ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي 1
[هيءٌ مضمون 1959ع ۾، جنهن وقت آءُ منيلا (فلپائينس) ۾ بيمار هيس، لکيو هيم. تحفـﺔالڪرام جو سنڌي ترجمو ۽ تحفـﺔالطاهرين منهنجي سامهون هئا. واندڪائيءَ جي ورونهن طور هي ڪم ڪيم. خيال هو ته ڪراچيءَ پهچي وڌيڪ مواد گڏ ڪري نقشن ۽ تصويرن سميت مضمون کي مڪمل ڪبو، ليڪن نه وقت ملي سگهيو، نه مواد گڏ ڪري سگهيس، ۽ نه شهر جو ڪو قديم نقشو ملي سگهيو جنهن ۾ تاريخي مقامات، پاڙا، حويليون، بازاريونج، مسجدون ۽ مزارون نروار ٿيل هجن. نيٺ چوڏهن سالن بعد لاچار ٿي هيءُ مضمون هن اميد تي ڇپائي رهيو آهيان ته هن بعد خدا ڪندو ڪو ٻيو لکندڙ اٿندو جيڪو آزاد سنڌ جي انهيءَ قديم ۽ ملڪان ملڪ مشهور دارالسلطنت جي تاريخي جاگرافيءَ جي تڪميل ڪندو. مزارون، مسجدون ۽ ڪيترا ٻيا تاريخي آثار ۽ اهڃاڻ اڃا موجود آهن، جن جي ذريعي قديم شهر جو پورو پورو نقشو ڪڍي سگهجي ٿو، پاڙا متعين ڪري سگهجن ٿا ۽ پراڻيون حدون قائم ڪري تاريخ جي هڪ وڏيءَ ضروت کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن مضمون سان گڏ ڪجهه تصويرون ۽ نقشا شامل ڪجن ٿا. حسام الدين راشدي_ حيدرآباد، تاريخ 26_ آگسٽ 1972ع].
(1) قلعا *
عالم پناه: اٺين صديءَ هجريءَ جي حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي شهر کي چوڌاري ڪابه عالم پناه ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته 772هه ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن ٺٽي جو حاڪم ڄام خيرالدين ٺٽي مان نڪري وڃي ”آب“ جي قلعي اندر قلعي بند ٿيو، ۽ سلطان فيروز ٺٽي شهر ۾ اچي داخل ٿيو. ٺٽي کي جيڪڏهن ٻاهران قلعو هجي ها ته هوند ڄام کي، گاديءَ وارو شهر ڇڏي ’آب‘ جي قلعي ۾ پناه وٺڻي نه پوي ها. انهيءَ کان پوءِ سمن جي دﺆر تائين اسان کي شهر جي عالم پناهه جو ڪوبه نشان پتو ڪونه ٿو پوي. سمن جو دﺆر سانتيڪو رهيو، تنهنڪري شايد کين قلعي جي ضروت نه پئي. 927هه ۾ جڏهن شاهه بيگ ٺٽي کي فتح ڪيو، ان وقت به قلعي جي سلسلي ۾ ڪا صراحت موجود ڪانه آهي. ارغونن به پنهنجو وقت بنان شهرپناه جي پورو ڪيو.
پهريون دفعو، شهرپناه جو ذڪر اسان کي پورچو گيزن جي حملي کان پوءِ 963هه ۾ ملي ٿو، يعني جڏهن پورچو گيز 963هه ۾ شهر کي ساڙي ٻاري، لُٽي ڦري ۽ خون خرابو ڪري موٽي ويا، تڏهن ميرزا عيسيٰ ترخان، سلطان محمود جي جنگ تان دست ڪش ٿي اچي، ٺٽي پهتو، ۽ شهر ۽ پنهنجي حاويلين جي مرمت ڪرايائين، ۽ ساڳئي وقت قلعي حاڪم نشين، جنهن ۾ اندر سندن حاويليون هيون، ان کي به مضبوط ڪيائين ۽ شهر جي چوڌاري به عالم پناهه ڪڍرائي شهر کي محفوظ ڪيائين (1).
اهو قلعو غالباً مٽيءَ جو ٺاهيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پڪين سرن جو ٺهيل هجي ها ته پوء به قائم هليو اچي ها ۽ اهڙيءَ طرح برباد نه ٿئي ها، جو اڄ ان جي هڪ سِر به سلامت ڪانه ٿي ملي، حالانڪ جيڪي پڪ سرا قلعا سنڌ ۾ هئا، تن جا آثار اڃا به موجود آهن، مثلاً اروڙ جو قلعو، بکر جو قلعو، سيوهڻ جو قلعو، ۽ خود ٺٽي جي ڀڪ ۾ تغلق آباد وارو قلعو.
قلعـﮧ حاڪم نشين: قلعـﮧ حاڪم نشين ان کي چئجي ٿو جيڪو شهر ۾ اندر موجود هو، ان ۾ حڪومت ڪندڙ گهراڻن جون محل ۽ ماڙيون هيون. اهو قلعو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو، ان جي متعلق صحيح اطلاع ڪونه آهي. ليڪن اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو 963هه کان اڳ ٺهيل هو (1)، ۽ ارغونن جي ختم ٿيڻ بعد انهن محل ۽ ماڙين تي تون حاڪمن يعني ترخانن قبضو ڪيو. ٽئين سال ۾ جڏهن ميرزا عيسيٰ عالم پناهه ڪڍرائي، ان وقت انهيءَ قلعي جي به مرمت ڪرائي ۽ ان کي وڍيڪ مضبوط ڪرايو (2).
قلعي ۾ ڪيتريون محلاتون هيون، جن مان شايد ڪي ارغونن جون به ٺهرايل هجن ۽ ڪي سمن جي دؤر واريون به هجن. ميرزا باقيءَ جي زماني ۾ ڪيترن محلاتن جو پتو پوي ٿو. مثلاً هڪ عمارت ۾ هن پنهنجي خاص معتمد ملا بهبود کي رهايو هو(3). ميرزا صالح جي آڪهه، ميرزا عيسيٰ جون بيگمات يا ان جي متعدد پٽن جون ماڙيون جدا جدا هيون. ميرزا غالب کي ميرزا باقيءَ قتل ڪرائي ان جي صغير ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ کي اصل واري محل مان لڏائي، ٻيءَ هڪ ماڙيءَ ۾ ويهاريو. (1)
ترخانن جون اهي محل ۽ ماڙيون، 999هه جي آخر ۾، ميرزا جانيءَ جي چوڻ تي، سندس پيءُ ميرزا پائنده بيگ ساڙائي ويران ڪرائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته کين خطرو هو ته ممڪن آهن ته خان خانان سان جاري ڪيل جنگ جو نتجو سندن حق ۾ نه نڪري ۽ هو ٺٽي تي قبضو ڪري. نه فقط اهي محل برباد ڪيا ويا بلڪ سموري شهر کي تهه و بالا ڪيو ويو. ٻار ٻچا وٺي، پاڻ پائنده بيگ وڃي تغلق آباد جي قلعي ۾ رهيو، ڇاڪاڻ ته اهو وڌيڪ مضبوط ۽ جنگ جي سٽ سهڻ جهڙو هو. انهيءَ تباهيءَ جو ذڪر ڪندي مير قانع لکي ٿو ته ”برابر هڪ مهيني تائين ٺٽو برباد ٿيندو رهيو، سموري شهر ۾ باهيون ڏنيون ويون، ماڻهو لڏي ويا، شهر ويران ڏسي ڦورو شهر ۾ داخل ٿيا ۽ شهر وارن جيڪو مال ۽ زر زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو سو کوٽي کڻي ويا. هڪ اُٺ جي ڪرايي ۾ سامان جو برابر اڌ ورتو ٿي ويو (2) “
1000هه ۾ آخر سنڌ خان خانان فتح نه ڪئي بلڪ جانيءَ سان صلح ڪري کانئس ورتي. جاني پنهنجي اميرن سميت خان خانان سان گڏ اڪبر وٽ وڃي حاضر ٿيو. خان خانان جي ڪوشش سان ٺٽي جي حڪومت وري کيس بطور جاگير جي ملي. پاڻ اتي رهيو ۽ پنهنجي اميرن(3) کي هن موٽائي موڪليو، جن ٺٽي پهچي ٻيهر لڏي ويل ماڻهن کي آڻي شهر کي آباد ڪيو، ۽ سرڪاري قلعي خواه محلاتن جي مرمت ڪرائي، انهن کي رهڻ جي قابل بڻايو.
ميرزا غازيءَ جو ذڪر ڪندي، تاريخ طاهريءَ(1) جو صاحب لکي ٿو ته هن، قلعـﮧ حاڪم نشين اندر پنهنجي رهڻ لاءِ ٻه نوان محل ٺهرايا، جن جي اندر ديوارن تي نقش و نگار ۽ تصويرون ڪڍرايون ويون هيون. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته 1000هه ۾ جيڪا تباهي ٿي، ان بعد، باوجود مرمت جي به، محل ميرزا غازيءَ پنهنجي رهڻ جي قابل نه سمجهيا ۽ هن نين عمارتن جي تڪميل ڪئي. ليڪن افسوس آهي جو ميرزا انهن محلاتن ۾ گهڻو وقت گذاري ڪونه سگهيو، سندس سڄي زندگي شاهي درٻار ۾ ۽ قنڌار جي حڪومت هلائڻ ۾ گذري.
ميرزا باقيءَ پنهنجي دور ۾ نه فقط شهر ۾ خون خرابو ٿي ڪرايو، بلڪ قلعي اندر به متعدد دفعا قتل ڪرايا ويا. سندس ابتدائي عهد ۾، ارغونن ميرزا عيسيٰ وانگر هن کي به خزاني ورهائڻ لاءِ اچي تنگ ڪيو، جنهن تي هن هڪ ڏينهن، سڀني ارغونن کي خزاني ورهائي ڏيڻ ۽ کين دعوت کارائڻ جي بهاني سان اندر قلعي ۾ گهرايو. جڏهن سڀ ارغون اچي ديوان ۾ گڏ ٿيا تڏهن هن سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو، ۽ ان بعد شهر ۾ جيڪي ارغون رهجي ويا هئا، انهن جي قتل جو به حڪم ڏنائين. مرد، پوڙها ۽ ٻار ته ڪُٺا ويا بلڪ عورتن جي پيٽن ۾ جيڪي ٻار هئا، سي به پيٽ جيرائي ڪڍرايا ويا ۽ انهن کي به ٻه اڌ ڪيو ويو(2).
جڏهن ميرزا باقيءَ کي سندس پٽ ميرزا شاهه رخ جي موت جو پتو پيو، تڏهن هو ايتري قدر ديوانو ٿي ويو، جو قلعي اندر جيڪي عورتون هيون، انهن جا ٿڻ وڍائي ڇڏيائين ۽ سندن سٿڻن ۾ ٻليون وجهرايائين(3).
قلعي ۾ ڪيترا سامان ۽ آنّ رکڻ لاءِ گدام به هئا، ميرزا باقيءَ اهي سمورا گدام اَنّ سان ڀرائي ڇڏيا هئا. پراڻي آنّ مٿان نئون آن پيو پوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح آنّ سڙي ويندو هو، تڏهن به اتعمال نه ڪرائيندو هو(1).
