اردو ٻوليءَ جو مولد_ سنڌ
ٻولين جو عام اُصول اهو آهي ته سڀڪا زبان ابتدا ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ سندس صورتخطي ڪجهه عرصي کان پوءِ وجود ۾ ايندي آهي. هاڻي سوال آهي ته اردو زبان سڀ کان اڳ ڪٿي پيدا ٿي ۽ ڪڏهن کان وٺي ڳالهائڻ ۾ آئي؟
ياد رهي ته اردو ٻولي هندن ۽ مسلمانن جي اها ڳڏيل زبان آهي، جا مسلمانن جي هندستان ۾ اچڻ بعد سرڪاري ۽ تمدني لاڳاپن سبب اهڙيءَ ريت وجود ۾ آئي، جو اسلامي ٻولين جا هزارين لفظ هندستان جي مختلف ٻولين ۾ گڏجي ويا ۽ هندو توڻي مسلم هندستان جي انهيءَ ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ لڳا. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اردو ٻوليءَ کي موجوده معياري درجي تي پهچڻ ۾ هڪ وڏو عرصو لڳو ۽ مختلف منزلن مان لنگهڻو پيو آهي، ليڪن اردو جي وجود ۾ اچڻ جو سبب، جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي، سو سڀني هنڌن تسليم شده آهي. ۽ اها حقيقت به اظهرمن الشمس آهي ته مسلمان سڀ کان اڳي سنڌ ۾ آيا هئا_ هت سندن عربي ۽، ان کان پوءِ، فارسي ٻولين جو هندي ٻولين سان گڏجڻ شروع ٿيو هو. تنهنڪري هيءُ هڪ واضع امر آهي ته اردوءَ جي اصلي جاءِ پيدائش سنڌ آهي.
اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ اردو جي ابتدا مغل درٻار ڏانهن منسوب ڪئي ويئي هئي. جڏهن مغلن کان پهرئين دؤر جا ڪي ڪتاب مليا، تڏهن ڪن صاحبن چيو ته هيءَ زبان بهمني، عادل شاهي ۽ قطب شاهي درٻارين جي ٺاهيل آهي. ٻه ٽي آواز گجرات جي باري ۾ به بلند ٿيا. تنهن کان پوءِ مشهور فاضل، حافظ محمود شيراني مرحوم، ”پنجاب ۾ اردو” ڪتاب لکي، هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ٻولي جهلم ۽ چناب جي وادين ۾ پيدا ٿي ۽ ستلج ۽ راويءَ جي هنج ۾ پلي آهي. شيراني مرحوم جي نظريي جو بنياد ٻولين جي کوجنا جي ڀيٽ واري اصول تي رکيو ويو هو. سڀڪنهن جي کوجنا جو اهوئي ذريعو هئڻ گهرجي، ليڪن خود شيراني مرحوم هڪ وچ واريءَ منزل ۾ پنهنجي اصلي رستي کان هٽي ويو آهي: جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته مسلمانن جي هندستانين سان مستقل رهڻي ڪهڻي سنڌ ۾ قائم ٿي ۽ هتي جي باهمي تعلقات سبب ٻنهي ٻولين ۾ گڏجڻ جو آغاز ٿيو.
سنڌ جي اسلامي فتح ۽ ان کان پوءِ جي تاريخ کان جيڪي صاحب واقف آهن، تن کي علامه سيد سليمان ندويءَ جي هن قول کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪوبه تامل نه هوندو ته هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل ٻوليءَ جو پهريون پينگهو سنڌ آهي. مولانا موصوف 1933ع ۾ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ۾ ”هندستان ۾ هندستاني“ جي عنوان سان هڪ مقالو پڙهيو هو، جو سندس تقريرن جي مجموعي ”نقوش سليماني“ ۾ 19 صفحي کان 77 صفحي تائين شايع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ۾ بلڪل صاف طرح تسليم ڪيو ويو آهي ته ” جنهن کي اڄ اسان اردو چوندا آهيون، انهيءَ جو بوتو واديءَ سنڌ ۾ تيار ٿيو هو“ (صفحو 31). لسانيت ۽ تاريخ جي تفصيلي بحث کي ڇڏي، اسين مختصر طور ڏيکارڻ گهرون ٿا ته ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ (يعني اٺين ۽ نائين صدي عيسوي) ۾ خلافت اسلاميه سان سنڌ کي نهايت ويجهڙائيءَ جا پختا سياسي، علمي، تجارتي ۽ تمدني لاڳاپا رهيا. ملتان ۽ منصوره (جو شهداد پور، ضلعي نواب شاه جي ويجهو، آباد هو ۽ آزاد عرب رياست جو هڪ بارونق صدر مقام هو) ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ تائين عربي ۽ سنڌي زبان عام طور ڳالهائي ويندي هئي، جنهن جي شهادت اصطخري، ابن حوقل ۽ مسعودي وغيره همعصر مصنفن ڏني آهي. اصطخري جي قول مطابق مڪران جي شهرن ۾ فارسي ۽ مڪرانيءَ جو رواج هو (”مسالڪ الممالڪ“ صفحي 17 کان 178 تائين). چوٿين صدي هجريءَ ۾ اها نئين فارسي، جا عربيءَ جي ٿڃ تي پلجي وڌي وڏي ٿي، سا ايران کان ترڪمانستان، خراسان ۽ غزنيءَ ۾ نپجي رهي هئي. انهيءَ عربي آميز فارسيءَ اڳتي هلي اردوءَ جي دائيءَ طور خدمت ڪئي هئي. جڏهن عربن جي حڪومت ۾ زوال آيو، تڏهن سنڌ تي پهريائين غزنوي بادشاهن ۽ ان کان پوءِ غورين جو قبضو ٿيو. سلطان شهاب الدين جي امير ”قباچه“ به سنڌ ۾ آزاد حڪومت قائم ڪئي، مگر سندس حياتيءَ ۾ فوري ترڪن جي هڪ وسيع سلطنت دهليءَ ۾ ٺهي ۽ سنڌ تي به ان جو قبضو ٿي ويو، ليڪن اڳتي هلي، تيموري مغلن جي اچڻ تائين، جڏهن به دهليءَ جي مرڪزي سرڪار ڪمزور ٿيندي هئي، تڏهن به سنڌ جا امراءُ ۽ نواب به خودمختار ٿي ويندا هئا.
ابتدائي دور ۾ عراق ۽ عرب مان هزارن جي تعداد ۾ عرب خاندان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ ديبل کان ملتان تائين هڪ وڏي تعداد ۾ انهن جون فوجي ڇانوڻيون ۽ آباديون پکڙنديون ويون. وري انهن علائقن مان، جيڪي هينئر افغانستان، بلوچستان ۽ سيستان ۾ داخل آهن، تن مان هڪ وڏي تعداد ۾ سپاهين، جابلو باشندن، شهري ۽ ڳوٺاڻن ٽولن جي اچڻ جو هڪ وڏو سلسلو شروع ٿي ويو. ان کان به وڌيڪ وڏي پيماني تي هڪ ٻي لڏپلاڻ هئي جيڪا تاتارين جي حملي سبب شروع ٿي هئي. هزارين نه بلڪ لکين مسلمانن کي، پنهنجو وطن ڇڏي، سنڌ ۽ ان کان اڳتي هندستاني علائقن ۾ پناه وٺڻي پيئي. انهن ايندڙن جي ٻولي عام طرح فارسي يا ترڪي هئي، ۽ انهن جي عملي زبان فارسي ٿي ويئي هئي. مسلمانن جي آمد ۽ ڪيترين صدين تائين سنڌ ۾ سندن بود و باش هتي جي تهذيب و تمدن جو رنگ بلڪل بدلائي ڇڏيو هو، ۽ هن ڳالهه ۾ شڪ ۽ شهود نه آهي ته هتي جي مقامي ٻولين ۾ هزارن جي تعداد ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ گڏبا ٿي ويا. اهڙيءَ طرح هيءُ به هڪ يقيني امر آهي ته خود نووارد مسلمامن به هتي جا باشندا ٿي ويا ۽ پنهنجن گهرن ۾ هتان جون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا. دراصل شمالي هند جي انهيءَ مخلوط ٻوليءَ جو نالو ”اردو“ آهي، جنهن کي هڪ وڏي عرصي کان پوءِ سرڪاري ۽ نثر جي زبان جو مرتبو دهلي ۽ لکنو ۾ نه، بلڪ فورٽ وليم ڪلڪتي ۾ انگريزن ڏنو هو.
هندستاني ٻولين جي هڪ ماهر مسٽر گوري شنڪر اوجها کوجنا ڪري ٻڌايو آهي ته مسلمانن جي آمد وقت گجرات، مارواڙ وغيره ۾، اتر ۽ اوڀر پڻ وچ هندستان ۾، هڪ مخلوط پراڪرت ڳالهائي ويندي هئي جنهن جو ”قديم هندي“ جي ٺاهڻ ۾ ان جي بگڙيل صورت جو وڏو حصو آهي (”نقوش سليماني“ صفحو 24_ ”بحواله وچئين زماني ۾ هندستاني تهذيب“). انهن پراڻين سنڌي ۽ مغربي هندستان جي ٻولين، اسلامي ٻولين جو سڀ کان پهريون اثر قبوليو. هن ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي ته سنڌ ۽ ملتان ۾ ئي اردو زبان جو ٻج پيو، جيڪو وڌي طاقتور وڻ ٿيو.
