سنڌي هندن جو فارسي ادب ۾ حصو
سنڌ ۾، فارسي زبان کي درٻاري سرپرستي اگرچه مغلن جي قبضي بعد حاصل ٿي، ليڪن انهيءَ رواج ۽ رسم کي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم به هلائيندا آيا. دفتري زبان فارسي هئي، خط پٽ ۽ حڪم احڪام سڀ فارسيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، ملڪي ڪاروبار خواه مالي معاملات جا رجسٽر ۽ رڪارڊ سڀ فارسي زبان ۾ لکيا ويندا هئا. دربار ۽ درباري اميرن جي اگرچه مادري ٻولي سنڌي هئي، ليڪن شعر و سخن جي مشق فارسيءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. مدرسن جو نصاب به عربي ۽ فارسيءَ جي ڪتابن تي مشتمل هو، تنهنڪري تعليم جو مقصد ئي ان دؤر ۾ فارسي پرائڻ سمجهيو ويندو هو.
هندو بزرگ ملڪي خواه مالي محڪمن ۾ وڏن وڏن عهدن تي هوندا هئا، تنهنڪري ملازمت جي حد تائين به هنن لاءِ فارسي سکڻ لازمي هو، ليڪن منجهانئن ڪيترن صاحبن دفتري ضرورتن کان تجاوز ڪري، فارسيءَ جي ادب ۽ انشا، خواه شعر و سخن ۾ ڪمال جي حد تائين دسترس پيدا ڪري، انهيءَ ڏس ۾ ناموري حاصل ڪئي.
هن وقت مسلمانن جو علمي ذخيرو جيئن اسان وٽان گم ٿيل آهي، ساڳيءَ طرح هندن جو ادبي سرمايو به زماني جي الٽ ڦير ضايع ڪري ڇڏيو آهي. تاهم ڪن مشاهير ادب جا نالا تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، ۽ چند ڪتاب به سندن تصنيف ڪيل هتي نظر اچي وڃن ٿا.
”انشاءِ عطارد“ موجود آهي؛ منشي ٽوپڻ مل جي ”تاريخ سنڌ“ به ملي ٿي؛ پنڊت لاله جي ”تاريخ سنڌ“، جيڪا هن ٻارهن جلدن ۾ مرتب ڪئي، سا به ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته سنڌ ۾ ڪنهن بزرگ وٽ محفوظ آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ”دستور العمل رامچند ٺٽوي“ موجود آهي. خبر نه آهي ته انهيءَ قسم جا ٻيا ڪهڙا ڪهڙا جواهر پارا سندن قلم مان نڪتا، جيڪي اسان جي دؤر کان اڳ ئي، زماني جي اٿل پٿل غائب ڪري ڇڏيا.
هندو صاحبن، خطاطيءَ جي سلسلي ۾ به پنهنجو پاڻ خوب ملهايو. گهڻو ڪري، ”محڪمهء انشا“ ۾ کين ملازمت ملندي هئي. شاهي خطن ۽ فرمانن لکڻ سبب، هڪ ته کين انشا نويسيءَ ۾ ڪمال حاصل ٿيو، ۽ ٻيو خوشخطيءَ ۾ منجهن سليقو پيدا ٿيو. مون پنهنجي اکين سان سنڌي لکيل ڪتاب ڏٺا آهن، جيڪي خطاطيءَ جي نقطهء نگاهه سان ايراني خوشنويسن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونه آهن. نندومل قانون گو سيوهاڻي، همت سنگهه، ٽيڪمچند مولچند لاله داس قانون گو روهڙي، ۽ ديوان شوقيرام، هن آخري دؤر جا خوشنويس هئا.