ترخانن جو آخري حاڪم ميرزا غازي 1021هه ۾ فوت ٿيو، جنهن بعد مغلن جا نواب ٺٽي تي اچڻ لڳا. انهن نوابن جو قيام به انهيءَ قلعي حاڪم نشين ۾ هوندو هو. شاهجهان شاهزادگيءَ جي دؤر ۾ (رمضان 1035هه)(2) ٺٽي آيو. خيال هيس ته قلعي ۾ اندر اچي رهندو، ليڪن کيس ٺٽي جي شاهي حاڪم شريف الملڪ ٻاهران ئي ٻاهران، وڙهي موٽائي ڪڍيو. شاهزادو دارا شڪوه جڏهن ڀاءُ سان اختلاف ڪري، هندستان مان نڪري ٺٽي اچي پهتو، ان وقت ان جو ارادو به انهيءَ قلعي ۾ رهڻ جو هو، ليڪن علعو شايد ايتري قدر سادو ۽ ننڍو هو جو شاهزادي کي پسند نه آيو، ۽ قباد خان (3) (67_1070هه) کي، جيڪو ٺٽي جو ان وقت حاڪم هو، حڪم ڪيائين ته قلعو ۽ شهر ساڙائي ڇڏيو. پاڻ هڪ طرف کان آيو ٻئي طرف کان نڪتو هليو ويو. شهر جي گهاٽ وٽ حڪم جي تعميل خاطر چند ڀونگين کي باهه ڏني ويئي، جنهن بعد اهو گهاٽ، ”سوختـﮧ گهاٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو(4). انهن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعو ۽ ان جون محل ماڙيون گهڻيءَ حد تائين زبون ٿي ويون هيون، جنهنڪري شاهزادي کي ان ۾ رهڻ پسند نه آيو.
ٺٽي جي شهر وٽ جيڪو درياء جو گهاٽ هو، ان تان لهي جيڪڏهن قلعي طرف اچڻو پوندو هو ته واٽ تي گاءُ ڪش قاصائن جي بازار مان لنگهڻو پوندو هو. چنانچه جڏهن 1099هه ۾ نواب مريد خان ٺٽي جو حاڪم ٿي اچي گهاٽ وٽ پهتو، تڏهن هن شهر جي قاضيءَ محمد حسين ڏانهن نياپو موڪليو ته قاصائن کي بازار مان دڪان کڻائي ڇڏيو. ساڻس راجپوتن ۽ هندن جو لشڪر ساڻ هو، ممڪن آهي ته لنگهندي ڪو خراب واقعو نه ٿي پوي. قاضي صاحب بجاءِ هن جي جو قاصائن جا دڪان کڻائي ڇڏي، اٽلو دڪانن کي ڳائي گوشت سان ڀرائي ڇڏيائين. آخر مجبور ٿي مريد خان، جيڪو پاڻ به نومسلم هو، پنهنجي لشڪر سميت اتان ئي لنگهي اچي قلعي ۾ پهتو. مير قانع جو چوڻ آهي ته قاضي صاحب جي انهيءَ دليريءَ جو سبب اهو هو، جو ان وقت حڪومت عالمگير بادشاهه جي هئي، جيڪو ”دين پرور“ هو(1).
ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ڀانئجي ٿو ته قلعو ۽ ان جون جايون مرمت نه ٿيڻ سبب زبون ٿي ويون هيون. شايد ڪيتري زماني کان مرمت ڪانه ٿي هئي، ۽ اهو ئي سبب هو جو دارا شڪوه به ان ۾ رهڻ پسند نه ڪيو. جڏهن نواب حفظ الله خان (1103_1112هه) ٺٽي ۾ آيو، تڏهن ان، ضرورت کي محسوس ڪري، قلعي ۽ جاين جي مرمت ۾ هٿ وڌو. شايد بادشاهه کيس شهر پناه ٺهرائڻ جو به حڪم ڪيو هو، ليڪن هن پهريائين قلعه حاڪم نشين جي مرمت ڪرائي. مرمت اڃا شروع ٿي هئي، جو سوابح نگار بادشاهه کي رپورٽ ڪئي ته سرڪاري پئسا پنهنجي رهائش واري قلعي ۽ جاين تي صرف ڪيا وڃن ٿا، حالانڪ سرڪاري حڪم هو ته شهر پناهه تيار ڪرائي وڃي؛ جنهن تي نواب کي سرڪاري خزاني مان خرچ جي مجرائي ڪانه ملي، جنهنڪري جو ڪم جتي هو، اتي ئي ڇڏيو ويو. مير قانع لکي ٿو ته ”ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين باقي آهي، نواب حفظ الله خان جو ٺهرايل آهي؛ ان جي اڻپوري رهڻ جو سبب اهو آهي جو کيس مرمت جا پئسا مجرا ڪونه ٿيا ۽ ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو، تنهنڪري مرزا باقيءَ وارو (يعني ترخانن وارو) حصو قائم رهندو آيو،(1). مقالات ۾ مير جا لفظ هي آهن: ”تنمـﮧء ديوارها بگل چيده، از بناي قديم ماند“(2). ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته قلعي جون ديواريون مٽيءَ سان لتل هيون، ۽ قلعو ڪچو هو، ڇاڪاڻ ته جي پڪ سرو هجي ها ته مٿانئس مٽيءَ جي لنب جي ضرورت ته هئي.
ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت جو ڪم حفط الله خان 1109هه ۾ شروع ڪيو ۽ مرمت سان گڏ هن قلعي جي دروازي وٽ هڪ مسجد به ٺهرائي، جنهن جو ذڪر اسان مسجدن واري عنوان ۾ ڪيو آهي، انهيءَ مسجد جي تعمير جو اهو ئي (1109هه) سال آهي(3).
قلعي کي متعدد دروازا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان جي اوڀارين دروازي جو ذڪر مير قالغ ڪيو آهي. مير احمد يار خان يڪتا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”پل عاليجان محاذي دروازه مشرق قلعي ارک از آثار اوست“(4)اهو واهه قلعي جي اوڀر کان وهندو هو ۽ ان تي اها پل گذر گاهه لاءِ احمد يار خان پنهنجي زماني (1116_1119هه) ۾ ٺهرائي.
عالمگير جي وفات بعد دهليءَ جي تخت تي ڪئين شهزادا تخت نشين ٿيا، لٿا ۽ قتل ٿيا. ملڪ جو انتظام درهم برهم ٿي ويو. ٺٽو چونڪه دور دراز مقام تي هو، تنهنڪري هتي ته خاص طرح حالتون خراب ٿي ويون. نواب عطر خان، فرخ سير جي دؤر ۾ ٺٽي تي حاڪم ٿي آيو. اهو حڪمران ئي هو ته وري پنهنجي اثر رسوخ سبب ٺٽي جي رضوي سيد، مير محمد شفيع لطف علي خان ٺٽي جي حڪومت لاءِ حڪم نامو حاصل ڪيو. هُو جڏهن ٺٽي پهتو، تڏهن عطر خان انهيءَ حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو. قلعو ايترو ته ان دؤر ۾ به مضبوط هو، جو پورا ٻارهن مهينا مير محمد شفيع مقابلو ڪيو ۽ محاصرو ڪيو، ليڪن قلعو فتح ڪري نه سگهيو. آخر 1126هه ۾ اوچتو عطر خان لڙائيءَ هلندي قتل ٿي ويو، جنهن بعد قلعي تي مير محمد شفيع قبضو ڪيو(1).
1138هه کان پوءِ ڀانئجي ٿو ته قلعي جي مرمت لاءِ دهليءَ کان حڪم آيو، ۽ انهيءَ ڪم جو مهتمم حڪومت طرفان سيد سعدالله بن سيد محمد شجاع بخاريءَ کي ڪيو ويو. مرمت جو ڪم ڪهڙو ٿيو، ڪيتري قدر ٿيو، ان جو تفصيل موجود ڪونه آهي. مير قانع تحفـﺔالڪرام ۾ سيد محمد شجاع المتوفي 1138 جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته_ ”سندس فرزند سيد سعدالله مٿين خذمتن (جامع فرخ ۽ عيد گاهه جي امامت) کان سواءِ، واهن ۽ کوهن کوٽائڻ ۽ ٺٽي جي قلعي اڏائڻ (مرمت) جي نگرانيءَ ۽ داروغپ ۽ بادشاهه پاران بيت المال جي داروغپ جي عهدن تي رهي، زماني ۾ ممتاز رهي ويو“(2).
ٺٽي ۾ ٽي مذهبي عهدا هئا: هڪ شيخ الاسلام جو عهدو، جنهن تي پوراني سادات فائز رهندا آيا؛ ٻيو قاضي القضات جو، جنهن تي سيد شڪرالله کان پوءِ قاضي محمد اوچي ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد مقرر ٿيندو رهيو؛ ٽيون قاضي قلعـﮧء حاڪم نشين جو عهدو. قلعي جي قاضيءَ جو شايد ٻاهرين معاملات سان واسطو ڪونه هوندو هو، فقط قلعي جي معاملات تائين سندس مذهبي فيصلا محدود هئا. اهو عهدو به هڪ خاندان جي حوالي رهندو آيو، ۽ انهيءَ خاندان جي ڪن فردن جو ذڪر ڪندي مير قانع لکيو آهي ته ”از قبيلـﮧ“ ”قاضات زاده قلعـﮧ“ وغيره. قانع جي دؤر ۾ انهيءَ خاندان مان محمد اشرف نالي هڪ باذوق ۽ سخن فهم بزرگ هوندو هو، جنهن جي زبانيءَ ۾ مير قانع مقالات ۾ چند روايتون نقل ڪيون آهن(1). مير قانع انهيءَ خاندان جي هڪ ٻئي فرد جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو نالو عبدالقادر هو، ۽ ان جيڪا نادر جي مرڻ جي تاريخ چئي سا نهايت موزون و مناسب آهي. تاريخ آهي ته:
فتنـﮧء نادر چو برون شد ز ميان
راحت آمد بهمـﮧ عالميان
خوش خبر هاتف فرمود ز غيب
”محو شد آفت نادر ز جهان“ 1160هه(2).
قلعي جي متعلق انگريزي سياح ڪپتان هملٽن جي هڪ روايت آهي. ڪپتان موصوف 1699ع/1111هه ۾ ٺٽي آيو ۽ اهو قلعو اچي ڏٺائين. سندس قول آهي ته قلعي ۾ هڪ وقت پنج هزار ماڻهو رهي سگهن ٿا.
قلعه حاڪم نشين ڪٿي هو، ان لاءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪو اطلاع ڪونه آهي ته تحفـﺔالطاهرين جي مـؤلف ان جو ذڪر محلـﮧ ڀائي خان ۾ ۾ ڪيو آهي(3). اسان کي ٺٽي جي هڪ عمر رسيده بزرگ ٻڌايو ته مسجد شاهجهانيءَ جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ ۾ جيڪو وڏو ميدان پيو آهي، اتي قلعه حاڪم نشين هو. اها سموري اراضي محلـﮧ ڀائي خان ۾ هئي. مسجد شاهجهاني ۽ مسجد اميرخاني، هي ٻئي ڀائي خان جي محلي ۾ هيون. اها روايت قرين قياس به آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي شاندار مسجد ضرور انهيءَ ايراضيءَ ۾ ٺهي هوندي، جتي قلعو ۽ سرڪاري عمارتون يا اميرن جا رهائشي مڪان هوندا. مٽيءَ جا جيڪي ڍير پيا آهن سي پڻ ڏيکارين ٿا ته اتي ڪي وڏيون ديواريون ڊهي ڪِريون آهن.
قلعي جي چوڌاري ڪيترن بزرگن جون درگاهون هونديون هيون، جن جو ذڪر محلـﮧ ڀائي خان جي تحت، تحفـﺔ الطاهرين ۾ آيو آهي. مثلاً:
شيخ موسيٰ لانگاه عيسيٰ ترخان جي دؤر جو بزرگ آهي، سندس مزار محلي ڀائي خان ۾، قلعي ارڪ سان متصل هئي(1). ٺٽي جو ٻيو هڪ بزرگ پير ڇتو پڻ قلعي جي ڀڪ ۾ دفن ٿيو (2)، ساڻس گڏ پير لال جي قبر هئي(3). ميان درگاهي شاهه جيڪو نواب سعيد خان (1119هه) جي دؤر جو بزرگ هو، جڏهن فوت ٿيو، تڏهن قلعي جي قريب سپرد خاڪ ڪيو ويو. انهن سڀني بزرگن جون درگاهون 1190هه تائين سلامت هيون.