تاريخي طور ابتدائي اردو ڳالهائڻ جي ٻولي بنجڻ جو سڀ کان قديم ۽ پهريون ثبوت شيخ فريدالدين شڪر گنج رحه جي اها مختصر گفتگو آهي، جا سندس قريبي زماني جي تذڪره نويس ”سير الاولياء“ ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ذريعي اسان تائين پهتي آهي. خواجه فريد شڪر گنج رحه جي ولادت 569هه (73_1174) ۾ ٿي هئي، جڏهن مسلمانن جو قبضو سنڌ ۾ پنجاب کان اڳتي نه وڌيو هو. خواجه صاحب ملتان جي هڪ ڳوٺ ”کوت وال“ ۾ ڄائو هو ۽ ملتان ۾ ئي تعليم و تربيت پرايائين. سنڌ جي شهر اُچ جي ”جامع مسجد جاج“ ۾ سندس قيام ۽ سخت رياضت ۽ مجاهدات جو ذڪر مشهور آهي (”اخبار الاخبار“ صفحو 53 وغيره). خود ملتان شهر، جيئن اهل علم کي معلوم آهي ته، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ شامل هو. ملتان کي گهڻي عرصي کان پوءِ پنجاب ۾ شامل ڪيو ويو. حضرت خواجه فريد شڪر گنج رحه جي حياتيءَ جا آخرين ڏينهن به ملتان جي پسگردائيءَ ۾ گذريا هئا ۽ آخرڪار 664هه (اٽڪل 1265ع) ۾ انتقال ڪيائين. سندس هڪ بزرگ خليفي شيخ جمال الدين جو هانبي ۾ انتقال ٿيو. انهيءَ بزرگ جي گهر واري، جا ”مادر_مومنان“ جي معزز لقب سان مشهور هئي، تنهن پنهنجي پٽ کي حضرت خواجه شڪر گنج (رحه) جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. حضرت خواجه شڪر گنج (رحه) انهيءَ صاحبزاده (شيخ برهان الدين) جي ننڍيءَ ڄمار جي باوجود کيس خلافت عطا ڪئي. ”مادر_مومنان“ عرض ڪيو ته: ”حضرت خوجا بالا هـﻶ“. تنهن تي حضرت شڪر گنج وراڻيو ته ”مادر مومنان، پونم کا چاند بهي بالا هوتا هـﻶ“.
”جمعات شاهي“، ”تذڪرة الاصفيا“، ”جواهر فريدي“ ۽ انهن کان بعد جي تذڪرن ۾ ٻيا به ڪي لفظ ۽ جملا خواجه صاحب جي زباني اهڙيءَ هنديءَ ۾ منقول آهن، جيڪي بڻجي سڻجي اردو ٿي ويا. جناب مولوي عبدالحق صاحب مدظله حضرت فريدالدين شڪر گنج جا ڪي نظم ۽ هڪ ” لولي“ به سندن تصنيف مان هٿ ڪئي آهي ۽ پنهنجي تصنيف ” اردو کي نشو و نما مين صوفيون کان حصه“ ۾ سندس ڪيترا شعر درج ڪيا آهن. ليڪن نظم بابت اسان جي خيال ۾ هيءَ مختصر گفتگو، جنهن جي درست هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي، اردو جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي ۽ انهيءَ دعوى جي تصديق ڪري ٿي ته ڇهين صدي هجري ۾ جڏهن ”دکن“ ته ٺهيو، خود گنگا ۽ جمنا جو ميدان اڃا مسلمانن جو وطن نه ٿيو هو، سنڌ جي مختلف ڀاڱن جي اوچي طبقي جي ماڻهن ۾ اردو ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي.
مرحوم فاضل شيراني لکي ٿو ته ” اردو پنهنجي صرف ۽ نحو ۾ ملتاني ٻوليءَ سان گهڻي قدر ويجهي آهي. ٻنهي ٻولين ۾ اسمن ۽ فعلن جي پڇاڙيءَ ۾ الف ايندو آهي. ٻنهي ٻولين ۾ جمع جو طريقو هڪجهڙو آهي، ايتري قدر جو ٻنهي ٻولين جي جمع جي جملن ۾ هڪجهڙو قاعدو جاري آهي. ٻنهي زبانن جي مذڪر ۽ مـﺆنث جا قاعدا ۽ مرڪب افعال ۽ توابع هڪجهڙا آهن. (”پنجاب مين اردو“، مقدمه).
وري مرحوم پنهنجي کوجنا ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته انهي زبان جو سرچشمو پنجاب آهي ۽ ڏهين صدي هجري (يعني مغلن جي عهد) ۾ اردو دهليءَ ۽ دوآبي جي زبان بنجي وئي. انهيءَ فاضل جي چوڻ مطابق اها ٻولي اڳتي هلي اردو بڻي. ليڪن اٺين صديءَ ۾ چنگيزي مغلن جي ڦرلٽ پنجاب کي تـﮧ و بالا ڪري ڇڏيو هو ۽ لاهور جو شهر بلڪل تباهه و برباد ٿي ويو هو. اڪبر بادشاه جي زماني تائين هي شهر سڌري نه سگهيو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم شيراني سڌي سنئين دڳ تي هلندي هلندي هڪ طرف مڙي ويو آهي. حالانڪ، زماني جون منزلون طيءِ ڪندي، اسين اڳتي وڌنداسون ته انهيءَ نتيجي تي ئي پهچنداسون، جو هن مضمون جو عنوان آهي.
لسانيت جي تفصيل ۾ وڃڻ جو وقت نه آهي ليڪن ان جي کوجنا جو ٻيو باب هن ريت شروع ٿو ٿئي ته: اسين اردوءَ جي ابتدائي نشو و نما جو زمانو ستين ۽ اٺين صدي هجريءَ کي قرار ڏيون، جڏهن هندستان تي ترڪن جي حڪومت ۽ فارسي زبان جو سرڪار، درٻار، تعليم گاهن ۽ خانگاهن ۾ پورو دخل هو. اُتر هند جي زبانن ۾ فارسيءَ جي آميزش سان اردو ٻوليءَ جو وجود ۾ اچڻ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن کان محدود تحقيق ڪرڻ وارو به انڪار نه ڪندو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهر اسلامي علوم و فنون ۽ صنعت و تجارت جا مرڪز هئا ۽ مغرب کان دهليءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي جيڪڏهن هڪ نگاه وجهنداسون ته اسان کي هيٺيان شهر نظر ايندا: ملتان کان علاوه ’بکر‘ ۽ ’اچ‘ وڌيڪ مشهور آهن.
”اخبار الاخبار“ لکيو آهي ته سيد جلال سرخ، جو مخدوم جهانيان جهان گشت جو ڏاڏو هو، سو بخارا کان اڳ بکر آيو ۽ پوءِ اُچ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هي ستين صدي هجريءَ جا بزرگ هئا. حضرت جهانيان جهان گشت رحه جي وفات 707 هجريءَ لکيل آهي. انهيءَ بزرگ گهراڻي سان سلطان فيروز تغلق کي گهري عقيدت هوندي هئي ۽ حضرت جهان گشت ڪيترا دفعا انهيءَ بادشاه جي درخواست تي دهليءَ ويو هو. ليڪن اسان لاءِ اهو اهم اطلاع ”جمعات شاهي“ (ملفوصات حضرت شاه عالم رحه) ۾ محفوظ آهي ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ سيد راجو قتال رحه جي حق ۾ هي جملا فرمايا هئا ته ”اسان خوجــﻶ تسان راجـﻶ“. خود قتال فيروز شاهه تغلق سان اردوءَ ۾ ڳالهايو هو ۽ سندس طبيعت پڇي هئائين ته ”کاکا فيروز چنگائـﻶ“.