فارسي ذوق ۽ علمي شوق سبب، سنڌ جي ڪيترن عامل ۽ مينشي گهراڻن ۾ ڪتبخانن گڏ ڪرڻ جو به شوق هو؛ چنانچه ڪيئي اهڙا خاندان موجود هئا، جن وٽ ادب ۽ تاريخ تي بيش بها خزانا ۽ نادر ذخيرا موجود هئا. مان پنهنجي سر خيرپور جي هڪ عمر رسيده بزرگ وٽ ويس، جنهن پنهنجي ڪتبخاني جا ڪتاب گهڻو ڪري سڀ بنارس يونيورسٽيءَ کي هديتاً ڏيئي ڇڏيا هئا ۽ باقي جيڪي بچيا هئس، سي هن منهنجو ذوق ڏسي مون کي ڏيئي ڇڏيا؛ جي اگرچه 5_6 مخطوطا هئا، ليڪن سڀئي قمتي ۽ بيش بها هئا. انهيءَ بزرگ موڪلائڻ وقت پنهنجي سنگتين ساٿين ۽ پراڻي زماني کي ياد ڪندي، حافظ جو هيٺيون شعر پڙهيو، جنهن جو اثر اڄ تائين منهنجي دل تي آهي:
حريفان بادها خوردند رفتند،
تهي خمخانها کردند رفتند!
مسٽر گوپ_ آر_ گربخش Indian Historical Records Commission جي1938_1939ع وارن اجلاسن ۾ سنڌ جي تاريخي مواد تي به پيپر پڙهيا آهن، جن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته راءِ بهادر تارا چند شوقيرام، ديوان لوڪامل گوبند بخش، ارجن سنگ جاگيردار عمرڪوٽ، ديوان وسڻ مل چنديراماڻي، راءِ صاحب ڏيا رام ڇٽومل ۽ راءِ صاحب حشمتراءِ لال سنگ، وغيره. وٽ قلمي ڪتابن جا نادر ذخيرا هئا. هن صاحب ڪن ڪتابن جي فهرست به ڏني آهي، جيڪا هتي ڏيڻ طوالت جو سبب ٿيندو، ليڪن انهيءَ جي ڏسڻ مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي تاريخ تي انهن بزرگن وٽ تقريباً سڀئي نادر ڪتاب موجود هئا؛ ازانسواءِ فارسي ديوان، ۽ مثنويون به تقريباً سڀئي وٽن هيون؛ اهي صاحب پنهنجي لاءِ هندو ۽ مسلمان ڪتابن کان هميشه ڪتاب نقل ڪرائيندا رهندا هئا. ديوان سوڀراج نرمل داس ”فانيءَ“ لاءِ ته خود کي ذاتي ڄاڻ آهي ته وٽس نادر مخطوطا موجود هئا. خاص طرح سنڌ جي فارسي شاعرن جي ديوانن جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو وٽس محفوظ هو.
پاڪستان ۽ هندستان جي جدا ٿيڻ وقت، لڏ پلاڻ سبب انهن ذخيرن مان ڪيترا مجموعا برباد ٿي ويا، فارسي مخطوطن جا ڪيترا ورق پسارين جي پُڙين ۾ ڪتب ايندا اسان ڏٺا، ۽ ڪيترا ڪتاب ڪوڏين جي قيمت ۾ فٽ پاٿن تي واڪن سان وڪامندا ڏٺاسين.
شعر و سخن جي ميدان ۾ به هنن صاحبن، مسلمانن جي دوش بدوش، شهسواري ڪئي. منجهن ڪئين صاحب طرز ۽ صاحب ديوان شاعر پيدا ٿيا. مير علي شير ’قانع‘ جي تذڪري ”مقالات الشعرا“ ۾ ڪيترن هندو شاعرن جو ذڪر آيو آهي: مثلاً
(1) لاله آسارام_ ”شاهنامه ۽ سڪندرنامه جو حافظ هو، ۽ خود به شعر و سخن جي ميدان جو ڪامياب شهسوار هو.“
(2) اوڌي رام _ ”رنگين طبع، مليح بيان، ۽ سنجيده فڪر“ شاعر هو. نادر شاه جي قتل تي هن هيٺيون بيمثل تاريخي قطعو چيو:
شاه شاهان نادر ايران ديار
داشت باغ دولتش خرم بهار
تاکه از حکم قضا پيک اجل
تيز بگرفتش عنان اختيار
بهر تاريخ وفاتش عقل گفت
”رخت بست از تخت هستي شهريار“
(3) بشن گوپال_ نواب مهابت خان ”ڪاظم“ جي دؤر جو ”صاحب طبع“ شاعر هو.