قلعي جي ديوار سان لڳولڳ ميان گلاب شاهه جو تڪيو هوندو هو. غريب غربو، فقير خواهه مسافر ايندي ويندي اتي اچي ساهه پٽيندو هو ۽ ڪنهن وقت ته ڪجهه ڏينهن تائين به انهيءَ تڪيي ۾ رهي پوندا هئا. محمد ضياء مشهدي عالمگير جي دؤر ۾ ٺٽي آيو، شاعر هو ليڪن فقيرمنش. انهيءَ تڪيي ۾ اچي ڪيترو وقت رهيو. مير قانع لکي ٿو ته نه فقط جوان هو بلڪ خوبصورت پڻ هو. سندس شعر جو نمونو هي آهي:
آه سردي کز دلِ محزون بر آيد صبحگاه،
از براي ديو نفسِ سر کش ست تيرِ شهاب (4).
(2) محلا
شوارين جو محلو: ٺٽي جو هڪ محلو هو. قانع لکي ٿو ته سيد نور شاهه، جيڪو پيران پير جي اولاد مان بزرگ هو، ان جون جايون انهيءَ محلي ۾ آهن. گويا اهو محلو 1181هه تائين ۽ ان کان پوءِ به موجود هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سيد نور شاهه جي اولاد مان پني لڌو شاه هو، جيڪو ڪڇيءَ ۾ به رهندو هو ۽ انهن جاين جو به وارث هو(1).
مير احمد بيگ جو محلو: مير احمد بيگ مزنگ، ميرزا جانيءَ جو خاص امير هو. ميرزا غازيءَ کيس ”سلطان“ جو لقب ڏنو هو، ۽ جڏهن کيس قنڌار جي صاحبي ملي ان وقت اڳ ۾ احمد بيگ کي ”اعتماد خان“ جو خطاب ڏيئي موڪليو هئائين. سندس پُٽ منعم بيگ ۽ پوٽو مير شرفو ٺٽي جي اهم ماڻهن مان هئا. پير پٺي جي ڏاڪڻ انهيءَ مير شرفوءَ جوڙائي هئي. مير منون ۽ مير ڇتن، مير شرفوءَ جو اولاد هئا، جيڪي پوئين زماني جي برک ماڻهن مان ٿيا.
ٺٽي جو اهو محلو مير احمد بيگ جي ئي نالي تي منسوب ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير موصوف ۽ سندس اولاد جون جايون انهيءَ محلي ۾ هيون. مير قانع لکيو آهي ته اهو محلو اتي هو، جتي هاڻي (1181هه) امير خاني رهن ٿا(2). جامع شاهجهانيءَ جي اوڀارينءَ ديوار سان لڳولڳ اڄ به اميرخاني سادات رهن ٿا، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي اهو محلو سندن رهائش گاهه آهي، جڏهن کان مير ابوالبقا امير خان ٺٽي جي نوابيءَ (1039_1041هه) بعد ٺٽي ۾ مستقل رهائش شروع ڪئي ۽ اهو محلو ڦري ”محلو اميرخاني“ مشهور ٿيو. مير قانع اهو پڻ اشارو ڏنو آهي ته مير احمد بيگ جي اولاد مان پوءِ ڪو ڪونه رهيو. ممڪن آهي ته احمدبيگ جي اولاد ختم ٿيڻ بعد امير خانن انهن جا ئي گهر وسايا هجن.
محلـﮧ غلـﮧ بازار: آنّ بازار اها ئي هئي، جنهن ۾ شاه مسڪين جو مقبرو آهي. انهيءَ بازار جي چوڌاري واري ايراضيءَ کي محلهء غلـﮧ بازار سڏبو هو، جتي مسڪين شاهه دفن آهي، اهو ئي سندس گهر هو(1).
غلـﮧ بازار جي پويان الهندي طرف انهيءَ محلـﮧ ۾ هڪ مسجد هئي، جنهن ۾ ميان ٺاري پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هو. اهو بزوگ تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت موجود هو (568)
سيد محمد ٺٽي جو هڪ ولي هو، قاضين جو سڄو محلو سندس مريد هو، سندس درگاه اناج بازار جي اوڀر ۾ قانع جي وقت ۾ موجود ۽ عام و خاص ماڻهن جو زيارت گاهه هو (تحفـﺔ 604) (تحفـﺔ الطاهرين 101).
سيد محمد مڪائي، جنهن جي هڪ مزار حيدرآباد ۾ ٽڪريءَ تي آهي، ان جي ٻي مزار غلـﮧ بازار ۾ هئي، ۽ قانع جي زماني تائين موجود هئي (604).
ٻيا به ڪيترا بزوگ انهيءَ محلي ۾ آرامي آهن، جن جو ذڪر تحفـﺔ الطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي. مثلاً:
شيخ فريد، جيڪو باطني ڪمالات کان سواءِ ظاهري علومن ۾ به يگانو هو، ۽ 963هه ۾ فرنگين هٿان شهيد ٿيو، سو به انهيءَ محلي ۾ پوريل هو(1).
حاجي محمد يعقوب، ٺٽي جو هڪ عارف ڪامل، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل هو. انهيءَ بزرگ جو قول هو ته ”سڀني اذڪارن لاءِ دل جو حضور شرط آهي، ۽ ان کان سواءِ جيڪو پڙهندو ته قبول نه ٿيندا، ليڪن صلواة شريف بي حضور دل سان به قبول پوندي“. چنانچه پاڻ به صلواة شريف تي ايترو عامل هو جو ڪنهن به بيماريءَ تي هڪ دفعو صلواة پڙهندو هو، ته مريض کي شفا نصيب ٿيندي هئي (1) .
ٻيو بزرگ سيد محمود نالي هو، جنهن جي پڻ مزار انهيءَ محلي ۾ هئي. انهيءَ بزرگ جي سلسلي ۾ تحفـﺔالطاهرين جي مؤلف هڪ واقعو لکيو آهي. لکي ٿو ته مخدوم محمد حافظ اُڌيجن جي ويٺل جو قول آهي ته جڏهن هو ٺٽي ۾ تعليم وٺڻ آيو، ان وقت هڪ مهه جبين ۽ ماه رو تي عاشق ٿي پيو. عشق جو مٿس اهڙو غلبو ٿيو جو حاشيـﮧ شميسـﮧ اٿلائيندو هو ته انهيءَ معشوق جو چهرو نظر ايندو هيس ۽ جي تفسير بيضاوي کوليندو هو ته ان ۾ اکرن جي بجاءِ محبوب جا خد و خال ڏسندو هو. جڏهن حالت سخت ناگفتـﮧ ٿيس تڏهن مٿئين بزرگ جي مزار تي ويو ۽ دعا گهريائين، انهيءَ کان پوءِ فوراً مٿانئس انهيءَ عشق جو غلبو لهي ويو(2).
انهيءَ محلي ۾، ”خشتي حويلي“ مشهور هوندي هئي. انهيءَ جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪامل ولي سيد ابراهيم شهيد مدفون هو(3). انهيءَ ئي محلي جي ڇيڙي تي ميربحرن جي ڍنڍ هوندي هئي، جنهن جي ڪناري تي سيد ابراهيم مجذوب ۽ سيد عبدالله جون قبرون زيارت گاهه هيون(4). شيخ حسن، جيڪو مخدم اسحاق اربعائيءَ جو دوست هو، ۽ سندس مريد سيد ابراهيم جون قبرون هڪٻئي سان گڏ انهيءَ محلي ۾ ڪنهن طرف هيون. پويون بزرگ جفر ۽ نجوم جو به ماهر هو، ليڪن جڏهن شيخ حسن جي نظر فيض اثر مٿس پيئي تڏهن سڀيئي ڳاليهون وسري ويس(5).
پير بودهن جي مزار ڪرامت آثار به انهيءَ محلي ۾ هوندي هئي. انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي هئي جو جيڪو ٻُچي سندس قبر تي وڃي کاڏي گسائيندو هو، ان کي يڪدم چاپئين ڏاڙهي ڄمي پوندي هئي. چنانچه شيخ محمد اعظم مولف تحفـﮧالطاهرين جي هڪ دوست سان به اهڙو پسڻ ٿيو(1).
بهرحال اهو محلو خداوارن جو آرامگاهه هو. محلو ۽ ان ۾ مٿي مذڪور ٿيل سڀ زيارتون تحفـﺔالطاهرين جي تاليف 1190هه تائين موجود هيون، ملا محمد عليءَ جو محلو: ملا محمد علي ميرزا جاني بيگ ترخان جو امير هو، اهو محلو سندس نالي سان مشهور هو، ڇاڪاڻ ته سندس جايون انهيءَ محلي ۾ هيون، ۽ پوءِ سندس اولاد به اتي ئي رهندي هئي. سندس پٽ محمد قاسم شاهجهاني وزير جعفر خان جو منشي هو. ان جو هڪ پٽ محمد مقيم پيءُ کان پوءِ پيءُ واريءَ جاءِ تي مقرر ٿيو، ۽ ٻيو پٽ محمد عارف شهزادي ڪام بخش جي سرڪار ۾ منشيءَ هو. قانع لکي ٿو ته انهن ملازمتن سبب ملا محمد عليءَ جو سمورو اولاد لڏي وڃي دهليءَ رهيو، ٺٽي ۾ فقط انهن جا ڏهٽاڻ وڃي رهيا، جيڪي مير قانع جي دؤر تائين انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا(2).
ڀائي خان جو محلو: ملا گدا علي ”ڀائي خان“(3). ميرزا جاني ترخان جو امير هو. اهو محلو سندس نالي پٺيان مشهور ٿيو(4). اهو محلو جامع شاهجهانيءَ جي اتر ۾، اميرخاني محلي سان، جيڪو مير احمد بيگ جي محلي واري هنڌ تي آباد ٿيو، ملحق هو. مسجد اميرخاني،جيڪا شاهجهاني مسجد جي اترينءَ ۽ اولاهينءَ ڪنڊ تي ٿورو اڳڀرو آهي، سا ان وقت محلي ڀائي خان ۾ هئي. ”چوڪ ملڪ مان“ ۽ ”چوڪ عبدالغني“ انهيءَ مسجد جي ٻن طرفن مان هئا (1)، گويا اهي به محلي ڀائي خان ۾ هئا. اهو محلو شاهه منبي جي مزار جي الهندي طرف کان هو. انگريزن جي ڪوٺي به انهيءَ محلي ۾ انهيءَ جاءِ تي هئي جتي ان کان اڳ مرزا حسين جي جاءِ هوندي هئي. مرزا حسين جي جاءِ پوءِ ٿي، ان کان اڳ انهيءَ هنڌ سيد محمد باقر ۽ سيد محمد طاهر استرآبادي رهندا هئا.
استرآبادي سيد پوءِ باغائي سيد ڪوٺجڻ لڳا، ۽ اڄ تائين انهيءَ لقب سان مشهور آهن. مير طاهر نسياني مولف ”تاريخ طاهري“ انهن سيدن مان هو.
انهيءَ محلي ۾ هيٺيان بزرگ مدفون هئا، جن جو ذڪر قانع ۽ شيخ محمد اعظم ڪيو آهي.
شيخ موسيٰ لانگاهه قلعـﮧ ارڪ (يعني قلعـﮧ حاڪم نشين) جي ديوار سان لڳو لڳ دفن هو(2). پير شاهي، جيڪو 963هه ۾ عيسائن جي محلي ۾ شهيد ٿيو، سو پڻ انهيءَ محلي ۾ ”ملڪ مان چوڪ“ جي قريب پنهنجي گهر ۾ دفن ٿيو(3).