انهيءَ بزرگ پنهنجي ڀاءُ جي پوٽي سيد برهان الدين کي تعليم و تربيت ڏني هئي، جو اڳتي هلي ”قطب عالم“ جي لقب سان مشهور ٿيو. قطب عالم رحه جي ولادت اُچ ۾ 790هه ۾ ٿي. پوءَ هو گجرات ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي انتقال ڪيائين. سندس ڪشف ۽ ڪرامت ۽ گجرات جي حڪمرانن جي ڏانهس عقيدتمنديءَ جا واقعا تاريخ ۾ گهڻائي بيان ٿيل آهن ۽ هنديءَ جا يا انهيءَ اردو جا، جيڪا سنڌ مان آندي هئائين، سندس ڪيترا جملا، گيت ۽ ڏوهيڙا گهڻي قدر مشهور آهن، جن جي بيان ڪرڻ جي هت ڪا ضرورت نه آهي. ليڪن هن مختصر مقالي ختم ڪرڻ کان اڳ اٺين صديءَ جي هڪ واقعي کي بيان ڪرڻ گهرون ٿا، جو اسان جي نزديڪ انهيءَ ڳالهه جو پتو ڏئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ به سنڌ ۾ اردو عام هئي. اهو واقعو هن ريت آهي ته: 751هه ۾ سلطان محمد تغلق سومرن جي گاديءَ جي هنڌ ٺٽي تي فوج ڪشي ڪئي، ليڪن انهيءَ زماني ۾ هو بيمار ٿي مري ويو. ڏهن ورهين بعد وري فيروز تغلق انهيءَ شهر تي چڙهائي ڪئي، مگر رسد نه ملڻ سبب کيس ناڪام ٿي موٽڻو پيو. ”تاريخ فيروز شاهي“ ۾ شمس سراج عفيف صفحي 331 تي لکي آهي ته انهيءَ وقت ٺٽي جا باشندا گهڻو خوش هئا ۽ انهن هڪ تڪ بندي ڪئي هئي ”برکت شيخ پڻها_ ايک موا ايک هڻا“. پڇاڙيءَ واري لفظ ۾ ڪجهه شڪ آهي ۽ ممڪن آهي ته ڪلڪتي جي ڇاپي انهيءَ کي ”تها“ لکيو آهي. پروفيسر هوڙي والا انهيءَ کي ”بهڪا“ پڙهيو آهي. آءُ انهيءَ کي ”هڻا“ يا ”نهڻا“ خيال ڪريان ٿو. شيخ حسين عرف پير پٺو سنڌ جي مشهور ولين مان آهي. ”تحفـﺔ الڪرام“ واري سندس ولادت 560هه ۽ وفات 606هه لکي آهي. هيءُ بزرگ ٺٽي جي نزديڪ سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهي. شهر کان ٿورڙي مفاصلي تي سندس مزار عام و خاص جي زيارت گاه آهي. مطلب ته مٿيون بيان ڪيل پهاڪو، جو معتبر ۽ مستند تاريخن مان نقل ڪيو ويو آهي، سو نه فقط پراڻيءَ اردو جو نمونو پيش ڪري ٿو، بلڪ ان مان چٽيءَ طرح اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ ڏکڻ اولهه ۾ سنڌ جي عام زبان ڪهڙي هئي.
سنڌ جا اردو شاعر
اردو زبان جي پيدائش ۾ سنڌ جو جيڪو مقدم ۽ معظم حصو آهي، تنهن جو هڪ اجمالي احوال اڳ پيش ڪيو ويو آهي. هينئر اسان انهن دؤرن تي هڪ نگاه وجهون ٿا، جڏهن اردو شعر ۽ شاعريءَ جي زبان بڻجي رهي هئي. جيتوڻيڪ حضرت امير خسرو وغيره جا ڪي متفرق اشعار منقول آهن، جي ابتدائي زبان ۾ عربي بحرن ۾ چيا ويا هئا ۽ خود حضرت فريدالدين شڪر گنج رحه جو ڪلام به ملي ويو آهي جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون، تاهم جيتري قدر اڃا تحقيق جي رسائي ٿي آهي اوتري قدر قديم اردو ۾ باقاعده شاعريءَ جو آغاز قطب شاهي درٻار ۾ ٿيو. قلي قطب شاه (988هه تا 1020هه) پهريون شاعر هو، جنهن جو ڪلام مختلف صفحن ۾ دکني اردو ۾ اسان تائين پهتو آهي_ توهان کي شايد هي ٻڌي تعجب ۽ حيرت ٿيندي ته انهيءَ زماني ۾ اسان کي سنڌ ۾ هڪ مقبول عام اردو شاعر جو پتو ملي ٿو. انهيءَ شاعر جو نالو مير محمد فاضل بکري هو، جيڪو صاحب ”تايخ معصومي“ جي مصنف مير معصوم بکريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ هنديءَ ۾ فصيح ۽ بليغ شعر چوندو هو، جيڪو گهڻي قدر مقبول عام هو، ليڪن افسوس جو سندس ڪلام ڪٿي به ڪونه مليو. ”ذخيرة الخوانين“ ۾ لکيل آهي:
”شعر بزبان هندي از قسم کافي بکمال فصاحت ميگفت و قبوليت داشته“ (”ذخيرة الخوانين“ قلمي_ مصنف شيخ فريد بکري).
دکني شاعرن کان سواءِ شمالي هند جي ٻين شاعرن جو يارهين صدي هجري (سترهين صدي عيسوي) تائين ڪو ديوان يا ڪلام جو مجموعو اردوءَ ۾ نٿو ملي. البته انهيءَ صدي جي پڇاڙيءَ ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ”ولي“ گجراتيءَ جي ڪلام جو غلغلو بلند ٿيو ۽ دهلي ۾ ”ابرو“، ”مضمون“ ۽ ”حاتم“ وغيره جو دؤر آيو، جنهن کي موجوده اردو زبان جي شاعريءَ جو پهريون دور قرار ڏنو ويو آهي. هينئر اسان توهان کي ٻڌايون ٿا ته جڏهن اردو پنهنجي ترقيءَ جي روشن تاريخي منزلن ۾ داخل ٿي ۽ شاعريءَ جي ذريعي ”ريخنه“ يا ”اردو“ جي نالي هڪ جدا زبان بڻي، تڏهن به سنڌ جا (اردو) شاعر هندستان جي سخنورن سان نه فقط همعصريءَ جي دعوى ڪندا هئا، بلڪ هم چشميءَ جا به دعويدار هئا ۽ اردو ادب جي خدمت برابر انجام ڏيندا ٿي آيا. اها ڳالهه هن دعوى جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌ جي اردو شاعرن کي سندن ٺاهيل ۽ نپايل زبان سان دلچسپي ۽ دلي لڳاءُ هو.
جهڙيءَ طرح اردو شاعريءَ جا دؤر متعين ڪيا ويا آهن، تهڙيءَ طرح آءُ به سنڌ جي (اردو) شاعرن کي ٽن دؤرن ۾ ورهايان ٿو:
پــــــهـــــريـــــــون دور: 1700ع/1112هه کان وٺي 1747ع/1160 تائين. ٻيو دور: 1747ع/1160هه کان وٺي 1843ع/1259هه تائين. ٽيون دور: 1843ع/1259هه کان وٺي 1900ع/1318هه تائين. اهي دور زبان جي تدريجي ترقيءَ تي مبني نه آهن بلڪ ملڪي حڪومت جي اعتبار سان انهن کي تقسيم ڪيو ويو آهي.
پهريون دور: 1700ع/1112هه کان 1747ع/1160هه تائين.
توهان کي معلوم آهي ته هندستان ۾ اردو شاعريءَ جو اهو ابتدائي دور سمجهيو ويندو آهي. اردو جو پهريون صاحب ديوان شاعر ”ولي“ گجراتي انهيءَ دور ۾ شهرت حاصل ڪري ٿو. دهليءَ جا اهي مشهور شاعر، جي فارسي شاعريءَ سان گڏو گڏ ”ولي“ گجراتيءَ جي طرز تي اردو ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو، سي هيٺيان هئا:
”ابـــــرو“ 1747ع مــــطــــابــــــق 1119هه، ”مضمـــــون“ 1745ع،
”ناجي“ 1754ع مظهر جان جانان 1781ع، ۽ ”حاتم“ 1781ع. اهو دور مغليه حڪومت جي انحطاط ۽ تنزل جو هو، تنهن هوندي به سنڌ لاءِ دهليءَ کان گورنر مقرر ٿيندو هو. تاهم پڇاڙيءَ ۾ هڪ خاص سنڌي نسل خاندان حڪومت تي قابض ٿيو ۽ اهو خاندان ڪلهوڙه خاندان هو، جنهن جا ٻه حڪمران انهيءَ دور ۾ ٿيا:
(1) يار محمد خان 1700ع/1112هه کان وٺي 1718ع/1131هه تائين ۽ (2) نور محمد خان 1718ع/1131هه کان وٺي 1747ع/1160هه تائين.
انهيءَ خاندان جي پنهنجي زبان سرائڪي هئي، جنهن جي طرز گفتگو ۽ الفاظ اردوءَ سان ملن ٿا. درٻاري زبان فارسي هئي ۽ هتي سوين فارسيءَ جا شاعر موجود هئا. انهيءَ دور ۾ ڪيترا بلند پايه ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيا ويا.
خدا آباد، بکر، بوبڪ، روهڙي، سيوهڻ ۽ ٺٽو انهيءَ وقت اسلامي علمن جا مرڪز سمجهيا ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ نادر شاه هندستان ويندي هتي آيو ۽ ايران موٽندي به سنڌ مان ويو.
ايران جا وڏا وڏا شاعر جهڙوڪ مرزا غالب، شيخ علي حزين ۽ والـﮧ داغستاني وغيره انهيءَ زماني ۾ هتي آيا ۽ مهينن جا مهينا سنڌ جي علمي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا.
