شاهه عنايت شهيد جي سوانح جا ماخذ
پوين کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي، خود انهيءَ دؤر، يا ان کان پوءِ ويجهي زماني ۾ به، شاهه شهيد جي سوانح ڪنهن قلمبند ڪانه ڪئي_ جڏهن سندس صحبتي موجود هئا، ۽ اهي جيئرا هئا، جن کين ڄمندي ڏٺو، تعليم پرائيندي ڏٺو، ۽ معرفت جون منزلون طئي ڪندي ڏٺو، ۽ سندس شهادت جو جانگداز ۽ جانڪاهه واقعو جن جي اکين آڏو ٿيو. اڄ اڍائي سؤ سالن جي طويل زماني گذرڻ بعد ڪير آهي، جو اسان کي اهي سڀ حال احوال ٻڌائي، ۽ ڪهاڻين ۽ داستانن، روايتن ۽ ڏند ڪٿائن منجهان سوئي سموهي اسان کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪري.
شاهه شهيد جنهن دؤر ۾ شهادت جو جام نوش فرمايو، اهو دؤر هند خواهه سنڌ ۾ مغل سلطنت جي زوال جو زمانو هو. عالمگير 1118هه ۾ فوت ٿيو، ۽ پٺيان پٽن ۽ پوٽن جو هڪ لشڪر ڇڏي ويو. جيڪا روايت تخت حاصل ڪرڻ لاءِ هن پيءُ کي جيل ۾ وجهي پاڻ قائم ڪئي هئي، برادرڪشيءَ جو دستور جيڪو هن پاڻ جاري ڪيو هو، سندس جهان ڇڏڻ بعد سندس اولاد به اهو چالو رکيو. تخت ۽ تاج جي حصول لاءِ هندستان اندر اها ڪشت و خون ٿي، ايڏو هنگامو برپا ٿيو ۽ برادرڪشيءَ جو اهو دور دورو هليو، جو مغلن جي مستحڪم ۽ عظيم سلطنت جا پرزا پرزا ٿي ويا. 1118هه کان 1124هه تائين چار شهزادا تخت نشين ٿيا. شاهه عالم بهادر شاهه اول ٻن سالن جي ڪشت و خون ڪرڻ بعد جڏهن لاهور ۾ مئو، ته خانه جنگيءَ جي باهه ۾ ڪنهن کي سندس ڪفن دفن جو خيال ڪونه رهيو، ۽ برابر هڪ مهينو بادشاهه سلامت جو لاش لاوارث پيو رهيو. سندس ئي زماني لاءِ ضرب المثل مشهور هئي ته ”شاهه عالم از دلي تا پالم“، يعني فقط دهليءَ کان پالم تائين سندس حڪم هلندو هو، باقي سڀ ٿيو ڀلو. کانئس پوءِ، سال کن لاءِ معزالدين جهاندار شاهه تخت تي آيو. بيڪار، عياش، ۽ انهيءَ حد تائين فضول هو، جو سلطنت جو سڄو ڪاروبار لال ڪنور نالي، سندس هڪ رنگيلي سينڌي هلائيندي هئي؛ جنهنڪري بادشاهت جو رهيو کهيو وقار، رعب ۽ مانُ به هليو ويو. رنگيلن، رذيلن، دهلارين ۽ ميراثين کي وزارتون، صوبيداريون ۽ فوجي عملداريون مليون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شرابن ڪبابن، ۽ دهلن دمامن جو انتظام ته بهتر ٿي ويو، باقي سلطنت جو نالو نشان ميٽجي ويو. ڪامورخان لکيو آهي ته ”سندس زماني ۾ باز جي آکيري ۾ چٻرا آباد ٿيا ۽ بلبل جي جاءِ ڪانءَ اچي ورتي.“ سال کن اهو رنگ رهيو، جنهن بدعد فرخ سير بن عظيم الشان بن شاهه عالم بن اورنگزيب عالمگير، انتهائي سفاڪيءَ ۽ بيرحميءَ سان کين مارائي، پاڻ تخت تي قبضو ڪيو. اهو سڀڪجهه 1118هه کان 1124هه تائين، 6_7 سالن ۾ ٿيو. فرخ سير 1124هه کان 1131هه تائين رهيو. اهي اٺ سال ئي حڪومت جي حالت اڳ کان به ابتر رهي. قتل، خون، غارتگري، سازشون، منصوبا، بي عملي، قحط ۽ سڃائي، مطلب ته اهڙي ڪابه برائي ڪانه هئي، جيڪا سندس دؤر ۾ نه ٿي. سڃائيءَ ۽ بي وقاريءَ جي حالت انهيءَ حد تي وڃي پهتي، جو خزانو خالي ۽ بادشاهه بيحال، بزدل ۽ بي همت ٿي ويو. انهيءَ زماني جي مشهور ظريف شاعر، جعفر زٽلي، هڪ ئي شعر ۾ سڄي ماحول جو نقشو چٽي ڇڏيو آهي: ”سکه زد بر گندم موڻهه و مڻر، بادشاه پشه کش فرخ سير“ (1).
انهيءَ ئي بادشاهه جي آخري ڏينهن ۾ جهوڪ شريف جي جنگ ۽ شاهه شهيد جي قتل جو واقعو پيش آيو(1).
مرڪز جي انهيءَ طوائف الملوڪيءَ، بدحاليءَ ۽ بي وقاريءَ جو اثر مغل سلطنت جي جيئن ٻين صوبن تي پيو، تيئن سنڌ تي به ٿيو، ۽ هتي به حڪومت جو رعب، دٻدٻو ۽ وقار ختم ٿي ويو. مقامي قوتون جيڪي اڳ دٻيون پيون هيون، سي اڀري آيون. سنڌ تي ڪلهوڙن جو اثر وڌي ويو، جنهن اڳتي هلي آزاد حڪمرانيءَ جي صورت اختيار ڪئي. 1118هه کان 1131هه تائين، چوڏهن سالن ۾، پورا نَوَ صوبيدار دهليءَ کان سنڌ تي آيا. جن مان ڪو سال ته ڪو چند مهينا هتي رهيو. خود فرخ سير جي زماني ۾ چار صوبيدار آيا ۽ ويا. جن مان هڪ صوبيدار عطرخان، ٺٽي جي ٻئي صوبيدار مير لطف علي خان رضويءَ سان وڙهندي، ٺٽي ۾ قتل ٿي ويو. ٻه سال کن اهو جنگ و جدل ٺٽي جي شهر ۾ هليو، جنهن شهر تي ايڏي تباهي آندي، جو انهيءَ دؤر جي شاعرن ان تي شهر آشوب لکيا. قحط، بدحالي، شريفن جي بربادي ۽ رذيلن جي پوئواري هتي به اهڙي ئي پيماني تي ٿي، جهڙي دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي. رات_ ڏينهن ٺٽي ۾ سازشون ۽ منصوبا هلي رهيا هئا. هڪٻئي جي پٽڪي لاهڻ جي فڪر ۾ ماڻهو سرگردان هئا. نوان پراڻا وير ورتا ٿي ويا. ٺٽي جي بدحاليءَ، ويرانيءَ ۽ ملڪي انتشار جي جيڪا حالت ٺٽي جي شاعرن چٽي آهي، تنهن کي ڏسيو تعجب وٺيو ٿو وڃي.
جڏهن حڪومت جو تنزل ٿيندو آهي، ماڻهو بي عمل، حاڪم بيوقار، ۽ ڪاهلي ۽ سستي زندگيءَ جي رڳ ۽ ريشي ۾ اچي ويندي آهي، عمل ۽ زندگيءَ جون سموريون قوتون ختم ٿي وينديون آهن. ان وقت سڄو ماحول مضحڪ خيز ٿي پوندو آهي. مذهب جو حقيقي روح به انهيءَ دؤر ۾ موڪلائي ويندو آهي، ۽ ان جي بيجان جسم تي خوامخواهه جي جهنجهوڙ پيئي هلندي آهي. واندڪائيءَ جي ورونهن لاءِ فروعي مسئلا اهميت حاصل ڪري ويندا آهن. انهن تي مباحثو ۽ مناظرو هلي، آخر جنگ و جدل جو روپ اختيار ڪندو آهي.
شاهه شهيد اهڙي ماحول ۾ دکن کان هتي اچي پهتو، ۽ پهچڻ سان خلق جي رجوعات ڏانهس انهيءَ حدتائين ٿي، جو پاسي پلؤ جون خانقاهون ۽ سجادا هڪ طرف دهلجي ويا، ته مذهبي اجاري دارن جي ايوانن ۾ ٻئي طرف زلزلو اچي ويو. ڪلهوڙن جي جيڪا قوت، پيريءَ جي پوشاڪ ۾ حڪومت جا خواب ڏسي رهي هئي، ان کي ٽئين طرف ڏڪڻي وٺي ويئي. مرڪزي حڪومت عقل جي انڌي، حالتن کان بيخبر، پرمتڙي ۽ پَر ٻُڌڙي هئي، ۽ صوبي جا رکپال فضول، ناڪارا ۽ ناعاقبت انديش هئا. الغرض، انهن سڀني ڳالهين گڏجي، سنڌ جي هن عظيم الشان صوفي سڳوري ۽ محبت ۽ پريت جي هن پيغامبر جي شهادت آندي.
انهيءَ واقعي، خواهه شاهه شهيد جي سوانح ۽ سيرت جا تفصيل ڪونه ٿا ملن. ڇاڪاڻ ته نه انهيءَ زماني ۾ ڪنهن سوانح قلمبند ڪئي، ۽ نه ان کان پوءِ ڪنهن انهيءَ طرف توجهه ڏنو. خدا ڀلو ڪري سنڌ جي بالغ نظر ۽ وسيع المشرب مؤرخ، مير علي شير ’قانع‘ جو، جنهن پنهنجن ڪتابن ۾ جيتوڻيڪ مختصر ۽ مجمل، ليڪن وري به شاهه شهيد لاءِ ڪي قدر احوال قلمبند ڪيو، ورنه ايتري احوال کان به اسان محروم هجون ها. اڄ ڪم از ڪم شاهه شهيد جي چند پيڙهين جا نالا معلوم ٿين ٿا. اها خبر پوي ٿي ته اهو گهراڻو پشتن کان علم ۽ ايقان، خدا آگاهيءَ ۽ معرفت جو سرچشمو رهندو ٿي آيو. ۽ خود شاهه شهيد، معرفت ۽ سلوڪ جي سڀا جو صدرنشين هو، ۽ سندس شهادت ڪيئن ۽ ڪهڙن اسبابن جي بناءَ تي ٿي.
اسين هن هيٺ مير علي شير جي ڪتابن جا اهي جنسي اقتباس پيش ڪريون ٿا، جن جو واسطو شاهه عنايت ۽ ان جي خاندان سان آهي. ازانسواءِ ڪن اهڙن ماخذن جو ذڪر به آخر ۾ ڪري رهيا آهيون، جيڪي هن وقت تائين عام جي اکين کان ٽريل هئا. پڙهندڙن کي تمهيد ۾ پيش ڪيل ملڪي ۽ سياسي ماحول کي ذهن ۾ رکي، هيٺين اقتباسن جو مطالعو ڪرڻ کپي.
(1) مقالات الشعراءَ:
شاهه شهيد جي سلسلي ۾ سڀ کان پهرين اسان کي مير علي شير ’قانع‘ جو مرتب ڪيل شاعرن جو هيءُ تذڪرو ملي ٿو، جيڪو شهادت جي واقعي کان 44 سال پوءِ، 1174هه تائين مڪمل ٿيو؛ ۽ جنهن ۾ مؤلف، نواب اعظم خان جي دؤر ۾ شهادت جي واقعي جو مختصر ذڪر ڪيو آهي.
اهو نواب، فرخ سير جي دؤر ۾، مير لطف علي خان جي معزوليءَ بعد، 1128هه ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ 1131هه تائين رهيو. مير صاحب لکيو آهي ته ”سندس قدم ملڪ ۾ سخت نڀاڳو هو. هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏُڪر ۽ ڏوجهرو پيدا ٿيو، ۽ ٻيو مصيبت جو ڪم اهو ٿيو، جو هن شاهه عنايت الله کي شهيد ڪرائي ڇڏيو“.
مير علي شير، شاهه شهيد جو ذڪر هيٺين القابن سان شروع ڪيو آهي:
”شيخ حق شناس، شريعت اساس، آهُوي صحرا گرد طريقت، خمخانهء وحدت، جوش حقيقت، ساقيء سرمست، بزم ارشاد، ساغر سرشار، بادء جواد، آئينهء معرفت مجردي، رهنماي ملک بيخودي، از کثرت يکتاي گزين، بمحفل خلوت نشين، صوفيهء راه، شاه عنايت الله“. انهن القابن ۽ خطابن مان مؤلف جي قلبي جذبات ۽ اندروني احساسات جو پتو پئجي سگهي ٿو. مير صاحب شاهه شهيد جي چند پيڙهين جو نسب نامو هن طرح لکيو آهي:
شاه عنايت الله بن مخدوم فضل الله بن شهاب الدين بن ملا يوسف بن ملا آجب بن مخدوم خداآگاه، حضرت صدو لانگاه.
شهادت جي واقعي جو احوال هن طرح لکي ٿو:
شاهه عنايت الله، صوفي مشرب فقيرن جي جماعت ۽ صلح مذهب خادمن جي گروهه سميت، هڪ مدت کان پنهنجي قديمي ڳوٺ جهوڪ، جنهن کي ميرنپور(1) به سڏجي ٿو ۽ غازياهه جي ڪناري تي بٺوري پر ڳڻي ۾ آهي، ياد الاهيءَ ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي خانقاهه جو گذر_ بسر انهيءَ زرعي زمين کي آباد ڪري، ڪندو هو، جيڪا سندس گهراڻي کي تيموري سلطانن کان معافي ڍل سان مدتن کان وجـﮧ ُ معاش لاءِ مليل هئي.
بلڙيءَ جي سيد، ميان عبدالواسع بن عبدالغني بن سيد عبدالدليل بن سيد دين محمد بن سيد عبدالڪريم، جيڪو پڻ انهيءَ ساڳئي پرڳڻي جو رهاڪو هو ۽ هدايت و معارف آگاهه، الواصل با الله، مقبول بارگاهه احد، گزيدهء درگاهه حمد، زندهء جاويد لطف جي قديم، ميان عبدالڪريم عليـﮧ رحمـة الملڪ العليم جي خاندان مان هو، نفسيات جي چڪر ۾ اچي، (شاهه عنايت الله) سان وير وڌو. (سبب اهو ٿيو، جو) اڪثر فقير جيڪي سندس سلسلي جا هئا، تن وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ خاطر، صوفي بزرگ جي آستاني ڏانهن ڇڪ کاڌي. (انهيءَ سيد) پاڙي جي ٻين اربابن ۽ رئيسن سان ٻڌي ڪري، ٺٽي پهچي، مير لطف علي خان(1) کي دانهن ڏني. جنهن هم قبيلي هجڻ سبب (يعني سيد هجڻ ڪري) ۽ ساداتن سان تعلقات هئڻ جي بناء تي کين اجازت ڏيئي ڇڏي ته هو انهيءَ معاملي کي جيئن وڻين تيئن پاڻ وڃي طيءِ ڪن.
نور محمد ولد منبو بن راڌو بن پليجو، پليجار جو زميندار، جيڪو ابوجهل جي اولاد مان هو، پنهنجي دلي مقصد جي پورائيءَ لاءِ، موڪل ملڻ بعد پاسي پلؤ، اوڙي پاڙي ۽ جابلو ماڻهن کي اڪيچار تعداد ۾ گڏ ڪري، اوچتو ئي اوچتو صوفي سڳورن جي شهر تي وڃي ڪڙڪيو.صبر جي صاحبن، جڏهن وڌيڪ صبر ڪرڻ غير مناسب سمجهيو، تڏهن ٻاهر نڪري اچي ساڻن ڀتا ۽ ڪيترن شهادت جو شربت پِي، پنهنجي جان کي پنهنجي مخدوم تان صدقو ڪري، رهائي حاصل ڪئي(2). شهيد ٿيل فقيرن جي وارثن، بادشاهه جي بارگاهه ۾ (غالباً دهليءَ وڃي) فرياد ڪئي.
و کتبنا لهم فيها ان النفس بالنفس، و العين بالعين،
و الانف بالانف، والاذن بالاذن، والسن بالسن، والجروح قصاص
جي مطابق، ڏوهن لاءِ قصاص جو حڪم وٺي آيا، ته هو شاهي درٻار ۾ پهچي بيگناهن جي خون جي جوابدهي ڪن. ڏوهين انهيءَ فرمان تي عمل ڪونه ڪيو؛ جنهنڪري سندن زمينداريون ضبط ٿي شهيدن جي وارثن کي خون بها ۾ مليون. جنهن بعد اوڙي پاڙي جا غريب ۽ مسڪين، زميندارن جي ظلم ۽ آزار کان ڇٽي، انهيءَ اهل الله جي آمان ۽ پناهه هيٺ خير جو وقت گذارڻ لڳا.
حمل ولد لاکو جت پڻ انهيءَ گروهه جو دشمن هو؛ جنهن سندن خلاف پنهنجي همخيال ماڻهن کي اڀارڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. انهيءَ وچ ۾ انبوهه ماڻهن جا فقيري اختيار ڪري، ۽ ڪن زماني جي ڏاڍائين سبب، امان حاصل ڪرڻ خاطر، (خانقاهه ۾) اچي گڏ ٿيا. قال، حال ۽ توحيد جو غلغلو پيدا ٿي ويو، ۽ روز بروز فقيرن ۽ طلبگارن جو تعداد وڌندو ويو.
