽ اُن جو هڪ بي بھا مخزن، جنھن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال اُن ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نہ، تہ بہ اُن جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون_ عربن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين جي ڏينھنِ جون نھايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالھيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. 

Title Cover of book ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون

سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب

سنڌي زبان جي ادبي سرمايي جي تلاش ڪندي مون کي ضرورت محسوس ٿي ته آءُ انگريزن جي آمد کان (1843ع) وٺي 1900ع تائين، جيڪي ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکرايا ويا آهن ۽ ڇپايا ويا آهن، انهن جي فهرست مرتب ڪريان، تاڪ معلوم ٿئي ته انگريزن اسان جي ادب ۽ زبان سان ڪهڙا ڀال ڀلايا.
مون وٽ به قديم ڇاپي ڪتابن جو ڪجهه ذخيرو موجود آهي، چنانچه ان کي سامهون رکي، برٽش ميوزم ۽ انڊيا آفيس جي ڪيٽلاگن مان به مدد وٺي، هڪ فهرست مرتب ڪئي اٿم، جيڪا هن هيٺ سنڌي ادب جي دوستن لاءِ ڏيان ٿو، تاڪ انهيءَ ڏس ۾ جيڪڏهن ڪو صاحب ڪم ڪري ته ان جي سامهون رهي ۽ وقت سر ان کي ڪتب آڻين.
فهرست نامڪمل آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ان کي مڪمل ڪيو وڃي. 1830ع کان 1900ع تائين جو زمانو سنڌي زبان ۽ ادب جي تاريخ جو اهم دﺆر آهي، جيڪڏهن انهيءَ زماني جي مطبوعه ذخيري جي فهرست مڪمل ڪئيسون ته اها اسان کي ادبي تاريخ مرتب ڪرڻ وقت سنگ_ميل جو ڪم ڏيئي سگهي ٿي، ۽ اسان معلوم ڪري سگهنداسي ته:
(1) انهيءَ مُنيءَ صديءَ ۾ اسان جا ڪهڙا مصنف ۽ مترجم پيدا ٿيا.
(2) انهن جي نظم ۽ نثر جو ڇا انداز هو.
(3) انهن سنڌي زبان ۾ ڪيترو سرمايو ڪٺو ڪيو، ۽ بيروني زبانن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ترجما ڪيا ويا.
(4) سنڌي زبان خواهه خط ڪهڙا روپ بدلايا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ان ۾ رنگ آميزيون ٿيون.
(5) انگريزن ڪهڙو نصاب، تعليم لاءِ مرتب ڪرايو، ۽ ان ۾ پنهنجي سياسي مقصدن کي سامهون رکي، ڪهڙي رمز رکي ڇڏيائون.
(6) سنڌي طباعت ۽ پريس جي تاريخ تي پڻ انهيءَ فهرست مان روشني پئجي سگهي ٿي. مثلاً، هن مان انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيون ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون:
(الف) سنڌ ۾ پهريون ڇاپخانو ڪٿي ۽ ڪڏهن قائم ٿيو، ان جو صحيح پتو ڪونه آهي. هن فهرست مان معلوم ٿئي ٿو ته ”چٽ جي پار“ نالي ڪتاب 1853ع ۾، ڪراچيءَ جي ليٿو پريس مان شايع ٿيو، گويا انگريزن جي اچڻ بعد ڏهن سالن اندر سنڌ ۾ پريس قائم ٿي ويئي.
(ب) ڪوٽڙيءَ ۾ ليٿو پريس 1857ع کان اڳ يا ان سال ۾ قائم ٿي، اُنهيءَ سال ڪوٽڙي پريس مان منشي اُڌارام جو لکيل سنڌي گرامر شايع ٿيو.
(ج) حيدرآباد ۾ 1865ع ۾ يا ان کان اڳ پريس قائم ٿي، ڪتاب ”ڳالهين جي سوکڙي“ انهيءَ سال شايع ٿيو.
(د) سکر ۾ ليٿو پريس 1886ع ۾ يا ان کان اڳ قائم ٿي، ۽ ان پريس مان ”گلدستهء حڪمت“ نالي ڪتاب انهيءَ سال ڇپيو. غالباً اها پريس هريسنگ قائم ڪئي.
سنڌي ٽائيپ ڪڏهن ٺهي، انهيءَ سلسلي ۾ به هن فهرست مان ڪجهه اندازو ڪري سگهجي ٿو. مثلاً لنڊن ۾ ٽرمپ صاحب ”سنڌي ريڊنگ بوڪ“، 1858ع ۾، ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو. 1863ع ۾ لنڊن مان ”سسئي پنهونءَ“ جو قصو ٽائيپ ۾ ڇپيو؛ جرمنيءَ جي ليزگ شهر مان 1866ع ۾ ٽرمپ صاحب ”شاهه جو رسالو“ ٽائيپ ۾ شايع ڪرايو.
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي علم دوستن کي سنڌ مان نڪرندڙ قديم سنڌي، فارسي ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن جي به فهرست مرتب ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي صحافت جي تاريخ انهيءَ لسٽ جي آڌار تي مرتب ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ قسم جون فهرستون، ادبي تاريخ لکڻ وقت، اسان جي گهڻي قدر مدد ڪري سگهن ٿيون.

