سنڌ جي تاريخ جا ماخذ
هي ملڪ هميشه کان انقلابن جو گهوارو رهيو آهي. تاخت ۽ تاراج، اندروني خواهه بيروني، پهرئين ڏينهن کان وٺي سندس ڪرمن ۾ لکيل آهي. انساني هٿ چراند، پنهنجن جي بي توجهي، ۽ ذوق جي گهٽتائيءَ سبب هتان جا آثار مٽجي چڪا آهن؛ علمي ذخيرا منتشر ٿي ويا آهن؛ ۽ تاريخ جا ورق اهڙيءَ ريت ٽڙي پکڙي ويا آهن، جو انهن کي دستياب ڪرڻ ۽ انهن جو گڏ ڪرڻ ڏکيو بلڪ ڪنهن حد تائين ناممڪن آهي. سنڌ تي هونءَ ئي تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ليڪن جو ڪجهه سرمايو موجود هو، سو به اسان جي پهچ کان ٻاهر هليو ويوِ: هن وقت جيڪي ڪجهه هَڙ ۾ آهي؛ سو انهيءَ قابل نه آهي، جو اسان جي علمي اُڃ ۽ تحقيقي اَساٽ کي دور ڪري سگهي.
عربيءَ ۾ ڪجهه منتشر مواد ملي ٿو؛ ڪي قدر نشان پتا ايراني تاريخن ۾ ملن ٿا؛ چند ورق هندستاني تاريخ ۾ محفوظ آهن. سنڌين، جيڪي ڪجهه لکيو سو گهڻو ضايع ٿي ويو، باقي جيڪو ڪجهه آهي، اهو به قديم رنگ ۾ رڱيل آهي، جنهن ۾ تحقيق گهٽ ۽ روايات زياده آهن، جنهنڪري مطالعي ۽ تحقيق جي جديد اقدارن جي ضرورت پوري نٿو ڪري سگهي.
سنڌ پنهنجي جغرافيائي صورتحال سبب هڪ جداگانه خطي جي حيثيت رکي ٿو: ايراني مـﺆرخ انهيءَ ڪري لاڙو ڪري ويا، جو هيءُ انهن جي حدود اربع کان ٻاهر هو؛ هندستاني تاريخ نويسن چند صفحن يا ضمني مباحثن کان وڌيڪ لکڻ جي ضرورت هن ڪري محسوس نه ڪئي، جو هيءُ ملڪ هندستان کان، سواءِ چند وقفن جي، هميشه الڳ رهيو، ۽ ان کانسواءِ جغرافيائي نقطي نگاهه کان ايترو دور ۽ انهيءَ آخري ڪنڊ ۾ واقع هو، جو ضروري توجهه ۽ مناسب التفات جو مرڪز بڻجي نه سگهيو. عرب مـﺆرخن جي نگاه کان ته هيءُ چوٿين صدي هجريءَ ۾ ئي هٽي ويو، ليڪن جڏهن هو عربي سلطنت جو حصو هو، ان وقت به، دور افتگادگيءَ سبب، خاص دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ڪونه سگهيو. مداينيءَ جي تاريخ اڄ ناپيد آهي؛ ”فتوح البلدان“، ”تاريخ يعقوبي“، ”ڪامل ابن اثير“ ۽ چند عربي جغرافيا، ۽ سفرناما نه هجن، ته سنڌ جو عربي دﺆر به اڄ اسان جي نگاهن کان اهڙيءَ طرح لڪل رهي ها، جهڙيءَ ريت عربن کان اڳ جو دﺆر اڄ اسان لاءِ سربسته راز آهي.
منهنجي هن مضمون جو مقصد هيءُ آهي ته سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ بزرگن اڳيان آءُ سنڌ جو تاريخي مواد پيش ڪريان، جنهن کي مون سهوليت خاطر پنجن حصن ۾ ورهايو آهي:
(1) تاريخ جو اهو مواد، جيڪو سنڌ اندر مرتب ڪيو ويو؛
(2) سنڌ تي اهو تاريخي مواد، جيڪو هندي ۽ ايراني تاريخن ۾ ملي ٿو؛ ۽
(3) سنڌ تي اهو تاريخي مواد، جيڪو عربي ڪتابن ۾ آهي.
پهريان ٻه حصا فارسيءَ ۾ لکيل تاريخن تي ٻڌل هوندا، ٽيون عربي زبان ۾ لکيل ماخذن متعلق هوندو، ۽ باقي ٻن ڀاڱن جي ترتيب هن ريت ٿيندي:
(4) انگريزن، تاريخ سنڌ تي ڪهڙا ڪتاب لکيا؛ ۽
(5) سنڌي زبان ۾ تاريخ سنڌ تي ڇا آهي.
پهريون حصو هينئر پيش ڪري رهيو آهيان. مدتن جي مطالعي ۽ سالن جي ڳولا ڦولا بعد؛ ڪٿان ڪک ڪٿان پن هٿ ڪيا اٿم، تڏهن وڃي هي خاڪو تيار ٿيو آهي. آءُ اميد ٿو ڪريان ته پنهنجي وطن جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ منهنجي هيءَ محنت ڪنهن حد تائين ڪارآمد ثابت ٿيندي.
(1) چچ نامو_ مترجم، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي_ تاليف تخميناً 613هه. هي سنڌ جي تاريخ تي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ غير مسلم ۽ عربي دﺆر جي تاريخ ملي ٿي.
اصلي ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو ويو هو؛ جنهن جو فارسي ترجمو علي بن حامد ڪوفيءَ، تقريباً 613هه ڌاري ڪيو. ڊاڪٽر داﺆد پوٽي صاحب جي خيال ۾، ڪتاب جي اصلي مصنف جو نالو خواجه امام ابراهيم آهي، جنهن جو حوالو ڪتاب جي صفحي 151 تي ملي ٿو.
علي بن حامد، جڏهن ڪوفي کان هجرت ڪري اُچ ۾ آيو، ان وقت کيس سنڌ جي تايخ تي هڪ ڪتاب لکڻ جو اچي خيال ٿيو. مواد جي تلاش ۽ تحقيق لاءِ هو سنڌ جي قديم دارالسلطنت اروڙ ۾ پهتو. قاضي اسماعيل بن علي ثقفيءَ کيس ”منهاج الدين و الملڪ“ نالي هڪ عربي ڪتاب آڻي ڏنو، جيڪو سندس قول مطابق سندس بزرگن مان ڪنهن جو تصنيف ڪيل هو. علي بن حامد انهيءَ ڪتاب جو فارسي ترجمو ڪري، سنڌ جي واليء، ناصرالدين قباچ، جي وزير عين الملڪ فخرالدين حسن بن ابي بڪر الاشعريءَ جي نالي سان معنون ڪيو.
ڪتاب جا نالا مختلف آهن، مثلاَ ”چچ نامه“، ”تاريخ نامه“، ”فتح نامه“، ”تاريخ هند و سنڌ“، ۽ ”تاريخ قاسمي“ وغيرهه. خواجه نطام الدين بخشيءَ ”طبقات اڪبريءَ“ ۾ ان جو نالو ”منهاج المسالڪ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جو خيال آهي ته ”چچ نامي“ جون روايتون مدايني تان ورتل نظر اچن ٿيون. مدايني سنه 215_225هه جي وچ ڌاري فوت ٿيو. تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ”چچ نامو“ سنه 225_255هه جي وچ ڌاري تصنيف ٿيو هوندو، ڇو ته سنه 255هه ۾ بلاذريءَ (المتوفي سنه 279هه) ”فتوح البلدان“ پورو ڪيو.
هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن مان اسان کي برهمڻ، ٻڌ ۽ راءِ گهراڻي جو احوال معلوم ٿئي ٿو، ساڳئي وقت عربن جي فتوحات ۽ بنو اميه ۽ بنو عباس جي سنڌي حڪومت جي ڪاروبار جو به پتو پوي ٿو. اگرچه ڪتاب قديم رنگ ۾ آهي، ۽ واقعات تحقيق سان ڪونه لکيا ويا آهن، تاهم ڪتاب جي اهميت تي ڪو اثر ڪونه ٿو پوي.
فارسيءَ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ان کي انجمن مخطوطات حيدرآباد دکن طرفان، مقدمي، تعليقات ۽ مفيد حاشين سميت 1939ع ۾ شايع ڪيو.
ديباچي، فهرست، مقدمي، متن ۽ انڊيڪس سميت جملي 291 صفحن تي ڇپيل آهي. انگريزي ترجمو سنه 1900ع ۾، مرحوم مرزا قليچ بيگ شايع ڪيو، ۽ ان جو سنڌي ترجمو تازو سنه 1954ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.
(2) تاريخ معصومي_ مصنف، مير محمد معصوم ”نامي“ بن سيد صفائي ترمذي البڪري (متوفي 1014هه)_ تصنيف سنه 1009هه. مير معصوم جي تاريخدانيءَ جا سڀ تذڪري نگار ۽ مـﺆرخ معترف آهن. خواجه نظام الدين بخشيءَ (متوفي 1004هه)، ”طبقات“ لکڻ وقت مير معصوم کي ئي بطور مددگار ۽ مشير جي پاڻ سان گڏ رهايو هو.
”تاريخ سنڌ“ ۽ تاريخ معصومي“ ڪتاب جا نالا آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو خيال آهي ته مير معصوم، 1008_1009هه ڌاري، اهو ڪتاب تصنيف ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ قسم جي شهادت ڪتاب مان ملي ٿي. ڪتاب جو پهريون حصو، قديم تاريخ، اسلامي عهد، ۽ ارغون ۽ ترخان دﺆر تي منحصر آهي، ۽ پويون اڌ مغل دﺆر جي تاريخ تي آهي. ڪتاب چئن جزن ۾ ورهايل آهي.
تاريخ معصوميءَ جو قديم ترين خطي نسخو، پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتابخاني ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتاب جو سال 1017هه آهي، يعني مصنف جي وفات کان 3 سال پوءِ لکيو ويو ۽ تصنيف ٿيڻ کان تقريباَ 8 سال بعد ۾ ان جي ڪتابت ٿي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، ”تاريخ معصوميءَ“ کي بمبئي جي ” ڀنڊاڪر اورينٽل ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ طرفان، سال 1938ع ۾، ايڊٽ ڪري شايع ڪيو. انگريزي ترجمو، هڪ صدي اڳ 1855ع ۾، مسٽر ميلٽ (G. G. Mellet) شايع ڪيو، ۽ پهريون سنڌي ترجمو منشي ننديرام، 1861ع ۾، ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. ويجهو ان جو ٻيو صاف ۽ سليس سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي واري نسخي تان، مولوي امير احمد صاحب ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان، سنه 1953ع ۾ ڇپيو آهي.
”چچ نامي“ ۽ ”تاريخ معصوميءَ“ جي وچ ۾ ساڍن چئن سوَن ورهين جو خال موجود آهي. انهيءَ وچ ۾ سومرن ۽ سمن جي سنڌ تي حڪومت ٿي؛ انهيءَ کان سواءِ ايراني ۽ هندي به سنڌ تي باربار ڪاهي آيا. انهن ساڍن چئن صدين لاءِ اسان وٽ ڪابه تاريخ موجود ڪانه آهي؛ انهيءَ دﺆر ۾ غالباً ڪابه تاريخ ڪانه لکي ويئي، يا وري ڪا هئي ته اها گم ٿي ويئي، جنهنڪري انهيءَ سموري دﺆر جي تاريخ تاريڪيءَ ۾ آهي.
”تاريخ معصومي“ ارغون، ترخان ۽ اڪبري دﺆر تي ازحد مفيد ۽ معتبر آهي.
(3) بيگلر نامو_ مصنف، ادراڪي بيگ، بيگلاري، ٺٽوي_ تصنيف 1017هه. مصنف جي حالات جو پتو ڪونه ٿو پوي: صرف اها سُڌ آهي ته سندس تعلق سنڌ جي ارغون قبيلي سان هو. هن پنهنجي ولي نعمت، خان زمان امير شاهه قاسم خان بن امير شاهه قاسم بيگلار، جي احوال ۽ جنگي ڪارنامن ۾ هي ڪتاب سنه 1017هه ۾ لکيو، ۽ 1034هه تائين ان ۾ اضافا ڪندو رهيو. ساڳئي مصنف 1010هه ۾، ”چنيسر نامه“ نالي هڪ عشقيه مثنوي به لکي.
ارغوني ۽ ترخاني دﺆر جي سلسلي ۾ هيءَ تاريخ بيحد مفيد ۽ قيمتي آهي. ڪتاب اڃا خطي حالت ۾ آهي؛ يورپ خواه هندستان جي ڪتبخانن ۾ ان جا نسخا موجود آهن؛ مون وٽ به هڪ نسخو آهي.