بيخوديءَ واري جنس جي قيمت پر کيندڙ هن صراف، اهو حال ۽ ان جو مال ڏسي، پنهنجي زبان ڪرامت ترجمان مان فرمايو ته ’اسين عشق جي بازار ۾ انهيءَ سودي لاءِ ڪونه آيا هئاسين ۽ نه اهڙي هل هنگامي ۽ شور و غل جي ڪا آرزو هئي.
چو خود کردند سر عشق خود فاش، ”عراقي“ را چرا بدنام کردند. ليڪن، مطابق ڪلام ڪرامت پيام، حضرت شاهه اولياء ڪرم الله وجهه،
”عرفت ربي بفسخ العزائم“ جي، ڄاتم ته اختيار جي ڏور انهيءَ مالڪ مختار جي هٿ ۾ آهي، جاڏي گهري اوڏانهن موڙي، ۽ جنهن رستي تي چاهي ان تي هلائي.
يفعل الله ما يشاءُ و يحڪم ما يريد.‘
ان عرض حال ۽ قال جو چرچو ۽ چهچٽو وڌي ويو، و حدت وارو شراب سينن جي مٽڪن مان جوش کائي ٻاهر نڪرڻ لڳو، ۽ هر هڪ دور وديوار مان ”همه اوست“ جي صدا اٿڻ لڳي.
انهيءَ زماني (1128هه) ۾ اعظم خان(1) صوبي جو ناظم ٿي آيو، جنهن اچڻ سان فقيرن کان معافي_ زمين جي ڍل اڳاڙڻ جي تقاضا ڪئي. جنهن تي فقيرن شاهي معافي هئڻ سببان ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ناظم کي انهيءَ تي ڪاوڙ لڳي، ۽ جيڪي ڪيني پرور ۽ مدعي ماڻهو موقعي جي تاڙ ۾ هئا، تن کي به وجهه ملي ويو. پيشڪارن ۽ متصدين جي مشوري سان بادشاهه جي خدمت ۾ عريضو موڪليو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ”فقيرن بادشاهي حاصل ڪرڻ جي سِٽ سِٽي آهي، ۽ ’خليفـة الله‘ (يعني بادشاهه) جي حڪمن مڃڻ کان انڪاري آهن“.
غفران منزلت، ميان يارمحمد ملقب بخدايارخان بن نصير محمد بن الياس بن دائود بن آدم ڪلهوڙي ۽ ٻين سڀني زميندارن ۽ اربابن ڏانهن_ جن جي فقيرن جي جماعت سان پراڻي عداوت هئي_ حڪم پهتا. پڻ سيوي ۽ ڍاڍر جي خوجن کي به گهرايو ويو. اهڙيءَ طرح ايتري فوج گڏ ڪئي ويئي، جو شمار ڪونه ٿِي ٿِي سگهيو. ماڪوڙين وانگر هَشام ۽ ارﱞدهام اچي مڙيا. اهي سڀيئي فقيرن جي مسڪن تي اچي پرٽيا.
خادمن (بزرگ کي) گهڻو ئي عرض ڪيو ته پهچڻ کان اڳ، واٽ تي پهچي کين منهن ڏجي؛ ليڪن شاهه خدا آگاهه اڳرائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، ۽ ڪنج عزلت اندر ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿي، خدائي ڪارخاني جي تماشي جو انتظار ڪرڻ لڳا. تان جو لشڪر پهچي، سڄي شهر پناهه کي وڪوڙي ويو، ۽ چئني طرفن کان هاٿيءَ جيڏيون توبون تيار ڪري بيهاريون ويون.
”اقتل الموذي قبل الايذا“ جي حڪم مطابق، 18_ ذيقعد 1129هه جو، اڃا رات جو چوٿون پهر باقي هو، جو (خاموشيءَ سان) قلعي مان نڪري، هٿيارن پهنوارن جي ڪميءَ هوندي به، ڪاٺ جي مُٺن واريون تراريون کڻي، فقير مخالف لشڪر تي اچي پرٽيا، ۽ اهڙو وڙهيا جو رستم جو پتو به هوند خوف کان ڦاٽي پوي. ڪيترا مخالف اجل جو شڪار ٿيا ۽ جيڪي بچيا، سي
کانهم حمر مستنفرة فرت من قورة(1).
جي مصداق اٿي ڀڳا. خبر نٿي پين ته ڪاڏي وڃن يا ڪنهن سان وڙهن. ”شاڪت الوجوه“(2) جي سرائي اکين ۾ گهميل هين، ۽ ”وما رميت اذا رميت ولا کن الله رميٰ“(3) جو تير جگر ۾ پيوست هئن.
انهيءَ ڀاڄڙ ۾، اچتو هڪ فقير کي پير ۾ ڪاٺي لڳي، جنهن تي سندس زبان مان ”يا الله، جي صدا نڪري ويئي. سڀني فقيرن پنهنجي دستور مطابق انهيءَ صدا تي ”الله! الله!“ جو نعرو بلند ڪيو، جنهنڪري دشمن جي فوج کي خبر پئجي ويئي ته اهو حملو فقيرن جي جماعت جو آهي، ۽ هنن مُڙي فقيرن تي ايڏي زور سان حملو ڪيو جو کين هزيمت کائڻي پئي.
شاهه عنايت الله فقيرن کي جهلي ڇڏيو هو ته هو ڪوبه نعرو نه هڻن، ۽ جيڪڏهن ”من سڪت سلم“ جي وصيت تي عمل نه ڪندا ته شڪست کائيندا. ليڪن تقدير اڳيان ڪنهن جو چارو!
آخر ڪار چار مهينا اهو محاصرو هليو، ۽ ”اشد البلاء علي الانبياء ثم الامثل ٽم الامثل“(4) جي مصداق جماعت قلعي بند، سختيءَ ۾ رهي؛ 3_ صفر 1130هه جو نيٺ ”السيف آخر الخليل“(1) تي ڪاربند ٿي، شوق الاهيءَ ۾ سرمست ۽ مشيت نامنتائي تي آمادو ٿي، سڀني فقيرن سميت مقابلي لاءِ ٻاهر نڪتا_ تاڪ قدرت جي مرضيءَ ۽ منشا جو مشاهدو ماڻجي.
مدعين جون تراريون ماٺيون هيون. فقيرن جي مقابلي ۾ مخالفن جي پاسي جو پلؤ هيٺ هو، تنهنڪري هنن حيليبازيءَ ۽ مڪاريءَ کان ڪم ورتو. محمد خان ولد خدا يار خان (ڪلهوڙي) ۽ شهداد بلوچ(2) وغيرهه سپهه سالارن ڪلام مجيد وچ ۾ آڻي، فقيرن جي گروهه سان واعدو ڪيو ته بزرگ جيڪڏهن نواب (اعظم خان) اڳيان اچي پيش ٿيندو ته هر ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ رهندو.
اجائي ڪشت و خون ٿيڻ کان پرهيز ڪندي، آخر انهيءَ واعدي تي لڳي، 15_ صفر 1130هه تي بزرگ (نواب وٽ) اچي پيش ٿيو. ”اولائک کالانعام بل هم اضل سبيلا“(3) جي مصداق ”فمن نکث فانما ينکث علي نفسـﮧ“(4) تي عمل ڪندي، مدعين واعدن کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلائي ڇڏيو.
مير علي شير مرحوم انهيءَ جاءِ تي وضاحت ڪانه ڪئي آهي ته بزرگن سان نواب، ان وقت ڪهڙو سلوڪ ڪيو. ليڪن اڳتي هلي جيڪي عبارتون آيون آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بزرگن کي گرفتار ڪري ٺٽي آندو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد کين شهيد ڪيو ويو، شهادت جو واقعو، مير علي شير هيٺئين ڪنايي ۽ تلميح سان بيان ڪيو آهي:
”جڏهن انهيءَ وارستهءِ ازل، دنيا جي پنجن وقتن تي چار تڪبيرون هڻي، حواس خمسه کي وداع چيو ته پنجن عددن جي ڪميءَ سان، جيڪي حواس خمسه جي نڪرڻ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، ”ما قتلوه يقيناً بل رفع“(1) مان 1130 کان 1135هه جا لفظ، تاريخ لاءِ نڪتا. ”آه مظلوم حق“ مان به اهو سال (1130هه) بر آمد ٿئي ٿو، ۽ راقم جي هيٺئين بيت جي آخري مصرع مان پڻ ساڳيو سال نڪري ٿو:
کلک ’قانع‘ خادم خدام آن ذوالمجد و همم،
”بوده قطب عهد خويش او“ سال وصلش زد رقم.“
_1130هه
’قانع‘ مرحوم، ان کان پوءِ نواب اعظم خان ۽ شاهه شهيد جي وچ ۾ (ٺٽي ۾) جيڪي سوال جواب هليا، سي هن ريت ڏنا آهن. لکي ٿو ته سوال جواب جيڪي ٿيا، تن جو قصو ته ڊگهو آهي؛ حافظ جي بيتن، قرآني آيتن خواهه حديثن کان علاوه، ٻيو هڪ به اکر شاهه شهيد جي زبان مان ڪونه ٿي نڪتو. مثلاً، ٿوري ۾، هن طرح سوال جواب هليو:
ناظم سوال ڪيو: تو اها شورش ڇو برپا ڪئي؟
پاڻ هيءَ رباعي جواب ۾ چيائون:
آن روز که توسن فلک را زين کردند، آر ايش مشتري ز پروين کردند؛
اين بود نصيبِ ما ز ديوانِ قضا، مارا چه گنـﮧ! قسمتِ ما اين کردند،
شيخ محمد رضا شاعر نواب جو همراهي هو، تنهن وچ ۾ ورندي ڏني:
دوست بيدار بشو، عالم خوابست اينجا،
حرف بيهوده مگو، پاي حسابست اينجا.
پاڻ فرمايائون:
درکوي نيک نامي ما را گذر نداند،
گر تو نمي پسندي تغير کن قضا را.
نواب چيو: هاڻي مصيبت اچئي ٿي، تيار ٿيءُ !
پاڻ چيائون: البلاء للولاءِ کاللهب للذهب“ (1)
نواب چيو: پاڻ کي بدنام ڪري، مصيبت جي تير جو ڇو نشانو بڻايئي؟
پاڻ فرمايائون:
عاشق چه کند گر نکشد بار ملامت، با هيچ دلاورِ سپر تيرِ قضا نيست.
نواب چيو: هن وقت تون ڪُسين ٿو، تڏهن به ڊيگهه ڪونه ٿو ڇڏين.
پاڻ چيائون:
هرگز نميرد آنکه دالش زنده شد بعشق، ثبت است بر جريدهء عالم دوام ما.
نواب چيو: ”اولوالامر“ جي حڪم کان تو ڇو منهن موڙ ڪئي؟
پاڻ فرمايائون:
مان مريدان رو بسوي کعبه چون آريم، رو بسويء خانهء خمار دارد پيرِ ما.
نواب چيو: ٻڌاءِ، هاڻي ڪهڙي آرزو اٿئي؟
شاهه شهيد فرمايو:
من هماندم که وضو ساخته از چشمهء عشق،
چار تکبير زدم يکسره بر هرچه که هست.
جڏهن کين جيل ۾ بند ڪيو ويو. ان وقت هي بيت پڙهيائون:
ساقيا برخيز در ده جام را، خاک برسر کن غم ايام را.
جڏهن شهادت جو پيالو پيئڻ لڳا، ان وقت زبان حال سان فرمايائون:
رهانيدي مرا از شرِ هستي، جزاک الله في ادارين خيرا.
بزرگ جي طالبن ”يا ايها الذين آمنو اذڪرو الله ذڪرا“(1) جي مصداق، توحيد جو دم هڻندي، دمبدم تيغ بيدريغ جي اڳيان پنهنجي ڳچي آندي ٿٻي.
در مطبخ عشق جد نکو را نکشند، لاغر صفتان زشت خو را نکشند؛
گر عاشق صادقي! ز کشتن مهراس، مردار بود هر آنکه، او را نکشند.
مير علي شير لکيو آهي ته ’ان کان پوءِ (يعني شهادت کان پوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمارائي ڇڏيو ته ڪوبه ماڻهو ”يا الله!“ جو نعرو نه هڻي، ۽ جيڪو حڪم عدولي ڪندو، ان کي ترار جي ڌار تي رکيو ويندو“.
فاعتبرو يا اولو الابصار!“
مير’قافع‘ لکي ٿو ته ”سبحان الله، خالق جا رنگ آهن، پنهنجي نالي وٺندڙن کي ڪهاڻي ڇڏي ٿو. ليڪن عشقبازن جو مقام آهي ئي اهو.
منه پا بوالهوس در عشق کين ره بس خطرناک است،
درين منزل سر عاشق فتاده بر سر خاک است“.
”مقالات الشعراء“ ۾ شاهه شهيد جي فقط هڪ مريد مير جان الله شاهه رضويءَ جو ذڪر آيو آهي، ۽ سندس ”ساقي نامه“ جا اهي شعر به ڏنا اٿس، جيڪي شاهه شهيد جي سلسلي ۾ آهن. مير صاحب لکي ٿو:
”سر گروه مشائخ کرام، زبدهء اولياءِ ذوالاحترام، صاحبي سلسله سنيه، ذکر اذکار خفيه و جليه. يعني مير جان الله شاهه رضوي بکري، شاهه شهيد جي مريدن مان آهي، ۽ اڃا تائين (1174هه) ايقان جي ساڳيءَ واٽ، ۽ عرفان جي انهيءَ مسلڪ جو سالڪ ٿيو، پنهنجي ڳوٺ (روهڙيءَ) ۾ هڪ جهان کي ارشادن ۽ اذڪارن جي ذريعي، مٿينءَ واٽ تي لائي رهيو آهي“.
انهيءَ ڪتاب تيار ٿيڻ وقت مير صاحب اڃا حال حيات هو. مرشد جي ڳولا ۾ جيڪو پاڻ ”ساقي نامه“ چيو اٿس، ان جو هيٺيون اقتباس مير علي شير ڏنو آهي،(1)
دم تحقيق در جانم اثـــر کـــــــرد، بجستجو دل ديــــوانه ســـــــر کـــــــرد.
تفحص گير پيران گشتم از جان، نشان جستم زهر کوه و بيابــــان.
جنون را مشتري گرديد هـــوشم، شکيباي بغـــارت دار جـــــــوشـــــــم.
محبت کرد اسباب سفر راست، دل از خط وطن في الفور برخاست.
طلب از شوق در آتش نشاندم، گلِ و حشت بفرقِ دل فشانـــــــدم.
چو بويء گل بغربت سر کشيدم، دل آشـــــفـــــتـــــه در بـــــر مـــــيدويدم.
گـﮧ از دريا طلب کردم بخــاري، گــــــﮧ از کهسار ميجستم شـراري.
دماغم شد ز سودايءِ طلب خشک، بهر آهو نشان ميجستم از مشک.
_____
نمي آسودم از بي تـــــابـــــيءِ دل، دوان چون موج از ساحل بساحل.
چو نقشِ پا بهر راهي که رستم، نشانِ گلشن مقصود جـــــســـــتـــــم.
گهي از گريه در دريــــــا فـــــتـــــادم، گـﮧ از آهي بصر صر سر نهـــادم.
”بسيوستان“ رسيدم دردمنـــدي، طلبگـــارِ جـــــمـــــال هـــــوشـــــمنـــــدي.
تماشاي ”قلـــندر“ کـــــردم آنجـــــا، هوايء فقر درس کـــــردم آنـــــجـــــا.
بسي ديدم در آنجا ”هائي هوئي“، نـــــديـــــم از گـــــلِ مقصود بـــــوئــــي.
نديدم مرهم آنجــا ريـــش دلـــــرا، سـراسيمه کشيدم ســـــر بصحـــــرا.
بچشم خونفشان و چهره کاهي، شدم در آب سويء ”تته“ راهــي.
سر از شور طلب لــــبـــــريز ســـــوادا، بصد رنگم پريـــــشـــــانـــــي مهيـــــا.
گهي نوميد در حسرت نشستم، گهي سير عرب را نقش بســـتم.
بديسان بــــود روزم بـــــيـــــقــــراري، شبم مير فت در اختـــر شمـــــاري.
شنيـــدم در سواد سند پيريست، ز پـا افتاد گـــــان را دستگيريست.
نشسته بـــــر ســـــريـــــر اوج ارشـــــاد، دلِ غم کشتگان را ميکند شـــاد.
کشيده خويش رابيرون ز کثرت، چکان در جام جان سرجوش وحدت.
چو دريا موج زن پيوسته جامش، کدوي مستفيض فيض عــامـــــش.
فتان خيزان بدان سوره گــــــرفتم، سراغِ گلشن آن شهه گـــــرفـــتـــــم.
رسيدم بر در........................، طلبگـارِ جـــــمـــــال جـــــانـــــفـــــزايـــــش.
خبر کـــردند نـــــزديکـــــانِ درگـــــاهه، کـــــز اينسان آمــده شوريده از راهه.
چو مشتاقان سراپا شوق خدمت، تمـــــنـــــا مـــــيـــــکــــند ديدارِ حضرت.
بـــجـــــوش آورد دريـــــاي کـــــرم را، اشارت کرد کاريــد آن درم راهـــــه.
ز سرپا ساخته در پيش رفـــــتــــــم، جمالش ديدم و از خويش رفــتم.
دل و ديده همه محـــو لـــــقـــــايـــــش، ســـــرِ آشفته افگنـــــدم بـــــپـــــايـــــش.
بلطف و مرحمت بنشاند پيشم، کرم کرد از نواز شهاي خـــويشم.
باستفسار احوالم بــــــپـــــر داخـــــت، دلم ممنون اخلاق حسن ســـــاخت.
کمالي ديدم از حـــــد بـــــشــر دور، دل و جان در هوايءَ عشق رنجور.
مجســم صــــــــــورت نـــــورِ الاهـــــي، تماشا کرد اشـــــيـــــا را کـــــمـــــاهـــــي.