آرٽ ۽ سائنس
(1) ”چٽ جي پار“، صفحا 35. هي ڪتاب ”اصل نقاشي“، تصنيف سدا سک لالا جو سنڌي ترجمو آهي؛ ليٿو، ڪراچي، 1852ع؛ مترجم_ خان داس ۽ منشي ننديرام.
(2) ”اڪاسي نروار“، صفحا 61، ترجمو_ ”خلاصه نظام شمسي“، تصنيف محمد شاهه؛ واسي ڌارا ليٿو، ڪراچي، 1856ع.
(3) ”سکائتو نروار“، صفحا 94، ترجمو_ ”شرح التعليم“، جرنجي لال؛ مترجم_ ننديرام؛ ليٿو، ڪراچي، 1860ع.
(4) ”سنساري نروار“، صفحا 207، ترجمو_ ”حقائق الموجودات“؛ مترجم_ ننديرام؛ ليٿو، ڪراچي، 1861ع.

سوانح
(5) ”ڪلمبس جي تاريخ“، صفحا 48، ڪوڙومل چندن مل، ليٿو ڪراچي، 1862ع.
(6) ”بيان حضرت امام حسين جو“، صفحا 374، خوجا سنڌي خط ۾، ليٿو بمبئي 1884ع.
(7) ”جنم ساکي اڏيري لعل صاحب جي“، صفحا 58، سخاوتراءِ، ليٿو ڪراچي 1890ع.

تاريخ
(8) ”هندستان جي تاريخ“، صفحا 177، ”تاريخ هند“ مصنفه پرساد جو سنڌي ترجمو، مترجم غلام علي، ليٿو ڪراچي 1854ع.
(9) ”سنڌ جي تواريخ“ صفحا 368، مير معصوم جي فارسي تاريخ جو ترجمو، ننديرام، ليٿو ڪراچي 1861ع.
(10) ”منتخب تاريخ انگلستان“، صفحا 116، انگريزيءَ تان ترجمو، واڌومل چنديرام، ليٿو ڪراچي 1862ع.
(11) ”سنڌ جو نروار“، صفحا 110، راءِ صاحب نرائن جگوناٿ، ليٿو ڪراچي 1865ع.
(12) ”هندستان جي مختصر تاريخ“، صفحا 108، پرتيمداس، حشمتراءِ ۽ قسمتراءِ، ليٿو ڪراچي 1879ع. هيءُ ڪتاب جو چوٿون ايڊيشن آهي.
(13) ”هندستان جي مختصر تاريخ“، صفحا 64، جهامراءِ منگهومل، ليٿو ڪراچي 1380ع. (هن جو ٻيو ايڊيشن ساڳيءَ پريس ۾ 1881ع ۾ شايع ٿيو.)
(14) ”سنڌ جي مختصر تاريخ“، صفحا 48، آلومل ٽيڪمداس، ليٿو ڪراچي 1880ع. (هي ٽيون ايڊيشن آهي، سنڌي خوجا خط ۾ ڇپي آهي، ستون ايڊيشن ساڳيءَ پريس ۾ 30 صفحن تي، 1881ع ۾ ڇپيو.)