شيخ اعظم جي مٿئين قول مان ظاهر ٿيو ته قلعـﮧ ارڪ پڻ محلي ڀائي خان ۾ هوندو هو ۽ ”چوڪ ملڪ مان“ به انهيءَ محلي ۾ هو. قلعـﮧ ارڪ جي سلسلي ۾ ٺٽي جي هڪ بزرگ مون کي ٻڌايو ته قلعو، جامع مسجد جي ڏاکڻي داخلي دروازي جي سامهون جيڪو ميدان پيو آهي ان ۾ هوندو هو قرين قياس به اهوئي آهي. ترخانن جڏهن قلعو تعمير ڪيو ته ان جي چوڌاري هنن پنهنجي اميرن کي ويهاريو ۽ قلعي جي چوڌاري وارا محلا انهي ئي اميرن جي نالي پٺيان مشهور ٿيا، جيئن ته محلي ڀائي خان جو پتو به قلعي جي قريب پوي ٿو. مير احمد بيگ جو محلو به محلي ڀائي خان سان متصل هو، جنهن ۾ پوءِ اميرخاني آباد ٿيا، ۽ اڄ تائين اهو محلو انهيءَ ئي جاءِ تي آباد آهي. اهو محلو به قلعي سان گڏ هو. مغلن پنهنجي دؤر ۾ جامع شاه جهاني به قلعي ارڪ جي سامهون ٺهرائي.
سيد لطيف شاهه جي مزار انهيءَ قلعي ۾ هئي. انهي بزرگ لاءِ شيخ اعظم لکيو آهي ته شاهه ڦاڦڙو شهر جي وڏن واپارين مان هو. کيس نهايت ئي خوبصورت پُٽ هو_ ”بغايت خوبروئي کـة آفتاب از پرتو عذارش خيره، و ماهتاب از رشک جمالش تيره“_ سيد صاحب جو ان مـﮧ جبين ۽ پري روءِ سان عشق مجازي ٿي ويو. آخر جڏهن خواري ٿي، تڏهن لکو شاهه سير جي بهاني سيد کي ٻيڙيءَ ۾ وٺي ويو ۽ وچ درياهه ۾ پهچي ڳچيءَ سان پٿر ٻڌي، درياهه ۾ اُڇليائينس. بزرگ ٻڏو ڪونه بلڪ پٿر ڪپهه جهڙو هلڪڙو ٿي درياهه ۾ ترڻ لڳو ۽ بزرگ به ٻيڙيءَ سان گڏ هلڻ لڳو. اها ڪرامت ڏسي لکو شاهه حيران ٿي ويو، ۽ آخر سيد کي موٽائي شهر ۾ وٺي آيو ۽ پُٽ کي شافي بنائي بزرگ کان پنهنجي قصور جي معافي ورتائين(1).
پير ڇُٽي جي مزار مير متين الدين خان حسين (المتوفي 1177هه)(2) امير خانيءَ جي حويليءَ سان گڏ هئي(3). ان مان پڻ اهو ظاهر ٿيو ته ڀائي خان جو محلو تمام وڏو هو_ شاهه منبي جي مزار جي اولهه کان شروع ٿي جلمع شاهه جمانيءَ جي اترينءَ ديوار کان ٿيندو امير خاني محلي جي اتر سان وڃي ٿي لڳو. پير صلاح الدين هڪ هندي بزرگ جيڪو ڄام فيروز (914_930هه) جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو، انهيءَ محلي ۾ مدفون ٿيو(1). پير ڇتو جو ڪامل ولي پڻ انهيءَ محلي ۾ ڪنهن هنڌ دفن ٿيل هو(2).
شيخ اعظم، شهر جي پس گردائي (سواد بلده) جي بزرگن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ميان زاهد شاهه جي مزار محلي ڀائي خان جي اوڀر ۾ اتي آهي، جتي سندس تڪيو هوندو هو ان مان معلوم ٿئي ٿو ته محلي ڀائي خان جو ڇيڙو شهر جي ٻاهر تائين ٿيو ٿي.
مير فرخ ارغون جي ٺهرايل ”جامع فرخ“ به انهيءَ محلي ۾ هئي. مسجد سان متصل جيڪو 963هه ۾ شهيدن جو گنج ٺهيو، ان جو ذڪر شيخ اعظم انهيءَ محلي هيٺ ڪيو آهي. مير فرخ ارغون شاهه حسن ارغون جو عزيز هو. هن اها مسجد دستور موجب پنهنجي رهڻ واري حويليءَ جي قريب ٺهرائي هوندي. گويا ارغون خواهه ترخان حڪمرانن جي رهڻ جو هنڌ (قلعـﮧ ارڪ) انهيءَ ئي ايراضيءَ ۾ هو، ۽ اتي ئي آسپاس سندن امير ۽ عزيز رهندا هئا. اهو محلو ۽ مٿي بيان ڪيل زيارتون 1190هه تائين موجود هيون.
اهو محلو غالباً ٺٽي جي مشهور خواجه شڪر جي نالي پٺيان آباد ٿيو، جنهن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽي برهان پوريءَ سان گڏ ساموئيءَ ۾ آيا. تحفـﮧالڪرام ۾ آهي ته_ چون ٿا ته آڪر (محلي) جي رهاڪو انصارن جو هڪ ٻيو قبيلو، ڏاڍيءَ طاقت وارو ۽ دولتمند هو ۽ اهو قبيلو وڏو هو. مشهور خواجه شڪر جي اولاد، جن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏ برهانپور کان آيا هئا، سي به دراصل انهن جا گماشتا هئا (تڪ 484)، جن انصارين جي زوال بعد دولت ۽ امارت ۾ زور ورتو. جڏهن اهي به زوال هيٺ آيا، تڏهن وري، بقول قانع ٺٽي جي، ڪشمشي واپارين پئسي ۽ واپار ۾ ڪنڌ کنيو.
محله خواجه شڪر: ان محلي جو ذڪر تحفـﺔالطاهرين جي مؤلف ڪيو آهي. اهو محلو ڀانئجي ٿو ته شهر جي بلڪل ٻاهرين پاسي ۾ هو، ۽ خود اهو محلو، بقول مير قانع، شهر جي اولهه ۾ هو ۽ نهايت مشهور هو(1). محمد اعظم شهر جي آسپاس (سواد بلده) وارن بزرگن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته پير ڇَتي جي درگاهه خواجه شڪر جي محلي جي اولهه ۾ قاصائن جي پاڙي ۾ آهي(2)؛ گويا محلي جي اولهه کان قاصائن جو پاڙو هوندو هو.
سيد حاجي مؤذن، جيڪو حال ۽ قال جو بزرگ هو، سو انهيءَ محلي ۾ مدفون ٿيو. هڪ ماڻهوءَ جي اکين جي ديد اهڙي جهڪي ٿي ويئي جو ڏسڻ وائسڻ کان بيهجي ويو. هن بزرگ وٽ ويو، چيائينس ته سرائي سرمي مان ڀري سڄيءَ اک م ڦيرائي چئو ”لالـﮧ الاالله نورالعينين“، کٻيءَ اک ۾ گهمائي چئو ”محمد رسول الله سيدالڪونين“. هن ائين ڪيو، نور اوجر ٿي پيس، اهڙيءَ طرح جو اونداهيءَ ۾ به بنان روشنيءَ جي شيءَ نظر ايندي هيس(3).
سيد اسماعيل به ٺٽي جو وڏو ڪامل بزرگ هو، جيڪو پڻ انهيءَ محلي ۾ آرامي هو(4). 1190هه تائين اُهي مزارون ۽ اُهو محلو موجود هئا.
محله مرزائي بازار: انهيءَ نالي جو محلو ۽ بازار ٻيئي ارغون ۽ ترخان دؤر جا هئا. مرزا باقيءَ جي پهرئين سال ارغونن ساڻس بغاوت ۽ سرڪشي ڪئي. شهر جي جنهن حصي ۾ ارغونن جي بود و باش هئي، اهو مرزائي بازار کان ڏکڻ ۾ هو. ترخان نامـﮧ جو مؤلف لکي ٿو ته ارغونن مرزا باقيءَ جو ڪوبه ماڻهو محلي مرزائي بازار، اگر محلي ۽ مغلواڙي ۾ ڪونه ٿي ڇڏيو. هڪ ڏينهن مرزا باقيءَ ڏانهن هنن نياپو موڪليو ته مرزائي بازار کان اتر طرف جيڪو شهر آهي سو تنهنجي حصي ۾ آهي، ۽ بازار جي ڏکڻ حصي وارو پاسو اسان جي قبضي ۽ ملڪ ۾ آهي(1). آخر انهيءَ سرڪشيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هڪ ڏينهن سڀني ارعونن جي دعوت ڪري کين قلعي ۾ گهرائي، مرزا باقيءَ سنڌي سپاهين هٿان کين قتل ڪرائي ڇڏيو. قريب هزار ارغون ان ڏينهن قتل ٿيا ۽ جيڪي بچيا انهن ڀڄي وڃي سکر ۾ سلطان محمود وٽ پناهه ورتي.
مٿئين مذڪور مان اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته سرڪاري عمارتون، قلعـﮧ حاڪم نشين وغيره، شهر جي اُترئين حصي ۾ هيون.
محله اگر: آگريو يا اگر محلو، چيو وڃي ٿو ته اگريه قوم جي نسبت ڪري مشهور ٿيو. انهيءَ قوم جي ماڻهن جا انهيءَ محلي ۾ ڪثرت سان گهر هئا. اها قوم لوهارڪو ڌنڌو ڪندي هئي، ۽ جڏهن سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق مشهدي، ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ 901هه ۾ مشهد کان لڏي ساموئيءَ ۾ آيا، تڏهن اها قوم، سيد يعقوب جي مريد ٿي. قانع لکي ٿو ته آگره قوم جو اولاد اڄ تائين (1181هه) انهيءَ سيد(2) جو مريد آهي.
اصل سنڌيءَ ۾ لفظ ”آڳڙيا“ آهي، جيئن ”شاهه لطيف“ پنهنجي بيتن ۾ ان کي آندو آهي. مثلاً:
اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سرائي
پاڻي پياري، تيغون ڪندا تکيون
¬¬¬¬___
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ
لاهيندا مورياڻ، رُڪُ ڪريندا پڌرو
___
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن
مترڪن منـﮧ ڪڍيا، سانداڻيون سَهڪَن
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي_ (يمن ڪلياڻ)
مٿين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي لوهار ڦيري به ڪندا هئا، ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن جا ڪٽ کاڌل اوزار صفا ڪندا هئا، ۽ مُڏن اوزارن کي سِر اڻن تي چاڙهي تکو ڪندا هئا. ترارن کي پاڻي ڏيڻ، صاف ڪرڻ ۽ تکي ڪرڻ ۾ به ڀَڙُ هوندا هئا، ڦيريءَ کان علاوه مستقل دڪان به هوندا هئن، جن ۾ لوهه ۽ رڪ جا اوزار هر نموني ۽ هر قسم جا ٺهندا هئا.
مٿئين مذڪور مان ظاهر آهي ته اهو محلو 901هه کان گهڻو اڳ آباد هو.
انهيءَ محلي ۾ انصارن جو به هڪ قبيلو رهندو هو، جيڪو طاقت ۽ دولت ۾ ناميارو هو. خواجه شڪر جي اولاد، انهن جا گماشتا هئا. اهي انصار آخر زوال ۾ آيا، ۽ انهن کان پوءِ سندن گماشتن (خواجن) زور ورتو ۽ اهي ٺٽي جي الهندي واري مشهور محلي خواجه شڪر، ۾ رهندا هئا(1).