(4) بالچند ”آزاد_ ”جوان باهوش و فطرت و روشن طبع“ شاعر هو، تاريخ گوئيءَ ۾ گهڻي غضب جو ڪمال هو، هجويه ۽ مدحيه تاريخي قطعا نهايت آسانيءَ سان چئي ويندو هو، محمد مرادياب جي تخت ڇڏڻ ۽ غلام شاه جي مسند نشينيءَ تي هيٺيون قطعو سندس چيل آهي:
”بنشست غلام شاه به مسند جاه“
”برخاست مرادياب نوميد به آه“
(5) ٿائنريو مل ”بينا“_ نصرپور جو باشندو ۽ شيوڪرام ”عطارد“ جو شعر ۾ شاگرد هو.
(6) تيغ مل ”ڀاٽيو“_ هڪ مشهور شاعر هو، هيٺيون شعر سندس قادر ڪلاميءَ جو شاهد آهي:
قربانم ازان چشم که در هر نگه از ناز
صد زنده کند مرده و صد مرده کند زنده
(7) چتر ڀوج_ ٺٽي جو مشهور شاعر هو ۽ بقول مير علي شير ”فن انشا ۾ سندس ڪوبه مثال ڪونه هو، سندس منشات مشهور هيون؛ تاريخ گوئيءَ، نظم خواه نثر ۾، بلاغت جو صاحب هو؛ تاريخ گوئيءَ ۾ سحرڪاري ڪندو هو، ٺٽي جي هڪ حاڪم جي مرڻ ۽ ان جي جاءِ تي سندس پٽ جي مسند نشينيءَ تي هيٺين تاريخ چيائين:
نقاب نيست در مصراع ’طوسي‘
که ’مرگ خر بود سگ را عروسي‘
1167هه
ٺٽي جي منصبدار لاءِ هڪ دفعي هيٺين تاريخ چيائين:
خرد يک سال از اين پيش گفته
”سگـﻶ برجائـﻶ کيبائـﻶ نشسته“
1165هه
هجويه تاريخ گوئيءَ سان گڏ، مدحيه تاريخ ۾ به کيس بيمثل درڪ هو؛ قاضي محمد امين جي انتقال تي چيائين:
’به رحمت ايزدي پيوست.،“
1160هه
(8) لاله جميعت راءِ_ ”طبيعت جو سنجيدو ۽ طرز پسنديده“ جو صاحب هو.
(9) بنواليداس ”خوشنود“_نواب سردار خان جي دؤر جو شاعر هو؛ شاعريءَ ۾ کيس دلپسند دسترس هئي.
(10) پرتاب راءِ ”خوشدل“_ دلير خان جي دؤر جو شاعر هو؛ ”پر فهم و صاحب حالت“ بزرگ هو، هي شعر سندس آهي:
جرعه صهبا سحر در عين مستي ريختم
آبروئي آفتاب از ميء پرستي ريختم
(11) درگاهي مل_ مغل دؤر جو، ٺٽي جي منشي گهراڻي مان هو، شعر و سخن طرف سندس طبيعت جو خاص ميلان هو.
(12) دوله مل_ ٺٽي جو شاعر هو.
(13) دولت رام_ ترخاني دؤر جو شاعر هو.
(14) ابي چند_ اصل لاهور جو هو، ليڪن سڄي زندگي سنڌ ۾ گذاريائين.
(15) ذوقي مل_ ”صوفي منشي“ بزرگ هو، هندستان کان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو؛ سڄي ڄمار شعر و سخن جي خدمت ڪندو رهيو.
(16) سري رام ٺٽئي_ ”طبيعت شعر و سخن ڏانهن ڪمال جي حد تائين مانوس هيس.“ هڪ مثنوي تصنيف ڪيائين؛ غزل جو هڪ شعر اٿس:
داغ عشقت بدل هر که نشاني دارد
روز آفات جهان مهر اماني دارد.