(4) تـــــــــاريـــــــخ طــــــاهـــــــري_ مصنف، مــــيــــر طاهر محمد ”نسياني“ بن سيد محمد حسن ٺٽوي_ تصنيف سنه 1030هه.
مصنف، مرزا غازي بيگ بن مرزا جاني بيگ ترخان (متوفي 1021هه) جو ملازم هو. مرزا غازيءَ جي انتقال بعد، هن موٽي اچي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هي ڪتاب مرزا شاهه محمد عادل بيگ خان بن شاهه بيگ ارغون (ثاني) گورنر قنڌار (1002_1028هه) ۽ گورنر سنڌ (1028هه) جي فرمائش تي، مير طاهر تصنيف ڪيو. مصنف 1021هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1030هه ۾ لکي پورو ڪيو. ارغون ۽ ترخان دﺆر تي هي تاريخ نهايت مستند آهي؛ منجهس 1021هه تائين، يعني مرزا غازيءَ جي انتقال تائين احوال آهي.
اڃا تائين هي ڪتاب شايع ڪونه ٿيو آهي؛ خطي نسخا ڪيترن ڪتبخانن ۾ دستياب ٿين ٿا؛ مون وٽ به هڪ نسخو موجود آهي؛ جنهن ۾ 463 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ 12 سٽون آهن؛ سنڌي ادبي بورڊ ۾ به هڪ نسخو موجود آهي.
(5) مظهر شاهجهاني_ مصنف، ميرڪ يوسف بن ابوالقاسم ”نمڪين“ البکري(1)، سال تصنيف 1044هه.
سنڌ جي تاريخ تي جيڪي ڪتاب اڄ تائين دستياب ٿيا آهن، انهن ۾ صرف بادشاهن جو احوال، اميرن جو بيان، لڙاين جا قصا ۽ ملڪ گيريءَ جا داستان ڏنل آهن؛ ليڪن هيءُ ئي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انهن ڳالهين کان ڪنارو ڪندي، سنڌ جي جاگرافيءَ، سنڌ جي تمدن، تهذيب، قومن، زراعت، محصول، آب رسانيءَ، ۽ ملڪ جي عوامي ۽ عام حالتن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو آهي. سنڌ جي هرهڪ صوبي تي جدا جدا باب لکيو ويو آهي، جنهن ۾ مفصل حالات اهڙا قيمتي ۽ انهيءَ حد تائين نادر آهن، جو اسان کي سواءِ انهيءَ ڪتاب جي، ٻئي ڪنهن به ذريعي سان معلوم ڪين ٿي سگهن ٿا.
مون جيڪو نسخو ڏٺو، اهو دراصل پروفيسر آذر مرحوم جي ملڪيت هو، ۽ غالباً هن وقت پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، ۽ يقيناً اهوئي اڪيلو نسخو دنيا ۾ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته نه ڪنهن تاريخ ۾ ان جو حوالو آيل آهي، ۽ نه ڪنهن ڪتبخاني ۾ ان جي ڪا ڪاپي موجود آهي_ يورپ خواه هندستان جي سڀني ڪتبخانن جون فهرستون مون اٿلائي ڏٺيون آهن.
هي نسخو، 1044هه جو لکيل آهي، ۽ مصنف جو خود اهو پنهنجو نسخو آهي. ڪتاب جي ٻاهرئين صفحي تي مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين هي نوٽ لکيل آهي: ”مان هي نسخو پنهنجي وڏي ڀاءُ، ابوالبقا امير خان، جي فرزند ضياءالدين يوسف جي حوالي ڪريان ٿو. ڇاڪاڻ ته هن وقت هوئي ان جو مستحق آهي.“ ڀانئجي اهو ٿو ته اهوئي پهريون ۽ پويون نسخو آهي، جنهن جو ٻيو نقل ڪونه ٿي سگهيو.
ڪتاب خوشخط ۽ بيحد سٺيءَ حالت ۾ آهي، سائيز 2/51 اٿس. 6 صفحن تي فهرست، ۽ 814 صفحن ۾ متن آهي. هر صفحي تي 13 سٽون آهن. ڪتاب جيئن ته نادر ۽ قيمتي آهي، تنهنڪري ڪتاب جي مضامين جي فهرست ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو:
ڪتاب، شاهجهان بادشاهه لاءِ لکيو ويو آهي ۽ سندس ئي نالي تي معنون ڪيل آهي. ڪتاب کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي؛ پهرئين حصي ۾، جيڪو 1 ورق کان شروع ٿي، 668 ورق تي ختم ٿئي ٿو. بادشاه کي ملڪراني، سياست ۽ دستور حڪومت جي رمزن ۽ نڪتن کان آگاهه ڪيو ويو آهي؛ فهرست هن طرح آهي:
قسم اول: در آن چه بادشاهان را مجملاً در کار است، و ابن قسم بر چهار باب است:
باب اول: در ترغيب و ترهيب که متعلق اند به سلطنت و اين باب منجر به دو فصل است:
فصل اول: در ترغيب به امارت و سلطنت،
فصل دوم: در ترهيمي که متعلق به سلطنت است.
باب دوم: در آنچه بادشاهان مردم را، امرا بدقت نظر فهميد بکنند.
باب سوم: در رعايت ملڪ و تربيت خدم و حشم، و اين باب منجر به چهار فصل است:
فصل اول: در رعايت ملک،
فصل دوم: در تربيت خدم و حشم و آداب ايشان،
فصل سوم: در تربيت صاحب صوبه،
فصل چهارم: در تربيت خدم و حشم.
باب چهارم: در خلقت بائيست که بادشاهان اولي الامر را حق جل و عليٰ عنايت کرده، و اين باب منجر به بيست فصل است:
فصل اول: در توکل،
فصل دوم: در علو همت،
فصل سوم: در عزم،
فصل چهارم: در جدوجهد،
فصل پنجم: در ثبات،
فصل ششم: در عدالت،
فصل هفتم: در خيرات و مبرات،
فصل هشتم: در شفقت و مرحمت،
فصل نهم: در سخاوت و احسان،
فصل دهم: در انجاح حاجات،
فصل يازدهم: در مشاورت،
فصل دوازدهم: در حزم،
فصل سيزدهم: در غيرت،
فصل چهار دهم: در سياست،
فصل پانزدهم: در تيقظ و خبرت،
فصل شانزدهم: در خواست،
فصل هفت دهم: در کتمان اسرار،
فصل هزدهم: در اغتنام فرحت و طلب نيکنامي،
فصل نوزدهم: در صحبت اخيار،
فصل بيستم: در دفع اشرار.
هن ”قسم“ ۾، مصنف مثال طور ڪيئي سنڌ جا واقعا پيش ڪيا آهن، جي ڪنهن به ٻيءَ تاريخ ۾ موجود نه آهن. ان کانسواءِ ڪي اهڙا به واقعا لکيا اٿس، جيڪي سندس چشم ديد آهن، يا سندس ڀاءَ امير ابوالبقا امير خان صوبه دار سنڌ (متوفي 1057هه) جي صوبه داريءَ سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ مغلن جي گورنرن جي زماني جا ڪيترا عجيب و غريب واقعات پڻ هن حصي مان معلوم ٿين ٿا: مالگذاريءَ، ڍل، زراعت، جمع بنديءَ ۽ وصوليءَ وغيره جا جيڪي سنڌ ۾ طريقا ۽ رواج هئا، انهن جو به احوال ڪيترين جاين تي مثال طور ڏنو ويو آهي، ۽ اهڙي قيمتي ۽ ڪارآمد معلومات فراهم ڪئي ويئي آهي، جو سواءِ هن ڪتاب جي ٻئي هنڌان ناممڪن آهي ته ملي.
هن ڪتاب جو ”قسم ٻيو“، ورق 228 کان شروع ٿي، 407 ورق تي ختم ٿئي ٿو، جنهن جي فهرست هن طرح آهي:
قسم دوم: در بيان احوال ولايت سندهه، و اين قسم منجر به چهار باب شد:
باب اول: در بيان احوال ملڪ بکهر؛
باب دوم: در بيان احوال ملڪ سيوي؛
باب سويم: در بيان احوال ملڪ ڻهڻه؛ ۽
باب چهارم: در بيان ملڪ سهوان، و اين باب مشتمل بر پنج فصل است:
فصل اول: در بيان احوال پر گنجات اين ملڪ از روي اجمال،
فصل دوم: در بيان متمردان و مفسدان اين ملڪ،
فصل سوم: در سبب خرابيء رعيت ملڪ سهوان و قوت گرفتن متمردان،
فصل چهارم: در تربيت ملڪ سهوان از روي اجمال، ۽
فصل پنجم: در تربيت فرونشاندن آتش تمرد و مفسدان ملڪ سهوان.
هي حصو سنڌ جي تاريخ تي صرف ڪيل آهي. قومن جي احوال، پيدا ٿيل فسادن جي اسبابن، قبيلن جي نسبن، قبائلي سردارن کي راضي رکڻ جي ترڪيبن، صوبن جي ۽ انهن جي پرڳڻن جي مالگذاريءَ، زراعت، جمع بنديءَ، وصوليءَ، آب رسانيءَ، فصلي موسمن، وغيره، خواه عوام جي حالتن، رهڻيءَ ڪهڻيءَ، ۽ عادتن اطوارن تي مفصل روشني وڌي ويئي آهي. هن ڪتاب مان ملڪ جي اندروني وڳوڙن، سياسي حالتن، تمدني ۽ معاشرتي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جو نقشو اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سنڌ جي مغل دﺆر تي، ان کان اڳ يا ان کان پوءِ ڪوبه ڪتاب ايڏو جامع، قيمتي ۽ نادر معلومات سان ڀريل ڪونه لکيو ويو آهي. افسوس آهي، جو ايڏو بيش بها مخطوطو ٽي سـﺆ سال دنيا جي اکين کان لڪو رهيو.
(6) ترخان نامون: مصنف، سيد جمال الدين بن مير جلال الدين حسيني شيرازي ٺٽوي، تصنيف 1065هه.
مصنف هيءُ ڪتاب، مرزا محمد صالح ترخان بن مرزا عيسى (ثانيءَ) جي فرمائش تي، 1065هه ۾ لکيو. مرزا صالح وٽ ”ترخان نامه“ جي نالي سان پنهنجي خاندان جي تاريخ موجود هئي، ليڪن اها وٽانئس گم ٿي ويئي هئي، جنهنڪري هن ساڳئي نالي سان ٻي تاريخ تيار ڪرائي.
سيد جمال الدين، خانداني روايات ۽ تاريخي ڪتابن جي مدد سان، هيءُ نئون ترخان نامو لکي تيار ڪيو، ۽ ان ۾ ارغون ۽ ترخان گهراڻي جي ابتدائي تاريخ کان وٺي، مرزا عيسـى ثانيءَ جي وفات (سنه 1061هه) تائين جا حالات قلمبند ڪيا.
ڪتاب گهڻو ڪري ناياب آهي، برٽش ميوزم ۾ فقط ٻه نسخا موجود آهن، جن جو فوٽو مون حاصل ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.
(7) منشات نمڪين_ مرتب، مير ابوالقاسم نمڪين (متوفي 1018هه)، تصنيف 1006هه.
مير ابوالقاسم نمڪين، اڪبري دﺆر جو امير هو. سنڌ سندس وطن هو. ٻه دفعا پاڻ هتي جو گورنر به ٿيو، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ۽ پوٽا به مغل دﺆر ۾ وڏي مان ۽ مرتبي جا صاحب ٿي رهيا، سندس پٽ ابوالبقا امير خان به هتي جو گورنر هو. دنيوي عزت ۽ آبروءَ سان گڏ پورو خاندان، علم و فضل جو سرچشمو رهيو آهي. مير ابوالبقا امير خان جو پٽ مير عبدالڪريم امير خان به سنڌ جو صوبه دار هو. ٺٽي جا اميرخاني سيد انهيءَ قبيلي مان آهن. هن گهراڻي جي هر فرد بلندپايه تصنيفون يادگار ڇڏيون آهن. جن مان ”مظهر شاهجهاني“ ۽ ”رقائم ڪرائم“ جو ذڪر هن مضمون ۾ ٿي رهيو آهي.
مير ابوالقاسم، ”منشات نمڪين“ جي ابتدا ۾، انشا جي تاريخ بيان ڪئي آهي، ۽ آخر ۾ اڪبري دﺆر جا خط ڏنل آهن، جن مان ڪيترن جو سنڌ جي تاريخ سان تعلق آهي. ڪتاب ناياب آهي؛ هڪ نسخو انڊيا آفيس لائبرريءَ ۾ (535 نمبر تي) موجود آهي، جنهن جي ڪتابت 1012هه ۾ ٿيل آهي، ليڪن تصنيف ٿيڻ کان 6 سال پوءِ جو مخطوطو آهي؛ منجهس 412 صفحا آهن، ۽ هر صفحي ۾ 13 سٽون آهن.