اهو محلو ڪيترن ناميارن بزرگن جو مسڪن هو، جيئن ته مخدوم فيض الله، جيڪو پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ صاحب ڪمال بزرگ هو، انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ درس ڏيندو هو. ٺٽي جو مشهور ولي سيد علي ثاني سندس شاگرد هو. ان جو فرزند سيد جلال ثاني، جيڪو مير صالح ترخان جو نياڻو ۽ ترخان نامـﮧ جي مصنف سيد مير محمد جو والد هو، سو به انهيءَ ڪامل استاد جو شاگرد هو. سيد جو اولاد انهيءَ بزرگ جي اولاد جو گهڻو ادب ڪندو هو، ۽ تبرڪاً پهرين ڦرهي کانئن لکرائيندا هئا. قانع لکي ٿو ته سيد عليءَ جو پوٽو سيد علي اصغر انهيءَ محلي ڏي پير به ڊگها ڪري نه سمهندو هو(1).
ٺٽي جو هڪ ٻيو وڏو عالم ۽ سالڪ مخدوم محمود به انهيءَ محلي ۾ رهندو هو، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد به اتي گذاريو(2). خصرت مخدوم نوح هالائيءَ جو مريد ۽ الله وارو بزرگ، ميان مٺو، گذاريندو ته گهڻو جامع فرخ ۾ هو، ليڪن سندس رهڻ جو حجرو آگر ۾ هو(3). مير قانع جو قول آهي ته سيد علي ثانيءَ جي ميلي کان واندا ٿي، فقير انهيءَ حجري وٽ اچي گڏ ٿيندا آهن. مخدوم نوح عليـﮧ رحمت جي ٻئي مريد سلطان قمر جو حجرو به انهيءَ محلي ۾ هو، جتي پڻ سيد عليءَ جي ميلي کان موٽي، فقير اچي گڏ ٿيندا هئا(4). اهي ٻيئي حجرا مير قانع جي زماني (1181هه) تائين انهيءَ محلي ۾ موجود هئا.
ٺٽي جي ڪيترن الله وارن جا آخري آرام گاهه انهيءَ محلي ۾ هئا، جن جو ذڪر شيخ محمد اعظم ڪيو آهي، مثلاً:
سيد محمد قادري، جيڪو نواب حفظ الله خان جي زماني ۾ (1103_ 1112هه) حيات هو، سو انهيءَ محلي ۾ آرامي آهي. ساڻس گڏ سندس ڀاءُ سيد شاهنواز جي مزار آهي(1). هڪ ٻيو ڪامل پير بدر به انهيءَ محلي ۾ ستل آهي، جنهن لاءِ شيخ اعظم لکيو آهي ته هڪ ڏينهن ڪٿان ويو ٿي، واٽ تي هڪ ماڻهو پيٽ جي سور ۾ تڙپي رهيو هو، ان کي چيائين ته مٽي کڻي پيٽ کي مَل؛ هن ائين ڪيو، ۽ فوراً پيٽ جو سور دفعي ٿي ويس(2). حاجي مؤذن جي مزار به آگر ۾ هئي. اهي سڀ مزارون 1190هه تائين موجود هيون. شيخ اعظم، حاجي مؤذن عليـﮧ رحمت جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته_ اکيون نيز طوائف انام براي انجاح مدام خود بمرقد وي سائل شوند، و بکام دل باز روند_ نورالله مرقده“(3).
963هه ۾ انهيءَ محلي تي به گوا جي عيسائن حملو ڪيو هو، ۽ تقريباً ٻه سؤ ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾، بقول شيخ اعظم_ ”درميان شان بسيار اهل پرهيز و تقويٰ و صاحب صدق و صفا بودند_“ انهن کي هڪ هنڌ دفن ڪري، گنج شهيدان ٺاهيو ويو، جيڪو ٻارهن صديءَ جي اختتام تائين زيارت گاهه هو(4).
سُرَهِيَن جو محلو: ٺٽي جا سُرَهيا، جيڪي ريشم ۽ ڀرت خواهه زراندوزيءَ جو ڪم ڪندا هئا، سي سڀ انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا. اها قوم پنهنجي تجارت سبب نهايت شاهوڪار، خوشخور ۽ خوش پوشاڪ هئي. ڪي ٿورا منجهن غريب هئا، ورنه گهڻو ڪري سڀئي آسودا هئا. آچارن ۽ چٽڻين ٺاهڻ ۾ اها قوم برک هئي، چنانچه اڄ تائين به شڪارپور خواهه لاڙڪاڻي جا سُرهيا تمام سٺو آچار ٺاهين ٿا.
سيد محمود، ٺٽي جو ڪامل بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ دفن به اتي ئي ٿيو(1).
محلـﮧ نورسيه: ابتدا ۾ اهو محلو ”خواجن جو محلو“ ڪري سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ خواجا قوم ڪثرت سان رهندي هئي. غالبهاً اهي اُهي خواجا هئا، جن کي بقول قانع رسول آباد جي درس لَلي نالي هڪ بزرگ، غوث الٽقلين جي اشاري تي اچي مسلمان ڪيو هو ۽ اهو بزرگ پاڻ به انهيءَ ئي محلي ۾ قيام پذير ٿيو(2).
ٺٽي جي مشهور خوش نويس سيد عليءَ جو پوٽو، سيد احمد، انهيءَ محلي ۾ رهندو هو(3). سيد مير محمد جيڪو مٽياري سيدن مان هو ۽ ڪرامتن وارو بزرگ هو، سو به انهيءَ محلي ۾ گذاريندو هو. ببالائي ڳوٺ جا سومرا انهيءَ بزرگ جا مريد هئا (4). خواجن کان سواءِ انهيءَ محلي ۾ ٻيون قومون به رهنديون هيون، ۽ ڪيترن ساداتن جا به گهر انهيءَ محلي ۾ هئا. مير قانع جي زماني ۾ (1181هه) انهيءَ محلي جو نالو ڦري ”محلـﮧء نورسيو“ ٿيو. ”جمله پير وارو ميدان“ انهيءَ محلي ۾ هوندو هو، جتي درس ملو، شيخ عثمان، شيخ يعقوب ۽ درس امين محمد اچي روزانو گڏبا هئا. انهيءَ محلي ۾ ۽ انهيءَ ميدان جي سامهون ٺٽي جي قديم مسجد هئي، جيڪا مير قانع جي وقت ۾ ”محمد قائم واري مسجد“ڪري سڏبي هئي. انهيءَ ئي مسجد ۾ درس لَلي اچي قيام ڪيو هو(5).
محله ڪشمشيان: هي محلو به ٺٽي جي مشهور محلن مان هو. هن ۾ ڪشمش يا کڻي چئجي ته سڪي ميوي جا واپاري رهندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ ٺٽي ۾ خود ڊاک ۽ انگور ڪثرت سان ٿيندا هئا. قنڌار ۽ بلوچستان کان به ٺٽي ۾ تمام گهڻو ميوو ايندو هو. غالباً ميوي جو سمورو واپار انهيءَ محلي جي ماڻهن جي هٿ ۾ هو. مير قانع لکي ٿو ته پهريون انصاري دولت ۾ مشهور هئا، انهن جي زوال بعد وري سندن گماشته خواجه زور ۾ آيا، انهن جي برباديءَ بعد دولت ۽ امارت ۾ ڪش مسشي واپارين ڪنڌ کيو(1).
اهو محلو ميرڪن جي محلي جي اوڀر ۾ هو، ۽ انهيءَ محلي جي پٺيان جهنگل هوندو هو(2). گويا شهر جي اوڀر ۾ انهيءَ محلي تي شهر جو اختتام هو، جنهن بعد ٻيلو هو.
سيد ابراهيم، جيڪو حضرت راجو قتال جو پوٽو هو، ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو، ان جي مزار انهيءَ محلي جي الهندي ۾ هئي. قانع لکي ٿو ته ڪئين بزرگ انهيءَ مزار جي زيارت مان فيض ياب ٿيا(3). 1181هه ۾ اهو محلو ۽ اها مزار موجود هئي.
محله مسواڪ ڪشان: ”مسواڪ ڪشان“ جو مطلب ته اهوئي آهي ته جيڪي ڏندڻ ٺاهيندا هئا. اهي انهيءَ محلي ۾ رهيا ٿي ۽ انهنا جو تعداد ايترو وڏو هو، جو آخر محلو ئي انهن جي نالي تي سڏجڻ لڳو. اڳي انگريزي برش، ڏندن کي صفا ڪرڻ لاءِ ته ڪونه هئا. هر ڪو نم، ٻٻر يا کٻڙ مان ٽاري ڀڃي، ان مان ڏندڻ ٺاهي، هر نماز کان اڳ وضوءَ جي وقت ڏيندو هو. ٺٽي جي آبادي لکن کان مٿي هئي، ۽ شهر جا باشندا به متمدن ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ خواه عادتن اطوارن ۾ نهايت اوج تي پهتل هئا. انهن جي شان وٽان اهو نه هو ته هو پاڻ وڻن مان ڏندڻ ڀڃي هڻن، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ڏندڻن جي واپار لاءِ ٺٽي ۾ هڪ خاص قوم هئي، جيڪي ”مسواڪ ڪش“ مشهور ٿيا ۽ انهن جو ڌنڌو ئي اهو هو ته هو ڏندڻ ٺاهي پاڻ وٽ رکن ۽ اتان ٺٽي جو هرڪو فيشن ايبل ماڻهو ڏندڻ خريد ڪري.
ٺٽي جو مشهور خوش نويس سيد محمد فاضل انهيءَ محلي ۾ رهندو هو، جنهن جا ٻه پٽ سيد محمد بزرگ ۽ سيد نظام الدين عالمگير جي شروع وارن ڏينهن ۾ دربار ۾ حاضر ٿي، شاهي عهديدارن ۾ وڃي داخل ٿيا. مير محمد بزرگ به پيءُ وانگر خوش نويس هو(1)، ۽ نظام الدين به ڪيترن ئي وصفن سان سينگاريل هو(2).
سنگتراشن جو محلو: ٺٽي جو هي محلو آرٽ، ڪاريگريءَ ۽ صنعت جو نهايت اهم مرڪز هو. ان ۾ سنگتراش رهندا هئا، جيڪي پٿرن تي نقش و نگار ڪڍندا هئا، ۽ مٿن اکر اُڪريندا هئا. مڪليءَ جي مزارن جا پٿر گهڻو ڪري انهيءَ محلي جي ماهرين فن جا شاهڪار آهن.
ڪي ته چٽ ساليءَ جا پاڻ ئي ماهر هئا ۽ ڪي ٺٽي جي ڪنهن چٽ سال کان پٿر تي نقش ڪڍرائي، پوءِ پاڻ ان جي اڪر ڪندا هئا. قرآن شريف جون آيتون، نسخ ۽ طغرائي خط ۾ ۽ ڪتبا فارسيءَ جي نستعليق خط ۾ ٺٽي جي استاد ڪاتبن ۽ خوش نويسن کان ڪڍرائيندا هئا، ۽ پوءِ ان جي اُڪر پاڻ ڪندا هئا_ جيئن ته جامع شاه جهانيءَ جا ڪتبا مختلف ڪاتبن جا لکيل آهن، ليڪن اُڪر انهيءَ محلي جي سنگ تراشن جي ٿيل آهي. خود سنگ تراشن مان ڪي ماهر خطاط هئا، ۽ چٽ ساليءَ ۾ پڻ بي مثال هئا. بهرحال مڪلي انهيءَ محلي جي فنڪارن جي فني مهارت جو مظهر آهي. جڏهن کان ٺٽي مان امير ويا، عالي خاندان ختم ٿيا، رسنديءَ پڄنديءَ وارا ماڻهو زوال هيٺ اچي ويا، قبرون ڪچيءَ مٽيءَ جون ٺهڻ لڳيون، ڪتبن جي ضرورت باقي نه رهي، شهر ۾ مسجدن ۽ عاليشان عمارتن جو ٺهڻ بند ٿي ويو، تڏهن سنگ تراشيءَ جو فن ٺٽي مان موڪلائي ويو ۽ انهيءَ فن جا ماهر به ختم ٿي ويا.