محقق عارفي کـامـــــل عـــــيـــــاري، بــــــهـــــارِ حـــــســـــن را آئـــــيـــــنه داري.
مُـــــبـــــرهــــــن از رخش انوارِ عرفان، مُـــبين در دلـــش اســـــرارِ رحـــــمـــــان.
کشيده خويش را بيرون ز تلوين، نشــسته بر سريرِ عـز و تمکـــــيـــــن.
درون مجذوب بيرون سالکِ وقت، بــروزِ معرفت شد مــالـــــکِ وقـــــت.
بذات اندر صفات خويش ساري، تـصرف بر همه اکـــــوانـــــش جـــاري.
بـــــراهِ مستقيـــم شـــــره مـــــســــــــاح، تماشــا کـــــردهء اشـــــبـــــاح وا ارواح.
نـــــرفـــــتـــــه در ره پـــــا لغز نقصــــان، مبرا ذاتش از تلـــــويـــــث امـــــکـــــان.
دلـــــش را تـــــکـــيه بر نـورِ تــجــلي، تصور را ز تصديـــقـــــش تــــســـــلي.
نيفگنـده مـــــصـــــلا بـــــرســـــــــرِ آب، چو خش هرگز نگرديده بگر داب.
چو گوهر در دل درياست جايـــش، همه امواج رقـصـــان در هـــــوايـــــش.
رموزِ غيــر را بـــــيـــــنـــــد هـــــويــــــــدا، بکشفش جمله پنهانست پـــيـــــدا.
زمغز خويشتن چون پوست برکند، فتاده تا گلو خون بسته در قـنـــــد.
بتعليم حـقـــــش کـــــردنـــــد دانـــــــا، وراثت يـــافـــــت از عـــــلـــــم لـــــدنـــــا.
فـــــرو بـــــســـــت آرزو را در بــــروي، درين ميدان بچو گان بــرد گــــوي.
بدرد عــاشقي هـــــمـــــراز گـــــشـــــته، بـــــمـــــعـــــشـــــوق ازل دمسـاز گشته،
نه بندد برهم اوهـام گـــــمـــــانـــــي، کلامش مخبر از کشف عيـــــانـــي.
برون دارد ز دست هجر وصــــــلي، عدو را نيست همچون زوج فــصلي.
ترشح کــــرده در اطـــــوارِ حـــــالـــــش، جهد حکمت برون از قيل و قالش.
ز شدتهاي ره آمـــــد بـــــفـــــرحـــــت، کشاده در بيــــان ينبوع حــــــکمت.
بتلقينم چو لب را آشنــــــا کـــــرد، بحرفي مسکه از دوغم جدا کـــرد.
حجاب چشم را از جان برانداخت، نهان را در عيانم جلوه گر ساخــت.
شرابِ بيخودي درجام من ريخت، غبارم از پرند حيرتــم بـــــيخـــــت.
”مقالات الشعرا“ ۾ شاهه شهيد جي فقط هڪ مريد مير جان الله شاهه رضويءَ جو ذڪر آيو آهي، ليڪن دوران مطالعي سندس هڪ ٻئي مخلص عقيدتمند، شاهه اسماعيل صوفيءَ، جو به ذڪر، بحيثيت شاعر جي، ملي ويو. ٻئي ماخذ تي لکڻ کان اڳ مناسب آهي ته انهيءَ بزرگ سان به ملاقي ٿيندا هلون. ”مقالات الشعرا“ جي صاحب، هن ريت سندس احوال بيان ڪيو آهي.
شاهه اسماعيل صوفي، شيخ عبدالله انصاريءَ(1) جي اولاد مان هو؛ شاهه عاشق الله جو مريد ۽ جناب حضرت شاهه عنايت الله صوفيءَ جي مخلصن مان هو. هن ويجهڙائيءَ ۾ سندس جهڙو صاحب ڪمال ۽ اهل حال ڪونه ڪو ٿيو. زبان سندس صفت ۽ ساراهه کان معذور آهي، جيتري به وصف ڪجي اها ٿوري آهي؛ سندس ڪرامتن مان هڪ ته سندس طبابت هئي، جو لاعلاج ۾ مرندڙ مريضن کي اهڙيءَ دوا جي ذريعي جيئندان ڏيندو هو، جو هوند اها دوا ڪو عقلمند طبيب ان مرض لاءِ نه ڏئي. گويا دوا بهانو هئي، حقيقت ۾ سندس نظر شفا اثر جو ئي سارو کيڏ هو.
هميشـﮧ استغراق ۾ رهندو هو، ۽ مولانا روم(1) جي مثنويءَ جو درس دل نشين نموني ۾ ڏيندو هو. جنهن کي سندس زيارت نصيب ٿي هوندي، اهو ئي ڄاڻندو هوندو ته ڪهڙي پايي جو بزرگ هو. مير ’قانع‘ نموني طور هڪ فارسيءَ جو شعر ڏنو آهي:
دوست گرچه جملـﮧ مغز و پوست ماست
در برون هر چيز بينم دوست ماست(2).
اسان مٿي هڪ شاعر محمد رضا جو ذڪر ڪري چڪا آهيون، جيڪو نواب اعظم ۽ شاهه عنايت جي مڪالمي وقت موجود هو ۽ مڪالمي هلندي، شاهه کي مخاطب ٿي، هي بيت چيو هئائين:
دوست بيدار بشو عالم خوابست اينجا،
حرف بيهوده مگو پاي حساب ست اينجا.
مير علي شير”مقالات الشعرا“ ۾ ان جو به ذڪرآندو آهي. لکي ٿو ته ”اهل ٺٽي جو هو، ليڪن بکر ۾ بود وباش ڪئي هئائين، فارسيءَ ۽ عربيءَ جو ماهر هو. عالمگير کان وٺي، محمد شاهه تائين (1068هه تا1161هه) بکر ۾ سرڪاري حدن تي رهندو آيو. علامه عبدالجليل بلگرامي(1) سان خاص دوستي هيس. علامه مرحوم جڏهن موڪل تي هندستان ويو ته پنهنجي پٺيان کيس ئي نائب ڪري ويو. ٺٽي ۾ پڻ سرڪاري ماڻهن وٽ ايندو ويندو هو؛ شاهه عنايت واريءَ جنگ ۾ نواب اعظم خان سان گڏ هو. سندس عزيز ٺٽي ۾، پت بکر ۾ رهندا هئا. مير ’قانع‘ سندس وفات (1143هه) جي تاريخ هن طرح چئي:
محمد رضا داده جان، در جنان شد(2).
”جان“ جا عدد سندس نالي جي عددن مان ڪڍي ۽ ”جنان“ جا عدد وجهبا ته سن نڪري ايندو.
بياض ”قانع“:
اسان جي سامهون مرحوم مير ’قانع‘ جو پنهنجي هٿ اکرين لکيل هڪ بياض آهي، جنهن ۾ هن مختلف شاعرن جي پسنديده فارسي بيتن جو انتخاب ڪيو آهي. شاهه عنايت جي نالي تي ان ۾ هيٺيون شعر درج آهي:
سرو مي ترسد که بالِ قمريان را بشکند
سخت مي پيچد بخود از حيرتِ رفتار او
هن وقت تائين اسان کي نه شاهه جو ڪو ٻيو بيت مليو آهي، ۽ نه وري ڪو تفصيل ئي مليو آهي ته شاهه شهيد سنڌيءَ يا فارسيءَ جو شاعر به هو. مير ’قانع‘ ”مقالات“ ۾ به انهيءَ سلسلي ۾ ڪو ذڪر ڪونه ڪيو آهي؛ شاهه شهيد جيڪڏهن شاعر هجي ها، ته هوندو ضرور سندس ذڪر ”مقالات“ ۾ ڪيو وڃي ها. بهرحال بياض ۾، جنهن صورت ۾ مٿيون شعر سندس نالي منسوب ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اسان به ان کي هن مضمون ۾ آڻڻ مناسب سمجهيو.
تحفهه ”الڪرام:
”مقالات“ جي ختم ٿيڻ کان ست سال پوءِ مير ’قانع‘ پنهنجو شهره آفاق ڪتاب ”تحفـة الڪرام“ 1181هه ۾ لکيو، جنهن ۾ پڻ هن مختلف جاين تي شاهه شهيد، سندس خاندان ۽ سندس متعلقين جو ذڪر ڪيو آهي. سڀ کان پهرين نواب اعظم خان جي ضمن ۾ شهادت واري واقعي کي بيان ڪيو اٿس، لکي ٿو ته_
”نواب اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان، سيد هو، ۽ خان جهان ڪو ڪلتاش جي ڀاءُ جو ڏهٽو هو. مير لطف علي خان (رضوي ٺٽوي) جي معزول ٿيڻ بعد پنهنجي جلوس فرخ سيريءَ ۾ 1128هه ٺٽي جي صوبيداري کين ملي. پهرين هن خواجا محمد خليل کي پنهنجو نائب ڪري موڪليو ۽ پوءِ پاڻ به اچي پهتو. مير ’قانع‘ اڳتي هلي لکي ٿو ته ”شيخ حق شناس، شريعت اساس، گوهر يڪتا ۽ بحر حقيقت، شناساي دفايق رموز طريقت، مرشد مرشدان خدا آگاه، شاهه عنايت الله صوفيءَ جي شهادت جو واقعو سندس دؤر ۾ ظهور پذير ٿيو.“
واقعي جا تفصيلات اهي ئي ساڳيا ڏنا ويا آهن، جيڪي ”مقالات“ ۾ ا چي چڪا آهن، البته چند ڳالهيون نيون ۽ ڪن واقعن جي وضاحت ٿيل آهي، جا هن ريت آهي:
1_ بلڙيءَ جي سيدن جي نا اتفاقي هن ڪري ٿي، جو سندن مريد کانئن ڇڄي، شاهه شهيد جي سلسلي ۾ داخل ٿيا ٿي.
2_ نور محمد پليجي ۽ حمل جت جي مخالفت جو سبب اهو هو، جو انهن جا ڪڙمي ڪاري، سندن زمينون ڇڏي، شاهه جي خذمت ۾ وڃي رهيا هئا.
3_ اعظم خان بادشاهه جي حضور ۾ عرض ڪري، اتان ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين اثر ماڻهن جي نالي، امداد ڏيڻ لاءِ حڪم گهرايا.
4_ 9 صفر 1130هه جو،جيڪي نواب جي دل گهريو سو ڪيائين، (يعني شهادت عمل ۾ آئي).
5_ ٺٽي ۾ موٽي اچڻ بعد نواب، لشڪر ۽ جنگ تي ٿيل خرچ ٺٽي جي واپارين مٿان مڙهيو، جنهن جي ڪري سخت ناراضگي پيدا ٿي، ۽ مخدوم رحمت الله طالب العلم(1) جيڪو انهيءَ دؤر جو جيد عالم، خداشناس ۽ وڏي اثر وارو بزرگ هو، سو نواب جي انهيءَ ظلم تي سخت ناراض ٿيو ۽ بيحد مخالفت ڪيائين؛ ليڪن جڏهن نواب نه مڙيو، تڏهن مخدوم صاحب پاڻ شهر ڇڏي هليو ويو؛ ڇاڪاڻ ته جتي اهڙا ڪلور پيا ٿين، اتي رهڻ کيس جائز نظر نه آيو. نواب جون اکيون، جنهن صورت ۾ حق شناسيءَ کان پوريل هيون، تنهنڪري، ظاهر ۽ باطني علومن جي انهيءَ جامع بزرگ کي تڪليفون ڏيئي، شهر ۾ واپس گهرائي، کيس بنديخاني ۾ وجهي ڇڏيائين. انهيءَ سبب ڪري، ويتر خلق خدا جي ۾ نارضپو وڌيو، ۽ آخر جڏهن فرخ سير جو ستارو غروب ٿيو (1131هه) ۾ رفيع الدرجات (1131هه) ۽ رفيع الدوله (1131هه) جي به پڄاڻي ٿي ۽ محمد شاهه بادشاهه غازيءَ جي بخت جو سج اڀريو، ان وقت 1131هه ۾، نواب اعظم خان به معزول ٿيو ۽ سندس جاءِ تي نواب مهابت خان آيو.(1)
شاهه شهيد جي خاندان جو احوال:
مير ’قانع‘، ”تحفـة الڪرام“ ۾ شاهه شهيد جي خاندان جو ذڪر ڳوٺ نصريي جي عنوان هيٺ آندو آهي. اهو ڳوٺ ميران پور جهوڪ سان گڏ آهي ۽ هاڻي ڦٽو پيو آهي، شاهه شهيد جي بزرگن جون قبرون انهيءَ ويراني ۾ اڃا به ظاهر آهن.
”مقلات الشعرا“ جي عنوان هيٺ اسان شاهه شهيد جو جيڪو نسب نامو ڏيئي آيا آهيون، سو هن ريت آهي، جنهن کي ذهن ۾ رکي ”تحفـة الڪرام“ ۾ آيل احوال پڙهڻ گهرجي. _ شاهه عنايت الله بن مخدوم فضل الله، بن ملا يوسف، بن ملا شهاب الدين، بن ملا آجب، بن مخدوم صڌو(2) لانگاهه،
مٿين بزرگن جو احوال تحفـة الڪرام جي صاحب هن ريت ڏنو آهي:
(1) مخدوم صڌو:
هي بزرگ، وقت جي اجل مشائخن مان هو، ترڪ مال جي هيءَ حالت هئي، جو رات ٿيڻ تي مَٽن مان پاڻي به هاري ڇڏيندو هو ۽ فرمائيندو هو ته ”نئون سج نئون رزق“. سندس ڪافيون ۽ ڪرامتون ڳڻائيءَ کان مٿي آهن. بزرگ جي مزار نصريي ڳوٺ ۾ عقيدتمندن لاءِ زيارتگاهه آهي. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد مان اڪثر سادات انهيءَ بزرگ جا مريد هئا.
(2) مخدوم آجب:
مخدوم صدوءَ جو فرزند پڻ وڏيءَ ڪرامت جو صاحب هو. هڪ دفعي جي ڳالهه ٿا ڪن ته بزرگ ڪنهن ديهه تي ويو ٿي، ٽپهريءَ جي نماز وقت درياءُ جي ڀڪِ تي پهتو، ٻيڙيءَ وارو پرينءَ ڀڪِ ڏانهن هو، جنهنڪري درياءَ اُڪرڻ جو ڪو وسيلو ڪونه هو. ڏينهن اچي لڙيو، سرديءَ جو زمانو هو؛ ملازم عرض ڪيو ته جيڪر موٽي هلجي ۽ وري سڀاڻي صبح جو اچي درياءَ ٽپجي. ليڪن پاڻ واپس ڪونه ٿيو ۽ رات اتي ئي رهي پيو. پهر رات گذري، خدا جي قدرت سان درياءُ پنهنجو پاڻ سڪي وڃي ڍنڍ جي مانند ٿيو؛ ۽ آواز آيو ته ’اي شيخ! جي اُڪرڻ جو خيال هجئي ته اِجها واٽ حاضر آهي؟‘ پاڻ انڪار ڪيائين، جنهن تي ٻيهر به ساڳيو آواز آيو، جنهن تي مخدوم جواب ڏنو ته ’اسان جو تڪيو الله تي آهي، نتيجو احسان نه کڻبو.‘ آخر جڏهن صبح ٿيو ته پاڻ ٻيڙيءَ جي ذريعي درياءُ ٽپيو(1).
(3) ملا شهاب الدين:
ولد ملا آجب، صالح ۽ ڪامل ٻانهو رب جو هو؛ کيس ملا يوسف نالي پٽ ٿيو، جيڪو پڻ فقر ۽ توڪل جو صاحب ۽ معرفت وارو درويش هو. مخدوم فضل الله انهيءَ درويش جو فرزند هو، ۽ آبائي طريقي جو سالڪ ۽ فقير بي رياءُ هو؛ انهيءَ بزرگ جو پٽ شاهه عنايت جهوڪ وارو آهي.
(4) شاهه عنايت الله:
مير ’قانع‘، شاهه شهيد جي سوانح بيان ڪندي لکيو آهي ته ”ابتدائي زندگيءَ ۾ حق جي ڳولا لاءِ، عنايت الله صوفيءَ سياحت ۽ سير ۾ ڏاڍي تڪليف سر تي سَٺي. آخر ڪيتريءَ ڳولا بعد، ڪنهن زماني کان پوءِ، شاهه عبدالملڪ وٽ دکن ۾ وڃي رهيو، ۽ اتان فيض وٺي، بزرگيءَ جي انهيءَ درجي ۽ مرتبي تي پهتو، جو زبان انهيءَ جي بيان کان عاجز ۽ قاصر آهي. پنهنجي مرشد جي حڪم مطابق رياضت ۾ ڏاڍيون محنتون ڪيائين. ظاهري علومن ۾ هو شاهه غلام محمد جو شاهجهان آباد (دهلي) ۾ وڃي شاگرد ٿيو، جيڪو بزرگ شاهه عبدالملڪ جو مريد ۽ سندس ئي ارشاد تي دهليءَ ۾ رشد و هدايت جي مسند وڇايو ويٺو هو.
شاهه غلام محمد، ظاهري علومن جو درس، شاهه عنايت الله کي ڏيئي، پاڻ باطني علومن ۾ سندس شاگرد ٿيو ۽ سندس بيعت ڪيائين. جڏهن شاهه عنايت الله سڀ ڪم پورا ڪري ٺٽي موٽيو ته شاهه غلام محمد به ساڻس گڏيو آيو، ۽ اتي جڏهن شاهه غلام محمد کي وقت جي علمائن، شاهه عنايت جو پنهنجي خاص صوفياڻي طريقي تي سجدو ڪندي ڏٺو، تڏهن اچي هنگامو پيدا ڪيائون ۽ شرعي محڪمي ۾ کيس گهرائي تعزير ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر پنهنجي مرشد جي ارشاد تي، شاهه غلام محمد موٽي دهليءَ ويو، جتي مدت مديد تائين سندس خانقاهه مرجع خلائق رهي.