(8) ذخيرت الخوانين_ مصنف، شيخ فريد بن شيخ معروف بکري فاروقي_ سال تصنيف 1060هه.
”ماثرالامراء“ جي طرز تي بيمثل تذڪرو آهي. منجهس اڪبر، جهانگير ۽ شاهجهان جي دﺆر جي 513 مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مصنف شيخ فريد پنهنجي ذاتي مشاهدي، معلومات، ۽ اکين ڏٺي حالات تي مدار رکي، هيءُ ڪتاب مرتب ڪيو آهي. روايتون انهن ماڻهن جون قبول ڪيون اٿائين، جن سان سندس ذاتي مراسم هئا ۽ جن جي سچي هجڻ جو کيس يقين هو. انهيءَ تلاش، تحقيق ۽ ذاتي ڄاڻ سبب ڪتاب نهايت قيمتي ٿي پيو آهي، ۽ منجهس اُهي اُهي احوال آيل آهن يا واقعا ڏنل آهن، جيڪي ڪنهن به ٻئي تذڪري ۾ ملي ڪونه سگهندا.
انهيءَ تذڪري ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪيترن مشاهيرن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. مثلاً: شيخ مبارڪ ناگوري، نواب مرزا رستم خان، نواب محمد خان نيازي، مرزا جاني بيگ، مير معصوم بکري، مير ابوالقاسم نمڪين، مظفر خان معموري، سيد محمد مير عدل، نواب مرزا غازي بيگ ترخان، مرزا عيسـى ترخان، اسد خان معموري، سادات خان بکري، عبدالعلي ترخان، مير بزرگ بن مير معصوم، مير قنڌاري بن مير بزرگ، ۽ علي محمد ٺٽوي، وغيره وغيره.
سنڌ جا صوبه دار، جي مغلن جي ڏينهن ۾ هتي آيا، ۽ سنڌ ۾ جن به ماڻهن کي جاگيرون مليون، الغرض جن جو ڪنهن به طرح سان سنڌ ۾ ڪونه ڪو لاڳاپو رهيو آهي، انهن سڀني جو تذڪري ۾ ذڪر ڪيل آهي. مرزا عبدالرحيم خان خانان سان گڏجي، جيترا فوجي جرنيل، امير ۽ مشاهير سنڌ کي فتح ڪرڻ آيا، انهن سڀني جو احوال به ڏنو ويو آهي.
شيخ فريد پاڻ به وسيع تعلقات وارو هو. ڪيترائي مشاهير ۽ امير هن ڪتاب ۾ نظر اچن ٿا؛ جن سان ذاتي تعلق هو. سوانح نگاريءَ جو کيس خاص ڍنگ آهي. ننڍڙن ننڍڙن واقعن کي به ڪونه ڇڏيو اٿائين: جتي ڪنهن جون خوبيون بيان ڪيون اٿائين، اتي هن جي اوڻاين کي به نظرانداز ڪونه ڪيو اٿس؛ مثلاً مير معصوم جي واکاڻ ڪندي ڪندي، آخر ۾ لکي ٿو، ”به اين همه صفات حسنه دو صفت ذميمه داشت، اولاً چغل دوست بود، دوم شديد العداوت.“ نواب صفشڪن خان جون سموريون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾، هي به ٻڌائي ڇڏي ٿو ته ”مرد منقلب الحال و طفل مزاج بود“ الغرض، سيرت نگاريءَ ۽ ڪيريڪٽر نمايان ڪرڻ ۾ شيخ کي ڪمال حاصل هو.
”ماثرالامراءُ“ مير غلام علي ’آزاد‘ جو، هيءُ ڪتاب اهم ترين ماخذ آهي. افسوس آهي، جو اڄ ڏينهن تائين، هي ڪتاب شايع ٿي ڪونه سگهيو آهي. ڪتاب بيحد نادر ۽ ناياب آهي. فقط چار نسخا هن وقت تائين معلوم ٿي سگهيا آهن، هڪ مولانا عبدالحق جي ڪتبخاني ۾ آهي، هڪ نسخو مون وٽ آهي جيڪو مولانا جي نسخي تان نقل ٿيل آهي، ٽيون نسخو مرحوم نواب حبيب الرحمان خان شيروانيءَ جي ڪتبخاني ۾ آهي، ۽ چوٿون ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر معين الحق خريد ڪيو آهي، جيڪو قديم ترين معلوم ٿئي ٿو.
(9) برهان الاخوان_ مصنف نامعلوم، ناقص اول و آخر_ تصنيف 11 صدي هجري.
هيءُ ننڍي سائز جي هڪ سـﺆ پنجاهه صفحن جو تذڪرو آهي. پهريان ۽ پويان ورق گم اٿس. هن ۾ بکر جي علماء ۽ مشاهير جو ذڪر آهي ۽ ضمناً تاريخي واقعات به ڪثرت آيل آهن. گمان آهي ته تاريخ معصوميءَ تان مشاهيرن جو احوال ورتل آهي. پير صاحب جهنڊي وارن جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
(10) حديقـﺔ اولياء_ مصنف، سيد عبدالقادر بن سيد محمد هاشم بن سيد محمد الحسيني ٺٽوي_ تصنيف آخر 11 صدي هجري.
هي سنڌ جي عالمن، صالحين، ۽ بزرگن جو تذڪرو آهي. خاص طرح ٺٽي جي بزرگن تي تفصيل سان لکيو ويو آهي. منجهس 44 بزرگن جا حالات ڏنا ويا آهن، جن جا نالا هي آهن:
شيخ بهاءالدين ملتاني، شيخ رڪن الدين، مخدوم لعل شهباز، شيخ پٺو، شيخ حماد جمالي، شيخ جيو، شاه مراد، سيد علي شيرازي، سيد نظام بکري، شيخ نوح بکري، مخدوم حسام الدين، مخدوم بلال، قاضي ڏنو سيوهاڻي، درويش احمد ۽ محمد ولدان شيخ هوتي، درويش حسن مقري، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم نوح هالائي، درويش وهيو، مخدوم اسماعيل سومرو، درويش رڪن الدين، درويش راڄو، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش چرڪس، شيخ عيسـﻰ آهيداڻي، درويش صدر، منبو ناريجو، درويش سهتو، درويش ابراهيم، درويش علاءُالدين، قاضي سڌو، درويش يحـﻰ، قاضي خيرالدين، يعقوب پليجو، شيخ مغل چاچڪ، شيخ ڀريو، درويش عمر بودلو ۽ درويش الو.
برٽش ميوزم ۾ آنجهاني سر ايليٽ (مصنف ”تاريخ هند“) جا چند فائل محفوظ آهن، انهن مان نمبر 2073 O.R. واري فائل ۾ ٺٽي جي ڪتبخانن جون فهرستون آهن، جن ۾ ”حديقـﺔالاوليا“ جي هڪ نسخي جو ذڪر آهي، ۽ ان جي ڪتابت جي تاريخ 21 ذوالقعد 1068هه بيان ڪئي ويئي آهي ۽ ٻڌايل آهي ته جملي 78 ورقن تي لکيل هو. مون وٽ به هڪ ناقص نسخو آهي. پير صاحب جهنڊي وارن جي ڪتبخاني ۾ به هڪ نسخي جو ڏس آهي، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به هڪ نسخو موجود آهي.
مصنف جو ذڪر مير علي شير ’قانع‘ ڪيو آهي. مصنف جو والد سيد محمد هاشم، مرزا جاني بيگ ترخان (متوفي 1008هه) جو معاصر ۽ ”سيرالسلاطين“ جو مصنف هو.
(11) تذڪره المراد_ مصنف، حاجي محمد حسين ”صفائي“ ٺٽئي 11 صدي هجري.
هن تذڪري ۾ ٺٽي جي مشهور بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد حسين ولد سيد احمد شيرازي المعروف به سيد مراد (متوفي 893هه) جو احوال ۽ سندس ملفوظات آهن، ۽ منجهس ضمناً تاريخي واقعات ۽ ان دور جي ٻين معاصر بزرگن ۽ مشاهيرن جو به ذڪر آهي. ان کانسواءِ ان دور جي درويشانه ۽ سنڌ جي صوفيانه ماحول جو به هن ڪتاب مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب قادر الوجود آهي، هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ وٽ به موجود آهي.
(12) معلومات الافاق_ مصنف، مير امين الدين خان (متوفي 1127هه) بن مير ابوالمڪارم شهود (متوفي 1073هه)، بن مير ابوالبقا امير خان (متوفي 1057هه)، بن ابوالقاسم نمڪين بکري (متوفي 1018هه)، تصنيف1123هه.
هي جغرافيه جو ڪتاب آهي، جو هڪ سنڌي امير لکيو آهي. مغل دور جي صوبن جو احوال، ان دور جي منصبن، درجن ۽ مرتبن جو بيان تفصيل سان لکيو ويو آهي. سنڌ تي 10 صفحا ۽ ملتان تي 13 صفحا لکيل آهن. ڪتاب 1123هه ۾ تصنيف ٿيو. بانڪي پور جي ڪتبخاني ۾ جيڪو نسخو آهي، انهيءَ جي ڪتابت جو سال 1273هه آهي. جملي 152 ورق اٿس ۽ هر صفحي تي 19 سٽون آهن. ساڳئي مصنف ”رشحات الفنون“ جي نالي سان هڪ ٻيو ڪتاب به تصنيف ڪيو.
(13) تاريخ سنڌ_ نالو ”في التحقيق بقاءِ امصارالسند“ مصنف، سيد محب الله بن سيد احمد شاه واعظ بن سيد محمد شاه الملقب به مسيحاءَ الحسني الحسيني الحموي الدهلوي القادري، الاصلاً سندهي، مولداً ”لوهروي مسکناً“، تصنيف 13 صدي هجري.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن جو ذڪر آهي، گويا سنڌ جو هي هڪ گزيٽئر آهي. ڪتاب جي ترتيب هن طرح آهي: پهريون باب سنڌ جي تاريخ؛ ٻيو باب شهرن، ڳوٺن ۽ قرين جي حالات تي؛ ٽيون باب سنڌ ۾ رائج ٿيل القابن تي، مثلاً امير، وزير، ترخان، ارغون، وغيره؛ چوٿون باب سنڌ جي قومن تي؛ ۽ پنجون بــــــاب ســــنـــــڌ جــــــي واهـــــن، نـــــديــــــن، پـــــــــهـــــــــاڙن ۽ ڍنــــڍن تي. ڪتاب جا ماخذ ديپاچي ۾ هي ڄاڻايل آهن: ”چچ نامو“، ”تحفـﺔالڪرام“، ”تاريخ طاهري“، ”جمع الجوامع“، ”طبقات بهادر شاهي“، ”تاريخ بي بدل“، ”رسالو سيد علي اصغر شاه ٺٽوي“ ۽ ”امصارالسند“. آخري ڪتاب. معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ جي تاريخ تي آهي، ليڪن ان جو حوالو سواءِ هِن ڪتاب جي ٻئي ڪنهن هنڌ نظر نه آيو. تقريباً ننڍيءَ سائيز جي ٻن سَوَن صفحن تي آهي. هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ آهي، ۽ ٻيو نسخو مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ وٽ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ، هن کي مرتب ۽ ايڊيٽ ڪري رهيو آهي.
(14) رقائم ڪرائم_ مصنف، مير سيد اشرف خان محمد الحسيني بن مير عبدالڪريم امير خان سنڌي (متوفي 1130هه) بن مير ابولبقا امير خان (متوفي 1057هه) بن مير ابوالقاسم نمڪين (متوفي 1018هه)؛ تصنيف، بعد 1131هه.
هي عالمگير جي رقعات جو مجموعو آهي. هن ۾ ڪيترا اهي خط به آهن جيڪي مـﺆلف جي والد امير خان عبدالڪريم ڏانهن عالمگير لکيا آهن. امير خان سنڌ ۾ به ڪيترو وقت صوبه دار هو ۽ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ سڀني خطن کي گڏي، هي مجموعو مرتب ڪيو. سيد محمد اشرف، ديباچي ۾، لکيو آهي ته ”ڪيترا خط گم ٿي ويا، جنهنڪري خيال ٿيو ته جيڪي بچيل آهن تن کي ڪتاب جي ذريعي محفوظ ڪجي.“
ڪيترن ڪتبخانن ۾ هن جا نسخا موجود آهن. برٽش ميوزم ۾ جيڪو نسخو آهي. اهو فلسڪيپ جي 63 ورقن تي آهي، ۽ منجهس 24 خط، 130 رقعا ۽ 5 فرمان آهن. مون وٽ انهيءَ نسخي جو ميڪرو فلم موجود آهي.