تحفـﺔالڪرام جي تاليف (1181هه) وقت، اهو محلو موجود هو، ڇاڪاڻ ته مير قانع لکي ٿو ته مارﱞندراني ساداتن جي اولاد مان سيد مير نالي هڪ بزرگ انهيءَ محلي ۾ رهي ٿو(1).
نقارچن جو محلو: ٺٽي جي هن محلي ۾ نقارچي رهندا هئا، جن کي سنڌيءَ ۾ ”لنگهو“ چيو ويندو آهي. ٺٽي ۽ ان جي آس پاس وارن شهرن ۾ جڏهن شاديون ٿينديون هيون، ميلا ملاکڙا لڳندا هئا، مڪليءَ تي پيرن فقيرن جا عرس ٿيندا هئا، شهر خواه ٻهراڙيءَ ۾ ڪو خاص خوشيءَ جو موقعو ٿيندو هو، ته انهيءَ محلي جا نقارچي ئي پنهنجا ساز سرود ۽ دهل دماما کڻي وڃي موج لائيندا هئا ۽ مچٽا مچائيندا هئا. ڀانئجي ٿو ته نقار چين جي گهرن جو به ڪو وڏو تعداد انهيءَ محلي ۾ هو، جنهنڪري محلو ئي سندن نسبت سان مشهور ٿي ويو.
گجرات کان آيل بخاري ساداتن جي اولاد مان هڪ سيد، مير نالي، انهيءَ محلي ۾ رهندو هيو(2).
مغلواڙو:
ٺٽي جو مغل واڙو ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ 20_1121هه کان اڳ آباد ٿيو. دولت شاهي ۽ نور گاهي مغلن جي هڪ ٽولي مير قاسم ڪيبڪ ارغون جي سرڪردگيءَ هيٺ شاهه بيگ کان ڇڄي ڄام فيروز وٽ اچي ٺٽي پهتي. ڄام سنڌ جي سپـﮧ سالار ۽ مملڪت جي وزير اعظم خان دريا خان جي اقتدار ۽ اثر کان تنگ هو. هن انهن مغلن جو اچڻ غنيمت سمجهيو، ۽ سندس خيال هو ته هو انهن جي ذريعي خان اعظم جو اثر ۽ اقتدار زائل ڪندو. ڄام کين ٺٽي جي هڪ پر فضا ۽ بهترين حصي ۾ جايون ڏيئي آباد ڪيو(1). انهيءَ محلي جو انهن مغلن جي نسبت سان ”مغل واڙو“ نالو پئجي ويو. اهي مغل شافعي ال مذهب جا هئا. انهن آخر ڄام فيروز تي ڇا بلڪ سموريءَ سنڌ تي ڏکيو ڏينهن آندو. ڌاريو ڀلا ڪٿي پنهنجو ٿيندو! منجهانئن ڪيبڪ ارغون ٺٽي مان وڃي شاهه بيگ ارغون کي حڪومت جي ڪمزورين کان آگاهه ڪري، سنڏ تي حملي ڪرڻ لاءِ لال چايو. اسباب ٻيا به گهڻا هئا، ليڪن انهن مان هڪ اهو به هو. ارغون آيو ۽ آخر سنڌ هٿن مان ويئي.
شاهه بيگ 927هه ۾ سنڌ فتح ڪري، ارغونن کي به انهيءَ محلي ۾ جايون ڏنيون. محلي جي آس پاس خوبصورت ۽ دلڪش باغ هئا، آب و هوا کليل هئي ۽ محلي جي جاءِ وقوع نهايت موزون ۽ مناسب هئي. بهرحال، اهو محلو، جيئن اسان مٿي مرزائي محلي ۾ ڏيکاري آيا آهيون، شهر جي ڏکڻ ۾ هو، ۽ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين، جيئن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو، موجود هو.
سيد احمد بن سيد محمد عابد مشهدي، پنهنجي ڀاءُ سيد سميت 910هه ۾ ايران کان حج جي ارادي سان ساموئيءَ ۾ اچي پهتو. موسم جو انتظار ٿي ڪيائين، جو سندس ڀاءُ سيد محمد اوچتو فوت ٿي ويو. سيد دل شڪستو ٿي ساموئيءَ ۾ ئي رهجي ويو. 927هه ۾ شاهه بيگ انهيءَ سيد کي به ساموئيءَ مان لڏائي مغل واڙي ۾ آڻي ويهاريو.
درس ملو،
محلي نورسيـﮧ مان اٿي اچي انهيءَ محلي ۾ رهيو، ۽ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين سندس اولاد اتي رهندي آئي(1). ٺٽي جو مشهور خدا رسيدو بزرگ، شاهه ڪرگنج، مغل واڙي جي اتر ۾ جيڪو جهنگل هو، ان جي ڪناري سان تڪيـﮧ ۾ رهندو هو. فوت ٿيڻ بعد انهيءَ تڪيـﮧ ۾ ئي دفن ٿيو. پير شاهه مراد شيرازيءَ جو والد، سيد احمد شيرازي، انهيءَ بزرگ جو نهايت ئي معتقد هوندو هو، ۽ روزانو سندس خدمت ۾ پيو حاضر ٿيندو هو(2). شاهه موصوف جو دوست شاهه شمس به ساڻس گڏ دفن ڪيو ويو(3). تحفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته ٺٽي جي هڪ بزرگ سيد ورايي جي مزار انهيءَ محلي ۾، ”قاضي غفران پناهه“ جي مسجد سان لڳو لڳ آهي(4). معلوم نه آهي ته قاضي غفران پناه مان ڪنهن ڏي اشارو آهي. ممڪن آهي ته اهو اشارو قاضي محمد اُچي عليـﮧ رحمت جي اولاد مان ڪنهن ڏانهن هجي! جيڪڏهن اسان جو اهو قياس صحيح آهي ته پوءِ قاضي محمد اُچيءَ کي به شاهه بيگ ارغون اُچ مان گهرائي انهيءَ ئي محلي ۾ ويهاريو ٿو ڏسجي. اڄ تائين سندس اولاد حيات آهي، ۽ شهر جي ڏکڻ ۾ سندن گهر موجود آهن.. مغل واڙو به شهر جي ڏاکڻين حصي ۾ هو، گويا جتي هاڻي قاضين جا گهر آهن، ان جي آس پاس وارو علاقو مغل واڙو هو. قاضين جي گهرن سان گڏ هڪ ننڍي مسجد به آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته قاضي محمد اُچيءَ ٺهرائي هئي ۽ پوءِ بار بار ٺهندي آئي. شايد مٿيون اشارو انهيءَ مسجد ڏانهن هجي. ليڪن اهو معاملو تڏهن واضع ٿي سگهندو، جڏهن سيد ورايي جي مزار ڳولي لهجي. ٺٽي جي ٻن ٻين بزرگن_ پير بودلي ۽ سيد هريي_ جون مزارون به هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ محلي ۾ ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هيون(1). اهي ٻيئي بزرگ به وڏين ڪرامتن جا صاحب هئا.
سيد بايزيد، سيد اسماعيل ۽ پير غيب به انهيءَ ئي محلي ۾ مدفون آهن. پويون بزرگ ترخاني دؤر جو آهي. انهن ٽنهي بزرگن جي ڪرامتن جي پڻ شيخ اعظم ڏاڍي تعريف ڪئي آهي(2). اهڙيءَ طرح سيد ورو شاهه شيرازي، سندس مريد سيد سومار ۽ سيد حسين هڪٻئي جي لڳو لڳ انهيءَ محلي ۾ دفن ٿيا. انهن سڀني بزرگن جون مزارون ٻارهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين مرجع خلائق هيون(3).
963هه ۾ عيسائين جيڪو حملو ڪيو، ان ۾ مغل واڙي اندر ٻه گنج شهيدان ٺهيا. بازار اميربيگ جي ڀر ۾ جيڪا مسجد هئي، ان ۾ جيڪي شهيد ٿيا، سي تقريباً ٻه سؤ کن هئا ۽ منجهن ڪيترا ابرار ۽ احرار هئا. انهن کي مسجد جي ڏاکڻينءَ ديوار سان گڏ، گڏي، هڪ هنڌ دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ٻه سؤ کن مسلمان بازار اميربيگ جي رستي ۾ قتل ڪيا ويا. انهن کي مٿئين گنج شهيدان جي ڀڪ ۾ جدا دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح مغل واڙي ۾ ٻه گنج شهيدان ٿيا، جن جي ساسلي ۾ شيخ محمد اعظم لکي ٿو ته_ از روات ثقات منقول است که زيارت ايشان در حين مشکلات اضطرار و پريشاني را بفرح و شادماني بدل گردانند و ناکامان را بکام دل رسانند(4).
انهيءَ مذڪور مان اهو ظاهر آهي ته بازار امير بيگ انهيءَ محلي ۾ هئي.
محله گدا بازار:
ٺٽي جو هيءُ محلو انهيءَ بازار جي نسبت سان مشهور ٿيو؛ اها بازار محلي منجهه موجود هئي.
ٺٽي جو هڪ ڪامل بزرگ، پير لڌو، جنهن کي شيخ محمد اعظم ”مسيح زمان“ لکي ٿو، انهيءَ محلي ۾ دفن ٿيو. چون ٿا ته جتي دفن ٿيو، اهو حقيقت ۾ سندس دڪان هو، ۽ ان ۾ ڪپهه وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪندو هو. پاڻ نهايت حسين ۽ جميل هو. هڪ دفعي شاهه مراد گودڙيو، جڏهن ڪڇ کان آيو تڏهن انهيءَ بازار مان اچي لنگهيو؛ جڏهن پير لڌي جي دڪان تي پهتو، تڏهن سندس سهڻي صورت ڏسي بيهي رهيو. پير لڌي به دڪان تان اٿي، بزرگ جا پير پڪڙيا. شاهه مراد جي ساڻس محبت ٿي ويئي ۽ روزانو اچي سندس دڪان تي ويهندو هو. شيخ محمد اعظم لکي ٿو ته آخر هڪ ڏينهن_ ”بنظر کيميا اثرِ خود، کار وـﻵ تمام ساخت و رسيد به آنچه رسيد“ انهيءَ ڏينهن بعد پير لڌي پنهنجي چهري کي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو. انهيءَ بزرگ جي دڪان جي ڀر ۾ مهاڻن جا گهر هوندا هئا. شيخ محمد اغظم لکي ٿو_ جيئن مهاڻين جي عادت آهي، هو روزانو صبح جو اٿي پاڻ ۾ جهيڙو ڪنديون هيون. بزرگ جي دڪان تي ايندڙ ويندڙ جا ڪَن کاڄي ويندا هئا، آخر جهيڙي جو انبوهه ۽ گارين جو طوفان ٻُڌي هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ بزرگ سان شڪايت ڪئي، جنهن تي بزرگ کيس نهايت دل نشين جواب ڏنو، فرمايائين_ ”باکي نيست، باري بهر رنگ صبح خود را بيدارمي دارند“(1). يعني ”ڀولو نه آهي! بهرحال، ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ صبح جو ساجهر ته اٿن ٿيون(2).“
سيد علي ثانيءَ (981هه)(1) جو معاصر پير عباس به انهيءَ محلي ۾ دفن آهي. انهيءَ بزرگ جي ڪرامت هيءَ هوندي هئي جو جنهن کي ڪاري يا سفيد چٽيءَ جو مرض کل تي ٿيندو هو، اهو اُن جي قبر تان مٽي کڻي مالش ڪندو هو، خدا جي مهربانيءَ ۽ بزرگ جي برڪت سان فوراً شفاياب ٿيندو هو. انهيءَ قسم جا مريض هر ماه پهرئين آچر تي مڇي ماني نذر طور کڻي وڃي مزار تي حاضر ٿيندا هئا. تحفـﮧالطاهرين جو مؤلف لکي ٿو ته هو پاڻ به انهيءَ مرض ۾ هڪ دفعي مبلا ٿيو، ۽ انهيءَ بزرگ جي ئي مزار تان کيس شفا حاصل ٿي(2). اها مزار اڄ آهي يا نه، ليڪن 1190هه ۾ موجود هئي.