انهيءَ کان پوءِ، مير’قانع‘، شاهه جي شهادت جو واقعو اختصار سان لکي، سندس اولاد جي سلسلي ۾ هيٺينءَ طرح بيان ڪري ٿو:
شاهه عزت الله: شاهه شهيد جو ناميارو فرزند، سندس شهادت بعد، 1186هه ۾ فوت ٿيو.
شاهه سلام الله: سندس ٻيو فرزند، شاهه سلام الله، سالن جا سال صحرا نوردي ڪندو رهيو. رياضت ۾ سخت اذيتون برداشت ڪندو رهيو، ۽ ڪيترو وقت بيخوديءَ ۾ محويت جي انتهائي عالم ۾ غرق هو. ڪن سالن، بلڪ ايامن پڄاڻان انهيءَ حالت مان ٻاهر نڪتو. مشهوريءَ کان بلڪل ٽهندو هو، ۽ وتندو هو لڪندو ۽ ڇپندو؛ سندس متوسل رنج، تڪليف، ڏک ۽ اذيت کي روح جي ريجهه سان راحت ۽ آرام تي ترجيع ڏيو وتندا هئا ساڻس گڏ گهمندا.
سندن ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. غلام شاهه ۽ عطرخان ڪلهوڙي جي وچ ۾ مخاصمت واري زماني ۾ ڪنهن کي يقين نه هو ته غلام شاهه تخت ۽ تاج جو وارث ٿيندو. هڪ دفعي ماڻهن ڳالهين ڪندي شاهه کان پڇيو، پاڻ فرمايائين ته ”(غين) ڪامياب ٿيندو، پر (آهه) غلام شاهه!“ ٿوري گهڻي ڏينهن آخر ٿيو به ائين. اهڙيءَ طرح جيڪي زبان مان ڪڍندو هو، سو پورو ٿيندو هو؛ غلام شاهه ڀاءُ جي جيئري ئي پاڻ گذاري ويو.
ميان زاهد:
ولد شيخ خدا آگاهه شاهه ابراهيم صوفي، شاهه عزت الله جو نياڻو ۽ انهيءَ گهراڻي جو روشن ڏيئو آهي.
مير ’قانع‘ انهيءَ خاندان جو ذڪر هن عبارت تي ختم ڪري ٿو_ ”خامهءِ خامکار چـﮧ قدر شرح اوصاف بزرگيءَ اين خاندان کند؟ خدام اين سلسلـﮧ امروز هم با آنکه، هزاران هزار در فترت شهادت مرشد بکار آمدند، و کسي ازان دودمان مشيخت دوست نيست، در سنده مريدان بيشمار عيان و نهان اند، و در ديگر بلاد مشائخ کبار(1) بتوسل ارادت اين در، داخل اجلـﮧ اهل کمال ميباشند“ (171)
شاهه شهيد جا متوسل ۽ معتقد:
تحفـة الڪرام ۾، شاهه غلام محمد جو ذڪر ضمناً پنجن ڇهن جاين تي (170، 233، 250) آيو آهي، تفصيل سان ذڪر ڪونه آندو اٿائين(2).
شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو ٿورو ذڪر مقالات الشعرا جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي، تحفـة الڪرام ۾ ان جو احوال ڪي قدر تفصيل سان آيل آهي. مصنف لکي ٿو ته ”ٺٽي جو شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو نالو شاهه اسد الله هو، جيڪو پٽ هو ميان نعمت الله جو، اهو پٽ جي محمد يوسف جو، اهو پٽ محمد يعقوب جو، جيڪو پٽ هو ٺٽي جو مشهور ۽ وڏي بزرگ شاهه ابوالقاسم انصاريءَ جو(1)_ اهو شاهه اسماعيل، شاهه عنايت الله جو گهرو دوست هو، ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جهڙس ڪامل بزرگ ۽ پهتل ٻانهو رب جو ٻيو ڪونه گذريو آهي؛ زبان سندس صفت کان عاجز آهي، مثنويءَ جو درس ڏاڍيءَ محويت سان ڏيندو هو.“
شاهه اسماعيل صوفيءَ کي ٻيو ڀاءُ به هو، جنهن جو نالو شاهه عزت الله هو، ۽ اهو عالمگير بادشاهه جي حضور ۾ پهچي. ملازمت وٺي، برهانپور ۾ وڃي مقيم ٿيو هو ۽ اُتي ئي شادي ڪئي هئائين، جنهن مان کيس پٽ به ٿيا. شاهه حسين الله انهيءَ بزرگ جو پٽ هو، جيڪو پنهنجي چاچي شاهه اسماعيل جي ڪوٺڻ تي، اتان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو. سندس چاچو شاهه اسماعيل سندس پهچڻ کان اڳ انتقال ڪري چڪو هو، جنهنڪري پاڻ ڪجهه وقت رهي، شاهه مسعود ولهاريءَ سان گڏجي شاهه غلام محمد ڏانهن دهليءَ ويو، ۽ اتان وري موٽي اچي ٺٽي رهيو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”هن وقت (1181هه) وڏن درويشن مان آهي ۽ خلق الله جي خدمت ۾ مشغول آهي.“
مير ’قانع‘، شاهه اسماعيل جو وري ذڪر ڇيڙي، چوي ٿو ته ”شاهه اسماعيل صوفي، شاهه عاشق الله(1) جو، جيڪو هندستان مان آيو هو، مريد آهي.هڪ ڏينهن درس جي دوران ۾ اوچتو سندس طبيعت متغير ٿي ويئي، ۽ سڄي بدن تي چهبڪن جا نشان ظاهر ٿي آيا، لڪائڻ خاطر رلهي گهرائي ڍڪي ويهي رهيو. آخر ظاهر ٿيو ته ان وقت ٺٽي جي ڪوٽواريءَ ۾، چبوتري تي، هڪ ماڻهوءَ کي، سرڪاري ملازم بنا ڏوهه جي، محض سياسي ضد سبب، ديڙا هڻي رهيا هئا، ۽ اهي ديڙا شاهه جي بدن تي ظاهر ٿي رهيا هئا.“ ان بعد سندس طبابت ۽ ڪرامتن جو مير ’قانع‘ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مقالات جي عنوان هيٺ اچي چڪو آهي. آخر ۾ لکي ٿو ته ”سندس مزار تي هر سال ميلو لڳي ٿو، ۽ هزارين ماڻهو زيارت ڪرڻ اچن ٿا، هن بزرگ اولاد ڪونه ڇڏيو 3/233“.
شاهه اسماعيل صوفيءَ جو وڏو جيد مريد شاهه مسعود ولهاري هو، جنهن ظاهري علومن جو درس مخدوم حاجي محمد قائم(2) کان ورتو هو. ۽ وڏيءَ فضيلت وارو صاحب هو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”فضيلت جي شهرت اوري پري اٿس ۽ مثنويءَ کي ڏاڍي شوق ذوق سان پڙهندو آهي؛ پنهنجي مرشد جي ارشاد تي، سندس انتقال بعد، دهليءَ ويو ۽ شاهه غلام محمد وٽان رهيل امانت هٿ ڪري موٽي آيو؛ هن وقت سندس جهڙو صوفي ٺٽي ۾ ٻيو ڪونه آهي؛ مثنويءَ جو درس خوب ڏئي ٿو؛ زماني جي وهمن ۽ سلسلن کي ڇڏي، قناعت ڪيو، پاسيرو ٿيو، پيو ٿو پنهنجي يار سان ريجهه ۽ رهاڻ ڪري (233).“
شاهه لطيف ڀٽائيءَ لاءِ، مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”شاهه اسماعيل سان دوستيءَ سبب ڀانئجي ٿو ته شاهه سڳوري کي شاهه عنايت شهيد لاءِ قرب ۽ پيار هوندو ، ۽ ممڪن آهي ته چند بيت، جيڪي شاهه شهيد جي سلسلي ۾ چيا وڃن ٿا، سي حقيقت ۾ شهادت جي واقعي کان متاثر ٿي شاهه ڀٽائيءَ چيا هجن(1).“
دهليءَ واري شاهه غلام محمد جو اثر ڏسجي ٿو ته شاهه شهيد جي تعلق سبب سنڌ تي گهڻو هو، ۽ انهيءَ سلسلي جا جيڪي معتقد ۽ متوسل هئا، سي سڀ شاهه غلام محمد سان به عقيدت رکندا هئا. مخدوم عربي هالن واري جي ڀاءُ حضرت پير آسات جي اولاد مان ميان محمد حسين هو، جنهن کي ٻه پٽ هئا _ هڪ احمد ۽ ٻيو محمد؛ انهن مان احمد دهليءَ وڃي شاهه غلام محمد جي خذمت ۾ رهيو هو ۽ سندس لنگر و سمورو ڪم ڪار پيو سنڀاليندو هو (250).
تحفـة الڪرام جي مصنف لکيو آهي ته ”بڪيرن جي شيخ فاضل شاهه(1) قريشيءَ جي ناٺيءَ شيخ شهدالله جو پٽ شاهه سراج الدين وڏي مانَ ۽ مرتبي سان ٿي گذريو آهي؛ جنهن وقت شاهه کي شهيد ڪيو ويو، ان وقت هي پاڻ شاهي درٻار ۾ دهليءَ ۾ هو، ۽ انهيءَ معاملي ۾ سندس پڻ چرچ هئي (159).“
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه شهيد جو سنڌ اندر وڌندڙ اقبال ۽ اثر ڏسي، فقير، پير، گادي نشين ۽ امير، سڀ دهلجي ويا هئا، ۽ پنهنجي پنهنجي وِت ۽ وس آهر، هر ڪنهن کيس ختم ڪرڻ ۾، پنهنجي آڏاڻي ۽ اقتدار کي بچائڻ خاطر، ڪسر ڪانه ڇڏي. بلڙيءَ وارا سيد، بڪيرن جا خانقاهه نشين، ٺٽي جي مسند قضا جا مالڪ، نور محمد پليجي ۽ حمل جت وارا زميندار، اپر سنڌ جا ٺيڪيدار ميان يار محمد ڪلهوڙي وارا، ٺٽي جي رضوي خاندان وارا سيد مير لطف علي وغيرهه، الغرض انهيءَ فهرست ۾ سڀ پير، گادي نشين، امير يا زميندار ڏسڻ ۾ پيا اچن.
تحفـة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته ”درويش صابر ولهاري به انهيءَ دور جو وڏو خدا رسيدو بزرگ ۽ شاهه شهيد جو ننڍو معاصر هو (166).“
ٺٽي جي انجوي شيرازي ساداتن مان سيد لطف الله عرف مير بطن، شاهه شهيد جو مريد ۽ شاهه اسماعيل صوفيءَ جو صحبتي ۽ معتقد هو، پنهنجي دور ۾ اهو بزرگ به توڪل، تسليم ۽ رضا جي وڏيءَ ڪڙيءَ تي رسيل هو (189).
شاهه شهيد جي سلسلي ۾ مير علي شير ’قانع‘ جي ٻئي ڪتاب ۾ انهيءَ طريقي جو بيان موجود آهي، اڳتي اسان مير صاحب جي ٽئين ڪتاب ”طومار سلاسل“ ۽ چوٿين ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ مان مٿئين سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه آيل آهي، سو پيش ڪنداسين.
”طومار سلاسل طريقت“: مير علي شير 1202هه ۾ بزرگن جي طريقت جو هڪ شجرو تيار ڪيو، جنهن ۾ شاهه شهيد جي طريقت جو سلسلو، هن ريت ڏنو اٿائين:
شيخ عنايت الله صوفي، مريد شيخ عزيز الله (بن جان الله)، اهو مريد پنهنجي والد جان الله المعروف بـﮧ شيخ محمد سنوري قادريءَ جو، اهو مريد شيخ ميرانجي برهانپوريءَ جو، اهو مريد شاهه عبدالشڪور جو، اهو مريد شاهه برهان الدين جو، اهو مريد شيخ نجم الدين جو، اهو مريد شيخ علي خطيب احمد آباديءَ جو، اهو مريد شيخ برهان الدين (بن سيد محمود) جو، اهو مريد سيد محمود(1) بن مخدوم جهانيان جو، اهو مريد پنهنجي والد سيد مخدوم جهانيان جهان گشت(2) جو (جيڪو فرزند هو سيد احمد ڪبير جو ۽ اهو پٽ هو سيد جلال سرخ بخاريءَ(3) جو)، اهو مريد شيخ رڪن الدين بن صدر الدين بن حضرت بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ جو، صدرالدين مريد هو پنهنجي والد حضرت بهاءالدين جو ۽ اهو مريد هو خواجـﮧ شهاب الدين سهرورديءَ جو.
”معيار سالڪان طريقت“:
1202هه ۾ مير علي شير ’قانع‘ انهيءَ نالي سان ٻيو هڪ ڪتاب بزرگن جي تذڪري ۾ مرتب ڪيو، جنهن ۾ پڻ شاهه عنايت ۽ سندس متعلقين جو ذڪر آيو آهي.
شاهه شهيد:
شاهه شهيد جي ساسلي ۾ لکي ٿو ته ”در آغاز حال بطلب حق رياضت شاقه کشيده، خدمت و صحبت مشائخ بسيار دريافتـﮧ“. اڳتي هلي لکي ٿو ته ”شاهه شهيد شاهه عبدالملڪ جو مريد هو، ۽ ان جو طريقو قادري آهي، جيڪو هن ريت هلي ٿو_
شاهه شهيد مربد شاهه عبدالملڪ جو، اهو مريد مولانا برهان الحق والدين شيخ عزيز الله جو، اهو مريد پنهنجي والد شاهه جان الله قادريءَ جو (عرف شيخ جان محمد سنوري قادري)، اهو مريد قدوة المحققين شيخ ميرانجي برهانپوريءَ جو، اهو مريد شاهه عبدالشڪور قادريءَ جو، اهو مريد برهان الدين جو، اهو مريد شاهه نجم الدين جو، اهو مريد شيخ علي خطيب احمد آباديءَ جو، اهو مريد سيد ڪمال بهروچيءَ جو، اهو مريد شيخ ميرانجي قادريءَ جو، اهو مريد ملڪ لاد محمد جو، اهو مريد شاهه عالم عرف منجهن بخاريءَ گجراتيءَ جو.
مٿئين سلسلي ۾ ان کان اول واري سلسلي ۾ فرق آهي، جيڪو غور ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي قابل آهي، ڪڏهن وقت مليو ته انهيءَ سلسلي ۾ آءُ پنهنجي تحقيق پيش ڪندس.
”معيار سالڪان“ ۾ مير ’قانع‘ لکيو آهي ته ”شاهه شهيد طلب حق جي سلسلي ۾ تمام گهڻي سياحت ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڳوٺ آيو“. مير ’قانع‘ ان کان پوءِ حمل جت ۽ نور محمد پليجي جي اختلاف جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ان بعد لکي ٿو ته ”ٺٽي جي حاڪم (اعظم خان) بادشاهه ڏانهن لکي موڪليو: شاهه عنايت خروج جو ارادو ڪيو آهي، اڃا ابتدا آهي، جيڪڏهن سڀني سرڪارن جي فوج ملندي ته هن وقت استيصال ڪري سگهبو، ورنه ان کان پوءِ ناممڪن ٿي پوندو“. انهيءَ کان پوءِ مير ’قانع‘ شهادت جو واقعو بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪابه نئين ڳالهه ڪانه لکي اٿائين.
شاهه جو اولاد:
شاهه شهيد جي فرزند شاهه عزت الله لاءِ لکيو اٿائين ته ”هو شاهه کان پوءِ سجاده نشين ٿيو، ۽ شهادت کان بچي ويل فقير ساڻس گڏ رهڻ لڳا. 1200هه جي لڳ ڀڳ شاهه عزت الله فوت ٿيو. شاهه ابراهيم صوفيءَ جو پٽ محمد زاهد، جيڪو شاهه شهيد جو ڄاٽو هو، شاهه عزت الله کان پوءِ سجاده تي ويٺو_ ڇاڪاڻ ته شاهه عزت الله لاولد فوت ٿيو.
شاهه شهيد جو ٻيو پٽ، شاهه سلام الله، جذب جو صاحب هو، سڪر جي حالت ۾ برپٽ ۽ بيابانن ۾ بسر ڪندو هو، مريدن جو مٿس ايترو اعتقاد هوندو هو جو هڪ ڏينهن هڪ مريد کي سڏ ڪري ان کي ڪهڻ جو ارادو ڪيائين، مريد جهٽ کڻي ڪنڌ سندس اڳيان نوايو. ان کان پوءِ مير ’قانع‘، غلام شاهه ۽ عطرخان جي سلسلي ۾ شاهه سلام الله جي پيش گوئيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا تحفـة الڪرام جي سلسلي ۾ اڳ لکي چڪا آهيون_ اهو بزرگ شاهه عزت الله جي حياتيءَ ۾ برقعو مٽائي ويو.
مير ’قانع‘ لکيو آهي ته شاهه شهيد جا مريد ۽ معتقد اڪيچار آهن، جن جو احوال هن هيٺ لکجي ٿو.