ادب (نظم)
(15) ”شاهه جو رسالو“، صفحا 739، E. Trump لپزگ 1866ع. (هي رسالو ٽائيپ ۾ شايع ٿيو.)
(16) ”ديوان گل“، صفحا 88، ليٿو بمبئي 1875ع. ديباچي ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي لفظن تي ريمارڪ به ڏنل آهن. هيءُ ديوان گل محمد مرحوم پاڻ بمبئيءَ ۾ وڃي ڇپايو هو.
(17) ”ديوان قاسم“، صفحا 87، محمد قاسم ابن نعمت الله، ليٿو ڪراچي 1878ع.
(18) “سنڌي ڪافين جو ترجمو“، صفحا 47، Thomas Hart Davis _ بمبئي 1881ع، سنڌي ڪافين جو هي پهريون انگريزي ترجمو آهي.
(19) ”ميزان الشعر“، صفحا 124، فاضل شاهه ابن حيدر شاهه، ليٿو 1882ع. (سنڌيءَ ۾ هيءَ پهريون عروض تي ڪتاب آهي.)
(20) ”ڪافين جو ڪتاب“، صفحا 173، فاضل شاهه ابن حيدر شاهه، ليٿو ڪراچي 1883ع. (سنڌي زبان ۾ هي پهريون تذڪرو ۽ انتخاب آهي).
(21) ”منتخب شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو“، صفحا 143، منتخبه قاضي احمد اَگوني، ٻيو ايڊيشن ليٿو ڪراچي 1883ع.
(22) ”ديوان شاهه عبدالطيف“، (حياتي، مذهب ۽ رسالو)، ليٿو ڪراچي 1890ع. ليلا رام وطن مل، ٻن جلدن ۾، مرتب ڪيو.

آکاڻيون نثر
(23) ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جي“، صفحا 108، ڪيولرام، ليٿو حيدرآباد 1865ع.
(24) ”ڳالهه دودي چنيسر جي“، صفحا 56، اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1871ع.
آکاڻيون نظم
(25) ”قصو سسئي ۽ ڄام پنهونءَ جو“، صفحا 73، سر ايف_جي گولڊسمٿ، لنڊن 1863ع. (انگريزي ترجمي سميت_ سنڌي ٽائيپ ۾.)
(26) ”قصو سسئي پنهونءَ جو“، صفحا 49، ليٿو ڪراچي 1867ع.
(27) ”قصو ڪامسين ۽ ڪامروپ“، صفحا 127، اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1881ع. (ٻيو ايڊيشن، خوجه سنڌي خط.)
(28) ”راسيلاس“، اڌارام ٿانور داس، (انگريزيءَ مان ترجمو،) ليٿو ڪراچي 1883ع.
(29) ”قصو ڪوئنرو چنيسر جو“، صفحا 86، موريو فقير، ليٿو ڪراچي 1883ع.
(30) ”قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو“، صفحا 87، بهار ٻٻر ۽ عبدالرحمان ابن محمد ’وفا‘ عباسي. (ٽيون ايڊيشن 1884ع ۽ چوٿون ايڊيشن 1890ع ۾ شايع ٿيو.)
(31) ”قصو هير رانجهي جو“، صفحا 49، حيدر شاه حيدرآبادي، ٻيو ايڊيشن ڪراچي 1885ع.
(32) ”قصو جمجمه جو“، سنڌي ترجمو، صفحا 100، ليٿو پريس بمبئي 1890ع.
(33) ”ايسپ جون آکاڻيون“، اڌارام ٿانور داس، (انگريزيءَ مان ترجمو،) ڪراچي 1892ع.