امير عبدالڪريم جي نالي جيڪي خط آهن، اهي ٺٽي ۽ سيوهڻ جي صوبه داريءَ واري زماني جا آهن، جن مان سنڌ جي حالتن جو پتو پوي ٿو.
(15) نامـﮧ نغز_ مصنف، باغ علي خائف، تصنيف 1155هه.
”شاهنامي“ ۽ سڪندر نامي“ جي طرز تي ڪلهوڙن جي دور جي تاريخ، نظم ۾ آهي. مصنف، ميان نور محمد (متوفي 1167هه) جي زماني ۾ سال 1155هه ۾، هي ڪتاب تصنيف ڪيو؛ پاڻ لکي ٿو:
”به عهد خدا يار خان شــــــير نر ســــــپــــــهــــــدار عــــــبــــــاسيء نامور
هزار و صد و سال و پنجاه پنج کشيدم سه سال اندرين نامه رنج.“
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1153هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1155هه ۾ ان کي لکي ختم ڪيو. پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1155هه کان پوءِ جي واتعات جو به ان ۾ اضافو ڪندو رهيو آهي، جيئن ته نادر شاهه ايرانيءَ جي قتل (1160هه) ٿيڻ جو احوال به ان ۾ موجود آهي. ڪتاب ۾ ڪل 16249 اشعار آهن، ۽ چئن بابن ۾ ورهايل آهي.
هي ڪتاب ڪلهوڙن جي دور تي مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. نادر جي حملي ۽ ايرانين جي لٽ ڦر جا اکين ڏٺا احوال منجهنس ڏنا ويا آهن. شعر اگرچ ڪمزور آهي، مگر تاريخي واقعات انهن اوڻاين تي پردو وجهي ٿا ڇڏين. ڪتاب جو هڪ نسخو سنڌ جي قومي ڪتبخاني ۾ آهي، ۽ ان جو نقل سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(16) گلدستـﮧ نورس بهار_ مرتب، منشي عبدالرؤف سيوستاني (متوفي قبل 1180هه).
عبدالرؤف منشي قوم جو سهتو ۽ بکر جي ويجهو هنڱورجا ڳوٺ جو ويٺل هو. پهريائين بختيار خان، حاڪم خانپور ۽ سيويءَ وٽ ملازم ٿيو؛ بعد ۾ ميان نور محمد وٽ منشيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو؛ آخر ۾ هن پنهنجي لکيل خطن جا ٽي_ چار مجموعا گڏ ڪيا، جيڪي انهيءَ زماني ۾ ئي مشهور ۽ مقبول ٿي ويا. انهن مان هڪ مجموعو ”گلدسته نورس بهار“ به آهي، جنهن ۾ ميان يار محمد (1111هه_1130هه) ۽ ميان نور محمد (1131هه_1167هه) جا مڪاتيب جمع ڪيل آهن. انهن خطن مان سنڌ جي تاريخ تي بيمثل روشني پوي ٿي، ۽ تاريخ جا ڪيئي اهڙا پهلو نمايان ٿين ٿا، جيڪي هوند ڪنهن به تاريخ جي ذريعي معلوم ٿي نه سگهن.
منشي عبدالرؤف هندستان جي پهرينءَ صف وارن انشاء پردازن ۾ بيمثل ۽ يگانو آهي. بي تڪلف، آسان ۽ ساديءَ عبارت ۾ وڏي ۾ وڏو مطلب بيان ڪري ٿو، ۽ ساديءَ عبارت ۾ لکڻ جو ڍنگ هن پنهنجي دور جي عام روش کي پري ڇڏي، اختيار ڪيو آهي. سندس بي تڪلف فقرن ۽ ساديءَ عبارت ۾ انتهائي دل نشيني، دلڪشي ۽ پختگي آهي. فارسيءَ کي ائين لکيو اٿس، ڄڻ ڪا مادري زبان اٿس. سندس جهڙو انشاپرداز برصغير هندستان جي تاريخ ۾ ڪو ورلي لڀندو. ابوالفضل وغيره کي گهڻو پٺتي ڇڏي ويو آهي. سندس انتقال، مير علي شير جنهن وقت ”تحفـﺔالڪرام“ (1180هه) ۾ ٿي لکيو، ان کان اڳ ٿي چڪو هو.
”نورس بهار“ جو جيڪو نسخو مون وٽ آهي، تنهن ۾ ننڍيءَ سائيز جا 358 صفحا آهن، ۽ ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، ڪنهن نهايت ئي بد خط ڪتاب لکيو آهي.
(17) مجموعه منشات_ ميان عبدالرؤف منشي ۽ ميان هارون_ تصنيف قبل 1167هه.
مڪاتيب جو هي مجموعو مون وٽ موجود آهي. منجهس متفرق ۽ جدا جدا ماڻهن جا لکيل خط آهن_ نمبر 10 کان 20 تائين، ۽ 27_34_35 خط ڪلهوڙن جا آهن. ڪتاب جو حاشيو ڪٽجي چڪو آهي، جنهنڪري هي خط پڙهڻ ۾ نٿا اچن. ڪيئي خط، طرز تحرير جي سبب ميان عبدالرؤف جا معلوم پيا ٿين. مجموعي جي آخر ۾ ”خلاصـﺔ الڪتوبات“ جي نالي سان هڪ ٻيو مجموعو به شامل آهي، جنهن ۾ ميان هارون ۽ منشي عبدالرؤف جا گڏيل مڪاتيب آهن.
(18) منشورالوصيت في دستورالحڪومت_ مصنف، ميان نور محمد عباسي، والي سنڌ (1131_1167)_ تصنيف بعد 1152هه.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هيءَ پنهنجي لکيل وصيت آهي، جنهن مان تاريخي واقعات سان گڏ، سندس ذاتي اخلاق ۽ ذاتي تصورات جو پتو پوي ٿو. هيءَ وصيت سنڌ تي نادر جي ڪاهه (1152) کان پوءِ ستت ئي لکي ويئي آهي. هن ڪتاب جا متعدد نسخا موجود آهن، هڪ مون وٽ به آهي. مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينيءَ ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب وٽ به نسخا آهن.
(19) بياض رقعات_ قاضي عبدالرسول و جان محمد قريشي (المتوفي 1171هه) سيوستاني، ڪتابت 1123هه.
هي مجموعو، نادر ۽ ناياب مڪتوبات جو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي. خط تمام تر ڪلهوڙن جي صاحبيءَ سان تعلق رکن ٿا. هن ئي مجموعي ۾ ڪن شاعرن جا قصيدا ۽ منتشر اشعار به آهن، جن جو پڻ سنڌ جي تاريخ سان تعلق آهي. مثلاً، هن مجموعي ۾ مير عبدالجليل بلگرامي، (وقايع نويس، سرڪار سيوهڻ ۽ بکر) جو اهو قصيدو موجود آهي، جيڪو هن ميان دائود خان جي مدح ۾ چيو هو، جڏهن هن سيويءَ ۽ ڊاڍر کي فتح ڪيو. هن ۾ حڪيم عبدالرزاق معموريءَ (تحفـﺔ الڪرام ج 2 ص 230) جون چند رباعيون پڻ آهن، جن ۾ سنڌ تي ناراضگيءَ جو اظهار ٿيل آهي، چوي ٿو:
”يکچند درين سند پريشان گشتيم
گفتم گران شويم، ارزان گشتيم
در طالع ماکساد بازاري بود
آئينه فروش شهر کوران گشتيم.“
مڪتوبات ۾ ڪيترا خط نهايت اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا، مثلاً ميان يار محمد جو اهو خط هن مجموعي ۾ محفوظ آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي پٽ ميان نور محمد ڏي شاهه عنايت صوفي شهيد جي جنگ جو سربستو احوال لکيو آهي. اهو خط تمام قيمتي آهي. جنگ جو چشم ديد احوال سواءِ ان خط جي ڪٿان به ملي ڪونه ٿو سگهي. ان کان سواءِ ٻيا به قيمتي خط منجهس موجود آهن، مثلاً:
(1) مخدوم عيسيٰ خان مخدوم عباس هنڱورجي جو خط،
(2) مڪتايب شيخ محمد سعيد عباسي منشي، نواب مير يعقوب خان بکري،
(3) مڪاتيب شيخ عبدالرؤف منشي سيوستاني از زبان خان والاشان خدا يار خان. بجانب نواب عبدالصمد خان و ديگر مردمان و مکاتبه بطرف راج جئي سنگهه سوائي،
(4) نامهء الهه يار بکري بجانب عبدالرؤف،
(5) رقعات نورالحق مشتاقي منشي سيوستاني، ۽
(6) نامهء مير سيد محمد بخشي سيوستاني به محمد رفيع خلف مخدوم عبدالحڪيم سيوستاني.
يار محمد جي خط کان سواءِ، شاهه عنايت شهيد جي جنگ تي هڪ ٻيو مفصل خط به انهيءَ مجموعي ۾ موجود آهي، جيڪو ميران سنگهه کتريءَ جو لکيل آهي. هيءَ معلومات مون کي منهنجي مربي دوست جناب قاضي احمد ميان اختر موڪلي آهي. انهيءَ مجموعي ۾ سندس چوڻ آهي ته اڃا به زياده بيش بها معلومات آهي.
(20) بياض_ مِلِڪ سنڌ يونيورسٽي.
هي بياض به 12 صديءَ جو معلومات ٿئي ٿو. اڳ پوءِ ناقص اٿس، ۽ هن وقت 117 ورق باقي اٿس. هن ۾ فارسي گو شاعرن جي ڪلام جو انتخاب آهي، ۽ منجهس رقعا، عريضا ۽ تمسڪ به آهن، جن مان ڪيترا سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا. اڪبر شاه ثانيءَ جي دؤر جا ڪيترا سرڪاري مراسلا آهن، جن جو سنڌ سان تعلق آهي. ابتدا ۾ هڪ رپورٽ اٿس، جنهن جو عنوان آهي ”حقيقت نظم و نسق سرڪار بکر.“ شعرا ۾، ”مثنوي زيبانگار“ جي مصنف رضائي ٺٽويءَ جي اشعارن جو به انتخاب آهي، جو بلڪل ناياب آهي_ ڇاڪاڻ ته مثنويءَ کان سواءِ انهيءَ شاعر جو اسان کي ڪوبه ڪلام ڪونه ٿو ملي. هن بياض ۾ مُلا صفائي سنڌيءَ جي ڪلام جو انتخاب به موجود آهي؛ مُلا صاحب جي شعر جو نمونو هي آهي:
”صد جان بيک کرشمه عوض مي دهم ولـﻶ
ترسم که رنگ طبع خريدار نازکست.“
(21) جغرافيهء سنڌ_ هن ڪتاب جو نالو صحيح معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي. برادرم مڪرم مولائي شيدائيءَ تازو مون کي اطلاع ڏنو (الوحيد جي ذريعي) ته اهو ڪتاب ميان نور محمد جي فرزند ميان عطر خان، 12 جلدن ۾ تصنيف ڪرايو هو، ۽ هرهڪ جلد جدا جدا عنوانن جي هيٺ آهي. مثلاً هڪ جلد سياسي تاريخ تي، هڪ جلد جاگرافيءَ تي، ۽ هڪ جلد سنڌ جي قومن تي، وغيره وغيره. اهڙيءَ طرح اهي ٻارهن ئي جلد گويا سنڌ جي تاريخ لاءِ اکٽ ۽ عظيم الشان سرمايو آهن. مولائي شيدائي صاحب کي اهو اطلاع مسٽر علي محمد صاحب سيال کان مليو، جنهن صاحب اهو ڪتاب ميرپورخاص طرف ڪنهن بزرگ وٽ پاڻ ڏٺو هو، ۽ سمورو ڪتاب پنڊت موهن لال لالا سيوستانيءَ جي هٿ اکرين هو، جيڪو صاحب ميان عطر خان جو منشي، ڪاتب ۽ درباري هو. اهو صاحب نه فقط خوشخط هو بلڪ ساڳئي وقت مصنف به هو. سندس تصنيف ٿيل ”شاه جي رسالي“ جو شرح مسٽر علي محمد سيال پاڻ ڏٺو. تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ خدا ڪري جو هي ڪتاب ملي وڃي، ۽ ان کي شايع ڪري سگهجي. انهيءَ ڪتاب جو نالو ”نگران سنڌ“ چيو وڃي ٿو، ليڪن مون کي اهو نالو غلط معلوم ٿئي ٿو.