شاهه غلام محمد:
شاهه شهيد جو رفيق ۽ ساڻس گڏ شاهه عبدالملڪ وٽ رهندو هو، شاهه وٽانئس ظاهري علوم حاصل ڪيا، ۽ پنهنجي مرشد (شاهه عبدالملڪ) جي حڪم تي خود شاهه غلام محمد، شاهه شهيد وٽان سلوڪ جي راهه طيء ڪري، سندس بيعت ڪئي، ۽ جڏهن شاهه ڳوٺ موٽيو ته هي به ساڻس گڏ آيو. ٺٽي جي عالمن جڏهن ٻڌو ته شاهه غلام محمد، شاهه شهيد کي تعظيمي سجدو ڪري ٿو، تڏهن هنن سخت هنگامو پيدا ڪيو ۽ کيس دارالشريعت ۾ گهرائي شرعي تعزير ڏنائون. ان کان پوءِ شاهه شهيد جي حڪم تي، شاهه غلام محمد دهليءَ هليو ويو، ۽ _ ”و آنجا ظهور کامل فرموده، معتقد عليـﮧ ملوک و امراء و مرجع فقراي اهل الله گرديده، روز گاري دراز زيست، در عهد محمد شاه بادشاه چون وي در مشائخ کم کسي صاحب فيض بوده_.“
شاهه اسد الله:
شاهه اسد الله المعروف بشاهه اسماعيل صوفي، ولد شاهه نعمت الله، بن شيخ يعقوب، بن شاهه ابوالقاسم انصاري هروي، وڏي مانَ ۽ مرتبي وارو ڪامل درويش هو. شاهه عنايت ۽ سندس وچ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق هو، حال ۽ قال جو مجلسون ۽ صحبتون پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪندا هئا. 1140هه کان پوءِ فوت ٿيو، مڪليءَ تي سندس مزار آهي ۽ سندس وفات واري ڏينهن تي هرسال عرس ٿيندو آهي. شاهه اسد الله جو ڀائٽيو شاهه احسن الله بن شاهه عزت الله، شاهه غلام محمد جو مريد هو، ڪيترو وقت دهليءَ وڃي مرشد وٽ رهيو ۽ پوءِ ٺٽي موٽي آيو، 1200هه جي لڳ ڀڳ فوت ٿيو.
شاهه مسعود صوفي:
”شاهه مسعود صوفي به انهيءَ خاندان جو مريد آهي، ٺٽي ۾ شاهه اسماعيل صوفيءَ کان فيضياب ٿيو، ان جي وفات بعد سندس ئي اشاري تي دهليءَ وڃي شاهه غلام محمد وٽ حاضر ٿيو، ۽ جڏهن موٽي ٺٽي آيو ته پنهنجي مرشد جي مرشد (شاهه عنايت) واري سلسلي جي خليفن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، 1203هه ۾ اڃا حال حيات آهي.“
شاهه لطيف پڻ شاهه اسماعيل جي يارن مان هو، اهڙيءَ طرح مخدوم محمد معين(1) جهڙو يگانه ءِ روزگار عالم پڻ انهيءَ سلسلي جو يار غار هو.
سيد جانشاهه مير تخلص:
سيد حيدر رضوي (جيڪو سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو) ان جي ڏوهٽي سيد جانشاهه، سڄي سنڌ مرشد جي طلب ۾ گهمي، ليڪن پنهنجي مقصد برابريءَ لاءِ ڪٿي به اوجر ڏسڻ ۾ ڪونه آيس. آخر شاهه عنايت وٽ سندس دلي مراد پوري ٿي ۽ اتي رهي، سلوڪ جي تحصيل ڪري، مرشد جي موڪل سان ڳوٺ وڃي رشد هدايت جو سلسلو جاري ڪيائين. جڏهن فوت ٿيو ته سندس پٽ مير قلندر علي گاديءَ تي ويٺو، جو فقر فنا ۾ پيءُ کان به وڌي ويو.
شاهه شهيد جو خط:
شاهه شهيد جي دؤر ۾ مخدوم روح الله بکري وڏو جيد عالم هو ۽ بقول مير علي شير ”جامع علوم، منقول و معقول، حاوي معالم فروغ و اصول“ ۽ پنهنجي دؤر ۾ صلاحيت ۽ تقويٰ سان مشهور ۽ معروف هو، ميان نور محمد ڪلهوڙو سندس معتقد هو ۽ کانئس دعا گهرڻ لاءِ هميشه احتياج ڏيکاريندو هو.
مير علي شير ’قانع‘ سان مخدوم صاحب جي ملاقات 1166هه ۾ محمد آباد ۾ ٿي، ان وقت هو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي دعا ڪرڻ تشريف فرما ٿيو هو. مير صاحب لکي ٿو ته کيس معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب سمورين ڪماليتن جي باوجود، ڪڏهن ڪڏهن شعر شاعريءَ ڏانهن به توجهه فرمائيندو آهي. مخدوم پاڻ بيان فرمايو ته نادرشاهه جي تخت نشينيءَ جي تاريخ ”الخير فيما وقع“ جي فقري مان ڪنهن شاعر ڪڍي هئي، مگر مخدوم صاحب ”لا خير فيما وقع“ مان تاريخ ڪڍي، ۽ جڏهن نادرشاهه سنڌ ۾ آيو تڏهن مخدوم صاحب ”الخير فيما هو واقع“ مان سندس آمد جو سال ڪڍيو. (تحفـة الڪرام)
شاهه شهيد انهيءَ بزرگ جي فضيلت ۽ علمي ڪمال کان ڏاڍو متاثر هو. غائبانه مير امير علي صاحب (؟) کان سندس تعريف ٻڌي موهت ٿي پيو. شاهه شهيد ڏانهس هڪ خط لکيو آهي، جيڪو مرحوم مولانا وفائي صاحب پنهنجي بياض ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ اهو جنسي خط مولانا صاحب پاڻ ڏٺو هو، انهيءَ خط مان شاهه عنايت جي ادبي ڪمال جو پتو پوي ٿو، ۽ سندس ذوق شعريءَ جو پڻ ان مان اندازو ٿئي ٿو، خط جو اصل لطف سنڌي ترجمي ۾ هليو ويندو، تنهنڪري اسان ان کي فارسيءَ ۾ ئي نقل ڪيون ٿا:
بسم الله الرحمان الرحيم
نازم بمذهب مشرب قلندر جنون هنري را کـﮧ دست از دامن صبح اميد کو تاه داشتـﮧ. شادم نا اميدي را کـﮧ غريب شهرستان آرزوي هوشمندان حيرت ملاک تواند بود، گريبان سر مقصود انديشيده، در خود شکنيها کـﮧ بت شکني مردان حقيقت آگاه است، دست و پاي ميزند، و تيشـﮧءِ فرهاد عشق کوه سينـﮧءِ خود ميکند.
شيشها چيد است بر طاق دلم دست اميد
گرفتد سنگي ز نوميدي تماشا ميشود
چـﮧ بلا شد رجاءِ مطالب دنيوي، کـﮧ باصطلاح جگر خونان دگر گون ياس باده صهباي سبک روحي مقرر شده، کدام جاذبـﮧءِ جان فرساي تمنا پا در هوا است، که در زنگ گرد وباد جوشش نهاده بريشش وبروت اهل صورت معني خراب پيچيده، و هر سر مو را بشاخ مطلب آويزان ساخـﮧ، خيمـﮧءِ سر خشک سران بصد طناب ميبندند، و صورت مضمون يک سر هزار سودا را بروي صفحه حال تشتت فال زمانيان نقش مي کشد:
مرد باش و سخرهءِ مردان مباش
رو سر خود گير، سر گردان مباش
سر ديوانگي سلامت، گو پشت جنون نيرنگي ساز بي نياز کـﮧ التجاي مشت هوسنا کان چندي را کـﮧ از را حت گزيني خسخانه دنيا سر بازار، در نسائم بھار اسرار ذکام زده دماغ اند، کفر ھمت شناختـﮧ دلق درويشي را رسوا نساختـﮧ، ويرانـﮧءِ گمنامي را آباد سازد، وخيال خود را از سواد خاطرھا اھل روزگار، کـﮧ دام مکر و تزويري، بـﮧ ازين در آئينـﮧ وھم صورت نـﮧ بستـﮧ چون آھو وحشت سرشت رم داده، قدم عظمت را از پل عالم آنطرف نھد.
وحشتم کاش باندازهءِ صحرا ميبود
يک رميدن برد از ھر دو جھان بيرونم
نا آشنايان دارالشفاء خاکساري ، کـﮧ نشتر تيز زبان در آند مشھد تسليم جنبش نبض را کوچـﮧ مي دھد، در مقام انسکار در آمدن طالع فقر را وارﱞگون نمودن ست نعوذ بالله سبحانـﮧ من الحور بعدالکور.
چون چتر سنجري رخ بختم سياه باد
با فکر گر بود ھوس ملک سنجرم
مٿين عالمانه ۽ صوفيانه تمھيد، رمزن ۽ نڪتن بعد، اصل خط ھيٺينءَ طرح آھي:
حضرت مخدوم معظم مکرم من سلامت!
بعد اسمه، نياز سراسر گداز معروض باد، کـﮧ اوصاف وابستگي و برگشتگي آن زبدهءِ ارباب کمال، از مير صاحب مھربان مير امير علي صاحب شنيده، آنقدر انجذاب و کشش دل بملاقات حيات مساوات، آن معدن ِ فيوضيات حاصل شده کـﮧ بيرون از احاطهءِ تقرير و تحرير است.
مصاحبت چـﮧ ضرور است آشنائي را
ھنوز ياد يمن محو نکھتِ عربي است
فقرهء چند مذکور کـﮧ قبلـﮧء کونين استادي و مرشدي قدسنا بسره الاقدس، در ايام جواني ھا در جوش مشرب قلندريھا و وارستگي املا فرموده بودنـد، بي اختيار آشنا قلم نقصان رقم اين نافض گرديد، زياده بجز سوز و گداز و ماتم و وحشت و تنھائي چـﮧ عرض دھـد، والسلام.
محرر الحروف احقر الناس عنايت الله
انھيءَ خط جي لفافي تي ھيءَ عبارت مرقوم ھئي:
بگرامي مطالعه، قدوهء ارباب کمال، زبدهء اصحاب قال
و حال، جامع کمالات انساني، معدنِ فيوضات رحماني،
حضرت مخدوم روح اللـﮧ، سلمه الله تعالى مشرف باد.
نياز نامـﮧ خاکسار عاجز عنايت اللـﮧ عفي عنه
.......................................................
اھو دستور ٿيندو آھي ته جڏھن مخالفت جا سڀ حربا بيڪار ٿي ويندا آھن، تڏھن مذھب جو دامن جھلي اُن جي آڙ ۾ ذاتي بغض ۽ عناد جو پاڙ پاڙبو آھي. يا وري حڪومت جي اھلڪارن کي اُڪسائي انھن جي ذريعي پنھنجي دشمنيءَ جا عيوض معاوضا ورتا ويندا آھن. اھي ٻيئي طاقتون جڏھن ڪنھن جي به خلاف برسر پيڪار ٿينديون آھن، ان وقت جيڪو نتيجو نڪرندو آھي سو سڀني کي معلوم آھي : جنھن جي مخالفت ڪئي ويندي آھي، ان جي لاءِ ھِن دنيا ۾ انڌا انڌوڪار ٿي ويندو آھي.
شاھه شھيد سان اختلاف ته ٿيو پاڙي اوڙي جي وڏيرن ۽ پاٿاريدارن جو ، ابتدا ۾ دشمني ته ٿي بلڙيءَ وارن ساداتن جي، جن مان ڪنھن جا ڪڙمي ڀڄي وڃي شاھه شھيد جي اَجھي پيا ھئا، ۽ ڪنھن جا مريد پنھنجو پلاند ڇڏائي وڃي ھن صوفي فقير جي پَناري لڳا ھئا. ليڪن ھنن جڏھن ھر حربو استعمال ڪري ڏٺو ۽ ھن پاڪ باطن بزرگ جو ڪجھه نه ڪري سگهيا، ان وقت گڏجي ھڪ طرف مير لطف علي ۽ اعظم خان کي سندس خلاف ڀڙڪايائون ۽ ٻئي طرف ٺٽي جي علمائن سڳورن کي جنبشن ۾ آڻي، ھن درويش جي خلاف صف آرا ڪيائون.
چيو وڃي ٿو ته ھڪ دفعي اعظم خان پاڻ شاھ شھيد وٽ لنگهي ويو، پر دروازي تي دربان کيس روڪيو ته ھن وقت شاھه صاحب ورد وظيفي ۾ مشغول آھي ٿورو ترسو. اعظم خان کي مٺيان ته لڳي، پر ٿوري دير ترسي پيو. جڏھن شاھه شھيد سان ملاقات ڪيائين، تڏھن پھرين ئي کيس اھو ڏوراپو ڏيندي چيائين: ”در ِ درويش را دربان نشايد“.
جنھن تي شاھه وراڻي ڏني ته: ”بشايد، تا سگ دنيا نيابد“.
اعظم خان چيو ته ”درويش جي در تي دربان نه ھئڻ گهرجي“. شاھه جواب ۾ چيس ته ”ھئڻ گهرجي، ته جيئن دنياوي ڪتا اندر اچي نه سگهن.“ چيو وڃي ٿو ته اھو اعظم خان جي مخالفت جو سبب ٿيو. ليڪن اھو محض ڏند ڪٿا ڏسڻ ۾ اچي ٿي؛ اصل سبب اھي ئي آھن، جيڪي بيان ٿي چڪا آھن . ٺٽي جو حاڪم مخالف، ٺٽي جا علماءِ سڳورا دشمن. انھيءَ حد تائين، جو شاھه غلام محمد کي آخر سندن مخالفت ڪري دھليءَ وڃڻو پيو. مخدوم محمد معين جي محبت شاھه شھيد سان ٿي ، ته نه فقط سندس مرشد ابوالقاسم ساڻس ناراض ٿي پيو، بلڪ مولوي محمد ھاشم جي خاندان جڏھن مخدوم معين جي مخالفت شروع ڪئي ته مٿس ٻين الزامن سان گڏ اھو به الزام مڙھيائون ته ھو شاھه عنايت جو معتقد ھو. شاھه عنايت جڏھن شھيد ٿيو، تڏھن شڪارپور وارو شاھه فقير الله علوي ڏاڍو خوش ٿيو، جنھن جو اظھار ھن پنھنجي خطن ۾ ڪيو آھي.
اصلي مخالف ته پوءِ پري ٿي بيٺا، ھنن فقط تماشبينن جي حيثيت اختيار ڪئي؛ مسئلو اچي بڻيو، ھڪ حڪومت جو ۽ ٻيو مذھب جو. حڪومت وارن اعلان ڪيو ته شاھه شھيد مغل سلطنت جو تختو الٽائڻ گهري ٿو ۽ بغاوت ڪري سنڌ تي پنھنجو تسلط ڄمائڻ چاھي ٿو، تنھنڪري سندس قوت کي تھس نھس ڪرڻ عين ضروري آھي. مذھبي پيشوائن ان تي صاد ڪيو، ۽ اعلان ڪيائون ته منجھانئس نه فقط حڪومت کي خطرو آھي بلڪ مذھب کي ان کان وڌيڪ خطري جو انديشو آھي، تنھنڪري جيترو جلد کيس دفعي ڪيو وڃي اوترو بھتر. انھن ٻنھي قوتن جي پروپيگنڊا ايترو زور ورتو، جو حقيقت تائين پھچڻ جي ڪنھن ڪوشش ڪانه ڪئي. شاھه شھيد ھر چند حق تي ھو، ليڪن ان وقت ڪنھن کيس ڪونه ٻڌو. يڪطرفي پروپيگنڊا ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو، ۽ سڄي فضا سندس خلاف مڪدر ٿي ويئي. حتى ڪ ٺٽي جي شاعرن تي به ان جو اثر ٿيو، ۽ انـــــھيءَ دور جـــــــــــــي ھــــــــــڪ وڏي شــــــــــــــاعــــــــــــــر مـــــــــــــــــلا عبدالڪيم ’عطا‘ پنھنجي سخن سنجيءَ جي واڳ انھيءَ طرف موڙي ڇڏي.
”عطا“ شاعر جي مخالفت:
ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ جي ڪلام جو ھڪ حصو اسان کي ھٿ آيو آھي، جيڪو غزلن ۽ چند ٻين صنفن تي مشتمل آھي. سندس قصيدن جو ديوان اڃا تائين ميسر ٿي نه سگهيو آھي. خيال آھي ته قصيدن ۾ ھن اڃا به وڌيڪ شاھه عنايت شھيد واري معرڪي ۽ مخالفت کي ساراھيو ھوندو. سنڌي ادبي بورڊ سندس ڪلام جو جيڪو حصو شايع ڪيو آھي ان ۾ فقط چند قطعا شاھه شھيد جي مخالفت ۾ اسان کي ملن ٿا.
دکن ۾ شيواجي مرھٽو، مغل سلطنت جو سخت مخالف ھو: ملا عبدالحڪيم ’عطا‘، شاھه عنايت کي شيواجيءَ سان مناسبت ڏسندي، ھڪ قطعو چيو آھي، جنھن مان سندس مراد آھي ته دکن ۾ شيواجي مغلن جي اسلامي حڪومت جي درپيء آھي، ۽ ھتي سنڌ ۾ عنايت الله شھيد انھيءَ اسلامي حڪومت جون پاڙون پٽڻ گهري ٿو. قطعي جي زبان سخت ڏکوئيندڙ آھي، ليڪن چونڪ ’عطا‘ جو اھو ڪلام مخالفت گروھه جي ڪيل پروپيگنڊا جي نمائندگي ڪري ٿو، تنھنڪري ھتي ان کي ڏيڻ ضروري سمجھون ٿا.
شنيده شد بدکن ”شيوا“ کافري بوده است
بشھر تتـﮧ کنون نيز ”شيوا“ پيدا شد
ازو تمرّد ظاھر شده باھل نياز
و زين تمرّد باطن عجب ھويدا شد
دکن جي نالي کڻڻ مان شاعر جو اشارو شاھه عبدالملڪ ڏانھن به ٿي سگهي ٿو، جيڪو بزرگ، شاھه شھيد جو روحاني پيشوا ھو.