شاهه مبين،
جنهن کي سيد منبو به سڏيو ويندو آهي، سو جڏهن ارغونن جي دؤر ۾ سيد شڪرالله شيرازي سان گڏجي ٺٽي ۾ پهتو(3)، تڏهن انهيءَ محلي ۾ هڪ معتقد جي گهر ۾ اچي رهيو، زندگي اتي بسر ٿيس ۽ جڏهن فوت ٿيو، تڏهن انهيءَ ئي گهر ۾ دفن ٿيو، گدا بازار ۽ ان جي نسبت سان محلو انهيءَ زماني ۾ موجود هو. شاه موصوف جي مزار اڄ به موجود آهي، جنهن مان انهيءَ محلي جو محل وقوع معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڀائي خان جو محلو، بقول مير قانع، انهيءَ مزار جي اولهه ۾ هو.
محلهه مسڪر: هن محلي جي متعلق نه تفصيل نه اجمال ملي سگهيو آهي. اهو به معلوم نٿو ٿي سگهي ته اهو نالو مٿس ڇو پيو(1)؟ انهيءَ محلي ۾ جيڪي بزرگ مدفون ٿيا اهي هي آهن:
پير محمود، جنهن جي مزار_ ”درحين مشکلات، کام روائي ناکامان و گره کشاي کار فروبستگان_“ هئي، سا انهيءَ محلي ۾ چئي وڃي ٿي(2).
شاهه ڏتو، جو سيد شڪرالله شيرازيءَ جي دوست سيد ڪمال جو صحبتي هو، سو به انهيءَ محل ۾ دفن ٿيو، سيد ڪمال کانئس ظاهري تعليم ورتي هئي(1).
سيد ڪمال جي حويلي پڻ انهيءَ محلي ۾ هئي. جڏهن دنيا مان برقعو مٽايائين، تڏهن اتي ئي پنهنجي حويليءَ ۾ دفن ٿيو(2). انهن چئن يارن مان سيد عبدالله شاه جي درگاهه، جنهن لاءِ ڪنهن شاعر چيوآهي:
زهي بريز نور حق مزار شاهه عبدالله
سراغ جنتي الماويٰ بيابد زاير از آنجا
برنگ شعشـﮧءِ خورشيد انور هر صباح و شام
همي بينم تجليات حق را باهر از آنجا
مڪليءَ تي آهي. سيد شڪرالله جي مزار انهيءَ درگاهه جي قريب آهي: سيد منبو ٺٽي ۾ دفن ٿيل آهي، سندس درگاهه اڄ به موجود آهي، ليڪن هن چوٿين يار جو مدفن، جيڪو مسڪرن جي محلي ۾ هو، اڄ آهي يا نه، پتو ڪونه ٿو پوي.
سيد دائود ۽ سيد اسماعيل، انهيءَ محلي جي هڪ مسجد ۾ دفن ٿيا(3). ميان نورشاهه مجذوب، جيڪو شيخ اعظم جو معاصر هو، سو انهن ٻنهي بزرگن جي پيرانديءَ کان لحد ۾ لاٿو ويو(4). مير عبدالعلي بن سيد محمد بن سيد ابوالفتح بن سيد ڪمال الدين بن سيد بدرالدين مارﱞندرانيءَ انهيءَ محلي ۾ هندن جي مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي هئي(1). خبر نه آهي اها ئي مسجد مٿين بزرگن جو مدفن گاه هئي يا ڪا ٻي مسجد.
پير ڇتو، جنهن جو ذڪر اسان مشڪين باغ جي سلسلي ۾ ڪري چڪا آهيون، سو پڻ انهيءَ محلي ۾ شهيد ٿي دفن ٿيو(2). اهو بزرگ جتي دفن ٿيو، اتي سمن جي دؤر ۾ شاهي باغ هوندو هو، اهو محلو پوءِ انهيءَ باغ جي محل وقوع تي آباد ٿيو.
شيخ اعظم جي روايت آهي ته انهيءَ محلي ۾ ٺٽي جي هڪ وڏي ڪرامت واري بزرگ سيد حاجيءَ جي مزار هوندي هئي، جيڪا زماني جي دست برد سبب منهدم ٿي ويئي هئي. ميرزا فتح علي بيگ نالي هڪ مغل امير انهيءَ جاءِ تي هڪ ”زيبا و پرن گار قصر“ ٺهرائي، جنهن ۾ هو رات ڏينهن عيش و عشرت ڪندو هو. سيد حاجيءَ ڪيترا دفعا کيس خواب ۾ آگاهيءَ اشارا به ڪيا، ليڪن هن پنهنجي ڌن، دولت، امارت ۽ وجاهت جي غرور ۾ ڪوبه توجهه ڪونه ڪيو. آخر ماڻهن ڏٺو ته چند ڏينهن جي اندر ئي ان مغل جي دولت ناس ٿي ويئي، پاڻ مفلس ٿي ويو ۽ اهو محل ويران ٿي ويو، ۽ آخر ڪنهن ڏينهن زمين تي وڃي پيو(3).
سيد ابراهيم، جنهن لاءِ تهفـﺔالطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته_ ”کلام فيض التيامش بحدي قبوليت داشت، هرچـﮧ بر زبان مبارڪ وي جاري گشتي، همـﮧ دم راه به اجابت کشودي“_ انهيءَ مسجد ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جو نالو ”لکي مسجد“ آهي(4).
ٺٽي جو هڪ ٻيو بزرگ، زين العابدين نالي، پڻ انهيءَ محلي ۾ ستل هو(1).
اهو محلو شايد شهر جي ٻاهرين پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته تحفـﺔالطاهرين جو مؤلف، ”سواد بلده“ (شهر جي پس گردائيءَ) ۾ ستل بزرگن جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پير بدر، جيڪو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو ڏهٽاڻ هو، سو محلي مسڪر جي اولهه ۾ دفن ٿيل آهي(2).
تحفـﺔالطاهرين جي لکڻ تي به اڄ ٻن سوَن ورهين جي طويل زماني جو گرد و غبار ڇڙهي ويو، انهيءَ وقت ته اهو محلو ۽ انهن الله وارن جون مزارون ۽ مقبرا موجود هئا. اڄ انهن مان شايد ئي ڪنهن جي قبر سلامت هجي.
سهتيهه محلو:
هي محلو، غالباً ارغونن جي ڏينهن کان به اڳ آباد هو. ارغونن جي دؤر ۾ سيد محمود گجراتي، جيڪو ٺٽي جي بخاري ساداتن جو مورث اعليٰ هو، انهيءَ محلي م اچي ويٺو. اهو بزرگ جامع فرخ جيڪا (938هه) ۾ ٺهي ۽ عيدگاهه جو امام ۽ خطيب هو(3).
ٺٽي جا مفتي به غالباً پوئين زماني ۾ لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ رهيا. شيخ اعظم، پير کٿوريي لاءِ، جيڪو 963هه ۾ عيسائين جي حملي ۾ شهيد ٿيو، لکي ٿو ته ”متصل خانـﮧ مفتيان“ دفن ٿيل آهي(4). انهيءَ محلي ۾ ڪشمشن جو پاڙو به هو، جنهن جي قريب، سيد ابراهيم(5) ۽ پير کٿوريي جون قبرون هيون. پويون بزرگ نواب شريف الملڪ (35_1037) جي زماني جو آهي(6). انهيءَ نواب جو هڪ خاص ملازم سورجمل پير کٿوريي جي پاڙي ۾ رهندو هو، ۽ پير سان هميشه کاهند پيو ڪندو هو. آخر تنگ ٿي بزرگ نواب ڏانهن عريضو موڪليو، جنهن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، پاڻ هيڪاري پير سان ايذاءُ وڌي ويو. آخر هڪ ڏينهن تنگ ٿي، پير وڏي واڪي فرمايو ته_ ”خدا ڪندو هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جو شريف الملڪ کي ڦاهو ايندو ۽ سورجمل کي جيئرو کوهه ۾ اڇلايو ويندو“. جڏهن شاهزادو شاه جهان ٺٽي ۾ آيو، ان وقت انهن ٻنهي شهزادي سان ناگفتـﮧ بـﮧ سلوڪ ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن شاه جهان تخت تي ويٺو، تڏهن شريف کي ڦاهيءَ تي چاڙهيائين ۽ سورجمل کي جيئري کوهه ۾ اڇلرائي ڇڏئين.
انهيءَ محلي ۾ جيڪو شاهي رستو هو اُن تي سيد ابراهيم سمن جي دؤر جو بزرگ ۽ شاهه ڪرگنج جو دوست پوريل هو(1). روايت آهي ته پير شاهه ’مراد‘ هر آچر تي پير البي جي زيارت کان انهيءَ بزرگ جي مزار تي ويندو هو.
ٺٽي جا جلدبند انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا، ۽ سندن پاڙو خاص ۽ جدا هو. ٺٽي جو هڪ بزرگ سيد ابراهيم، جيڪو 963هه واري حملي ۾ شهيد ٿيو، سو انهيءَ پاڙي ۾ پوريل هو(2).
شاهه غيب ۽ سندس ڀاءُ شاهه ڪمال ٻيئي انهيءَ محلي ۾ مدفون هئا. پهريون بزرگ مجذوب ۽ پويون بزرگ شريعت جي رستي تي محڪم هو(3). پير لاکو(4) ۽ سيد ابابڪر به انهيءَ ئي محلي ۾ آرامي هئا. پويون بزرگ فرنگين واري حملي ۾ شهيد ٿيو(5).
شاهه ڪرگنج جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو: مغل واڙي جي اتر ۾ جيڪو ٻيلو هو، ان جي پاسي تي پنهنجي تڪيي ۾ دفن ٿيو(1). محمد اعظم انهيءَ بزرگ جو مدفن محله سهتيه ۾ بيان ڪيو آهي(2) ۽ لکي ٿو ته سندس مريد مهربان فقير پڻ سندس پيرانديءَ کان دفن آهي. انهيءَ منجهان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هي محلو مغل واڙي جي ڀرسان ڪٿي هو. ازان سواءِ شهر جي پاسي کان هو، ڇاڪاڻ ته شيخ اعظم شهر جي ٻاهر وارن بزرگن جي بيان ڪندي لکيو آهي ته پير لال ڇتي جي مزار محلي سهتيـﮧ جي اولهه ۾ آهي(3). گويا محلي جي اولهه تي شهر جو خاتمو ٿيو ٿي ۽ پير لال ڇتي جي مزار شهر کان ٻاهر ل ولهه ۾ هئي.