(22) نادر نامو_ مصنف ميان نور محمد عباسي والي سنڌ (1131ع_167هه)
هي ڪتاب، نادر جي حملي (1152هه) کان پوءِ 1155هه ۾ تصنيف ٿيو. ڪتاب مرحوم حافظ محمود خان شيرانيءَ جي ڪتبخاني ۾ هو، جو شايد هاڻي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ هوندو. مون کي مرحوم پاڻ ان جو ڏس ڏنو هو. ميان نور محمد ان ۾ غالباً نادر جي ڪاهه جو احوال لکيو آهي، نالي مان اهو قياس ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب نظم ۾ آهي، ۽ انهيءَ نسخي جي ڪتابت جو سال 1222هه هو.
مڪلي نامو_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي (متوفي 1203هه)_ تصنيف سنه 1174هه.
مير علي شير، صاحب ”تحفـﺔالڪرام“، مڪليءَ جي قبرستان ۾ جيڪي مشاهير مدفون آهن، انهن جي احوال ۾ ۽ مڪليءَ جي خوبصورت مقبرن ۽ عمارتن جي تعريف ۾ هي ڪتاب 1174هه ۾، 54 ورقن تي تصنيف ڪيو. مثنويءَ ۾ 1500 شعر آهن، ۽ مصنف جو اصل مسودو، جنهن جي ڪتابت سندس ئي هٿ اکرين آهي ۽ ڪتابت جو سال 1174هه آهي، سو هن و قت سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(24) مقالات الشعرا_ مير علي شير، ’قانع‘ ٺٽوي (متوفي 1203هه)_ تصنيف 1174هه.
هي سنڌ جي فارسي گو شاعرن جو پهريون جامع تذڪرو آهي. منجهس ايراني ۽ هندي شاعرن جو به ذڪر آيل آهي، جيڪي هتي سنڌ ۾ آيا يا هتي ڪجهه وقت رهي وري هليا ويا.
شاعرن جي تذڪري کان سواءِ منجهس بيمثل تاريخي مواد به آهي. هي نه فقط سنڌ جي ادبي تاريخ جو بنيادي ڪتاب آهي، بلڪ عام سياسي ۽ ملڪي تاريخ لاءِ به ڪارآمد آهي. ڪتاب نادر آهي، چند نسخا موجود آهن. مصنف جي پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. مون وٽ ٻه نسخا آهن، هڪ انهيءَ نسخي جو نقل ۽ ٻيو برٽش ميوزم جي نسخي جو فوٽو آهي. آخري نسخو، مير ڪرم علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو.
(25) تاريخ عباسيه_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1175هه.
مير علي شير جڏهن عباسي دربار سان وابسته هو، ان وقت هن هيءَ مثنوي ”شاهنامي“ جي طرز تي، ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ لکڻ شروع ڪئي، پر ڪتاب نامڪمل رهجي ويو. ان جا اقتباسات مسٽر ايليٽ جي فائل (2073_ O. R.) ۾ موجود آهن.
(26) تاريخ عباسيه_ مصنف مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1175هه.
مير صاحب ساڳئي وقت نثر ۾ به ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي تاريخ لکڻ شروع ڪئي هئي. مسٽر ايليٽ جو فهرست نگار هن ڪتاب متعلق لکي ٿو ته ”در بيان ميان صاحبان ڪلهوڙه، از ابتداي آمدن شان در سنده معه تحقيقات نسبت اوشان، و تقرر زمينداري آن فرقه در سنده و بدست رسيدن بانها حڪومت سنده و احوال واقعات آن ايام“ (فهرست ڪتبخانه ٺٽه، برٽش ميوزم (2073_ O. R.). اها تاريخ به غالباً نامڪمل رهجي ويئي، ڪٿي ان جو پتو نشان ڪونه ٿو پوي.
(27) تحفﺔ الڪرام_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1180هه.
مير علي شير، هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ لکيو آهي؛ آخري جلد سنڌ تي آهي. تاريخ سنڌ جي لاءِ هي ڪتاب انسائيڪلوپيڊيا جو ڪم ڏئي ٿو. تاريخ، مشاهيرن جا حالات، شهرن ۽ قصبن، قومن، ۽ ذاتين جو مفصل بيان هن ۾ ملي ٿو. پهريان ٻه جلد هندستان ۽ اسلامي دنيا جي تاريخ تي آهن. هي ڪتاب، مير صاحب 1180هه ۾ لکڻ شروع ڪيو، ۽ هڪ سال ۾ (1181هه) ختم ڪري، پوءِ به انهيءَ ۾ اضافو ڪندو رهيو، ۽ اهو سلسلو 1188هه تائين قائم رهيو. سنڌ جي مشاهيرن، علمائن، بزرگن، خطاطن، ۽ مصنفين خواه شاعرن جي سلسلي ۾ ”تاريخ معصوميءَ“ کان پوءِ، هي ٻيو تذڪرو آهي. ”معصوميءَ“ ۾ فقط ترخاني ۽ ارغوني دؤر جا مشاهير آيل آهن، ليڪن هن ۾ ڪلهوڙن جي زماني تائين جي مشاهيرن کي آندو ويو آهي. ڪلهوڙن جي تاريخ تي به هي ڪتاب مستند آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف انهيءَ دؤر جو ماڻهو آهي.
هن ڪتاب جا ٽيئي جلد، مطبع ناصري دهليءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن، ليڪن بلڪل نامڪمل ۽ غلط آهن. مرزا قليچ بيگ مرحوم ان جو ٿوري ترتيب جي ڦير گهير سان ”قديم سنڌ“ نالي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو 1965ع ۾ شايع ٿيو، ۽ ان ۾ برطانوي عهد تائين جو اضافو پنهنجي طرفان ڪيائين. ڪتاب جا قلعي نسخا ملن ٿا. مصنف جو پنهنجي هٿ اکرين لکيل نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي، ۽ برٽش ميوزم ۾ مصنف جي هٿ اکرين جيڪي ٻه نسخا آهن، انهن جو فوٽو مون وٽ آهي. ڪتاب جي ٽئين جلد جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ تيار ڪرايو آهي، جو عنقريب شايع ڪري رهيا آهن.
(28) تحفته الطاهرين_ مصنف، محمد اعظم ٺٽوي_ تصنيف 1194هه.
هي انهن بزرگن جو تذڪرو آهي، جيڪي ٺٽي ۽ مڪليءَ ۾ مدفون آهن. ٺٽي جي بزرگن کي، مصنف محله وار تقسيم ڪيو آهي. تاريخي لحاظ سان هن ۾ ڪو مواد ڪونه آهي. البته تذڪري جي لحاظ سان نهايت ڪارآمد ۽ مفيد آهي؛ مون وٽ قلمي نسخو موجود آهي. ٻيو نسخو مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسين واري وٽ موجود آهي. هڪ قلمي نسخو شيراني ڪليڪشن لاهور ۾ به آهي، جنهن جي ڪتابت 1194هه ۾ ٿي، ۽ اهوئي سال تصنيف جو به آهي، ممڪن آهي ته اهو نسخو مصنف جو پنهنجو هجي. هڪ نسخي جو ڏس سيد غلام محمد مرتضويءَ ٺٽويءَ وٽ به آهي.
(29) مڪتوبات شاه فقيرالده علوي_ مصنف، شاه فقيرالله علوي بن شاه عبدالرحيم بن شاه شمس الدين جلال آبادي ثم شڪارپوري (متوفي 3 صفر 1195هه).
هي جليل القدر بزرگ اصل جلال آباد جو هو، ليڪن 1150هه ۾ اتان لڏي اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيو. احمد شاه ابدالي سندس مريد هو. ان کانسواءِ سنڌ جا ڪيترا بزرگ ۽ مشاهير سندس حلقه ارادت ۾ شامل هئا. سندس درس مان سنڌ جا ڪئين بزرگ فيضياب ٿيا. پير سائين محمد راشد روضي وارو به سندس ئي شاگرد هو.
شاهه صاحب جي مڪاتب جو هي مجموعو لاهور مان ڇپيو آهي. وقت جي سياسي اڪابرن ۽ عالمن سان سندس خط و ڪتابت رهي آهي. زياده تر ماڻهو کانئس ديني ۽ علمي مسئلا پڇندا هئا، جن جي جوابن ۾ ضمناً تاريخي ڳالهيون به اچي ويون آهن. سڀئي خط اهم آهن، ليڪن تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ هيٺيان خط خاص اهميت رکن ٿا:
احمد شاه ابدالي (1160_1187هه) ڏانهن 4 خط
مير نصير خان والي قلات ” 2 ”
شاهزادي سليمان شاه بن احمد شاه ” 3 ”
ميان سرفراز ڪلهوڙي (1187_1189هه) ” 3 ”
شاه ولي خان وزير اعظم احمد شاه ” 2 ”
مخدوم محمد معين ٺٽوي المتوفي سنه 1161هه 5 ”
(30) قصيده بمدح عبدالنبي_ مصنف، مير علي شاه شائق عرف سيد رحمت الله ولد سيد لطف علي شاه رضوي، بڪاري_ تصنيف قبل 1198هه.
هي قصيدو ميان عبدالنبي واليِء سنڌ (1191_1198هه) جي مدح ۾ چيو ويو آهي. قصيدي ۾ جملي 495 شعر آهن. هن قصيدي مان، انهيءَ عهد جي اميرن، منصبدارن، فوجي جرنيلن جي نالن ۽ احوال جي خبر پوي ٿي، ۽ اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دؤر ۾ ڪهڙا ڪهڙا منصب ۽ عهدا هئا. ڪلهوڙن جي دؤر تي هي تاريخي لحاظ سان ڪارآمد قصيدو آهي. هن جو هڪ نسخو مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسين واري وٽ آهي، ۽ ان تان نقل ٿيل ڪاپي سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(31) هيئَت العام_ مصنف، محمد اعظم ٺٽوي_ تصنيف 1200هه.
”تحفﺔ الطاهرين“ جي مصنف جي هيءَ ٻي تصنيف جاگرافيءَ تي آهي. بکر، ٺٽو، سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين اهم مرڪزن جو قيمتي احوال هن مان ملي ٿو. ڪتاب جو نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي. ٻيو ڪوبه نسخو اڃا تائين معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي.
(32) طومار سلاسل گزيده_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1202هه.
مير صاحب جي هيءَ تصنيف نهايت مفيد ۽ ڪارآمد آهي. هن ۾ سنڌ جي صوفين ۽ طريقن جا شجرا ڏنا ويا آهن. هن مان سنڌ جي تصوف ۽ طريقن جي تاريخ ۽ تحريڪن جو پتو پئجي سگهي ٿو. انهيءَ سلسلي جو اهوئي واحد ڪتاب آهي، ليڪن افسوس آهي، جو ان جي ڪنهن به نسخي جو نشان پتو ڪونه ملي سگهيو آهي. ان جي هڪ صفحي جي نقل سنڌي ادبي بورڊ جي وساطت سان مون کي مليو آهي. جنهن ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي ٺٽويءَ جو سلسلو مرقوم آهي.
(33) معيار سالڪان طريقت_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي_ تصنيف 1202هه.
سنڌ جي بزرگن ۽ مذهبي پيشوائن، مشاهيرن ۽ اوليائن جو نهايت ئي مفصل ۽ مستند تذڪرو آهي. مير صاحب ديباچي ۾ لکيو آهي ته هن ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ به مشاهيرن جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن انهيءَ ۾ هن تاريخن ۽ سالن جو اهتمام ڪونه ڪيو آهي. 63 ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن زندگيءَ جو سج غروب ٿيڻ تي اچي بيٺس، تڏهن هن سعادت حاصل ڪرڻ خاطر سنڌ جي سڀني مشاهيرن جو تذڪرو، ”بقيد زمان و مڪان“ لکي پورو ڪيو. منجهس 411 مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جون کيس ولادت ۽ وفات جون تاريخون معلوم ٿي سگهيون آهن، ۽ آخر ۾ اهي بزرگ ڏنل آهن، جن جون تاريخون يا زمانا معلوم ٿي ڪونه سگهيا.
ڪتاب بيحد قيمتي ۽ نادر آهي مون وٽ برٽش ميوزم واري نسخي جو فوٽو آهي، جيڪو مير مراد علي خان (1144_1249هه) لاءَ لکيو ويو، ۽ ڪاتب جو نالو علي حسن آهي، جنهن 1245هه ۾ لکي پورو ڪيو. هي نسخو فلسڪيپ سائيز تي آهي ۽ مير علي شير جي ٻين تصنيفن سان گڏ هڪ ئي جلد ۾ آهي. انهيءَ مجموعي ۾ ”تحفـﺔ الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعرا“ به آهي. ڪتاب مجموعي جي 339 ورق کان شروع ٿي 447 ورق تي ختم ٿئي ٿو. اهو نسخو ڪنهن انگريز 11 آڪٽوبر 1856ع تي خريد ڪري برٽش ميوزم کي ڏنو. هن وقت برٽش ميوزم ۾ ان جو نمبر 21089 A. D. D. آهي. خط نهايت خوبصورت نستعليق اٿس، ۽ حاشين تي ميناڪاريءَ جو اوچو ڪم ٿيل اٿس.