(17) مهته دوله رام ”شوقي“_ هالن جو شاعر ۽ انشا نويس هو؛ تاريخ گوئيءَ ۾ به کيس ڪمال حاصل هو؛ مير ڪرم علي خان پنهنجي ”مجموعه دلڪشا“ ۾ هن جي 84 شعرن جي هڪ مثنوي نقل ڪئي آهي، جيڪا هن مير صاحب جي شڪار تي لکي آهي؛ سندس غزل جو هڪ شعر آهي:
برو اي خواب از چشم که امشب يار مي آيد
بدولت خانه ام آن دولت بيدار مي آيد.
(18) شيوڪ رام ”عطارد“_ پنهنجي دؤر جو عديم المثل ۽ عظيم الشان شاعر هو. شعر ۾ سندس استاد ”محسن“ ٺٽوي هو.
ميان غلام شاه جي دربار ۾ خاص منشي هو. ”انشاء عطارد“ سندس تصنيف آهي. ديوان به يادگار ڇڏيائين. مير علي شير، کيس ”طبع برجسته ۽ طرز گزيده“ جو صاحب سڏي ٿو.
(19) ٽيڪ چند ”فرهنگ“_ ٺٽي ۾، نواب مريد خان سان 1098هه ۾ آيو. ”جوان قابل ۽ منشي بي بدل“ هو، سڄي ڄمار سنڌ ۾ گذرايائين.
(20) کافر ”مجذوب“_ 1111هه ڌاري زنده هو؛ سندس هڪ شعر آهي:
ديوار کعبه کهنه شد از دست بوس خلق
کافر بيا تو سجده حق کن بروي بت
(21) چندر ڀان ”عاجز“_ سيوهڻ جو شاعر هو. سندس شعر هي آهي:
خم شکسته و شيشه خالي، جام عشرت سرنگون،
ميء فروشي، باده نوشي طرب از ميخانه رفت.
تار زنار است گويا بار بر دوش هنود،
بت پرستي از برهمن کفر از بيتخانه رفت.
بست در بزم محبت رنگ و بويء ارتباط،
شور بلبل، لطف گل، سوداي زلف از شانه رفت.
(22) شيوڪ رام ”مخلص“_ چندر ڀان ”عاجز“ جو پٽ هو، ۽ بهترين شاعر هو.
(23) پرسرام ”مشتري“_ قوم جو ڀاٽيو، ۽ هنديءَ جو شاعر هو؛ مير علي شير ۽ محمود ”صابر“ جو شاگرد هو.
(24) منشي مينگهراج_ مصنف ”منشات مراءت الخيال“ نواب حفظ الله خان جي زماني جو شاعر هو.
(25) کيت مل مهتو ”نشاطي“_ نصرپور جو شاعر هو؛ سندس هڪ شعر آهي:
تاز گلگون ساغرت بوي گلاب آمد برون،
زاهد صد ساله از مسجد خراب آمد برون.
(26) پوپٽ راءِ ”وحشت“_ اصل لاهور جو هو؛ نواب احمد يارخان ”يڪتا“ سان گڏجي ٺٽي آيو، ۽ باقي زندگي هتي بسر ڪيائين، مير علي شير لکي ٿو:
”جيتوڻيڪ هندو هو، ليڪن تصوف ۾ سندس مرتبو بلند هو؛ اعتقاد به بلڪل صاف هيس، ۽ سيد سڳورن ۽ مشائخن سان خاص عقيدت هيس؛ شروع جي زماني ۾ مسلمانن وانگر تعزيت داري ڪندو هو.“
(27) ڀائي دلپت رام_ فارسيءَ جو پر گو شاعر هو، سندس مثنوي ”جنگ نامه“ جو هڪ نسخو، راءِ بهادر ڏيارام جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، سندس هڪ شعر آهي:
ترياق فضل ايزد در دست هرکه باشد،
”دلپت“ به امن باشد، بيمش ز دل برفت.
(28) دولت رام مهتو_ فارسي شعر و سخن ۾ گوهر يڪتا هو.