ھيٺيون غزل اردو زبان ۾ لکيو ويو آھي، جنھن ۾ پڻ سخت محالفانه جذبات جو اظھار ڪيو ويو آھي_
چگونه سند بستا باز سکھه ســــون ”عنادي“ گر ميان ِ جھوک رھـتـــا
بحالم ديکھنا ياد ازالش ھــــــــــم نظر بـــر مــــورکي مفلوک رھــــتــــــا
ز خرمن خوشـﮧ از خوان ريزه چـــينم نه ياد از گريـﮧء ممــلــوک رھــــــتــــــا
ز بـــا افــــــراط اقــــــطــــــار فقيـــــــــران نگاھي جانب صعـلـــوک رھــــــتــــــا
بسا چون فوج ياجوج و شکم عوج بمن وابستگان در ’بھوک‘ رھتا
ترا عمر خضر ”فيــــــاض غــــــازي“ ’عطا‘ در داعيان مسلوک رھتــا
مٿئين قطعي ۾ شاھه عنايت کي ”عنادي“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آھي، ۽ چوي ٿو ته ”عنادي“ جھوڪ ۾ جيڪڏھن رھي ھا ته، ان حالت ۾ سنڌ ۾ سُک جو وقت ڪين بسر ٿئي ھا. ”فياض غازيءَ“ جو اشارو اعظم خان ڏانھن آھي، جنھن جي فياضيءَ واري فيض، ’عطا‘ شاعر کي انھيءَ قطعي لکڻ تي آمادو ڪيو. اھو قطعو شاھه شھيد جي گرفتار ٿيڻ وقت لکيو ويو آھي. ھيٺيان ٻه قطعا به انھيءَ موقعي تي جوڙيا ويا آھن، جن ۾ گرفتاريءَ جو سال پڻ ڏنو ويو آھي _
لشکرِ نواب غازي جابجا فيروزمند
مشعل اقبال او در ملک سند افروخته
زان شھاب ِ ديو کش، شد رجم ديوان خبيث
عقل اين تاريخ گفتا ”جام بدبو سوخته“.
18 ذي القعده 1129ھه جو شاھه شھيد گرفتار ٿيو. مٿيون قطعو انھيءَ موقعي تي چيو ويو آھي، جنھن ۾ اعظم خان کي ”غازيءَ“ جو لقب ڏنو ويو آھي ۽ سندس انھيءَ ”فيروزمنديءَ“ کي سنڌ ۾ سندس اقبال جي مشعل روشن ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو ويو آھي.
اھڙيءَ طرح ھيٺئين قطعي ۾ پڻ گرفتاريءَ جي تاريخ بيان ڪئي ويئي آھي _
سنِ غين و قاف و فزون لا بود کـــــــﮧ پــــــيدا شد از سند مــکار ديو
بسيرت فقيرو بــــــوصح شــــــرير، غـــبـــار ”عـــنـــاد“ اســت اطـــوار ديـــــو
خــــــرد سال تــــــاريــخ از اخــــــذ او، بگفتا ”گرفتار ادبار ديو“ 1129هه
مٿين اشارن مان فقط ھڪ شاعر جي بد باطن جذباتن جو اسان کي مثال ملي ٿو. ٺٽي جا ٻيا ڪيترا درٻاري شاعر ھوندا، جن پڻ انھيءَ موقعي تي اعظم خان جي پٺڀرائي ڪئي ھوندي، ليڪن جيئن ته سنڌ جو ثقافتي ورثو زير و زبر ٿي ويو آھي، تنھنڪري وڌيڪ تاريخي شھادتون ملي ڪونه ٿيون سگهن .
شاھه شھيد جو بيت ڪلھوڙن جي لاءِ:
سنڌ ۾ اھا ئي ڳالھه مشھور ۽ معروف آھي ته شاھه شھيد کي ميان يار محمد ڪلھوڙي پنھنجي دشمنيءَ سبب شھيد ڪرايو. اعظم خان ۽ ٻيا مخالف محض ڪلھوڙن جي ڪري اچي وچ ۾ پيا. حالانڪ تاريخي لحاظ سان اھا ڳالھه غلط آھي. ھر چند دل ۾ ڪلھوڙن کي به ڪو بغض ھجي، شاھه جي وڌندڙ طاقت ھنن کي به نه آئڙبي ھجي، ليڪن بظاھر اھڙي ڪابه شھادت اسان کي ڪانه ٿي ملي . دھليءَ جي مغل شھنشاھه طرفان، جيئن ٻين جاگيردارن ۽ منصب دارن کي امدادي ڪمڪ ڏيڻ جو حڪم مليو، تيئن ميان يارمحمد کي به ٺٽي پھچڻ ۽ اعظم خان جي مدد ڪرڻ جو پروانو پھتو، ۽ ڇاڪاڻ ته ھو به ان وقت مغل سلطنت جو ھڪ منصبدار ۽ جاگيردار ھو، تنھنڪري انڪار نه ڪري سگهيو. ان کان پوءِ جيڪي واقعا ٿيا، ميان يار محمد ان ۾ ڪجھ ڪري نٿي سگهيو. بھرحال انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ اندر ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون مشھور آھن. ضرب الامثال، چوڻيون، ۽ ڪيترا بيت ڪلھوڙن جي مخالفت ۾ ماڻھن کي زباني ياد آھن، جنھن مان ھيٺيون بيت خود شاھه شھيد جي نالي منسوب ڪيو ويو آھي.
ڪاھي ڪلھوڙن آئيو، ڪري مَندي صلاح
اچي اَڙيو اّنھن سان، جنھين وٽ الله
ڪلھوڙي جي باھِه، وساڻي ورھين کي.
ظاھر آھي ته اھو بيت شاھه شھيد جھڙي صوفي باصفا جو ٿي نٿو سگهي. ازنسواءِ انھيءَ بددعا کان پوءِ نه فقط ڪلھوڙن کي سنڌ جي بادشاھت ملي، بلڪ ڪم و بيش ايڪھتر سالن تائين سنڌ ۾ سندن باھه وساڻي نه سگهي.
شاھه شھيد جي تعليمات جو مرڪز فقط سنڌ اندر محدود ڪونه ھو. بلڪ سنڌ کان ٻاھر پڻ سندس مريدن ۽ خليفن جو ھڪ وڏو تعداد ھو، جن پنھنجي پنھنجي حلقي اندر، مرشد جي افڪارن ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
سنڌ جي مختلف مرڪزن کان پوءِ، سنڌ کان ٻاھر جو ٻيو مکي مرڪز سورت جو شھر ۽ ان گرد و نواح وارو علائقو ھو. انھيءَ مرڪز جي ڪيترن ئي بزرگن جو احوال اسان کي ”تذڪره صلحاء سورت“ ۾ ملي ٿو، جنھن کي اسان ترتيب وار ھن ھيٺ ڏيون ٿا:
گلدستـﮧ صلحاء سورت:
انھيءَ تذڪريءَ جو تاريخي نالو ”حقيقت السورت“ (1315ھه) آھي. مؤلف جو نالو آھي شيخ بھادر عرف شيخو ميان، بن شيخ احمد عرف بخشو ميان، بن شيخ حامد، بن شيخ بھادر،بن عمدة التجار شيخ محمود، بن عمدة التجار شيخ محمد فاضل الشھيد العبيدي الحجازي البدوي ثم الھندي السورتي.
شيخ بھادر جي والد شيخ احمد (المتوفي 1265ھه) ٽن جلدن ۾ ”حديقه احمدي“ نالي سان ھڪ ضخيم ڪتاب لکيو، جنھن جو ٽيون جلد اھل سنت جي عقيدن جي تشريح ۽ انھيءَ عقيدي رکندڙ 4687 عالمن ۽ مشائخن بزرگن ۽ صوفين جي شرح حال تي مشتمل ھو(1).
شيخ بھادر عرف ”شيخو“ ميان لکي ٿو ته دوستن جي مسلسل اصرار تي انھيءَ آخري ضخيم جلد مان فقط سورت جي عالمن ۽ مشائخن جي احوال کي جدا ڪري، 1315ھه ۾ ھن اھو تذڪرو ”گلدستـﮧ صلحاء سورت“ جي نالي سان تيار ڪيو(2)، جنھن جي متن ۾ ھن پيءُ واري عبارت قائم رکي، ۽ جتي نئون احوال مليس، اتي حاشيي ۾ ھن ان جو اضافو ڪري ڇڏيو.
انھيءَ تذڪري اندر شاه شھيد جي سلسلي ۾ ڪيترن مشائخن جو احوال ملي ٿو، جيڪو اسان جي سنڌي ناظرين لاءِ بلڪل نئون آھي. ھن کان اڳ شايد ئي ڪنھن کي خبر ھجي ته شاه شھيد جي پوئلڳن جو ھڪ وڏو مرڪز گجرات اندر سورت شھر ۽ ان جي آس پاس به ھو.
شاه پير محمد اورنگ آبادي:
پنھنجي دور جو وڏو خدا رسيدو بزرگ ۽ درويش صفت انسان ھو. طريقت ۾ ھو بزرگ ”شھباز ملڪوت شاه عنايت صوفي شھيد“ جو خليفو ھو.
شاه فاضل سورتي:
اصل ۾ احمد آباد جي بوھرن مان ھو؛ مولانا غلام محمد برھانپوريءَ کان ظاھري علوم جي تڪميل ڪري، طريقت ۾ خرقـﮧءِ خلافت مٿئين شاه پير محمد اورنگ آباديءَ کان حاصل ڪري، سورت ۾ ، مسجد مرجان ھاشميءَ ۾ مستقل طرح اچي مقيم ٿيو، جتي 26 محرم 1199ھه تي ھن جھان فانيءَ مان لاڏڻو ڪيائين ۽ انھيءَ مسجد جي احاطي ۾ دفن ٿيو.
مير شاه عبدالله ھيٺينءَ طرح سندس وفات جي تاريخ چئي:
’شاه فاضل‘ بود چون پير کمال،
1199ھه زين جھان، سوي جنان کرد انتقال:
پس، ز نام، او بجو سال وصال،
ھيچ در خاطر ميار، از قيل و قال.
شاه شھيد جي طريقت جو سلسلو سورت ۾ انھيءَ بزرگ جي ذريعي شروع ٿيو ۽ ڪيئي جيد عالم ۽ اھل دل ان ۾ داخل ٿيا.
شاه شھيد جي طريقت جو سلسلو:
ھن وقت تائين اسان کي فقط اھو معلوم ھو ته شاه شھيد، شاه عبدالملڪ دکنيءَ کان باطني تعليم حاصل ڪري ان جو خليفو ٿيو، ليڪن شاه عبدالملڪ کان اڳتي جي سلسلي ۾ اختلاف ھو. خوش قسمتيءَ سبب مذڪوره تذڪري ۾ انھيءَ طلائي سلسلي جون سڀئي ڪڙيون شاه فاضل سورتيءَ جي ضمن ۾ محفوظ ڪيون ويون آھن، ۽ جي ھن ريت آھن:_
شاه فاضل خليفو ھو شاه پير محمد اورنگ آباديءَ جو، اھو شھباز ملڪوت شاه عنايت شھيد جو، اھو شاه عبدالملڪ جو، اھو شيخ شاھيءَ جو ، اھو شاه عنايت شھيد جو، اھو مخدوم ابوالفتح جو، اھو مخدوم ابراھيم جو، اھو شمس الدين جو، اھو بھاء الدين دولت آباديءَ جو، اھو ابولعباس احمد جو، اھو مير حسن جو، اھو سيد موسى قادريءَ جو، اھو سيد عليءَ جو، اھو سيد محمد بغداديءَ جو، اھو سيد حسن بغداديءَ جو، اھو سيد عبدالرزاق جو، اھو حضرت غوث الاعظم سيدنا شيخ عبدالقادر گيلاني رحمـة الله عليـﮧ جو(1).
شاه قطب الدين سورتي:
شاه فضل کان اھو سلسلو سورت ۾ شروع ٿيو. سندس انتقال بعد شاه قطب الدين جيڪو سندس خليفو ھو، جانشين ٿيو.
شاه قطب الدين، حضرت خليفـﮧ ثاني سيدنا عمر فاروق رضه جي اولاد مان ھو. پٽن جي شھر ۾ ڄائو، ۽ بعد از تڪميل علوم، بندر سورت ۾ اچي چوڙيگرن جي مسجد ۾ رھڻ لڳو. عالم ۽ عارف ڪامل ھو. جڏھن وعظ فرمائيندو ھو ته ٻڌندڙ حال ۾ اچي ويندا ھئا. پنھنجي مرشد شاه فاضل کان پوءِ چوڙيگرن جي مسجد ڇڏي، اچي مسجد مرجان شاميءَ ۾ پنھنجي مرشد جي مسند مقيم ٿيو.
شاه موصوف جي وفات 26 جمادي الثاني 1217ھه جو سومر ڏينھن ٿي، ۽ پنھنجي مرشد شاه فاضل جي ڀرسان ڏکڻ طرف کان سپرد خاڪ ٿيو. سندس وفات جي تاريخ آھي:
صوفي صــــاف بخلــــــق حميــــــد، چون ز دنيا به لامکان برسيــــد
شش و بست از جمادي الثاني، مرغ روحش ز آشيان بــــــپريـــد
سال تاريخ، چون رقــم کــــــردم، جگر خامـﮧ، از الــــم بــــــدريــــــــــد
گفت ھاتف که قطب ديـــن خدا ’قول در راه‘ وصل يار کشيد.
1217ھه
سندس ھڪ ٻئي مريد غلام جيلانيءَ ھيءَ تاريخ ڪڍي:
يک ھزار و دو صد و در ھفده سال، شاه قطب الدين، فرمودند وصال
لفظ ”شاه فاضل“ مان به تاريخ (1217ھه) نڪري ٿي(1).
سيد احمد شاه:
المعروف سيد ميان صاحب رحمـةالله عليـﮧ، حضرت شاه قطب الدين جو پوٽو ھو، ظاھري علومن جي تڪميل سيد محمد ھادا صاحب وٽ ڪري، باطني تعليم پنھنجي ڏاڏي کان حاصل ڪيائين ۽ خرقـﮧء خلافت کانئس ورتائين .
16 ربيع الاول جو، جڏھن شاه دولـﮧ، جيڪو انھيءَ سلسلي جي فقيرن جو سرگروه ھو، رحلت ڪري ويو، تڏھن سٺي جماعت سيد (؟) شاه احمد کي لائق ۽ فائق سمجھي، پڳ ٻڌائي، پنھنجي گروه جو سرخيل بڻايو .
”تذڪره حديقه احمديءَ“ جو مؤلف، شيخ احمد ”صلحاء سورت“ جي مؤلف جو پڙ ڏاڏو) سندس شاگرد ھو. سيد صاحب ھميشـﮧ درس ۾ مشغول رھندو ھو، ۽ ڪيترا شاگرد سندس درس مان زماني جا اڪابر ٿي نڪتا.
سيد صاحب 15 ذي الحج 1255 ھه تي فوت ٿيو ۽ شاه فاضل ۽ شاه قطب الدين جي ڀر ۾ مسجد مرجان شاميءَ واري قبرستان اندر دفن ٿيو. سيد مرحوم جي شاگرد، منشي عبدالحڪيم المخاطب زرين رقم خان جيڪا تاريخ چئي، ان جي ھيٺئين شعر مان سال برآمد ٿئي ٿو:
گفت رضوان: سال از اوج بھشت
سيد احمد فاضل و قطب زمان (1255ھه)
سندس ٻئي ھڪ شاگر، شيخ غلام محمد چيو:
چو اھل فضل بدو التفات ميکردنـــد
ازان سبب شده تاريخ: مرجع الفضلا (1)
1255ھه
شيخ عبدالرؤف:
بن محمد فياض بن شيخ زين العابدين متوفي 1112ھه بن محمد بن عبدالله بن مولانا شيخ زين العابدين احمدآبادي رحمت الله عليـﮧ . شاه قطب الدين جو ظاھري علم ۾ شاگرد ھو ۽ باطني تعليم به وٽانئس حاصل ڪري خرقـﮧ خلافت ورتائين.
شيخ عبدالرؤف شاھه قطب الدين کان خرقـﮧ خلافت وٺڻ بعد سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت جھوڪ شريف ۾ رھي، شاھه شھيد جي جانشين کان پڻ روحاني فيض حاصل ڪيائين ۽ ”وڏي مرتبي“ تي وڃي رسيو. فقر ۾ ايڏو ڪامل ٿيو، جو زماني کان صفا لاتعلق ٿي ويو. گويا ھن جھان ۾ ھوئي ڪونه! جھوڪ مان موٽي اچڻ بعد، سورت ۾ انھيءَ سلسلي جي مسند تي، مسجد مرجان شاميءَ ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي 19 شعبان 1249ھه جو وفات ڪيائين ۽ پنھنجي والد جي ڀڪ ۾ دفن ٿيو.
شيخ عبدالرؤف کي ٻه پٽ ھئا: شيخ زين العابدين ۽ محمد عبدالله . ٻنھي کي پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺيو آيو ھو. ھتي اچي کين شاھه عزت الله جو مريد ڪيائين، جنھن جي عمر ان وقت سؤ سال ٿي چڪي ھئي.
شاھه عزت اللـﮧ لاءِ تذڪري جو مؤلف لکي ٿو ته خليفي ابراھيم جو مريد ھو، جيڪو خليفو ھو شاھه شھيد رحمـة اللـﮧ عليـﮧ جو.
شيخ عبدالرؤف جو فرزند، شيخ زين العابدين سنڌ کان موٽندي واٽ تي فوت ٿيو. محمد عبداللـﮧ شاھه خيريت سان سورت پھتو. سندس وصال پيءُ جي جيئري، سال 1246ھه ۾ وبا، جي مرض وگهي ٿيو ۽ ساڳيءَ مسجد مرجان واري قبرستان ۾ دفن ٿيو(1).