(34) شجره اهلبيت_ مصنف، مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1212هه.
هي ڪتاب مير صاحب سنڌ جي ساداتن جي شجره نسبت تي لکيو آهي. سنڌ جي ساداتن جي نسب نامي تي سواءِ هن ڪتاب جي ٻيو ڪو ڪتاب ڪونه آهي، ليڪن افسوس آهي جو ڪتاب ناياب آهي ۽ اڃا ڪنهن به نسخي جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي.
(35) فتحنامو_ مصنف، مير عظيم الدين بن سيد يار محمد بن سيد عزت الله (متوفي 1161هه) بن محمد سيد بن محمد مقيم بن سيد ظهيرالدين جادم ثاني شڪرالاهي ٺٽوي_ تصنيف 1209هه.
هي ڪتاب ”شاهنامي“ جي بحر ۽ طرز جي مثنوي آهي. ان ۾ ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپرن جي فتح تي مفصل روشني وڌي ويئي آهي، واقعات چشم ديد ۽ نهايت مستند آهن. ڪتاب، مير فتح علي خان فاتح سنڌ (1197_1216هه) جي نالي سان منسوب آهي. مصنف سندس درٻاري شاعر هو. هيءَ پهرين تاريخ آهي، جيڪا ڪلهوڙن جي زوال ۽ ميرن جي حڪومت تي ٽالپري دور ۾ لکي ويئي، ۽ انهيءَ دور ۾ بيحد مقبول هئي. ڊاڪٽر برنز لکي ٿو ته ”ڪتاب انهيءَ حد تائين مقبول هو، جو عوام ۽ خواص کي برزبان هو، ۽ مصنف جو دربار خواه ان کان ٻاهر ڌاڍو قدر هو. ساڳئي مصنف پنهنجو هڪ ديوان به مرتب ڪيو، ۽ ”مثنوي هير رانجهو“ به تصنيف ڪئي، ۽ مڪتوبات جو به هڪ مجموعو تاليف ڪيائين. ڪتاب جا متعدد قلمي نسخا موجود آهي. مون وٽ به هڪ خوشخط نسخو موجود آهي.
(36) مجمع البلغاءِ_ مصنف، سيد غلام علي ’مائل‘ بن مير علي شير ’قانع‘_ تصنيف 1218هه.
مير علي شير جي پٽ ۽ سنڌ جي مشهور شاعر، سنڌ جي شاعرن جو تذڪرو، 1218هه ۾ مرتب ڪيو. مسٽر ايليٽ جي فائلن مان معلوم ٿيو ته تذڪري جا جملي 639 ورق هئا ۽ هرهڪ صفحي تي 17 سٽون هيون. ابتدائي ارغون عهد کان وٺي ٽالپري عهد تائين فارسيءَ گو شاعر، جيڪي سنڌ ۾ ٿي گذريا، يا سنڌ سان جن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان واسطو رهيو، انهن سڀني جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي. ”مقالات الشعرا“ واري سلسلي جي، هيءُ تذڪرو هڪ جامع ۽ مڪمل ڪڙي آهي. افسوس آهي، جو ان جو ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي. چند اقتباس ايليٽ صاحب جي فائل ۾ موجود آهن.
(37) مڪتوبات عظيم_ مصنف، مير عظيم الدين ٺٽوي_ مڪتوبه 1202هه، 9 صفرالمظفر؛ ڪتابت سيد اشرف علي بن سيد متين الدين رضوي البکري.
مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي مڪتوبات جو مجموعو، ننڍيءَ سائيز جي 37 ورقن تي آهي؛ هن ۾ سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ ڪيترا خط موجود آهن. هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.
(38) انشاءِ عطارد_ مصنف، منشي شيوڪرام عطارد، (متوفي 1244هه).
منشي عطارد فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. سنڌ ۾ هن جو درجو اهو آهي، جيڪو هندستان اندر لاله لڇمي نرائن شفيق ۽ چندرڀان برهمڻ جو هو. ٺٽي جو باشندو ۽ محسن ٺٽويءَ جو شاگرد هو. مير علي شير سان خاص دوستيءَ جو رستو هئس. ابتدا ۾ ميان غلام شاه جي دربار ۾ (1170_1186هه) هو، ۽ ان کان پوءِ جڏهن سرفراز خان تخت نشين ٿيو ته ان جو مشير خاص ٿي رهيو.
”ديوان“ ۽ ”مثنوي هير رانجهو“ کان سواءِ هن جي مڪاتيب جو هي مجموعو سنڌ جي تاريخ لاءِ بيش بها خزانو آهي، البته اسلوب نگارش پرتڪلف، ۽ شيريني ۽ دلاويزي عبارت ۾ گهٽ اٿس، ليڪن تاريخي لحاظ سان نهايت قيمتي آهي. ميان غلام شاه (1170_1186هه)، ميان سرفراز (1186_1189هه)، ۽ مير بجار (شهيد 1194هه) جي سلسلي ۾ ڪيترا خط تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. عطارد جو انتقال، مير ڪرم علي خان ٽالپر جي دؤر (1227_1244هه) ۾ ٿيو. مڪتوبات جو هڪ بدخط نسخو مون وٽ موجود آهي.
(39) تواريخ عباسيان_ مصنف، نامعلوم_ تصنيف قبل 1226هه.
هن ڪتاب جو ذڪر مسٽر اسٽوريءَ ڪيو آهي. انڊيا آفيس ۾ ان جو هڪ نسخو (نمبر 755 D. P.) موجود آهي، جنهن جا ابتدائي ورق ڪونه آهن، تنهنڪري نه ڪتاب جو نالو معلوم ٿي سگهيو، نه مصنف جو. ڪتاب ۾ 1226هه تائين جو احوال درج آهي، يعني ميان محمد علي خان بن ميان محمد عارف خان بن ميان عبدالنبي جي سال وفات (1226هه=1811ع) تائين منجهس حالات آهن؛ ممڪن آهي ته ميان عبدالنبيءَ جي پوٽي ميان محمد عليءَ اهو ڪتاب تصنيف ڪرايو هجي.
(40) ڪلهوڙن جو احوال_ مصنف، مظهر علي_ تصنيف جو سال نامعلوم.
هن ڪتاب جو به مسٽر اسٽوريءَ (C. A. Story) ذڪر ڪيو آهي، ۽ لکي ٿو ته ان جي اصل فارسي نسخي جو پتو ڪونه ٿو پوي. البته ان جو انگريزي ترجمو Capt: Pagan ڪيو آهي، جيڪو ڪلڪتي ميگزن جي 1831ع واري پرچي ۾ صفحي 272 کان 288 تائين شايع ٿيو.
(41) ڪلهوڙه نامو_ مصنف، سيد ثابت علي شاه (متوفي 1225هه).
سيد ثابت علي شاه ڪلهوڙن جي آخر دﺆر ۾ ٽالپرن جي ابتدائي دﺆر جو مرثيه گو شاعر هو. ”ڪلهوڙه نامي“ جي تصنيف جو پتو، مرزا احسن ڪربلائيءَ جي ذريعي پيو آهي. ڀانئجي ٿو ته سيد صاحب، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي تاريخ تي هيءَ مثنوي تصنيف ڪئي آهي. ان جي نسخي جو ڪوبه پتو ڪونه آهي.
(42) فتحنامو_ مصنف، معزالدوله، معين الملڪ، فيروز جنگ، مير صوبدار خان (ولايت 9 محرم 1217هه_ وفات 14 رجب 1262هه) بن مير فتح علي خان ”فاتح سنڌ“ (1198_1217هه)، تصنيف 1244هه.
مير صوبدار خان، ”فتح نامه“ مير عظيم الدين جي طرز تي هيءَ مثنوي، ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۽ ٽالپرن جي پوري دﺆر تي لکي. ٽالپرن جي دؤر جو هي مستند تاريخي دستاويز، مصنف جي ذاتي مشاهدي تي مبني آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ جيڪو نسخو آهي، ان تي ڪتابت جو سال لکيل نه آهي، منجهس 225 ورق آهن ۽ هر صفحي تي 13 سٽون آهن. ڪتاب ۾ ڪاٽ ڪوٽ گهڻي آهي، تنهنڪري گمان غالب آهي ته مصنف جي زماني جو نسخو آهي.
مير صوبدار ٻيون به تصنيفون ڇڏيون آهن، مثلاً ”سيف الملوڪ“، ”جدائي نامه“، ”مڪاتيب“ ۽ هڪ ”ديوان“.
(43) جدائي نامو_ مصنف، مير صوبدار خان ٽالپر.
انگريزن جي قبضي بعد، مير صاحب به ٻين شهزادن سان گڏ گرفتار ٿي، ڪلڪتي جلاوطن ٿي ويو هو. ”جدائي نامو“ انهيءَ غريب الوطنيءَ جي دؤر جو يادگار آهي، جنهن ۾ حڪومت جي وڃڻ بعد جيڪي ٽالپرن تي مصيبتون نازل ٿيون ۽ جلاوطنيءَ جي دؤر ۾ جيڪي مٿن وهيو واپريو، ان جو تفصيلي ذڪر آهي. ڪتاب جو هڪ نسخو مير علي احمد خان ٽالپر جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي، ۽ ٻيو نسخو مير علي بخش خان جي نادر لائبريريءَ ۾ آهي.
(44) مڪاتيب مير صوبدار خان_ مصنف، مير صوبدار خان ٽالپر.
هي انهن خطن جو مجموعو آهي، جيڪي مير صاحب پنهنجي دوستن ۽ عزيزن ڏانهن جلاوطنيءَ واري زماني ۾ لکيا آهن. برطانوي تسلط کان پوءِ جي حالت تي هي خط ڪافي روشني وجهن ٿا. انهيءَ مجموعي جو نسخو مرحوم مير علي بخش خان صاحب ٽالپر (متوفي 1374هه) جي ڪتبخاني ۾ آهي.
(45) تاريخ بلوچي_ مصنف، ميان عبدالمجيد جوکيو مجيدي_ تصنيف قبل 1244هه.
مصنف، مير ڪرم علي خان (1227_1244هه) جي درٻار سان وابسته هو. هيءَ تاريخ هن ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپري فتوحات تي لکي. تاريخ جي شروعات ميان غلام شاه جي مسند نشينيءَ (1170هه) کان ٿئي ٿي. منجهس بيش بها ۽ نادر معلومات آهي. ڪيترا واقعات انهيءَ قسم جا آيل آهن، جيڪي ٻيءَ ڪنهن به تاريخ ۾ ملي ڪونه ٿا سگهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ ان جو هڪ نسخو موجود آهي، جنهن جي ڪتابت محمد عابد، 19 رجب 1269هه بروز پنج شنبه ختم ڪئي آهي. ڪتاب، ڪتابي سائيز جي هڪ سوء ورقن تي لکيل آهي.
(46) تذڪره زبده المعاصرين_ مصنف، مير حسين الحسيني شيرازي_ تصنيف 1240هه.
مصنف شيراز مان، مير مراد علي خان (1244_1249) جي دؤر ۾، سال 1240هه ۾ سنڌ پهتو، ۽ حيدرآباد ۾ اچي مير مراد علي خان جي دربار سان وابسته ٿيو. هن اچڻ سان ئي سنڌ جي فارسي گو معاصر شاعرن تي هي تذڪرو لکيو. انهيءَ تذڪري جو اطلاع مون کي برادرم مڪرم جناب احسن ڪربلائيءَ ڏنو آهي؛ وٽس مصنف جو پنهنجو خطي نسخو ساڳئي سال جو لکيل موجود آهي. ”مقالات الشعرا“ ۽ مجمع البلغا“ جي هيءَ ٽين ڪڙي آهي. انهيءَ تذڪري مان خالص ٽالپري دﺆر جي شاعرن جو اسان کي پتو پئجي سگهندو. ان جو هڪ نسخو شيراني ڪليڪشن ۾ به آهي، جنهن جي ڪتابت جو سال پڻ 1240هه آهي.
(47) دستورالعمل آگهي_ مصنف، رامچند مهتو ٺٽوي_ تصنيف قبل 1261هه.
هي ڪتاب نهايت قيمتي ۽ بيش بها آهي؛ منجهس ٽالپري عهد ۾ جمع بنديءَ، حساب ڪتاب، وصوليءَ ۽ ڍلن جو جيڪو شرح ۽ نمونو هوندو هو، ان جو تفصيلي ذڪر آهي. ان ۾ آمدني روانگيءَ ۽ جمع خرچ جي ڪتابن جو پڻ نمونو ڏنل آهي؛ ان کانسواءِ حاڪم، وزير، امير، جنهن جنهن نموني جا خط لکندا هئا، سرڪاري مراسلا ڪيئن لکيا ويندا هئا، انهن سڀني جا نمونا ڏنا ويا آهن.