هندستان مان به انهيءَ زماني ۾ بلگرامي سادات وقائع نويسيءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيا هئا. مير عبدالجليل بلگرامي، سيد محمد اشرف، سيد ڪرم اللـﮧ، سيد محمد نوح، سيد محمد بلگرامي ۽ سيد غلام علي آزاد_ اهي بزرگ پنهنجي زماني جا وڏا عالم ۽ فارسي شاعريءَ ۾ يگانهء روزگار هئا. مير عبدالجليل ۽ غلام علي آزاد جا اردو اشعار به ملن ٿا. سنڌ ۾ انهن جو زمانو 1704ع/1116هه کان وٺي 1723ع/1145هه تائين آهي. مغل گورنرن جي سبب هندستان کان سنڌ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آيا، جي اردوءَ ۾ شعر چوندا هئا. جيئن ته سيد محمود صابري رضوي استر آبادي، جو دهليءَ ۾ ڄائو هو، سو 1140هه مطابق 1727ع ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ مستقل طور تي اچي رهيو. ”مقالات العشرا“ واري لکيو آهي ته: ”بزبان هندي و فارسي ديوانها متعدد در مرثيه و بعضي در غزليات و مناقب درست کرده“
محمد سعيد راهب، گواليار جو هو، نواب سيف الله خان جي زماني (1724_1137هه 1730ع_1143هه) ۾ ٺٽي ۾ آيو. هيءُ صاحب به مير علي شير ’قانع‘ جي قول مطابق: ”شعر هندي بسيار ميگفت و خوب مي گفت.“
مير جعفر علي ”بي نوا“ هندستان مان مهابت خان ڪاظم جي زماني (1719ع/1132هه 1722ع/1135هه) ۾ ٺٽي ۾ آيو. غلباً اِهو اُهو ”بي نوا“ آهي، جنهن جا ٻه شعر اردو جي تذڪرن ۾ ملن ٿا، جن مان هڪ جو مقطع هي آهي:_
بي نوا هون زکوات حسن کي دﻵ، او ميان مال دار کي صورت
سيد فضائل علي خان ”بي قيد“: پهريائين عمدت الملڪ نواب امير خان جي نائبيءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو هو، ليڪن ٻيهر پاڻ صوبيدار ٿي پهتو ۽ هتي ئي رهي پيو_ اردو جو سٺو شاعر هو_ سندس مثنويءَ جا اشعار مير حسن ۽ علي ابراهيم خان پنهنجي تذڪرن ۾ نقل ڪيا آهن.
محسن الدين شيرازي: سورت مان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ مير علي شير ’’قانع‘ مصنف مقالات الشعرا سان سندس ملاقات ٿي، جنهن بابت هو لکي ٿو ته:
”اگرچه ولايت زا بود اما هندي فصيح ياد داشت“.
عمادالملڪ نواب غازي الدين خان فيروز جنگ: هيءُ اهو بزرگ هو، جو سترهن سالن جي ڄمار ۾ وزارت عظمى جي عهدي تي پهتو. دهليءَ جو عريبڪ ڪاليج سندس نالي تي يادگار آهي. هي صاحب 1780ع/1195هه ۾، ”گلزار ابراهيم“ جي اطلاع مطابق، سنڌ ۾ آيو هو ۽ فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو.
اهي سمورا شاعر هندستان مان سنڌ ۾ آيا هئا ۽ انهن جي آمدرفت سبب هتي جي شاعر ۾ اردو شاعريءَ جو ذوق وڌيو، ۽ هتي جي فارسي گو شاعرن فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ ۾ به شعر چوڻ شروع ڪيو.
سنڌ واسي اردو شاعر جيڪي انهيءَ دور ۾ ملن ٿا، سي هي آهن:
شيخ ورو يا ورد: سنڌ جي اردو شاعرن ۾ متقدم آهي. ٺٽي جي منصبدارن جي قبيلي سان سندس تعلق هو، ”مقالات الشعرا“ وارو لکي ٿو ته:
”جوانـﻶ صاف طبيعت بود“.
مشهور آهي ته ٺٽي جي قاضيءَ جي هجو ۾ شعر چوندو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪنهن قتل جي الزام ۾ شايد انهيءَ ساڳئي قاضيءَ جي فتوا سان ڦاسيءَ جي سزا مليس. اهو واقعو نواب سيف الله خان جي زماني (1730ع/1142_ 1761ع/1173هه) جو آهي. ”مقالات الشعرا“ ۾ سندس هيٺيون شعر ڏنل آهي ۽ اهو قاضي شهر جي هجو ۾ چيل آهي: ليڪن انهيءَ زماني جي معيار سان ڏسبو ته بلڪل صاف ۽ شسته اردو جي شهادت ڏئي ٿو: چوي ٿو ته:
الايا ايهاالمفتي شده ريش تو جنگلها
اکهاڻيون بال يک يک کر بنائون خوب کمبلها
”جنگل“ ۽ ”ڪمبل“ جو قافيو خوب آندو اٿس. شاعر ”ولي“ گجراتي جي زماني جو ۽ آبرو، مضمون، ناجي، سراج، مرزا مظهر ۽ حاتم کان به اڳ جو آهي.
عبدالسبحان فائز ٺٽوي: هيءُ به صاحب انهيءَ زماني (1724ع/1137هه/ 1730ع/1143هه) جو هڪ مشهور شاعر آهي. ”مقالات الشعرا“ جي مصنف لکيو آهي ته سندس فارسي شاعري ته ظرافت ۽ بذله سنجيءَ سبب شعريت کان خالي هئي، ليڪن ”ايهام هندي خوب نويسد“ ۽ ”هندي و پارسي خوب گفتـﮧ و اثر آن در منقبت ۽ مرثيه واقع“.
سيد حيدرالدين ڪامل المتوفي 1750ع/1164هه، مير رضي الدين احمد فدائي المتوفي 1708ع/1120هه جو فرزند هو. ”مقالات الشعرا“ جو مصنف سندس تعريف ۾ رطب السان آهي ته: ”فارسي، سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ تي پوري مهارت رکندو هو ۽ انهن ٽنهي ٻولين ۾ شعر چوندو هو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته:
”در ايهام هندي بـــﻶ مثل و دهره و گيت و نکات غريب وضعات عجيب و سائر اقسام زين سان بسيار بزبانها است“.
هن پنهنجا ديوان پنهنجي خاص شاگرد ميان محمد پناه ”رجا“ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ڏنا هئا. نه معلوم اهي ديوان ڪيڏاهن ويا ۽ انهن کي ڇا ٿيو؟ هينئر سندس فقط ڪي ٿورڙا شعر اسان کي ملن ٿا، جيڪي ”مقالات الشعرا“ جي ذريعي محفوظ رهجي ويا آهن. ”مقالات الشعرا“ واري لکيو آهي ته:
”هر چند اشعار هندي ايشان عالمگير است اما فقير آنچه ياد دارد نويسد“.
سندس چند شعر هتي پيش ڪجن ٿا:
لبون دلبر کــﻶ ميرﻵ قتل کان بيڙا اڻهايا هـﻶ
خدايا خون سون ميرـﻵ تو اس کون سرخرو کرنا
___
چاک ناموس کا هـﻶ سينه مين
نام کا زخم هـﻶ نگينه مين
___
خال رخسار کا اچنبا هـﻶ،
گال کـﻶ کهيت مين اُگاهـﻶ تل
___
سويا پڙا هـﻶ کيا اﻵ نازک بدن اکيلا
خون جوش دﻵ ڻپکتا جا من اســﻶ اُڻها ديکهه
___
عشق اب دهول هـﻶ زليخا کا
اس سون آگــﻶ هـﻶ چاه مين يوسف
___
گل گل پگل پگل کـﻶ محبت کي راه مين
پاني هوئي زليخا يوسف کي چاه مين
___
دوست بخشــﻶ گا دوست سب کي سب
گرچـه عاصي هون اس کا عاصي هون
___
کـﮧ يا جس کي داغ چهاتي هي
اسکي مرهم کي بات بهاتي هـﻶ
اهي شعر انهيءَ دور جي ’الهام گو‘ دهلي شاعرن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جي مقبوليت ڏسي، هن ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن علائقي نه فقط اردو کي پيدا ڪيو آهي، پر هزار سالن کان پوءِ به اُهو اردوءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ حصه دار بنيو رهيو.
مخدوم محمد معين بيراگي، المتوفي 1748ع_1161هه، سمورن معقول ۽ منقول علوم ۾ جامع ۽ فاضل هو. هن بزرگ عربيءَ ۾ ڪيترا بيش بها ڪتاب لکيا آهن، جن مان ”دراسات اللبيب“ عربيءَ جي ڪتابن ۾ هڪ بلند پايه ڪتاب آهي.
هندستان سان سندس تعلقات گهرا هئا. هن بزرگ شاه ولي الله جي مدرسي ۾ تعليم پرائي هئي، مير سعد اللـﮧ سورتيءَ سان، جو مير عبدالوالي ”عزلت“ جو والد هو، نهايت گهرا تعلقات هئس. فارسيءَ جو هڪ وڏو شاعر هو. سندس تخلص هو ”تسليم“، ۽ هنديءَ ۾ ”بيراڳي“ تخلص لکندو هو. مخدوم محمد معين جو ديوان بلڪل مفقود ٿي ويو آهي، نه ته معلوم ٿئي ها ته سندس ڪلام ڪيتري قدر شاندار هو.