سورت ۾ ۽ ان جي گرد نواح اندر انھن بزرگن جي تعليمات سبب شاھه شھيد جي عقيدتمندن جو حلقو وسيع ٿيو ھوندو، ليڪن افسوس آھي، جو انھن تاريخ جي صفحن ۾ جاءِ حاصل نه ڪئي، جنھنڪري اھي سڀئي بي نام و نشان رھجي ويا.
سورت جي انھن بزرگن جا، ممڪن آھي ته ، اڃا به ڪي پويان ھجن، ۽ ٿي سگهي ٿو ته شاھه شھيد جي سلسلي جا ڪيترا نادر آثار سنڌ مان منتقل ٿي سورت پھتا ھجن، مثلاً: ڪتاب، تذڪرا، يا ٻيون سوکڙيون يعني تبرڪ وغيره.
انيس المساڪين (راحت السالڪين):
مصنف قاضي غلام ھادي مرحوم . سنڌ جي صوفي تحريڪ تي ھڪ مفصل ڪتاب. ”انيس المساڪين“ عرف ”راحت السالڪين“ ڪتاب ٻارھن بابن ۾ سنڌي زبان ۾ لکيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق به ڪي اھم ڳالھيون لکيون ويون آھن، مثلاً شاھه عنايت صوفيءَ واري جنگ وغيره. ھتي ڪتاب جي عنوانن جي فھرست ڏجي ٿي، جنھن مان ڪتاب جي اھميت ۽ مطالب جو اندازو ٿيندو. اھو ڪتاب بيدل سائينءَ جي مجازي دوست ميان پير محمد جي صاحبزادي ميان غلام مھدي مرحوم، مسٽر لکا سنگهه وڪيل روھڙيءَ واري جي تحريڪ تي تصنيف ڪيو. ڪتاب جي ابتدا ۾ نظم آھي ۽ تصوف جو ٿورو احوال بيدل جي تاليف ”فوائد المعنوي“ مان ڏنو ويو آھي. ان کان پوءِ ھيٺينءَ طرح باب ۽ مضمون آھن:
باب پھريون:
تصوف سنڌ ۾ ڪيئن آيو؟ شاھه عنايت صوفيءَ جو تولد ۽ ننڍپڻ جو احوال .
باب ٻيو:
مرشد جي ڳولا ۾ نڪرڻ، مرشد جي ڪچهري، مرشد کان موڪلائي سنڌ ۾ اچڻ ، شاھه شھيد جي شادين جو ذڪر، يارمحمد ڪلھوڙي جو ضد پوڻ، سنڌن مريدن جو ارادو، لڙائيءَ جو بيان، 18_ ذولقعد 1129ھه کان 11_ صفر 1130ھه تائين ڪلھوڙن جو ڊوھه، سندن ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي شھادت ھمراھن سميت، قصيدهء وفات، سر مبارڪ جو دھليءَ وڃڻ لاءِ نيزي تي چڙھڻ، مير جان الله شاھه رضويءَ جا ٽي غزل، سر مبارڪ جي مخدوم ٺاري ۽ ھڪ ٻئي فقير سان گفتگو، سر مبارڪ جو رستي ۾ مريد ٿيڻ، دھليءَ ۾ سر مبارڪ جي پھچڻ جون وارداتون، سر مبارڪ جو سنڌ ۾ رسڻ، صوفين لاءِ وقتي سختيون، ڪرسي نامـﮧ نمبر 1 مصنف: فقير عبدالقادر بيدل، ۽ ڪرسي نامـﮧ نمبر 2 مصنف: فقير عبدالقادر بيدل .
باب ٽيون:
حضرت شھيد جي خليفن جو بيان، مير جان الله شاھه رضوي، ساقي نامـﮧ جان الله شاھه _ 131 بيت فارسي، ميخانه مير جان الله شاھه رضوي _ 131 بيت فارسي، مير قلندر علي شاھه جو بيان، ميان باقر علي شاھه، مير منورعلي شاھه ۽ مير فتح علي شاھه جو بيان، مير سيد ميان علي اڪبر جو بيان، سيد ميان جان الله شاھه ٽئين جو بيان، شاھه عبداللطيف ٺٽويءَ جو بيان، خليفي شاھه جو بيان، خليفي خواجه عبدالله جو بيان، خليفي سليمان ھنديءَ جو بيان، خليفي ابن جو بيان، ۽ خليفي ميان اسماعيل شاھه ٺٽويءَ جو بيان .
باب چوٿون:
حضرت صوفي صاحب جي اولاد شاھه خليل اللـﮧ جو بيان، شاھه عزت اللـﮧ جو احوال، شاھه غلام اللـﮧ قلندر جو بيان _ ڀٽ تجل شريف ۾ سندن حالات _ تجل ڳوٺ جو ٻَڌجڻ ۽ سندن روضي مبارڪ جُڙڻ جو احوال .
باب پنجون:
حضرت صوفي صاحب جي گاديءَ جو ڦرڻ، پير محمد زاھد شاھه جو بيان، ميان ابراھيم شاھه ثالث جو بيان، شاھه فضل اللـﮧ قلندر جو بيان، مخدوم پني لڌي جو بيان، ساھه فضل اللـﮧ جو ڪنبي جو کوھه تان ميرانپور ھلڻ ۽ شاھ فضل اللـﮧ جي وفات جو بيان.
باب ڇھون:
شاھه فضل اللـﮧ جي ٻن خليفن جو بيان، فقير محمد صديق جو بيان، فقير ميان عبداللـﮧ جو بيان، سيد فتح الدين شاھه جھانيان پوٽي حيدرآباديءَ جو بيان ۽ مدئي فقير حجام جو بيان.
باب ستون:
شاھه عزت اللـﮧ ثانيءَ جو بيان ۽ شاھه رحمت اللـﮧ قلندر جو بيان.
باب اٺون:
شاھه ابراھيم چوٿين جو بيان ۽ مخدوم ميان زاھد جو بيان.
باب نائون ۽ ڏھون:
ميرانپور جي گاديءَ جو تجل شريف وارن بزرگن جي ھٿ اچڻ ۽ عبدالستار سجاده نشين جو بيان.
باب يارھون:
عبدالستار جو سجاده نشين ٿيڻ ۽ مخدوم شھاب الدين جو بيان.
باب ٻارھون:
بي سر نامون ڇا آھي؟
(ڪتاب پورو ٿيو. 25 رمضان، ڏينھن اڱارو، ٽي پھري، 1340ھه برابر 23_ مئي 1932ع.)
ڪتاب جي مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي صوفي تحريڪ، ڪلھوڙن جي مخالفت ۽ سنڌ ۾ صوفي تحريڪ جي علمبردار، شاھه عنايت جي شھادت ۽ انھيءَ تحريڪ جي مکيه افرادن جي متعلق ڪافي مواد ڏنو ويو آھي. افسوس آھي، جو مطالعي جو موقعو نه ملڻ سبب اھو چوڻ مشڪل آھي، ته ڪتاب جو مواد تاريخي لحاظ کان ڪيتريقدر وسيع آھي؛ تاھم ايترو چئي سگهجي ٿو، ته ڪجھه نه ڪجھه تاريخي حقائق ان مان ضرور ملي ويندا.
حضرت بيدل سائينءَ جو خاندان، شاھه عنايت جي مريد خاص سيد جان اللـﮧ شاھه رضويءَ جو مريد ھو، بلڪ بيدل جي والد ۽ چاچي کي خلافت به مليل ھئي، تنھنڪري خود بيدل جي سلسلي ۾ پڻ ھي ڪتاب ھڪ اھم ڪڙيءَ جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو.
[”نئين زندگي“ _ اپريل 1957ع،
مئي 1957ع، آڪٽوبر 1957ع،
نومبر 1957ع، جولاءِ 1963ع،
آگسٽ 1963ع.]
________________________________________
(1) جعفر زٽليءَ کي انهيءَ شعر جي سلسلي ۾ فرخ سير مارائي ڇڏيو.
(1) فرخ سير کي 1231هه، يعني شاهه عنايت شهيد کان هڪ سال پوءِ، نهايت بيرحميءَ سان، انڌو ڪري ماريو ويو. ”فاعتبروا يا اولي الابصار“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو. کانئس پوءِ، ساڳئي سال ۾، ٽي شهزادا تخت تي ويٺا۽ هئا. رفيع الدرجات، رفغ الدوله ۽ زڪو سير. آخر ۾ ساڳئي سال منجهه محمد نصيرالدين تخت نشين ٿيو، جنهن کي اڳتي هلي عوام، ۽ آخر ۾ تاريخ محمد شاهه رنگيلي جو ٺهڪندڙ لقب ڏنو.
(1) سيد ميران جونپوري المعروف به مهدي، ڄام نظام الدين جي دﺆر ۾ انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهيو هو. تنهنڪري انهيءَ مناسبت سان ان تي ”ميران پور“ جو نالو پيو.
(1) سيد جو نالو مير محمد شفيع هو، سيد يارمحمد جو پٽ هو، جيڪو سيد يوسف بکري رضويءَ جي اولاد مان هو. لطف علي خان ۽ شجاعت علي خان بادشاهه طرفان لقب مليل هئس. ”همت“ سندس تخلص هو. 1125هه کان 1127 هه تائين ٺٽي جو گورنر ٿي رهيو. سندس وفات 1144هه ۾ ٿي.
(2) اهو واقعو 1126هه يا 1128هه ۾ ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته 1127هه ۾ سيد لطف علي معزول ٿيو ۽ 1128هه جي آخر ۾ اعظم خان آيو.
(1) اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان، لطف علي خان جي معزول ٿيڻ تي ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو. پهرين خواجا محمد خليل خان کي نائب ڪري موڪليائين، پوءِ پاڻ آيو. 1128 کان 1131هه جي آخر تائين رهيو. کانئس پوءِ 1132هه ۾ نواب مهابت خان ڪاظم خلف محمد منعم خان آيو.
(1) ترجمو: ڄڻ ته اهي گڏهه آهن، جيڪي ڇرڪ ڀري، شينهن کان وٺي ڀڳا آهن.
(2) اهي لفظ حضورجن ”جنگ بدر“ جي موقعي تي، پٿرن جي مٺ مخالف لشڪر ڏانهن اڇلائيندي فرمايا هئا، ۽ انهيءَ مٺ وارن پٿرن، دشمن جي سڄي لشڪر جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو هو.
(3) ترجمو: جڏهن تو پٿريون هنيون هيون، ته اهي تو نه، بلڪ الله هنيون هيون.
(4) سڀ کان سخت آزمائش نبين جي ٿيندي آهي، پوءِ اوليائن جي، ۽ ان کان پوءِ درجي بدرجي. (حديث)
(1) آخري حيلو ترار آهي.
(2) روايت آهي ته مير شهداد بلوچ، شاهه شهيد جو سينڍوُ هو.
(3) هو ته چوپايا آهن، بلڪ انهن کان به زيادهه گم ڪردهه راهه آهن،
(4) جن واعدا ٽوڙيا، انهن ڄڻ پاڻ سان عهد شڪني ڪئي.
(1) کيس يقيناً قتل ڪونه ڪويو ويو بلڪ مٿي کنيو ويو. مٿينءَ عبارت ۾ پنجن وقتن جو اشارو نماز جي وقتن ڏانهن آهي، ۽ چئن تڪبيرن جو استعارو جنازي نماز جي تڪبيرن ڏانهن آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا جي پنجن وقتن نماز تي (جيڪو فقيرن جو دنيا ۾ ڪم آهي) جنازي نماز جون چار تڪبيرون هڻي، حواس خمسه کي وداع چيائون، يعني شهيد ٿيو.
(1) دوستيءَ لاءِ آزمائش ائين آهي جيئن سون لاءِ باهه.
(1) اي اميان وارﺆ! الله جو تمام گهڻو ذڪر ڪندا رهو.
(1) مير جان الله شاهه جي ديوان ۾ بزرگن جي سلسلي ۾ ڪيئي قصيدا موجود آهن. سندن شهادت تي، مير صاحب هڪ قصيدو لکيو، جنهن جو هڪ شعر هي آهي:
برخاست تا نشاند شمع وجود حق را، غافل که سر بريدن افزون کند ضياي.
________________________________________
(1) شيخ الاسلام ابو اسماعيل عبدالله بن محمد بن علي الانصاري، الهروي الحنبلي مشهور به ”پير هري“ تولد 2 شعبان 396هه_ وفات ذوالحج 481هه.
(1) مولانا جلال الدين محمد بن سلطان العلماء بهاء الدين محمد بن حسين الخطيبي_ تولد 604هه، وفات 676هه
(2) تحفـﺔالڪرام پڻ هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تي ايندو.
(1) علام عبدالجليل بلگرامي (ولادت 13 شوال 1071هه_ انتقال شب_ شنبه 23 ربيع الاخر 1138هه) سنڌ ۾ 1117هه کان وٺي 1136هه تائين وقايع نويسيءَ جي عهدي تي سرفراز هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو ۽ بکر ۾ پنهنجي نائب رهائيندو هو. وقت جو جيد عالم ۽ اهل دل بزرگ هو؛ 1126هه ۾، محمد رضا کي نائب ڪري پاڻ دهليءَ ويو، اتان وري پنهنجي پٽ مير سيد محمد بلگراميءَ کي ساڳئي عهدي تي مقرر ڪرائي موڪليائين، جيڪو صاحب 1133هه ۾ سيوهڻ پهتو ۽ 1143هه تائين اتي رهي، انهيءَ سال ۾ مير غلام علي آزاد کي پنهنجو نائب ڪري، ڳوٺ هليو ويو. 1145هه ۾ وري آيو، ۽ 1147هه ۾ مير غلام علي هتان هليو ويو، ۽ مير محمد پاڻ هتي رهيو، جيسين نادرشاهه وارو هنگامو ٿيو؛ ۽ سنڌ مان 25 تاريخ رمضان 1155هه جو آخري طرح هليو ويو.
(2) مير غلام علي آزاد، شيخ محمد رضا جو ذڪر ”يـﮧ بيضا“ ۾ ڪيو آهي، مير ’قانع‘ وارن لفظن ۾ ئي سندس حال بيان ڪيو اٿس، وڌيڪ فقط اهو اضافو آهي ته مير غلام عليءَ سان به سندس ملاقاتيون هيون، ۽ لکي ٿو ته نهايت عزيز ماڻهو هو (تسخه خطي). مير غلام عليءَ جو نانو مير غبدالجليل سنڏ جي وقايع نويسيءَ لاءِ مقرر ٿي، 24 رجب 1117هه جو پنهنجي هيڊ آفيس سيوهڻ ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ 1126هه ۾ شيخ محمد رضا کي نائب مقرر ڪري، ٿوري عرصي لاءِ موٽي دهليءَ ويو. اهوئي دور آهي جنهن ۾ عطرخان ۽ لطف علي خان جو فساد شروع ٿيو، ۽ لطف علي خان بلڙيءَ جي ساداتن جو طرف وٺي، شاهه جي مخالفن کي موڪل ڏيئي ڇڏي. مير عبدالجليل 1126هه ۾ ويو ۽ 1133هه ۾ سندس پٽ ۽ محمد آيو، اهو سمورو وقت شيخ محمد رضا نائب هو، ۽ شاهه شهيد جي جهڳڙي ۽ شهادت وارو واقعو سڄو سندس وقايع نويسيءَ واري دور جو قصو آهي. مٿين سيدن مان هونـﮧ ڪو هتي هجي ها، ته انهيءَ طرح مرڪزي حڪومت، ٺٽي جي نواب جو ساٿ نه ڏئي ها، ۽ واقعي جي اصليت کان اُها ايترو بيخبر نه هجي ها. وقايع نويس چونڪ محمد رضا هو ۽ محمد رضا جو نواب اعظم خان سان رستو هو، تنهنڪري هن جيڪي هتان اطلاع موڪليا هوندا، سي پڻ سٽيل منصوبي جي پٺڀرائيءَ ۾ هوندا. سيدن جي موجودگيءَ ۾ ڪم از ڪم صحيح واقعات شاهي درٻار تائين پهچن ها.
(1) مخدو رحمـﺔالله، مخدوم آدم جي ڀاءُ، مخدوم علي احمد قمري جي اولاد مان هو، وڏو صاحب فضيلت بزرگ ۽ عالم هو، درس تدريس جو مشغل هئس. مخدوم عبدالجليل، ٺٽي جو مشهور عالم، مخدوم ضياءُالدين جو ڄاٽو سندس فرزند هو. سندس ٻيا پٽ محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله پڻ وڏي مان ۽ مرتبي وارا بزرگ هئا. وڌيڪ احوال ڏسو تحفـﺔالڪرام جلد 3_236، 222، 195_ مقالات الشعرا_ مخدوم رحمـﺔالله 1137هه ۾ فوت ٿيو.
(1) شاهه عالم جي وزير اغظم نواب محمد منعم خان، خان خانان جو پيءُ نواب مهايت خان، 1133هه ۾ آيو؛ نهايت نيڪ، شريف، ڪم آزار، چڱيءَ نيت وارو امير هو. غربا پروري ۽ ساز سلوڪ ۾ مشهور هو، فارسيءَ شاعريءَ ۾ استاد هو، تخلص ”ڪاظم“ هئس. 1135هه ۾ ٺٽي منجهه فوت ٿيو، سندس پٺيان سندس صغير پٽ في الحال قائم مقام ٿيو، نواب جي بيگم انتظام سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو، جيڪو 1136هه وارو هڪ سال رهيو، جنهن بعد نواب سيف الله خان ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ٿيو، جنهن شاهه عبدالغفور هالائيءَ جي ڀاءُ عبدالسميع خان کي ليابت لاءِ ڏياري موڪليو ۽ پاڻ 1137هه ۾ آيو.