ڪتاب جو هڪ نسخو جيڪو 101 ورقن ۾ لکيل آهي، سو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ آهي؛ ان جي ڪتابت جي تاريخ 11 رمضان 1261هه آهي.
(48) فهرست تاريخ سنڌ_ مصنف، محمد حسين قادري سيوستاني_ تصنيف قبل 1247هه.
هي 24 صفحن جو هڪ ننڍو رسالو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي حڪمرانن جا سلسليوار نالا ڏنا ويا آهن؛ هڪ ٻن سٽن ۾ هرهڪ جو احوال به ڏنو ويو آهي. مون وٽ هڪ نسخو آهي،جنهن جي ڪتابت 1247هه ۾ ٿي، ۽ هر صفحي تي 13 سٽون اٿس. ”تاريخ معصوميءَ“ جو جيڪو قلمي نسخو مون وٽ آهي، ان جي آخر ۾ به اهو رسالو ڏنل آهي. ان کانسواءِ برٽش ميوزم واري ”تاريخ معصوميءَ“ (نمبر 1788O. R. ) جي آخر ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ 919هه کان وٺي 1309هه تائين جو حال ڏنل آهي.
(49) خلاصهء تاريخ سنڌ_ مصنف، نامعلوم_ تصنيف قبل 1287هه.
پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ نمبر 158 تي هي نسخو آهي؛ ڪتابت جي تاريخ 18 رجب 1287هه اٿس. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو ڪنهن صاحب فارسيءَ ۾ خلاصو تيار ڪيو آهي.
(50) رساله حساب مال و ديوان_ مصنف، خير محمد هالڪنڊي_ زمانه تصنيف نامعلوم.
هي 8 صفحن جو ننڍو رسالو آهي، جنهن جو نالو آهي ”رساله حسابات مال و ديوان و ضبط اراضي“. هي رسالو به نمبر 47 جي نموني تي آهي، ليڪن هن ۾ فقط جمع بنديءَ، ڍلن ۽ زرعي زمين جي ماپ وغيره جو طريقو ڏنل آهي. اهو رسالو مون وٽ آهي.
(51) شجره سومرگان وسمگان_ مصنف، نامعلوم_ زمانه تصنيف نامعلوم.
ابتدا ۽ انتها کان ناقص. هن ڪتاب جا چند اجزا مون وٽ آهن، جنهن ۾ فقط سنڌ جي سومرن ۽ سمن جا شجرا ڏنل آهن. معلوم اهو ٿئي ٿو ته سنڌ جي قبيلن جي انساب تي هي ڪتاب هو، جنهن جي وچ جا اهي اجزا وڃي بچيا آهن. ڪتاب ننڍي سائيز تي بدخط ۾ آهي.
(52) تاريخ تازه نواء_ مصنف، مرزا عطا محمد شڪارپوري_ زمانه تصنيف، برطانوي عهد جي ابتدا.
مصنف شڪارپور جو باشندو هو. هن ڪتاب ۾ برطانوي عهد ۽ شاه شجاع الملڪ جي آمد و رفت جي مڪمل ۽ مستند تاريخ آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف انهيءَ دؤر جو ماڻهو آهي ۽ واقعات چشم ديد لکيا اٿائين. ڪتاب جو هڪ نسخو پير علي محمد راشديءَ وٽ آهي؛ ٻيو نسخو ڊاڪٽر دائود پوٽي وٽ آهي؛ ۽ ٽيون نسخو برٽش ميوزم ۾ محفوظ آهي.
(53) خزائن تاريخ_ مصنف، مرزا عطا محمد شڪارپوري_ تصنيف بعد از 1261هه.
”تاريخ تازه نواء“ جي مصنف جو هي ٻيو ڪتاب آهي. هن ۾ سر چارلس نيپئر جي ان حملي جو به ذڪر آهي، جيڪو هن 1261هه ۾ بلوچن تي ڪيو. هن تاريخ جا اقتباسات برٽش ميوزم جي مجموعي (1981 O. R. ) ۾ آهن.
(54) سوانح شجاع الملڪ_ مصنف، شاه شجاع الملڪ، بادشاه ڪابل.
هن جو هڪ نسخو شيراني ڪليڪشن ۾، ۽ هڪ نسخو آصفيه ڪتبخاني ۾ آهي. شاه شجاع الملڪ، هن ۾ پنهنجي سوانح لکي آهي، جنهن ۾ سندس سنڌ ۾ اچڻ ۽ هتي رهڻ جو احوال پڻ موجود آهي. ”تاريخ ڪابل“ به ان ڪتاب جو نالو آهي.
(55) نظارة السند_ مصنف، بشن نرائن_ تصنيف 1858ع.
هي مسٽر T. Postan جي ڪتاب ”The Personal Observations on Sind“ جو فارسي ترجمو آهي. مترجم، 1858ع تائين جي احوال جو پنهنجي طرفان اضافو ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو هڪ خطي نسخو، ”بنگال ايشاٽڪ سوسائٽيءَ“ جي ڪتبخاني ۾ نمبر 376_317 O. تي آهي؛ هي نسخو 1859ع جو لکيل آهي.
(56) فريئَر نامو_ مصنف، مير يار محمد خان بن مير مراد علي خان ٽالپر_ تصنيف 1279هه.
هيءَ تصنيف مير ڪرم علي خان واليء سنڌ (1244_1249هه) جي صاحبزادي مير يار محمد خان جي آهي. مصنف خود ميرن جي آخري چوياريءَ جو رڪن هو؛ برطانوي تسلط (1259هه مطابق 1843ع) وقت گرفتار ٿي ڪلڪتي جلاوطن ٿيو. مير صاحب، هزاري باغ ۾ وڃي قيام ڪيو، ۽ 1270هه مطابق 1854ع ۾، کيس وطن اچڻ جي اجازت ملي؛ رجب 1272هه ۾ حيدرآباد پهتو، جتي سندس انتقال ٿيو (22 رمضان 1287هه.)
مصنف جو پنهنجو بيان آهي ته ”12 جمادي الاخر 1279هه مطابق 5 ڊسمبر 1863ع، سر بارٽل فريئر، سنڌ جو پهريون ڪمشنر، سندس بنگلي تي آيو ۽ مير صاحب کي هن فرمائش ڪئي ته ٽالپرن جي عهد جي هو تاريخ لکي، ”ڇاڪاڻ ته کانئس پوءِ ڪوبه اهڙو ڪونه هو جيڪو اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪري سگهي.“ مصنف، ٽن مقالن ۾ ڪتاب کي ورهايو آهي؛ پهريون مقالو ڪلهوڙن جي احوال ۾ آهي، ٻيو مقالو ٽالپرن جي دﺆر تي، ۽ ٽيون مقالو برطانوي تسلط تي آهي.
ڪتاب 269 صفحن تي آهي. ابتدائي حصي جو بنياد مير عظيم الدين جي ”فتحنامي“ تي آهي؛ باقي ٻن مقالن کي هن پنهنجي اکين ڏٺي احوال جي آڌار تي مرتب ڪيو. هيءَ تاريخ، ڪلهوڙن ۽ خاص طرح ٽالپرن ۽ برطانوي تسلط جي سلسلي ۾، نهايت قيمتي آهي. هن ۾ ڪلهوڙن جي رقيب خاندان جو نقطهء نگاهه موجود آهي، ۽ خود شاهي خاندان جي هڪ جليل القدر حاڪم جا چشم ديد واقعا موجود آهن. ڪتاب جو هڪ نسخو مسٽر محمد حنيف صديقيءَ وٽ موجود آهي.
(57) تاريخ سنڌ_ مصنف، منشي ٽوپڻ مل_ تصنيف قبل 1259هه.
هيءَ تاريخ، نواب فتح محمد خان ولد نواب ولي محمد خان لغاريءَ (متوفي 1248هه=1832ع) جي فرمائش تي لکي ويئي. نواب ولي محمد خان، ٽالپري عهد جو امير الامرا، بهادر جرنيل ۽ فاضل اديب ۽ نغزگو شاعر هو_ ”مثنوي هير رانجهو“، ”ديوان ولي“ ۽ طب ولي“ (نزهت الابدان) سندس يادگار آهن.
152 صفحن جي هن تاريخ ۾، سنڌ جو سرسري خاڪو پيش ڪيو ويو آهيس. ڪي واقعا منجهس اهڙا به آهن، جيڪي ٻيءَ ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿا ملن. ڪتاب ۾ 1259هه مطابق 1843ع تائين جا واقعات آهن. ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي؛ پهريون حصو (25 ورق) تيمور کان وٺي 1216هه تائين، ۽ ٻيو حصو (25 تا 73 ورق) تاريخ سنڌ تي، از ابتدا تا تسلط برطانوي (1843ع). انهيءَ تاريخ جو هڪ نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪتابت جي تاريخ 26 جمادي الثاني 1292هه آهي.
(58) تڪملئه مقالات الشعرا_ مصنف، محمد ابراهيم صديقي نقشبندي ٺٽوي، تخلص ”جليل“ ۽ ”سودائي“ (متوفي 1316هه).
هي تذڪرو ”مقالات الشعرا“ جو تڪملو آهي، ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ جي چوٿين ڪڙي آهي. هن تذڪري ۾ 72 شاعرن جو ذڪر آهي. آخري ٽالپري دؤر ۽ ابتدائي برطانوي دﺆر جا سڀئي ممتاز فارسي گو شاعر هن تذڪري ۾ اچي ويا آهن. ڪتاب ۾ 618 ورق آهن. شاعرن جي سلسلي ۾، ضمناً تاريخي واقعا به اچي ويا آهن. هن تذڪري جي هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ آهي؛ ۽ ٻي ڪاپي جناب خالدي ٺٽويءَ وٽ ٻڌجي ٿي.
(59) لب تاريخ سنڌ_ مصنف، خانبهادر خدا داد خان بکري_ تصنيف 1318هه.
فارسي زبان ۾، سنڌ جي تاريخ تي هي آخري ڪتاب آهي، جو 1318هه مطابق 1900ع تائين جو احوال ٻڌائي ٿو. مصنف، انگريز سرڪار جو ملازم ۽ جاگيردار هو. فارسي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سان مرحوم کي خاص دلچسپي هئي، ۽ هن مختلف عنوانن تي ڪيئي ڪتاب لکيا. سنڌ جي قديم تاريخي ڪتبن کي هن صاحب ٻن ضخيم جلدن ۾ مرتب ڪيو هو. ليڪن افسوس آهي، جو ٻيئي جلد گم ٿي ويا؛ اڄ انهن ڪتبن مان ڪيترا ڪتبا بنهه گم ٿي ويا آهن. هن تاريخ ۾ ڪيئي خاص واقعا مصنف پنهنجي ذاتي معلومات جي بناء تي لکيا آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به ڪتاب مان ملي ڪونه سگهندا.
”لب تاريخ سنڌ“، 1900ع ۾، امرتسر مان شايع ٿي آهي، مگر ڇاپي نسخي ۾ پروف جون اڪيچار غلطيون آهن، خاص طرح تاريخن ۽ سالن ۾.
(60) پل نامه_ مصنف، خانبهادر خدا داد خان بکري_ تصنيف 1307هه.
”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف، هن ڪتاب ۾ لينسڊائون پل سکر واريءَ جي افتتاح جو احوال لکيو آهي. ڪتاب ننڍيءَ سائيز جي 64 صفحن تي آهي، ۽ 1307هه مطابق 1890ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو آهي. انهيءَ مختصر ڪتاب ۾ مصنف ڪوئٽيا جي سفر جو احوال به ڏنو آهي.
(61) جام جهان نما_ مصنف، مخدوم محمد عاقل کهڙوي_ (متوفي 1337هه).
هي ڪتاب ٽن جلن ۾ آهي، آخري جلد سنڌ جي تاريخ تي آهي. مصنف هڪ عظيم المرتبت بزرگ خاندان مان هو، ۽ پاڻ به وڏو عالم دين هو. سندس گهراڻو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ وڏي مذهبي اقتدار جو مالڪ هو.
هن ڪتاب ۾ ڪيئي نادر واقعا درج آهن؛ ان کانسواءِ تاريخي، سياسي ۽ ملڪي حالات سان گڏ اسان کي انهيءَ دؤر جي مذهبي ۽ روحاني تحريڪن ۽ ماحول جو به هن تاريخ مان پتو پوي ٿو.
ڪتاب جو فقط هڪ ئي نسخو موجود آهي، جيڪو مصنف جي خاندان جي موجوده سجاده نشين صاحب وٽ آهي.
(62) تذڪره مخاديم کهڙا_ مصنف، مخدوم الهه بخش بن مخدوم محمد عاقل کهڙوي.