قصا ديسي زبانن مان ترجما
(34) ”ڀمڀي زميندار جي ڳالهه“، صفحا 24، غلام حسين، ٻيو ايڊيشن، ڪراچي 1854ع. (”ڌرم سنگهه زميندار جي هندستاني قصي“ جو ترجمو).
(35) ”سُڌاتوري ۽ ڪُڌاري جي ڳالهه“، ميران محمد شاه، ڪراچي 1855ع. (”قصهء ڪبودي ۽ سبودي“ نالي، ڪرشنا دتا جي هنديءَ ۾ لکيل آکاڻيءَ جو ترجمو).
(36) ”مفيدالصبيان“، صفحا 68، ميران محمد شاه، ليٿو ڪراچي 1861ع. (”منتخبات هندي“ جوڙيل جون شيڪسپير جو سنڌي ترجمو).
(37) ”سنڌي طوطي نامه“، صفحا 76، اڏارام ٿانورداس، ليٿو ڪراچي 1862ع. (”طوطي نامه“ جو ترجمو.)
(38) ”قصو راءِ ڏياج جو“، صفحا 53، ٻيو ايڊيشن ”ورنيوڪلر لٽريچر سوسائٽيءَ“ جي نظرداريءَ هيٺ شايع ٿيل. پهريون ايڊيشن اڌارام ٿانور داس جو لکيل هو. هيءُ ايڊيشن آخوند عبدالرحيم عباسيءَ، نظرثانيءَ بعد، تيار ڪيو.
(39) ”قصو دل جي وندر يا ڀُل چُڪ“، صفحا 44، ڄيٺانند کلڻداس، ليٿو لاهور 1887ع. (هندستانيءَ مان ترجمو.)
(40) ”طوطي نامه سنڌي“، صفحا 123، گل محمد خان ۽ حبيب الله، ليٿو لاهور 1890ع. (حيدر بخش جي ”طوطا ڪهانيءَ“ جو سنڌي ترجمو.)

طب
(41) ”پڌر نامون“، صفحا 35، ننديرام ۽ اننتا چندروبا، ليٿو ڪراچي 1860ع.
(42) ”تحفـﺔ المجربات“، صفحا 224، ليٿو بمبئي 1876ع؛ (C. F. Collier جي انگريزي ڪتاب جو ترجمو. نانگن ۽ نانگن جي زهر ۽ ڏنگ، ۽ انهن جي علاج جي بيان ۾.)
(43) ”گلدستهء حڪمت، يا علاج المساڪين“، سنڌي طب، صفحا 164، مرتب محمد بچل ۽ هريسنگهه ڊينگومل، ليٿو سکر 1886ع.

مذهب، (اسلامي)
(44) ”حڪايات الصالحين“، صفحا 58، نظم، ولي محمد، ليٿو ڪراچي 1851ع. پبلشر ارد شير رستمجي. Advertiser Press, Karachi
(45) ”حڪايات الصالحين“، صفحا 578، ولي محمد مطبع حيدري، بمبئي 1870ع.
(46) ”زاد الفقير“، ۽ (47) ”راحت المومنين“، محمد هاشم ٺٽوي، هي ٻيئي ڪتاب گڏ ڇپيل آهن؛ ڇاپخانه محمدي، قاضي نور محمد، بمبئي 1870ع.
(48) ”مطلوب المومنين“، مخدوم عبدالخالق.
(49) ”صحيفـﺔ الڪامله“، صفحا 194، ”عبادات“ جو سنڌي ترجمو، بمبئي 1877ع.
(50) ”قرآن مجيد“، ترجمو سنڌي_ متن؛ ترجمو، حاشيا، عزيزالله متعلوي، صفحا 800، ليٿو بمبئي 1877ع.
(51) ”دلائل خيرات“، ترجمو سنڌي_ محمد ابن سليمان، صفحا 288، ليٿو بمبئي 1877ع.
(52) ”ڪنزالعبرت“.
(53) ”مجموعه سه حرفي“، سيد هارون ۽ ميان عبدالله.
(54) ”ليليٰ مجنون“.
(55) ”رسالو شاه لطيف“.
(56) ”مجموعه مدحيات برزبان سنڌي“
(57) ”روضـﺔ الشهدا“ سنڌي.
(58) ”مجموعو ابوالحسن جو“.
(59) ”نورالابصار“.
(60) ”ترتيب الصلواة“.
(61) ”بناء الاسلام“.
(62) ”موضح الشرڪ“.
(63) ”مجموعه تعويذات و فالنامه“.
(64) ”قصص الانبياء“.
نمبر 52 کان 64 تائين، سڀ ڪتاب 1870ع کان اڳ، ڇاپخانه محمديءَ ۾، قاضي محمد ابراهيم بن قاضي نور محمد پوربندري ڇاپيا.