(2) صڌو، سنڌيءَ ۾ غالباً صدرالدين جو مخفف آهي.
(1) ڪرامتن جا اهي قصا هن مادي دور ۾ وسهڻ جهڙا نه آهن؛ جنهن دور جو اهو قصو آهي، انهيءَ ۾ اهڙا بزرگ به هئا ۽ اهڙا نيڪ دل ويساهي به هئا. اڄ نه خدا شناس بزرگ، نه ڪافي ڪرامت ۽ نه وري ماڻهن ۾ ئي ويساهه رهيو آهي؛ اکين سان جو ڪنهن اهو لقاءُ ڪونه ڏٺو آهي، تنهنڪري ان تي اعتبار ڪونه ايندو.
(1) سنڌ کان ٻاهر شاهه شهيد جا جيڪي معتقد هئا، انهن جو ذڪر اسان اڳتي هلي ڪنداسين.
(2) هن بزرگ جو احوال ٻين ڪتابن تان اڳتي هلي ڪيو ويندو.
(1) هيءُ بزرگ شيخ عبيدالله انصاريءَ جي اولاد مان هو ۽ هرات مان ٺٽي آيو هو،
(1) شاهه عاشق الله گجرات جو رهاڪو ۽ وڏو خدا شناس بزرگ هو.
(2) مخدوم محمد قائم آخري دور جو جيد عالم ۽ محدث هو، 1157هه ۾ وفات ڪيائين.
(1) اڄ نه اوطـــــــــــــاقــــــن ۾، طــــــالــــــب تــــــنــــــواريــــــن،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
شاهه جي پنهنجي عمران ان وقت 28 ورهيه هئي.
(1) فاضل شاهه قريشي، مخدوم بهاءالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو، ۽ سال هزار ۽ ڪن سالن مٿي سنڌ ۾ آيو ۽ بڪيرن ۾ مقيم ٿيو. (وڌيڪ ڏسو تحفـﺔالڪرام 3/159
(1) مخدوم ناصرالدين محمود بن مخدوم جلال جهانيان جهانگشت (ولادت 2 ذيقعده 740هه_ وفات 22 رمضان 800هه).
(2) ولادت 4 يان 14 شعبان 707هه_ وفات 1 ذي الحج 785هه
(3) ولادت 5 ذي الحج 595هه_ وفات 19 جمادي الاول 690هه.
(1) مولانا محمد هاشم جي فرزند مخدوم ابراهيم ”القسطاس المستقيم“ نالي، مخدوم محمد معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جو رد لکيو آهي، مٿس ان ۾ اهو پڻ هڪ اعتراض ڪيو اٿائين ته مخدوم معين پهرين حضرت مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ۽ م معتقد هو، جڏهن شاهه عنايت جو غلغلو بلند ٿيو، ان وقت مخدوم نقشبنديءَ کان منهن مٽي وڃي شاهه جي معتقدن ۾ داخل ٿيو، مخدوم ابراهيم جي عربي عبارت جو ترجمو هن ريت آهي: ”خود معترض (يعني مخدوم معين) به وڏيءَ مدت تائين، قطب عارف، صاحب والا معارف، انسان ڪامل، نسخـﮧء جامع و حافل، شاه ملک ولايت، شهسوار راه هدايت، القائم بامر الله الدائم، شيخ ابوالقاسم نقشبندي قدس الله سره و و نفعنا ببره“ (آمين)، جي خدمت سڳوريءَ ۾ حصول طريقت لاءِ بسر ڪندو رهيو، ۽ ابتدا ۾ تربيت پڻ حاصل ڪندو رهيو، ۽ اثر به قبول ڪيائين، ليڪن جڏهن شاهه عنايت الله لانگاهه صوفيءَ (الله کيس اها جزا ڏئي جنهن جو مستحق آهي) جي غلوءَ جي شهرت ٿي، تڏهن طلب طريقت ۾ دوي اختيار ڪري، اوڏانهن جو رخ ڪيائين. جنهنڪري شيخ قدس سره کانئس بيزاريءَ جو اعلان ڪيو، پوءِ وري تويهه ڪري شيخ ڏانهن رجوع ڪيائين، ليڪن جلد ئي شيخ برقعو مٽائي ويو.
ٺٽي جي عالمن جو شاهه شهيد ڏانهن ڪهڙو رخ هو، مٿين عبارت مان ان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
________________________________________
(1) انهي ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾ مـﺆلف 444 ڪتاب پنهنجي سامهون رکيا هئا.
(2) مطبع شهابي، واقع بمبئيءَ، ۾ ڇپيو.
(1) ”صلحاء سورت“ صفحو، 62_ اڳين مقالن ۾ ٻه سلسلا ڏنا ويا آهن: هي زياده معتبر معلوم ٿئي ٿي.
(1) ايضا ض ص 64_65. شاه قطب الدين هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي پٺيان ڇڏي.
(1) ايضاً ص: 67. شاه احمد پٺيان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ ڇڏيو. پٽس جي عمر ان وقت (1255هه) ڏهه ورهيه هئي. تاريخ وفات مـﺆلف ”حديقـﮧ احمدي“ جي تڙ ڏاڏي شيخ محمـد فاضل چئي:
شيخ زين العابدين، آن کان علم از فراقش گريـﮧ، در جـــوش آمــــده
گفت تــــــاريـــــــخ وصـــــــــالِ او خــــــرد علم زان ماتم، سيـﮧ پوش آمده
1112هه
شيخ عالم عارف ۽ اجلـﮧ مشائخ مان هو. ديني علومن ۾ سندس ڪيتريون تصنيفون آهن، جهڙوڪ: نحو ۾ ”ڪتاب بصري“، ”آداب الباقيءَ“ تي حاشيـﮧ زين العابدين ۽ ٻيا ڪيترا حاشيـﮧ. تذڪري جي مـﺆلف شيخ احمد جي وڏي ڏاڏي شيخ محمد فاضل وٽانئس علم حاصل ڪيو، ۽ پنهنجي نياڻي به کيس ڏني، جنهن مان شيخ عبدالرﺆف جو والد شيخ محمد فياض ڄائو. (ص 65_77)
(1) ايضاً ص: 65-66
________________________________________
(1) شيخ الاسلام ابو اسماعيل عبدالله بن محمد بن علي الانصاري، الهروي الحنبلي مشهور به ”پير هري“ تولد 2 شعبان 396هه_ وفات ذوالحج 481هه.
(1) مولانا جلال الدين محمد بن سلطان العلماء بهاء الدين محمد بن حسين الخطيبي_ تولد 604هه، وفات 676هه
(2) تحفـﺔالڪرام پڻ هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تي ايندو.
(1) علام عبدالجليل بلگرامي (ولادت 13 شوال 1071هه_ انتقال شب_ شنبه 23 ربيع الاخر 1138هه) سنڌ ۾ 1117هه کان وٺي 1136هه تائين وقايع نويسيءَ جي عهدي تي سرفراز هو. سيوهڻ ۾ رهندو هو ۽ بکر ۾ پنهنجي نائب رهائيندو هو. وقت جو جيد عالم ۽ اهل دل بزرگ هو؛ 1126هه ۾، محمد رضا کي نائب ڪري پاڻ دهليءَ ويو، اتان وري پنهنجي پٽ مير سيد محمد بلگراميءَ کي ساڳئي عهدي تي مقرر ڪرائي موڪليائين، جيڪو صاحب 1133هه ۾ سيوهڻ پهتو ۽ 1143هه تائين اتي رهي، انهيءَ سال ۾ مير غلام علي آزاد کي پنهنجو نائب ڪري، ڳوٺ هليو ويو. 1145هه ۾ وري آيو، ۽ 1147هه ۾ مير غلام علي هتان هليو ويو، ۽ مير محمد پاڻ هتي رهيو، جيسين نادرشاهه وارو هنگامو ٿيو؛ ۽ سنڌ مان 25 تاريخ رمضان 1155هه جو آخري طرح هليو ويو.
(2) مير غلام علي آزاد، شيخ محمد رضا جو ذڪر ”يـﮧ بيضا“ ۾ ڪيو آهي، مير ’قانع‘ وارن لفظن ۾ ئي سندس حال بيان ڪيو اٿس، وڌيڪ فقط اهو اضافو آهي ته مير غلام عليءَ سان به سندس ملاقاتيون هيون، ۽ لکي ٿو ته نهايت عزيز ماڻهو هو (تسخه خطي). مير غلام عليءَ جو نانو مير غبدالجليل سنڏ جي وقايع نويسيءَ لاءِ مقرر ٿي، 24 رجب 1117هه جو پنهنجي هيڊ آفيس سيوهڻ ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ 1126هه ۾ شيخ محمد رضا کي نائب مقرر ڪري، ٿوري عرصي لاءِ موٽي دهليءَ ويو. اهوئي دور آهي جنهن ۾ عطرخان ۽ لطف علي خان جو فساد شروع ٿيو، ۽ لطف علي خان بلڙيءَ جي ساداتن جو طرف وٺي، شاهه جي مخالفن کي موڪل ڏيئي ڇڏي. مير عبدالجليل 1126هه ۾ ويو ۽ 1133هه ۾ سندس پٽ ۽ محمد آيو، اهو سمورو وقت شيخ محمد رضا نائب هو، ۽ شاهه شهيد جي جهڳڙي ۽ شهادت وارو واقعو سڄو سندس وقايع نويسيءَ واري دور جو قصو آهي. مٿين سيدن مان هونـﮧ ڪو هتي هجي ها، ته انهيءَ طرح مرڪزي حڪومت، ٺٽي جي نواب جو ساٿ نه ڏئي ها، ۽ واقعي جي اصليت کان اُها ايترو بيخبر نه هجي ها. وقايع نويس چونڪ محمد رضا هو ۽ محمد رضا جو نواب اعظم خان سان رستو هو، تنهنڪري هن جيڪي هتان اطلاع موڪليا هوندا، سي پڻ سٽيل منصوبي جي پٺڀرائيءَ ۾ هوندا. سيدن جي موجودگيءَ ۾ ڪم از ڪم صحيح واقعات شاهي درٻار تائين پهچن ها.
(1) مخدو رحمـﺔالله، مخدوم آدم جي ڀاءُ، مخدوم علي احمد قمري جي اولاد مان هو، وڏو صاحب فضيلت بزرگ ۽ عالم هو، درس تدريس جو مشغل هئس. مخدوم عبدالجليل، ٺٽي جو مشهور عالم، مخدوم ضياءُالدين جو ڄاٽو سندس فرزند هو. سندس ٻيا پٽ محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله پڻ وڏي مان ۽ مرتبي وارا بزرگ هئا. وڌيڪ احوال ڏسو تحفـﺔالڪرام جلد 3_236، 222، 195_ مقالات الشعرا_ مخدوم رحمـﺔالله 1137هه ۾ فوت ٿيو.
(1) شاهه عالم جي وزير اغظم نواب محمد منعم خان، خان خانان جو پيءُ نواب مهايت خان، 1133هه ۾ آيو؛ نهايت نيڪ، شريف، ڪم آزار، چڱيءَ نيت وارو امير هو. غربا پروري ۽ ساز سلوڪ ۾ مشهور هو، فارسيءَ شاعريءَ ۾ استاد هو، تخلص ”ڪاظم“ هئس. 1135هه ۾ ٺٽي منجهه فوت ٿيو، سندس پٺيان سندس صغير پٽ في الحال قائم مقام ٿيو، نواب جي بيگم انتظام سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو، جيڪو 1136هه وارو هڪ سال رهيو، جنهن بعد نواب سيف الله خان ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ٿيو، جنهن شاهه عبدالغفور هالائيءَ جي ڀاءُ عبدالسميع خان کي ليابت لاءِ ڏياري موڪليو ۽ پاڻ 1137هه ۾ آيو.
(2) صڌو، سنڌيءَ ۾ غالباً صدرالدين جو مخفف آهي.
(1) ڪرامتن جا اهي قصا هن مادي دور ۾ وسهڻ جهڙا نه آهن؛ جنهن دور جو اهو قصو آهي، انهيءَ ۾ اهڙا بزرگ به هئا ۽ اهڙا نيڪ دل ويساهي به هئا. اڄ نه خدا شناس بزرگ، نه ڪافي ڪرامت ۽ نه وري ماڻهن ۾ ئي ويساهه رهيو آهي؛ اکين سان جو ڪنهن اهو لقاءُ ڪونه ڏٺو آهي، تنهنڪري ان تي اعتبار ڪونه ايندو.
(1) سنڌ کان ٻاهر شاهه شهيد جا جيڪي معتقد هئا، انهن جو ذڪر اسان اڳتي هلي ڪنداسين.
(2) هن بزرگ جو احوال ٻين ڪتابن تان اڳتي هلي ڪيو ويندو.
(1) هيءُ بزرگ شيخ عبيدالله انصاريءَ جي اولاد مان هو ۽ هرات مان ٺٽي آيو هو،
(1) شاهه عاشق الله گجرات جو رهاڪو ۽ وڏو خدا شناس بزرگ هو.
(2) مخدوم محمد قائم آخري دور جو جيد عالم ۽ محدث هو، 1157هه ۾ وفات ڪيائين.
(1) اڄ نه اوطـــــــــــــاقــــــن ۾، طــــــالــــــب تــــــنــــــواريــــــن،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
شاهه جي پنهنجي عمران ان وقت 28 ورهيه هئي.
(1) فاضل شاهه قريشي، مخدوم بهاءالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو، ۽ سال هزار ۽ ڪن سالن مٿي سنڌ ۾ آيو ۽ بڪيرن ۾ مقيم ٿيو. (وڌيڪ ڏسو تحفـﺔالڪرام 3/159
(1) مخدوم ناصرالدين محمود بن مخدوم جلال جهانيان جهانگشت (ولادت 2 ذيقعده 740هه_ وفات 22 رمضان 800هه).
(2) ولادت 4 يان 14 شعبان 707هه_ وفات 1 ذي الحج 785هه
(3) ولادت 5 ذي الحج 595هه_ وفات 19 جمادي الاول 690هه.
(1) مولانا محمد هاشم جي فرزند مخدوم ابراهيم ”القسطاس المستقيم“ نالي، مخدوم محمد معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جو رد لکيو آهي، مٿس ان ۾ اهو پڻ هڪ اعتراض ڪيو اٿائين ته مخدوم معين پهرين حضرت مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ۽ م معتقد هو، جڏهن شاهه عنايت جو غلغلو بلند ٿيو، ان وقت مخدوم نقشبنديءَ کان منهن مٽي وڃي شاهه جي معتقدن ۾ داخل ٿيو، مخدوم ابراهيم جي عربي عبارت جو ترجمو هن ريت آهي: ”خود معترض (يعني مخدوم معين) به وڏيءَ مدت تائين، قطب عارف، صاحب والا معارف، انسان ڪامل، نسخـﮧء جامع و حافل، شاه ملک ولايت، شهسوار راه هدايت، القائم بامر الله الدائم، شيخ ابوالقاسم نقشبندي قدس الله سره و و نفعنا ببره“ (آمين)، جي خدمت سڳوريءَ ۾ حصول طريقت لاءِ بسر ڪندو رهيو، ۽ ابتدا ۾ تربيت پڻ حاصل ڪندو رهيو، ۽ اثر به قبول ڪيائين، ليڪن جڏهن شاهه عنايت الله لانگاهه صوفيءَ (الله کيس اها جزا ڏئي جنهن جو مستحق آهي) جي غلوءَ جي شهرت ٿي، تڏهن طلب طريقت ۾ دوي اختيار ڪري، اوڏانهن جو رخ ڪيائين. جنهنڪري شيخ قدس سره کانئس بيزاريءَ جو اعلان ڪيو، پوءِ وري تويهه ڪري شيخ ڏانهن رجوع ڪيائين، ليڪن جلد ئي شيخ برقعو مٽائي ويو.
ٺٽي جي عالمن جو شاهه شهيد ڏانهن ڪهڙو رخ هو، مٿين عبارت مان ان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
________________________________________
(1) انهي ڪتاب جي تيار ڪرڻ ۾ مـﺆلف 444 ڪتاب پنهنجي سامهون رکيا هئا.
(2) مطبع شهابي، واقع بمبئيءَ، ۾ ڇپيو.
(1) ”صلحاء سورت“ صفحو، 62_ اڳين مقالن ۾ ٻه سلسلا ڏنا ويا آهن: هي زياده معتبر معلوم ٿئي ٿي.
(1) ايضا ض ص 64_65. شاه قطب الدين هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي پٺيان ڇڏي.
(1) ايضاً ص: 67. شاه احمد پٺيان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ ڇڏيو. پٽس جي عمر ان وقت (1255هه) ڏهه ورهيه هئي. تاريخ وفات مـﺆلف ”حديقـﮧ احمدي“ جي تڙ ڏاڏي شيخ محمـد فاضل چئي:
شيخ زين العابدين، آن کان علم از فراقش گريـﮧ، در جـــوش آمــــده
گفت تــــــاريـــــــخ وصـــــــــالِ او خــــــرد علم زان ماتم، سيـﮧ پوش آمده
1112هه
شيخ عالم عارف ۽ اجلـﮧ مشائخ مان هو. ديني علومن ۾ سندس ڪيتريون تصنيفون آهن، جهڙوڪ: نحو ۾ ”ڪتاب بصري“، ”آداب الباقيءَ“ تي حاشيـﮧ زين العابدين ۽ ٻيا ڪيترا حاشيـﮧ. تذڪري جي مـﺆلف شيخ احمد جي وڏي ڏاڏي شيخ محمد فاضل وٽانئس علم حاصل ڪيو، ۽ پنهنجي نياڻي به کيس ڏني، جنهن مان شيخ عبدالرﺆف جو والد شيخ محمد فياض ڄائو. (ص 65_77)
(1) ايضاً ص: 65-66