مير حفيظ الدين علي (المتوفي 1767ع_1181هه) مير حافظ الدين جو صاحبزادو ۽ حيدرالدين ”ڪامل“ جو ڀائٽيو هو. علوم و فنون ۾ پنهنجي چاچي وانگر قابل هو. مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”هو پنهنجي چاچي جي سمورن ڪمالن جو حامل هو. عالي طبع جو مالڪ هو. هندي شاعريءَ ۾ خسرو جو ثاني هو. جن خيالن ۽ معنائن کي پنهنجن ڏوهيڙن، بيتن ۽ ڪلام جي ڪويتائن ۾ ظاهر ڪيو اٿس، اهو سندس ئي حصو آهي. فارسي ڪلام جي مقابلي ۾ سندس هندي ڪلام گهڻو آهي.“ سندس ڪلام جي خوبيءَ جي باري ۾ لفظ لکي ٿو ته:
”ايهام که از دو، سه و چهار و پنج معني هم گاهي گاهي تجاوز دارد.“
سندس ڪلام جو نمونو هي آهي:
اچار هوا کهڻا پاپڙ هـﻶ مچهي
سرکا بنا توآ کي سوي سلوني اچهي
هن هڪ ئي بيت مان ظاهر آهي ته هيءُ ”ايهام گوئي“ جي صنعت سان گڏ شاعريءَ جي حيرت انگيز ذهانت ۽ زبان تي پوري قدرت رکي ٿو. هن شاعر هڪ ئي بيت ۾ آچار، کٽاڻ، پاپڙ، مڇي، سرڪو توو، سوي (سيوين جو واحد) ۽ سلوڻي جي اٺن کاڌن جا موزون لفظ گڏ ڪيا اٿس. اسان کي اها اُميد ناهي ته لکنو جي ”ضلع جگت” جا استاد شاعر، هڪ شعر ۾ ايترا لازمات آڻي سگهن. پراڻو ۽ پهريون دؤر هن بزرگ تي پورو ٿئي ٿو. هي اهو دؤر آهي جنهن ۾ اسان جو قومي شاعر شاه عبداللطيف رحه موجود هو ۽ سنڌ کي پنهنجي سنڌي ڪلام سان مست ۽ بيخود بنائي رهيو هو.
شاه عبداللطيف اگرچ سنڌي زبان جو پهريون شاعر نه آهي، تاهم هو ٽيون شاعر هو، جن جو ڪلام محفوظ رهيو. بيشڪ سندس شاعري پهريائين دؤر جي شاعري آهي. ۽ هيءَ پڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي جو انهيءَ دؤر ۾ به اردو جا ههڙا با ڪمال شاعر موجود هئا.
ٻيو دور 1747ع_1160هه کان 1843ع_1259هه تائين): انهيءَ دؤر کي ٻن حڪومتن سان واسطو پوي ٿو، يعني ڪلهوڙن جو خاندان ۽ ٽالپرن جي حڪومت.
ميان نور محمد جهڙي زبردست ۽ عالي همت حاڪم، نادر شاه جي ڏَن کان پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرايو هو ۽ ان سان گڏ مغلن جا گورنر به اچڻ بند ٿي ويا، ڇو ته مغله سلطنت ”بادشاهي شاهِ عالم از دلي تا پالم“ جي حد تائين وڃي رهي هئي. چنانچه بنا ڪنهن شرڪت جي سنڌ جي حڪومت ميان نور محمد خان جي هٿ اچي ويئي. ميان نور محمد جي وفات 1747ع ۾ ٿي.
انهيءَ کان پوءِ مرادياب 1747ع_1169هه کان 1755ع_1169هه تائين حڪومت ڪئي، جنهن کان پوءِ هيٺينءَ ريت بادشاه ٿيا:
غلام شاه 1755ع_1169هه کان 1173ع_ 1186هه تائين؛ سرفراز 1772ع_1186هه کان 1775ع_1189هه تائين؛ غلام نبي 1775ع_1189هه کان 1777ع_1191هه تائين؛ ۽ عبدالنبي 1777ع_1191هه کان 1782ع_1197هه تائين.
انهيءَ آخري حڪمران سان ٽالپرن جو، جيڪي انهن جا پهرين حامي هئا، ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو، جنهن هالاڻيءَ جي ميدان ۾ جنگ جي صورت اختيار ڪئي.
ڪلهوڙن شڪست کاڌي ۽ ٽالپر فتحياب ٿيا. ٽالپرن جي حڪومت جو بنياد حيدرآباد سنڌ ۾ 1782ع_1197هه کان 1843ع_1259هه تائين قائم رهيو. انهيءَ خاندان جا حڪمران هن طرح ٿيا:
مير فتح علي خان 1782ع_1197هه کان 1802ع_1217هه تائين. مير غلام علي خان 1802ع_1217هه کان 1811ع_1227هه تائين. مير ڪرم علي خان 1812ع_1227هه کان 1828ع_1244هه تائين. مير مراد علي خان 1828ع_1244هه کان 1833ع_1249هه تائين. مير نور محمد خان 1833ع_1249هه کان 1841ع_1257هه تائين. مير نصير خان 1841ع_1257هه کان 1843ع_1259هه تائين.
ٽالپر حڪمران علم و ادب جا سرپرست رهيا. ٽالپرن جي دربار ۾ رات ڏينهن فارسي شعر و شاعريءَ جو مشغلو رهندو هو. ٽالپرن جي زماني ۾ ڪيترا معياري ڪتاب لکيا ويا. ٽالپر مير پاڻ به نثر ۽ نظم جا ماهر هوندا هئا. ٽالپرن جي زماني ۾ اردو شاعر گهڻا ئي پيدا ٿيا، ليڪن زماني جي ڦير گهير ۾ اردو ادب بچي نه سگهيو، البته فارسيءَ جا ڪتاب محفوظ آهن.
مان انهيءَ دؤر جي سنڌي شاعرن جو احوال بيان ڪرڻ کان اڳ هي ضروري محسوس ڪريان ٿو ته قارئين قرام جو ڌيان ٿوريءَ دير لاءِ هندستان ڏانهن ڇڪيان، ته سندن ذهن تي اها حقيقت روشن رهي ته انهيءَ دؤر ۾ دهليءَ ۽ لکنوءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ممتاز شاعر هئا. توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته مان ان دؤر تاريخ کي هڪ صديءَ جي ڊگهيءَ مدت تي ڦهلايو آهي. انهيءَ هڪ صديءَ ۾ اردو شاعريءَ جا هي استاد هئا:
سودا 1713ع_1125هه تائين. درد 1719ع_1123هه کان 1785ع_1199هه تائين. مير حسن 1736ع_1149هه کان 1786ع_1201هه تائين. مير تقي 1724ع_1137هه کان 1810ع_1251هه تائين. جرات ......... 1810ع_1225هه. انشا ............ 1817ع_1233هه. مصحفي 1750ع_1164هه کان 1824ع_1240هه تائين. نظير اڪبر آبادي 1740ع_1153هه کان 1830ع_1246هه تائين. رنگين 1756ع_1170هه کان 1834ع_1151هه تائين. ۽ نصير .......... 1838ع_1254هه.
هينئر آئون توهان سان سنڌ جي اردو شاعرن جو تعارف ٿو ڪرايان. سنڌ جا انهيءَ دؤر جا اردو شاعر هندستان جي استاد شاعرن جو مقابلو ته نٿا ڪري سگهن، ليڪن اسان سندن بلند همتن ۽ اردو کي ساراهڻ کان به رهي نٿا سگهون. سنڌ جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ جڏهن ته هن علائقي جو سياسي تعلق دهليءَ کان ڇڄي ويو هو، اردوءَ جي خدمت کان غفلت ڪيل ڪانه هئي.
مير علي شير قانع (1727ع_1140هه کان 1788ع_1203هه تائين): هيءَ اها شخصيت آهي، جنهن جي ”مقالات الشعرا“ کان اسان مدد وٺي رهيا آهيون. ”تحفـﺔ الڪرام“، سنڌ جي تاريخ ۾ سندس بينظير ڪتاب آهي. فارسي نظم ۾ به سندس ڪئين ڪتاب آهن. هو فارسي جو اعلى درجي جو شاعر ۽ اديب هو ۽ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. هو مير حيدرالدين ڪامل جو شاگرد هو. ”مقالات الشعرا“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”فقير نيز در حضور آل استاد کامل گاهـﻶ فکر هندي مي کرد.“
فارسيءَ جو تکو شاعر هو. فارسي شاعريءَ جو ڪوبه اهڙو قسم نه آهي جنهن ۾ سندس شعر نه هجن. سندس اندازي مطابق هن جا هڪ لک شعر هوندا. ظاهر آهي ته اهڙي وڏي شاعر ضرور اردوءَ ۾ به شعر چيا هوندا، ليڪن افسوس جو سندس اشعار زماني جي خرد برد کان بچي نه سگهيا، البته هڪ ٻه شعر پنهنجا ”مقالات“ ۾ درج ڪيا اٿس. ليڪن اڏوهيءَ جي کاڄي وڃڻ سبب اهي شعر صاف نٿا پڙهي سگهجن. 1788ع مطابق 1203هه ۾ وفات ڪيائين.
منشي پرسرام مشتري ٺٽوي: هي فارسيءَ جو مشهور شاعر هو ۽ مير علي شير ’قانع‘ جو شاگرد هو. اردوءَ ۾ به شاعري ڪندو هو. فارسيءَ ۾ ”مشتري“ ۽ اردوءَ ۾ ”بيربل“ تخلص ڪتب آڻيندو هو. اردوءَ ۾ سندس استاد مير محمود ’صابر‘ رضوي هو. منشي پرسرام جي ديوان جو پهريون بيت هن ريت آهي ته:
الاهي مد بسم الله کن کلک بيانم را،
سر ديباچهء توحيد گردان داستانم را.
جنهن وقت ”مقالات الشعرا“ لکيو ويو ٿي (1760ع مطابق 1174هه)، انهيءَ وقت منشي پرسرام بلڪل نوجوان هو.