(29) منشي صاحب راءِ آزاد ملڪاڻي_ ٽالپر دؤر جو عظيم الشان شاعر هو؛ صاحب ديوان هو، ليڪن افسوس جو سندس ديوان ناياب آهي. ”محڪ خسرويءَ“ ۾ سندس 43 غزل منتخب ڪيا ويا آهن. جيڪي هن پنهنجي معاصر شاعرن، مثلاً ’عظيم‘ ٺٽوي، ’صابر‘ ٺٽوي، ’مائل‘ ٺٽوي، ولي محمد لغاري، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي تتبع ۾ چيا آهن.
(30) منشي ننديرام_ انگريزي دؤر جو فارسي دان هو؛ اگرچه شاعر نه هو، ليڪن فارسي ادب سان سندس خاص اُنس هو؛ تاريخ سان زياده دلچسپي هيس؛ تاريخ معصوميءَ کي سڀ کان پهريائين هن صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
اسان محض نموني خاطر، چند بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي، ورنه سنڌ ۾ جن هندو صاحبن فارسي علم ۽ ادب ۾ حصو ورتو، تن جو تعداد ڪو ڳاڻاٽي ۾ اچڻ جيترو نه آهي.
اِهي ته اُهي بزرگ هئا، جن کي اسان جي اکين ڪونه ڏٺو، ليڪن هن ڪالهوڻيءَ ڳالهه، جيتوڻيڪ فارسيءَ جو چلتو به ختم ٿي ويو هو، پر پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا سنڀاليندڙ صاحب ڪيترائي موجود هئا، جن کي نه فقط اسان جي ڪنن ٻڌو پر اسان جي هنن گنهگار اکين به ڏٺو؛ مثلاً ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، پرنسپل شاهاڻي، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند، دادو ڄيٺمل پرسرام(1)، ۽ ديوان صوڀراج نرملداس ”فاني“: اهي بزرگ هئا ته اگــــرچــــه ســـنـــڌيءَ جـــا بـــيـــمــــثــــل اديـــــــب، لــــــــيـــــــڪن فــــارســــــيءَ جــــــــو بــــــــه کين ايڏو ذوق ۽ شوق هو، جو جڏهن موج ۾ اچي، ’جامي‘، ’رومي‘ ۽ ’حافظ‘ پڙهندا هئا ته سندن جذبي کي ڏسي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي. خدا کين بخشي ۽ سندن روح کي راحت پهچائي؛ اسان جي اڳيان هڪ هڪ ٿي اٿي ويا!
ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي اسان جو معاصر آهي ۽ اڃا ننڍو نوجوان آهي. سنڌ ۾ تاريخ جو پروفيسر هو_ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ”سنڌ جي فارسي ادب جي تاريخ“ تي حاصل ڪيائين. داڻو پاڻي قسمت جي وس آهي، انسان ڇاٿو ڪري سگهي؛ ورهاڱي جي واءَ وڇوڙي جا ورق ورائي، هتان کيس کڻي وڃي دهليءَ پهچايو آهي؛ اکين کان اڄ اگرچه دور آهي، ليڪن دلين کان دور نه آهي؛ جتي رهي شل اتي خوش هجي_ آمين.
گر به مانيم زنده، مي دوزيم،
جامه اِي کز فراق چاک شده!
ور به ميريم، عذر ما بپذير.
اي بسا آرزو که خاکه شده!
(”شاگرد“ ماهنامه،.... 1957ع)
________________________________________
(1) دادي ڄيٺمل پرسرام مرحوم جي حب الوطنيءَ جي هيءَ ڪيفيت هئي، جو بمبئيءَ ۾ وفات وقت پنهنجن پوين کي وصيت ڪري ويا آهن ته سندس هاٺي يا گورو يعني سندس چکيا جي خاڪ سنڌ جي سدا حيات سنڏو درياءَ جي سپرد ڪئي وڃي:
ساريندي سائينءَ کي، آءُ جي هت مياس،
ميائي جياس، جي وڃيم مڙه ملير ڏي.