مذهب (ڪرستان)
(65) ”پراڻي ٻولي“، ڪرستاني مذهب جو ڪتاب، خوجا سنڌي خط، ليٿو ڪراچي 1880ع.
(66) ”سچو واپار“، صفحا 12، واپار ۾ سچائي رکڻ لاءِ هدايتون، خوجا سنڌي خط، ليٿو ڪراچي 1881ع.
انهن ڪتابن مان سواءِ، انجيل وغيره جا به ڪيترا نسخا ڇاپيا ويا. 1859ع ۾، ’يوحنا جو باب‘ گرمکي اکرن ۾، لنڊن ۾ ڇاپيو ويو، ان کان پوءِ به مسلسل هر سال مذهبي ڪتاب ڇپبا رهيا.

مذهب (هندو)
(67) ”گنگا اشنان“، صفحا 20، گنگا نديءَ جي ڪهاڻي، گدومل سنتداس، ليٿو ڪراچي 1890ع (ٻيو ايڊيشن).
(68) ”ويترني“، صفحا 20، ويترني نديءَ جي ڳالهه، گدومل سنتداس، ڪراچي 1890ع.

لغت
(69) ”سنڌي ويتپتي ڪوش“، صفحا 188، جهمٽ مل نارو مل، ليٿو ڪراچي 1886ع. سنڌي لفظن جي سنسڪرت پاڙن جي فهرست.

گرامر
(70) ”گرامر سنڌي زبان جو“، صفحا 45، منشي اڌارام، ليٿو ڪوٽڙي 1857ع.
(71) ”سنڌي صرف ۽ نحو“، صفحا 179، ميان محمود حيدرآبادي ۽ پرڀداس نندرام، ليٿو ڪراچي 1860ع.
ايف_جي گولڊسمٿ جي ديباچي سان، گورنمنٽ آف انڊيا جي حڪم تي، هي پهريون ايڊيشن 500 جي تعداد ۾ ڇپيو.
(72) ”مفيد الصالحين“، منشي اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1861ع. (گائيڊ سنڌي زبان ۽
انگريزي شاگردن لاءِ)
(73) ”آغاز فارسي“، سنڌي ۽ فارسيءَ جو گرامر، ليٿو ڪراچي 1867ع.
(74) ”سنڌي گرامر“، يعني سنڌي زبان جي صرف ۽ نحو جا قاعدا، صفحا 134، منشي اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1868ع.
(75) ”فارسي آموز“، صفحا 55، منشي اڌارام ٿانور داس حيدرآبادي، اسسٽنٽ ترجمان سرڪار، فارسي صرف ۽ نحو جا قاعدا سنڌيءَ ۾، ڪراچي تعليم کاتي جي ڇاپخاني ۾ ڇپيو. ٻيو ايڊيشن 1000 ڪاپيون، في جلد 3 آنا، ڪراچي 1869ع.
(76) ”سنڌي گرامر“، صفحا 97، منشي اڌارام، سنڌي صرف ۽ نحو جا قاعدا. تعليم کاتي جي ڇاپخاني ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. پنجون ايڊيشن 1000 جلد، قيمت 6_4_0، ڪراچي 1871ع.
(77) ”سنڌي گرامر“، صفحا 43، منشي اڌارام ٿانور داس، ليٿو ڪراچي 1879ع. (هي اُن جو ٽيون سڌريل ايڊيشن آهي.)
(78) ”انگريزيءَ مان سنڌي ڪرڻ“، صفحا 74، پهريون حصو، چتر ڀڄ لال چند اوجها ۽ اڌڻ مل سترامداس سداڻي، ليٿو ڪراچي 1883ع.
(79) ”ائنگلو ورنيڪيلر گرامر“، صفحا 87، اميد علي ڪريم محمد ۽ علي قلي فريدون بيگ ميرزا، ليٿو ڪراچي 1883ع.