سيــــــــد ثــــــابـــــــت عـــــــلــــــــي شــــــــــــــــــاه ســـــــيـــــــــوهـــــــــــڻ وارو (المتوفي1810ع1225هه): سنڌ ۾ مرثيه گوئي ۾ کيس اهوئي مرتبو حاصل آهي، جو هندستان ۾ مير انيس ۽ مرزا دبير کي هو. سنڌي زبان ۾ سندس بيشمار مرثيا آهن، جن جا ڇپيل مجموعا موجود آهن. هن ٽالپرن جي ڏينهن ۾ گهڻي شهرت حاصل ڪئي. ”فريئر نامه“ جو مصنف مير يار محمد بن مير مراد علي لکي ٿو ته:
در عهدش (مير کرم علي خان) دو آدمي عروج کردند_ ازانها (يکـﻶ پير محمد راشد) دوم ثابت علي نام شاعر، اگرچه مذهبش قرامطه بود، ليکن شاعر در زبان سندهي بينظير بود_در مرثياتش که در ماتم داري حضرت امامين کرامين خوب مرغوب گفته است و تا اليوم در ايام محرم الحرام که مرثيات مي خوانند من تصنيفات او است. (لکيل 1807ع مطابق 1274هه)
سيد ثابت علي شاه سيوهڻ جو باڪمال شاعر ۽ عديم النظير تاريخ گو مخدوم نورالحق مشتاقي ۽ ميان غلام علي ’مداح‘ ٺٽويءَ جو شاگرد هو. سيد ثابت علي شاه جو ڪلام ڇپيل آهي، ليڪن سندس ڪلام جو ڪو نسخو راقم الحروف وٽ موجود ناهي، تنهنڪري ڪلام جي نموني پيش ڪرڻ کان معذور آهيان. سيد ثابت علي شاه جي وفات 1810ع مطابق 1225هه ۾ ٿي هئي ۽ 1704ع مطابق 1153هه ۾ ڄائو هو.
شاهو بن روحل فقير: خيرپور ميرس کان چند ميلن جي مفاصلي تي هڪ مشهور خاندان جي خانقاه آهي. اهو صوفي شاعر انهيءَ خانقاه جي باني ميان روحل فقير جو صاحبزادو هو. سنڌي ۽ ملتاني (سرائڪي) سان گڏ اردوءَ ۾ شعر چيو اٿس. هڪ شعر هن ريت آهي:
”کيا مجهه سون هوئي خطا که سجن بولتا نهين،
کس بيدرد سون ملا رﻵ سجن بولتا نهين“.
سچل سرمست (1739ع_1152هه کان 1829ع_1243هه تائين): هي سنڌ جي اهو مشهور سنڌي زبان جو صوفي شاعر آهي، جنهن جا مٺا نغما اڄ تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙلاءُ ڪري رهيا آهي، خيرپور ميرس جي رياست ۾ درازن نالي هڪ بستي آهي؛ هي بزرگ اتي جو رهندڙ هو. سندس اردوءَ جا چند بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
”سارا خيال تيرا مجهه پر گناه کيا هـﻶ
تم هي گواه رهنا ديگر گواه کيا هـﻶ
سنون رﻵ آج سر ميرﻵ بره باران آيا هـﻶ
کرم کر که صرف اوپر ابر نسيان آيا هـﻶ
پتهر هـﻶ ايسي زندگي بـﻶ عشق هـﻶ شرمندگي
جسکو سجن کا درد هـﻶ رويت اس کي زرد هـﻶ
سيد ضياء الدين ضياء ٺٽوي: هيءُ بزرگ مشهور شيرازي خاندان مان هو. هن جو مورث اعلى سيد محمد حسين المعروفي 1487ع مطاق 893هه سومرن جي دؤر حڪومت ۾ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيو هو.
هينئر به اهو خاندان سادات شيرازيءَ جي نالي سان ٺٽي ۾ آباد آهي. سيد ضياء الدين ’ضياء‘ فارسيءَ سان گڏو گڏ اردوءَ جو ديوان مرتب ڪيو ۽ ان جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته:
”فقير اضعف العباد ضياءُالدين المتخلص به ”ضيا“ ولد سيد عزت الله الشيرازي ساکن بلده ڻهڻه از غزليات در زبان فارسي و قصائد و مناقب بسيار که هنوز او را ترتيب ديوان نداده و يک مثنوي عشقيه ”هير رانجها“ تصنيف کرده در حضور گردانيده بود_ بالفعل ديوان بزبان هندي تصنيف نموده“.
سيد صاحب جو اهو ديوان، مير ٺارو خان ٽالپر (1284ع_1199هه کان 1829ع_1245هه) جي نالي تي منسوب آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته مير پور خاص جو ٽالپر حاڪم اردوءَ سان ڏاڍي دلچسپي رکندو هو. سيد صاحب جو اردو ديوان ۾ غزل، مستزاد، ترجيع بند، قصيدا، مخمس ۽ مسدس وغيره مختلف اوصاف سخن مشتمل آهن. ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آج گلشن مين نوبهار آيا
مت کهو کس کو اپنا يار آيا
کسي کي طاقت نهين که ديکهـﻶ اُسـﻶ
جس نـﻶ ديکها هـﻶ بيقرار آيا
__
نه فراموش هوئـﻶ گا دل سون وه
نام اس کا جو يادگار آيا
نظم روشن ”ضياءَ“ کا معنى
سنج گوهر صرف آبدار آيا
__
رات دلبر کو خواب مين ديکها
جلوه تها ماهتاب مين ديکها
هوگي اس کي حديث طولاني
نسخـﮧ انتخاب مين ديکها
__
هون پريشان موبمو اس کا
زلف کو پيچ و تاب مين ديکها
نور از جبـﮧ مير ڻهارا خان
جلوه گر مهتاب مين ديکها
__
عشق کي راه مين جو کـﮧ باز هوا
آگــﻶ عشاق سرفراز هوا
هوکــﻶ پروانه سان بـﮧ محفل راز
شمع ماند جان گداز هوا
بهره ور هئيگا عشق کي ره مين
جون کـﮧ محمود با اياز هوا
خاموش کيا بلبل از نالـﮧ جان کاه
گلشن مين هوا شور کس غنچـﮧ دهان کا
باريک هوا برگ سخن کا نه ضخامت کا
جب ذکر هوا اس کي کبهي موي ميان کا
هر وقت ”ضيا“ رنگ دگر دور جهان هـﻶ
يکجا کهان هـﻶ فصل بهار اور خزان کا
هيءَ شاعر مير علي شير جو سـﺆٽ، ۽ مير ٺارو خان (المتوفي 1829ع_1245هه) جو خاص مصاحب ۽ درٻاري شاعر هو.
نواب ولي محمد خان ”ولي“ لغاري المتوفي 1832ع مطابق 1248هه_ حيدرآبادي ٽالپرن جي حڪومت جي زماني ۾ امير الامراءَ ۾ سپه سالار هو. هن صاحب جي فارسي ۾ مثنوي ”هير رانجها“ ۽ فارسي ديوان شاعرانه ڪمال جو هڪ بين ثبوت آهن. نواب صاحب علم طب ۾ مهارت رکندو هو. سندس هڪ ڪتاب ”مصالح الامراض“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آب حيات چشمه ظلمات کـﻶ هـﻶ اندر
مجهه کو هـﻶ آب حيوان چاه ذقن دهن کا
مير صوبيدار خان راللمتوفي 1832ع مطابق 1247هه): هيءَ مير فتح علي خان ٽالپر، سنڌ جي حڪمران، جو پٽ هو، ۽ فارسيءَ جي خوشگو شاعرن مان هڪ هو ۽ شاعرن جو وڏو قدردان پڻ هو، اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو سندس ڪلام موجود هوندي به دستياب نه ٿيو.
خليفو نبي بخش خان (المتوفي 1834ع مطابق 1250هه): حضرت پير سائين محمد راشد عليـﮧ الرحمـﺔ المعروف به پير سائين روضي ڌڻي 1756ع مطابق 1170هه کان وٺي 1817ع مطابق 1224هه تائين) جو خاص مريد ۽ خليفو هو. حضرت پير صاحب محمد راشد رحه حر تحريڪ جو پايو وجهندڙ حضرت پير محمد صبغت الله شاه (المتوفي 1830ع مطابق 1246هه) جو والد بزرگوار هو. سندس درگاه خيرپور ميرس جي قريب آهي.
مطلب ته خليفي نبي بخش جو روحاني تعلق انهيءَ گهراڻي سان هو. خليفي صاحب جو سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو ۽ هڪ مثنوي، ادبي يادگار آهن. سندس رسالي ۾ هڪ وڏو تعداد غزلن جو به آهي. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مجهه تشنگي کي آگ بجهانــﻶ کو نه آيا
بهر جام وصل ساقي پلانـﻶ کو نه آيا
تجهه عشق کي آتش مين جلتا هون سدا مين
ڻک نين بهي نينون سـﻶ ملانـﻶ کو نه آيا.
ٽيون دور (1843ع مطابق 1254هه_ 1900ع مطابق 1318هه): هينئر اسان ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو ٽيون دؤر پيش ڪريون ٿا. هي دؤر سنڌ ۾ انگريزن جي عهد حڪومت کان شروع ٿي 1900ع مطابق 1318هه تي پورو ٿئي ٿو.