هي تذڪرو، مخدوم کهڙن جي پوري خاندان جي حالات ۾ آهي. ٽالپري ۽ ڪلهوڙه عهد جي تاريخي واقعات تي به هن مان روشني ملي ٿي. ڪتاب جو اصل نالو آهي ”فوزالاخلاف من فيض الاسلاف.“ مصنف، ”جام جهان نما“ جي مصنف جو فرزند آهي. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، سو منهنجي ڀاءُ علي محمد راشديءَ جو نقل ڪيل آهي، ۽ 323 فلسڪيپ پنن تي آهي.
هي سڀ اهي ڪتاب آهن، جيڪي دستياب ٿي سگهن ٿا، يا معلوم ٿي سگهيا آهن. سنڌ جي ذاتي ڪتبخانن جي جيڪڏهن سروي ڪئي ويندي ته ممڪن آهي ته اڃا به ڪيئي ڪتاب، سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ، لڀي پون. ان کانسواءِ بزرگن جي ملفوظاتن، بياضن ۽ مڪتوباتن جو سنڌ ۾ اکٽ خزانو موجود آهي. جيڪڏهن ملڪ جو جائزو ورتو ويندو ته انهيءَ قسم جي ذخيري جو به خزانو هٿ لڳي ويندو، ۽ اسان جي وطن جي تاريخ جون سڀ گم ٿيل ڪڙيون ملي وينديون. سنڌ ۾ شاهي دستاويزن ۽ فرمانن جو به هڪ وڏو ذخيرو آهي؛ انهن جي جانچ پڙتال ۽ دستيابي به ضروري آهي.
سنڌ جي سرحد، ڪنهن زماني ۾، ملتان تائين رهي آهي؛ هيڏانهن بلوچستان به سنڌ جو هڪ حصو هو؛ اُچ ۽ بهاولپور به سنڌ جو هڪ جزو هئا. بهاولپور جا حاڪم خود، شڪارپور ۽ لکيءَ جا، ڪلهوڙن جي دﺆر ۾، زميندار هئا، ۽ پوءِ لڏي وڃي اها حڪومت قائم ڪيائون. انهيءَ خاندان جي ابتدائي تاريخ کي خود سنڌ جي تاريخ سان تعلق رهيو آهي، جنهنڪري بهاولپور جي تاريخ کي گويا سنڌ جي تاريخ جو ضميمو سمجهڻ گهرجي.
انهيءَ بناء تي مان بهاولپور جي ابتدائي تاريخن جو، مضمون جي هن ئي حصي ۾ ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان، ۽ سلسلي کي قائم رکڻ خاطر، بلوچستان جي ابتدائي تاريخن کي به هتي ئي آڻيان ٿو.
(63) مرات دوات عباسيه_ مصنف، لاله دولت راءِ ابن عزت راءِ_ تصنيف 1227هه.
مصنف جو والد، نواب محمد مبارڪ خان جو ملازم هو. بهلول خان ثانيءَ جي زماني (1186_1224هه) ۾، مصنف دربار سان وابسته ٿيو. ڪجهه ڏينهن پڄاڻان نوڪري ڇڏي ملتان ۾ وڃي مقيم ٿيو. پوءِ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي دؤر ۾ ٽالپري دربار ۾ اچي شريڪ ٿيو، ۽ ڪجهه عرصي بعد، محمد صادق خان جي دؤر ۾ (1224_1241هه)، وري وڃي بهاولپور جي دربار ۾ پهتو، جتي 1246هه ۾ سندس انتقال ٿيو.
هيءَ تاريخ، مصنف، 1224هه ۾، شروع ڪئي ۽ 1227هه ۾ لکي ختم ڪئي. ڪلهوڙن جي دور ۽ ميرن جي صاحبيءَ جو هن ۾ سربستو احوال آهي. پڻ ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي معاملات تي هن مان خاص مواد ملي ٿو.
1851ع ۾، هيءَ تاريخ، 476 صفحن تي، دهليءَ مان شايع ٿي، ليڪن اهو نسخو اڄڪلهه ناپيد آهي.
(64) تاريخ بهاول خان_ مصنف، وڏيرو جان محمد خان مارفاڻي. بهاول خان اول (1186_1224هه) جي سوانح ۾ هي ڪتاب لکيو ويو آهي. ان ۾ ڪلهوڙن جي دور ۽ دائود پوٽن جي تاريخ تي ڪافي مواد ملي ٿو.
(65) مقصود اعظم _ مصنف، محمد اعظم اسدي الهاشمي.
هي ڪتاب، محمد صادق خان والي بهاولپور جي سوانح تي آهي. ليڪن ضمناً خانداني احوال جي دوران ۾ منجهس سنڌ جو ذڪر به اچي ٿو. برٽش ميوزيم ۾ ان جو هڪ نسخو 5885 O. R. نمبر تي موجود آهي.
(66) خلاصه تاريخ عباسيه_ مصنف، نامعلوم_ تصنيف، 1241هه کان اڳ.
ڪتاب، هڪ مقدمي ۽ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سلطان احمد ثانيءَ کان وٺي مبارڪ خان جي وفات تائين جو ذڪر آهي، ٻئي ڀاڱي ۾ محمد بهاول خان ثانيءَ جو (1186_1224هه) احوال آهي، ۽ ٽئين حصي ۾ محمد صادق خان جي (1224_1241هه) سوانح آهي.
(67) اقبال نامه سعادت آيات_ مصنف، محمد اعظم بن مولوي محمد صالح اسدي الهاشمي فاروقي.
مصنف، محمد صادق خان جي ٻئي سال (26_1225هه) ۾، بهاولپور جو سفير ٿي حيدرآباد ۾ آيو. نواب کي، ان زماني ۾، ٽالپرن جي طرفان، بهاولپور ۽ ملتان تي حملي جو خطرو هو. هن تاريخ ۾، 1230هه کان وٺي 1241هه تائين جو احوال آهي، ۽ سنڌ جو ضمناً منجهس ڪافي ذڪر آهي.
(68) تاريخ بهاولپور_ مصنف، مبارزالدوله پير ابراهيم خويشگي قصوري.
مصنف، 1794ع ۾ پيدا ٿيو. 1817ع ۾، رنجيت سنگهه وٽ ملازم ٿيو. اتان جلدئي طبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دهليءَ ويو، ۽ 1837ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ داخل ٿي، بطور ايجنٽ جي، بهاولپور ۾ آيو. پهرين سکن واريءَ لڙائيءَ ۾ ڪيترائي نمايان ڪم سرانجام ڪيائين، خلعت ۽ خانبهادري انهيءَ صلي ۾ حاصل ڪيائين. 1848ع ۾، بهاولپور کان فوج وٺي مسٽر هربرٽ ايڊورڊ جي امداد لاءِ ملتان ويو، جنهن ”A year on the Punjab frontier“ ۾ سندس ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي. 1851ع ۾، لنڊن ويو جتان 1852 ۾ بيمار ٿي واپس وريو. بهاولپور پهچڻ تي کيس مبارزالدوله جو خطاب مليو. 1856ع ۾ سندس انتقال ٿيو.
ڪيپٽن ڪنهنگام جي فرمائش تي، هن هيءَ تاريخ مرتب ڪئي، جنهن جو ترجمو، شهامت عليءَ، 1848ع ۾، انگريزيءَ ۾، لنڊن مان شايع ڪيو. سنڌ جي تاريخ تي ان ۾ چڱو مواد ملي ٿو.
(69) جواهر عباسيه_ مصنف، محمد اعظم بن مولوي محمد صالح الهاشمي الفاروقي.
بهاولپور جي هيءَ تاريخ، 1809ع ۽1830ع جي درميان، لکي ويئي؛ ”مراة دولت عباسيه“ تان مواد حاصل ڪيو ويو آهي؛ ڪتاب 471 صفحن ۾ آهي، ۽ اڻ لڀ آهي؛ مولانا غلام رسول مهر وٽ هڪ نسخو آهي.
(70) ڪيچ نامو_ مصنف، ڪمالان بن مير هاشم گيچگي (پنج کور).
هيءَ ڪيچ مڪران جي تاريخ آهي، جنهن ۾ ٽالپرن جو احوال ۽ برطانوي تسلط جو به ذڪر آهي.
انهيءَ مصنف جو ٻيو ڪتاب ”لفظ بلوچستان“ نالي آهي، جنهن کي هن 8 رجب 1290هه ۾ لکي پورو ڪيو. ان ۾ هن بلوچي لفظ گڏ ڪيا آهن. ”ڪمالان“، ”ڪمال خان“ جو بگاڙ آهي. مصنف، امير هاشم جو پٽ هو، جو ملڪ دينار جي چوٿين پيڙهيءَ ۾ هو. امير هاشم جو قبضو ڪيچ ۽ مڪران تي هو، ۽ مير نصير خان والي قلات جي هٿان ماريو ويو.
ڪيچ نامي جو هڪ نسخو، برٽش ميوزم ۾ (1660 O. R. نمبر تي) آهي؛ ننڍيءَ سائيز جا 118 ورق اٿس. ڪمالان اها تاريخ مسٽر Ross جي فرمائش تي لکي، بمبئي جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي 18 جلد جي61 صفحي تي هڪ نوٽ ان متعلق آهي.
(71) تذڪره سلاطين ڪيچ و مڪران_ مصنف، حاجي عبدالنبي افغان.
مصنف کي پهرين افغان ويڙهه ۾ (1838ع)، ڪپتان ليچ، قلات کان مڪران ڏانهن، اتان جي حالات معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. سندس تحقيقات جو مضمون، 1844ع جي ايشاٽڪ سوسائٽي، بنگال جي رسالي ۾ ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو. سندس هڪ سفرنامو به موجود آهي.
هن تذڪري ۾ ڪيچ ۽ مڪران جي سلطانن جو ذڪر آهي. سنڌ جي تاريخ تي به جسته جسته روشني پوي ٿي. ان جو هڪ نسخو انڊيا آفيس ۾ 303 نمبر تي آهي.
بلوچستان جي سلسلي ۾ هيٺيان چند ڪتاب به ضروري آهن، جن جو اطلاع جناب مولائي شيدائيءَ جي مضمون (الوحيد 14 آگسٽ 1954) مان پوي ٿو:
(72) هوتمان جو قصيدو_ هن قصيدي ۾، پورچو گيزن ۽ ڪلمتي بلوچن جي بحري لڙائيءَ جو احوال آهي. پورچو گيزن، ميرزا عيسي جي زماني ۾، ٺٽي کي به ڪاهه ڪري تباه ۽ برباد ڪيو هو، ۽ 1581ع ۾، مڪران جي پسني بندر سان به ساڳي ڪار ڪيائون. هن قصيدي ۾ بلوچن جي جوانمرديءَ ۽ بهادريءَ جي ساراه ڪيل آهي، جن پامرديءَ سان دشمن جو مقابلو ڪيو.
(73) جنگ نامو_ مصنف، قاضي نور محمد گنج آبدي.
هيءَ منظوم تاريخ 226 صفحن تي آهي. مصنف، مير نصير خان واليء قلات سان هم رڪاب هو، جڏهن هو صاحب، احمد شاه ابداليءَ سان گڏ، پنجاب جي سکن سان لڙائي ڪرڻ ويو. قاضي نور محمد، شاه فقيرالله علويءَ جو معاصر هو.
هن ڪتاب جو هڪ نسخو قلات جي شاهي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.
(74) بلوچي نامو_ مصنف، آخوند محمد صديق.
هيءَ، خدا داد خان واليء قلات جي خاندان جي تاريخ، قديمالايام کان وٺي مصنف جي زماني تائين، آهي. مولائي شيدائيءَ جو قول آهي ته بلوچي تاريخ ۾ هن ڪتاب کي اهوئي درجو حاصل آهي، جيڪو تحفـﺔ الڪرام کي سنڌ جي تاريخ ۾. تاريخ جو هڪ نسخو خان قلات جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.
[”مهراڻ“، سيارو، 1955ع]
________________________________________
* هي مضمون پهريائين اردو زبان جي رسالي ”رياض“، ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، اُن جو سنڌي ترجمو جناب ”اياز“ قادريءَ ڪيو، ۽ مصنف جي نظرثانيءَ ۽ اضافي بعد، ”مهراڻ“، سيارو، 1955ع ۾، شايع ٿيو.
(1) مير ابوالقاسم لمڪبن ۽ سندس خاندان تي، منهنجو مفصل مضمون پڙهڻ گهرجي، مير ابوالقاسم چو انتقال 1018هه ۾ ٿيو، سندس خاص ۽ خوشنما قبرستان، روهڙيءَ ۾ درباهه جي ڪنارن تي آهي، جنهن کي ”ستين جو ٿانُ“ سڏيو وڃي ٿو.
\