جاگرافي
(80) ”نئون ڌرتي نروار“، مهاديو شاستري ۽ منشي ننديرام، ليٿو ڪراچي 1861ع؛ (”جغرافيه الجديدة“ مورس، جو ترجمو).
(81) ”هندستان جي مختصر جاگرافي“، صفحا 43، اتم چند تارا چند، ليٿو ڪراچي 1888ع.
(82) ”سنڌ جو مختصر نروار“، صفحا 18، محمد رمضان، ليٿو ڪراچي 1880ع.
(83) ”سنڌ جو مختصر نروار“، صفحا 13، محمد رمضان، ليٿو ڪراچي 1890ع، (ٻيو ايڊيشن).

رياضي
(84) ”ضبطي ڪتاب“، صفحا 15، سک لال، ليٿو ڪراچي 1854ع.
(85) ”پئماشي ڪتاب“، صفحا 69، خان داس منشا رام، ليٿو ڪراچي 1855ع.
(86) ”ليکي جو ڪتاب“، صفحا 112، خان داس منشا رام، ليٿو ڪراچي.
(87) ”نقشه خروار“، صفحا 9، پرمانند حيدرآبادي، (اَن جي حساب ۽ قيمت جو نقشو)، ليٿو ڪراچي 1856ع.
(88) ”ڪتاب جبر و مقابله“، صفحا 520، وسواناٿ نرائڻ ۽ ننديرام، ليٿو ڪراچي 1850ع؛ (جان ريڊ فورڊ ينگ جي ڪتاب جو ترجمو.)
(89) ”تحرير اقليدس“، ڪنورمل چندامل، پهريون حصو، ليٿو ڪراچي.
(90) ”کوڙن جو ڪتاب“، صفحا 15، ليٿو ڪراچي 1877ع.
(91) ”دل جي يا زباني حسابن جي واٽن جو ڪتاب“، صفحا 22، ليٿو ڪراچي 1877ع؛ (ڪرشنا شاستري گوڊ بوميءَ جي مرهٽي ڪتاب جو ترجمو).
(92) ”ليکي جي پريڙهه“، (چوٿون ايڊيشن)، صفحا 84، پرتمداس قسمتراءِ، ليٿو ڪراچي 1879ع.
(93) ”تحرير اقليدس“، ڪنورمل چندامل، ٻيو حصو ليٿو ڪراچي 1881ع.
(94) ”سنڌي ريڊنگ بڪ“، E. Trump سنسڪرت ۽ عربي خط، لنڊن 1858ع.
(95) ”سنڌي چوٿون ڪتاب“، پرڀداس انندرام، ڪراچي 1866ع. (ورنيوڪلر اسڪولن لاءِ ٻن حصن ۾.)
(96) ”انگلش پرائمر“، صفحا 48، سنڌي ترجمو_ ائنگلو ورنيڪيلر اسڪولن لاءِ بمبئي 1867ع.
(97) ”سنڌي ٽيون ڪتاب“، (ٽيون ايڊيشن)، صفحا 246، پرڀداس انندرام، ڪراچي 1868ع.
(98) ”سنڌي ٻيو ڪتاب“، (چوٿون ايڊيشن)، صفحا 95، اڌارام ٿانور داس، ڪراچي 1869ع.
(99) ”باب نامون“، صفحا 29، منشي ننديرام، سنڌيءَ جو ريڊر، ليٿو ڪراچي 1869ع.
(100) ”سنڌي پهريون ڪتاب“، صفحا 40، اڌارام ٿانور داس، ستون ايڊيشن، ڪراچي 1877؛ اٺون ايڊيشن، ڪراچي 1880ع.
(101) ”سنڌي پنجون ڪتاب“، (ٻيو ايڊيشن)، صفحا 321، ليٿو ڪراچي 1880ع.
(102) ”سنڌي ڇهون ڪتاب“، (ٻيو ايڊيشن“، صفحا 411، ليٿو ڪراچي 1882ع.


[”نئين زندگي“، آڪٽوبر_ 1953ع]