1843ع_1259هه ۾ حيدرآباد (سنڌ) جي ويجهو مياڻيءَ جي ميدان ۾ ٽالپرن کي شڪست آئي ۽ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو. نئين زبان ۽ نئون قانون آيو؛ پراڻي تهذيب ۽ تمدن جو بساط بدلجي ويو؛ ڪي بزرگ رهجي ويا هئا، جن پنهنجو چراغ نئين طوفان ۾ به پنهنجي حياتيءَ تائين روشن رکيو.
انهيءَ زماني ۾ بعض هستيون ته اُهي آهن، جيڪي ميرن جي زماني جي پيداوار آهن، ليڪن سندن زمانو انگريزن جي عهد حڪومت ۾ گذريو، ۽ وري ڪجهه اهڙا صاحب علم به هئا، جيڪي انگريزن جي حڪومت ۾ ڄاوا ۽ وڌي وڏا ٿيا. ليڪن ان کان اڳ ته آءُ اهڙن شخصيتن جو احوال بيان ڪريان، بهتر ته ائين ٿيندو ته هڪ دفعو ٻيهر توهان کي دهليءَ ڏانهن وٺي هلان ته توهان جي ذهن ۾ انهيءَ زماني جي اتي جي شاعرن جي ياد اچي وڃي.
اردو ادب جي تاريخ ۾ اهو دؤر ”ناسخ“ (1838ع مطابق 1254هه) کان شروع ٿي، مولانا حالي مرحوم (1838ع_1203هه کان 1912ع_1260هه) تي پورو ٿئي ٿو. انهيءَ دؤر جا اردوءَ جا نامي گرامي شاعر هيٺيان هئا:
مير ممنون (1838ع_1203هه کان 1912ع_1260هه تائين)، آتش (1846ع_1263هه تائين)، مومن (1800ع_1215هه کان 1851ع_1263هه تائين)، ذوق (1789ع_1204هه کان 1862ع_1279هه تائين)، ظفر (1775ع_1189هه کان 1862ع_1279هه تائين)، غالب (1797ع_1212هه کان 1869ع_1285هه تائين)، ۽ حالي (1837ع_1253هه کان 1915ع_1331هه تائين). هينئر وري ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ سنڌ جي اردو شاعرن جو احوال بيان ڪجي ٿو.
ميان قادر بخش ”بيدل“ روهڙي وارو (1814ع_1230هه کان 1873ع_1289هه تائين): انهيءَ دؤر جو آغاز ميان قادر بخش ”بيدل“ جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. هن جي شخصيت انهيءَ دؤر ۾ اهائي حيثيت رکي ٿي، جا پهرئين ۽ ٻئي دؤر ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سچل سرمست رحه جي هئي. شعر و شاعريءَ جو ذوق سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. هن ڪيترا ديوان فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ ديوان اردوءَ ۾ به ترتيب ڏنو هو. نظم کان سواءِ فارسي نثر ۾ ڪيتريون تصنيفون پنهنجي پٺيان ڇڏي ويو آهي. عربي، سنڌي، فارسي ۽ سرائڪيءَ تي يڪسان قدرت رکندو هو ۽ اردو به ڄاڻندو هو. روهڙيءَ جي شهر ۾ رهندو هو ۽ اتي ئي دفن ٿيو.
ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ (1814ع مطابق 1230هه) ڄائو هو ۽ انگريزن جي صاحبيءَ ۾ 1873ع مطابق 1289هه) وفات ڪيائين. فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ”بيدل“ تخلص ڪندو هو ۽ اردوءَ ۾ ”طالب“. اردوءَ ۾ سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
دل وحدت طلب فارغ نه قيد جسم و جان هوگا
کـﮧ بيڻهک عاشقان دائم بـﮧ ملک لامکان هوگا
___
معشوق بـﻶ پروا کو گرچه عبث هـﻶ التجا
عشاق کو بهتر نهين زين شکوه کار مگر
___
مرتا هون تيرﻵ ناز کا آغاز هـﻶ هنوز
خوني کفن يه ناوک انداز اور هـﻶ
___
مين هون مشهور عشق بازي مين، خاصهء درد غم مجازي مين
___
آج گلشن مين چلو ديکهو که چرچا اور هـﻶ
باغ مين گل رخ کـﻶ آنـﻶ سـﻶ تماشا اور هـﻶ
___
نکهت سنيل بنفشه سـﻶ معطر هين دماغ
عطر بيزي شاخ آن زلف پريشان اور هـﻶ
مخدوم عبدالڪريم (المتوفي 1855ع_1272هه): مخدوم غلام حيدر ٺٽويءَ جو فرزند ۽ اردو جو هڪ ڀڙ شاعر هو، افسوس آهي ته سندس ڪلام جو نمونو اڃا تائين ملي نه سگهيو آهي. سندس وفات 1855ع مطابق 1272هه ۾ ٿي.
غلام حسين ”افضل“ سبز پوش ٺٽوي (المتوفي 1861ع مطابق 1278هه): هيءُ هڪ نازڪ خيال شاعر هو. نثر نويسيءَ ۾ به وڏو ڪمال رکندو هو. ”تنبيـﮧ المعاندين“، ”مثنوي نان و نمڪ“، ”نظم نوروز“ ۽ انشاء افضل“ سندس ادبي يادگار آهن. اردو ۾ سندس ڪلام جو نمونو ناهي. ۽ جمادي الثاني 1278هه مطابق 1861ع ۾ انتقال ڪيائين. پڇاڙي عمر ۾ ”اسد“ تخلص ڪندو هو.
صورت سنڌي (1881ع مطابق 1299هه). هي صاحب هندو هو، سندس نالو صورت سنگهه هو. سندس اردو ديوان 1881ع مطابق 1299هه ۾ ڪراچيءَ جي ”وديا ونود“ نالي ڇاپي خاني ۾ ”پريم تت“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. ڪتاب جي آخر ۾ هيٺين فارسيءَ ۾ عبارت ڇپيل آهي:
”الحمد لله على احسانه و افضالـﮧ کـﮧ درين آوان بهجت افتران اين گوهر ناياب بي بها در مکنون مخفي يکتا اعلى نسخـﮧء هذا المسمى بـﮧ ”پريم پرشا“_ ومعروف بـﮧ ”ديوان صورت بهار“ من کلام بلاغت انجام فصاحت ارتسام شاعر شيرين گفتار رشک شعراي روزگار ديوان صورت سنگهه به انتظام منور برنگ سراج ديوان ليکهراج سابقـﮧ مختيار کار حال پنشن بردار، سکنـﮧ شهر حيدرآباد سندهه، در مطبع ”وديا ونود“ کراچي مطبع شد.“
انهيءَ اردو ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ منظوم تقريط هڪ ٻئي اردو نوز ”منشي کيمچند“ جي لکيل آهي، تنهنڪري انهيءَ جا چند بيت ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پهريائين عرض رکجن ٿا:
يه گلزار بـﻶ خار صورت بهار
کهلين جس مين معني کـﻶ غنچـﻶ هزار
شگفته هين گل اس مين رنگين نگار
کئي بلبلين اس په هوتين نثار
کئي قسم کـﻶ رنگ اور اس مين ڊهنگ
هندستان، پنجاب، دکهني نيار
محبت کي گلبن هون جس مين کهلـﻶ
صفت صدق کـﻶ نهر جاري هزار
”صورت“ پنهنجي ديوان ۾ غزلن، قصيدن ۽ مثنوين کي هندستاني راڳن جي طرز تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر هنڌ هندي راڳن ڏانهن اشارا به ڪيا اٿس.
”صورت“ جي سنڌي ديوان ۾ فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي_ اردو جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
جس کو خدا ياد وه آباد هميشـﮧ
آباد هميشـﮧ هـﻶ دل شاد هميشـﮧ
___
درويش کي جهولي مين خزانه هـﻶ غيب کا
طوبى هـﻶ رود نيل هــﻶ کاسه فقير کا
___
اپنـﻶ مرشد کا فقيرون کا خدا طالب کا
ديکهه جاتا هون مين ديدار تيرﻵ کوچـﻶ مين
جهوڪ جي صوفي بزرگ شاه عنايت جي مدح ۾ اهو هندو شاعر چوي ٿو:
خدا کا پيار هـﻶ محبوب يا رب مولا
عجب هـﻶ صوفي سلطان صاحب دولا
جس نگاه مين آتـﻶ هين نور کـﻶ شعلـﻶ
جس کـﻶ جسم مين الله کـﻶ عشق کا اولا
بشر عنايت الله و قلندر هـﻶ
شـﮧ شهيد شهادت که مرتبا پايا
سيد غلام علي ”گدا“ هاشمي: علم معقول و منقول ۾ آخوند روشن احمدي ۽ آخوند روشن حيدرآباديءَ جو شاگرد هو. ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان رهندو هو. هزهائينس مير حسن عليءَ جي درٻار کان پگهار ملندي هيس. سندس اردو ڪلام جو ڪو نمونو نه ملي سگهيو آهي.
هزهائينس مير علي خان بهادر: هيءُ ٽالپر خاندان مان حڪمران گهراڻي جو چشم و چرغ هو، جنهن جي عمر غريب الوطني ۽ افلاس ۾ گذري. هو شعر و شاعريءَ جو گهڻي قدر شوقين هو. فارسي ۽ سنڌيءَ جو بهترين شاعر، اردو شعر به چوندو هو؛ ليڪن سندس ڪلام جو ڪو نمونو دستياب نه ٿي سگهيو آهي. هن صاحب، مشهور فارسي ڪتاب ”سڪندر نامه“ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو هو.
مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي: هيءُ هڪ جليل القدر عالم ۽ فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو. پنهنجي بزرگوار مخدوم عبدالڪريم صدي نقشبنديءَ کان تعليم و تربيت حاصل ڪيائين، تنهن کان پوءِ ميان مير زاهدي شاڪراڻيءَ کان تعليم پرايائين. شروع ۾ ”مسڪين“ تخلص ڪندو هو ۽ پوءِ ”خليل“ ڪرڻ لڳو_ پاڻ لکي ٿو ته:
”بزبان هندي هرچه کرده ام در آن هم تخلص ”مسکين“
است و زبان هندي را فقير نداند، مگر از سبب اثر
صحبت سيد غلام محمد ”گدا“ تخلص که چهار و پنج
روزه در بلدهء ڻهڻه بود و ديوان ناسخ و آتش و آباد
را ديده شد ازان اين قدري اثري شد که چند غزل گفته.“
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ناسخ، آتش ۽ آباد جا اردو ديوان اچي چڪا هئا ۽ سنڌ جا اهل ذوق انهن کي گهڻي شوق سان پڙهندا هئا. مخدوم ابراهيم ”خليل“ جي ڪلام جو ڪو نمونو اسان کي نه ملي سگهيو آهي. مخدو ابراهيم ”خليل“، مير علي شير قانع جي ”مقالات الشعرا“ جو ’تڪمله‘ لکيو آهي، جنهن ۾ هن 1760ع مطابق 1174هه کان وٺي 1888ع مطابق 1303هه تائين، فارسي شاعرن جو احوال ڏنو آهي ۽ هيءُ اسان جي هڪ پوري صديءَ جي ادبي تاريخ آهي، هن ڪتاب جو فقط هڪڙو ئي نسخو لاهور ۾ موجود آهي.
محمد زمان حبيب (المتوفي 1888ع مطابق 1306هه): هيءُ مخدوم ابراهيم ”خليل“ جو صاحبزادو هو ۽ اردو جو دلداده هو. سندس اردو ڪلام جو نمونو نه ملي سگهيو آهي_ سندس انتقال 1888ع مطابق 1306هه ۾ ٿيو هو.
قاضي غلام علي جعفري طياري (المتوفي 1885ع مطابق 1303هه): هيءُ يحى جعفر جو پٽ هو، سندس اردو ڪلام هن وقت پيش نٿو ڪري سگهجي.
پير حزب الله شاه تخت ڌڻي (1842ع مطابق 1258هه کان وٺي 1890ع مطابق 1308هه): هي بزرگ به پير پاڳارو هو؛ ۽ ”تخت ڌڻي“ سندس لقب هو. فارسيءَ ۽ عربيءَ تي ڪمال عبور هئس. ”تخت ڌڻي“ گهڻي قدر خوشخط هو ۽ شعر و شاعريءَ سان کين گهڻو شوق هو، فارسيءَ ۾ هڪ ديوان سندس ادبي يادگار آهي. ”مسڪين“ تخلص ڪندو هو. سندس درٻار عالمن ۽ اديبن لاءِ مرجع عام هئي. ايران ۽ هندستان مان اهل علم و فاضل سندس خدمت ۾ ايندا هئا، هيءُ انهن جي مدد ڪندو هو. سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آتا هـﻶ چمن مين بت گلفام همارا
ساقي بخدا بهر دﻵ مجهـﻶ جام همار
گر مين نه کيا اس بت طناز کو سجده
آئيگا کسي کام يه اسلام همارا
محمد يوسف خان ظهير: هي اصل ۾ سنڌي هو، نوڪريءَ جي سلسلي ۾ يو_پي ۾ رهندو هو. هيءُ غلام محمد خان ”خيبر“ جو شاگرد هو، سندس ڪلام ”يادگار ضيغم“ ۾ موجود آهي.
ابراهيم شاه صوفي: سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
جيسـﻶ دن سون سجن بچهڙا، ميرا دل تب سـﻶ هـﻶ جل جل
وداع کي آگ بجلي جون، ابر چشمان جون باران هـﻶ
نظر علي فقير ڪنڊڙيءَ وارو: ڪنڊڙيءَ جي مشهور صوفي شاعر ميان روحل جو پوٽو هو_ سندس اردو ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ادهر تو مجهه سـﻶ کهتا هـﻶ که چل تو يار کـﻶ ڊيرﻵ
ادهر تن مجهه سـﻶ کهتا هـﻶ که تو دکهه مجهکو مت دﻵ دﻵ
فتح سنڌي: هيءُ به انهيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿو_ سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
خدا باقي دگر خاکي بقائـﻶ باغ مين جانا
سمجهه سن بات هو سيانا پکڙلـﻶ راه رباني
بهادر سنڌي: هيءُ به انهيءَ دؤر سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ جو به هڪ اردو بيت ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو:
اتني نظر مهر کي کرتـﻶ ”بهادر“ اوپر
پان کا بيڙا صنم تم نـﻶ کهلايا نهين
اسان جي سنڌي شاعر ”پان جو ٻيڙو“ شايد ڪن لکنو جي شاعرن کان مستعار ورتو آهي، نه ته سنڌ جي معاشرت ۾ پان کي دخل ناهي. هونءَ ته سنڌ ۾ پان جي استعمال جي شهادت هندن جي دؤر حڪومت ۾ ملي ٿي_ مـﺆرخن جو چوڻ آهي ته راجا ڏاهر جڏهن محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ اروڙ جي ميدان ۾ پهتو ته هاٿيءَ تي سندس ٻه ٻانهيون پاندان کنيو ويٺيون هيون. سنڌ ۾ هندن جي دؤر حڪومت ۾ پان جو استعمال هوندو هو، ليڪن اسلامي حڪومت جي دؤر ۾ هتي پان جو رواج بلڪل نه هو، نه ته سنڌي شاعر انهيءَ لفظ کي ضرور استعمال ڪن ها.
هزهائينس مير عبدالحسين سانگي (1852ع مطابق 1269هه کان وٺي 1924ع مطابق 1343هه تائين): حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران گهراڻي جو آخري چشم و چراغ هو. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ پينشن ملندي هيس. سنڌيءَ جو هڪ بلند پايه شاعر هو. سندس ڇپيل ديوان ۾ اردوءَ جا غزل به گهڻي انداز ۾ آهن. سندس اردو ڪلام گهڻي قدر صاف ۽ شسته آهي. ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ چند بيت پيش ڪجن ٿا:
جب پريشان صنم زلف دوتا کرديگا
دل ديوانه کو زنجير به پا کرديگا
ايک بوسه جو فقيرون کو عطا کرديگا
اﻵ صنم ميرا خدا تيرا بهلا کرديگا
___
دل عشاق لينـﻶ ولـﻶ هين، کان مين يار کـﻶ جو بالـﻶ هين
ديکهنـﻶ مين جو آئـﻶ تارﻵ هين، مرﻵ آهون کـﻶ وه شرارﻵ هين
چوٿون دور: 1900ع مطابق 1320هه تائين سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو ٽيون دؤر پورو ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ اردوءَ جو چوٿون دؤر شروع ٿيو. انهيءَ دؤر ۾ ”انجمن ترقي اردو“ جي شاخ قائم ٿي، جنهنڪري ڪراچيءَ ۾ انهيءَ نئين دؤر جا ڪجهه شاعر ٻاهران آيا ۽ ڪجهه اتي ئي پيدا ٿيا ۽ ڪراچيءَ جي فضا ۾ مشاعرن جو شور وڌڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ شاعريءَ جو ذوق پيدا ٿي ويو. اردوءَ جو مشهور ڊراما نويس ”آغا حشر“ مرحوم به ڪجهه عرصي تائين ڪراچيءَ ۾ رهيو. آغا مرحوم جي سبب اردو زبان جي هتي ڪافي ذوق رهيو. انهيءَ چوٿين دؤر جا خاص شاعر مير ايوب، مولا بخش ”همدم“ ۽ ”افسر“ امروهوي هئا، جن مان پهريان ٻه صاحب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن ۽ ٽيون صاحب جيئرو آهي.
هن مضمون کي ختم ڪرڻ کان اڳ مان هڪ سنڌ جي اردو شاعر جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. اهو شاعر شيرين بيان آهي عاليجناب مير علي نواز خان ٽالپر، خيرپور ميرس جو سابق فرمانروا، جنهن اردو ٻوليءَ کي پهريون دفعو، سنڌ ۾ درٻاري زبان بڻايو ۽ پنهنجي شاعريءَ لاءِ اردوءَ کي چونڊيو. پنجاب جي مشهور افسانه نويس حڪيم احمد شجاع صاحب ۽ حفيظ جالنڌري پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ انهيءَ درٻار سان وابسته هئا. هزهائينس جا دهليءَ جي مشهور شاعر، آغا شاعر قزلباش مرحوم، سان به گهڻي قدر گهاٽا تعلقات هئا. سندس وفات بعد ڪيترن ورهين کان پوءِ هينئر وري خيرپور ميرس ۾ اردو ٻوليءَ جي رونق نظر اچي ٿي ۽ اسان کي نئين زندگيءَ جو هڪ پيام ٻڌائي ٿي.
[روزنامه ”مهراڻ“، سالگره نمبر، 15_جنوري 1961ع]