تندسر محلو:
”سر“ سنڌيءَ ۾ چَشِمي کي چئبو آهي، شاهه جا بيت آهن ته:
ٻگهن سين ٻاڻ هڻي، اڏاڻو آڪاس
جتي پرين سنداس، سو ’سر‘ مڻي هنجهڙو
__ __
ٿيو حضوري هاڻ، سوجها پييس ’سر‘ جي
کنڊي لڌي کاڻ، پکيَڙي پاتار ۾
__ __
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪارو ڪيو ڪنگن
ايندا لڄ مرن، تنهن ’سر‘ مٿي هنجهڙا
__ __
ڪسر ڪنگن قبرون، ’سر‘ ساڱاهيج
هنجهه هتي ڳالهڙي، ٻگهن مَ ٻوليج
ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪنهين چهنج سين
__ __
’سر‘ سڪي سال ٿيا، هنجهه هريوئي پير
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي ان رمز کي
__ __
آءُ اڏامي هنجهڙا، ’سر‘ ۾ سارينئي
متان مارينئي، پاڙهيري پهه ڪري
__ __
’سر‘ ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه
سندي آس الله، لڏي لهرين وچ ۾
__ __
ڪنڌين ۾ ڪوهه ڪرئين، گسن ۾ مَ گذار
وڃي وحدت ويءَ ۾، گهتون ڇڏي گهار
شريعت جو ’سر‘ لهي، تن تنائين تار
حقيقت هنجهن سين، طريقت تنوار
منجهائين معرفت سين، اندر تون اجار
هدايت جي هوءِ ۾، چُڻيو تون چونگار
ته پاڙي هري ان پار، ڪونه ڏسين تون ڪڏهين
__ __
لَلي لنئي رات، ’سر‘ ۾ ڪيو سوجهرو
ٻگها ٻاتاڙآ ٿيا، وائي ڪن نه وات
جنگن پنهنجي ذات، نيئي رسائي روهه کي
__ __
هنجهه مڙيئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو
جتي رهن سنجهه، سو ’سر‘ ڪرين سرهو
__ __
’سر‘ اهي ئي اڳيان، پکي ٻيا پيا
جن لمئو لاتيون ڏنيون، سي ويچارا ويا
پاٽوندر پيا، وڃي ڪينجهر ڪنڌئين
__ __
سرهو ’سر‘ وڃائيو، ڪوڙن ڪانئيرن
رٺا روهه وڃن، ڪنهن هيڻائيءَ کان هنجهڙا
__ __
سو پکي سو پڃرو، سو ’سر‘ سوئي هنجهه
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجهه
ڏيلَ جنهن جو ڏنجهه، سو ماريِ ٿو منجهه ڦري
__ __
آچو پيو آچاهه، ته آچائيءَ آبهو
وهڻ وڙ نه انهن جو، پاڻيءَ لڙ للاهه
’سسر‘ ڏجي ساهه، ڪسر ڪنگن قبرون
__ __
انهن کان سواءِ ميين شاهه عنات رضوي، قطب شاهه رضوي، شريف رضوي، بلاول رضوي ۽ يوسف شاعر هن طرح چيو آهي:
ميون شاهه عنات:
دل ۾ دور مَ کاءُ، پيهي سنجهه سوجهار ’سر‘
اتان ئي ’عنات‘ چئي، آباڇي ۾ آءُ
چلڙ چنج مَ پاءِ تون، ڪر ڪوڻا سين چاءُ
رکي جن الله، وار نه ونگو تن جو
__ __
جيلاهه ڪوڻن منجهه ڪڪور تيلاهه ڀونر ڀڻڪن
ڀال ’سر‘
للا اُتي لال ٿيا، منجهان آب اتور
اهک نه ڪن ’عنات‘ چئي، ان چاري چغل چور
هنجهن لٿا هور، پاٻوڙي پير ڌري
__ __
ڪرين سانگ ’سرين‘، روهان اڏاڻين هنجهڙا
اڳئان ڍاٻي ڍٻيو ڍاٻ کي، پائج پير هرين
ادب ڪج ’عنات‘ چئي، جتي تار ترين
تان تان تان مَ ترين، جان موتي مَ ملي
__ __
قطب شاهه رضوي:
چلڙ ڇڏ چري، وانءُ اڏامي اڇ ۾
آرمرو آرڳ ڪري، جنهن جي بات بري
ماڻج ڪوڻ ’قطب‘ چئي، پاڪيزا پري
تنهن ’سر‘ وانءُ سري، جت هيرو چڻن هنجهڙا
__ __
جنهن کي صاحب ’سر‘ سونهايو، سو چڻي چت وڏي
هنجھ جو منجھ پروڙئو، ساين پاڻ سڏي
هينئڙو حبيبن سين، ڇڏيائين گڏي
ڍاٻي ڍٻ اڏي، تنهن کي ڪندا ڪوهه ’قطب‘ چئي
___ ___
شريف رضوي:
ٻگهن ائين نه ٻجهيو، ته ڪو سونٺو ’سر‘ هنجھن
ڪنگ ڪانيرا ڪانئرا، اوڏانهن ڪين اچن
سدائين ’شريف‘ چئي، موتي موڪ چڻن
لعلون سي لهن، جني منهن مهراڻ ڏي
___ ___
راهش سندن روهه، هن ’سر‘ سانگي آئيا
چڻن چانگارين چت ۾، اَٺو پهر اوءِ
ٻچا تنهن جي ٻاجھ ۾، پکين ڇڏيا پوءِ
للا ملن لوءِ، سلامت ‘شريف‘ چئي
___ ___
بلاول رضوي:
’سر‘ ججھي جر جوءِ، اونهي بحر ’بلال‘ چئي
حاصل ٿي هنجھن کي، حال هدايت هوءِ
واصل تي وصال سين، سدا روءِ بروءِ
امل چڻن اوءِ، پٿون جي پاتار ۾
___ ___
يوسف شاعر:
رکي طلب تار جي، چڻج موتي مهراڻاءِ
ويٺين ڇو وڃائيو، تنهن ڊهان ڀانئج ڊاءُ
’يوسف‘ چئي، ان جاءِ ۾، ’سر‘ جو ايندءِ ساءُ
رکي جن الله، تنئان پاڙيهري پاسي ٿئي
___ ___
ممڪن آهي، بلڪ قرين قياس اهوئي آهي ته انهيءَ محلي ۾ مٿئين نالي سان ڪو چشمو هو، جنهن جي نسبت تي اهو محلو مشهور ٿيو. مڪليءَ تي پڻ انهيءَ قسم جا چشما هئا جن جا نالا هئا: ”کير سر“، ”کنڊ سر“، ”ناران سر“ ”ڀرا سر“ وغيره وغيره. ”کير سر“ جي سلسلي ۾ مير قانع ”مڪلي نامه“ منجھ ٿو فرمائي:
بوصف ”کهير سر“ تالب کنم تر دهــــن پُـــــــر ميشود از شــير و شکر
قلم از نيشڪر بــــــايد بـــــدســتـــم بذوقِ آب اين تالاب مستم_ الخ
اهو چشمو چڱو خاصو وڏو هو، جنهن جي ڪنارن تي ڪيترا اهل الله مدفون هئا، مثلاً:
پير ڇتو (ميان لال) جيڪو شاه وجيـﮧ الدين(1) جو فرزند هو، ۽ جنهن جون قبرون مختلف جاين تي هيون، ان جي هڪ قبر انهيءَ ’تندسر‘ چشمي جي ڪناري تي به هئي(2). اهڙيءَ طرح سيد ابراهيم، جيڪو بقول مير قانع ”وڏي ۾ وڏو بزرگ ۽ پيرن جو پير هو“، ان جي مزاز به انهيءَ چشمي جي اورين ڪناري تي هئي(1). مٿيئين پير ڇتي جي سلسلي ۾ مير قانع لکي ٿو ته شهر جي الهندي طرف تندسر جي ڪناري تي پوريل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو چشمو خواه ان جي نسبت وارو محلو تندسر، شهر جي اولهه ۾ هئا. شيخ اعظم، پير مذڪور جو بيان ڪندي، لکي ٿو ته_ سندس مزار محلي تندسر جي اولهه ۾ آهي(2)، جنهن جي مراد اها ٿي ته اهو چشمو محلي جي اولهائين طرف ۾ هو_ ازنسواءِ محلي منجھ نه هو بلڪ محلي سان متصل شهر کان ٻاهر هو، ڇاڪاڻ ته پير ڇتي جي مزار جو ذڪر شيخ اعظم شهر کان ٻاهر وارن مزارن جي سلسلي ۾ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سيد حسين جي مزار جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته_ ”مرقد متبر کـﮧء او سمت غربي، محلي تندسر، متصل خانها واقع“(3). گويا اها قبر اگرچه شهر کان ٻاهر هئي ليڪن محلي تندسر جي گهرن جي ڀرسان هئي. ان مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته شهر جي انهيءَ حصي جو اختتام انهيءَ محلي تي ٿيو ٿي.
شيخ اعظم انهيءَ ۾ هيٺين بزرگن جي دفن هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي:_
حضرت يتيم مردان عرف ”اتي مردان“ جنهن جي زيارت تي جڏهن سيد مراد شيرازيءَ جو سجاده نشين سيد محمد شجاع ويندو هو ته هي شعر پڙهندو هو:
”اتي مردان“ بحق شاه مردان مرا محتاج نامردان مگردان (4)
حالانڪ سيد موصوف جو ڏاڏو پير مراد خود وڏي ۾ وڏو بزرگ ۽ ولي هو.
ٽي ڀينرون، جن کي ”مخدرات ابداليـﮧ“ سڏيو ويندو هو ۽ انهن مزارن تي جيڪو حاجتمند ست ڀيرا سوره ياسين پڙهندو هو، ان جي مشڪلڪشائي فوراً ٿي ويندي هئي. انهن مزارن جي ڀرسان ئي، سيد ڇُٽي ۽ ميان ڇَتي جون قبرون هيون(1). سيد ابراهيم پڻ انهن ٻن بزرگن جي ڀڪ ۾ ستل هو، جنهن لاءِ مشهور هو ته جيڪو کانئس نصيحت پڇندو هو ان کي چوندو هو:
”همـﮧ وقت پاسبان خود باش، و از گذشتـﮧ و آئينده ياد مکن.“
يعني ”هر وقت پاڻ تي نظر رکندو رهه، ڇا گذري ويو ۽ ڇا ٿيندو ان جي يادگيري نه ڪر“(2). سيد موصوف جي پاسي ۾ سيد برهان جي قبر هئي، جنهن جو هر لفظ بارگاه ايزديءَ ۾ مقبول هو(3).
ميان ملوڪ شاهه جي مسجد انهيءَ محلي ۾ مشهور هئي. سيد حسين جي مزار انهيءَ سان لڳو لڳ هئي(4).
حاجي سليمان عليـﮧ رحمت جي مزار به مسجد سان لڳ هئي، اهو بزرف فقـﮧ، حديث ۽ ٻين علومن جو جيد عالم ۽ صاحب حال ۽ قال هو(5).
سيد ابراهيم بخاري ۽ حضرت بهاؤالدين گودڙيـﮧ جي معاصر بيبي راڻي به انهيءَ محلي ۾ آسودا هئا. اهڙيءَ طرح حاجي حسين جي مزار به اتي ئي هئي، جيڪو فقـﮧ ۽ حديث جو جيد عالم ۽ مغل عهد جو ماڻهو هو(1).
محلو مولو ٺٽي:
اهو محلو ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ آباد ٿيو ۽ شهر جي اتر ۾ هو. مير قانع جي روايت آهي ته جڏهن پير مريد شيرازيءَ (831_ 893هه) ڄام نظام الدين جي هڪ هندو امير لکيسر جي مڙهي، مسجد ٺاهڻ لاءِ ٿي ڊهرائي، ان وقت لکيسر کيس روڪڻ آيو، سخت تنديءَ ۽ تيزيءَ مان آيو، پر جڏهن پير وٽ پهتو، تڏهن ٺري برف ٿي ويو. مڙهي ڊاهي اتي مسجد ”ولي نعمت“ ٺهي وئي. لکيسر ان جي عوض پنهنجي پوٽي لاءِ دعا پني، پير کيس چيو ته تون شهر جي اتر ۾ اچي رهه، سڄو پاسو تنهنجي پوٽي جي نالي سان مشهور ٿي ويندو. چنانچه هن ائين ڪيو، مولي مل جي نالي تي اهو ”محلـﮧ مولو ٺٽي“ مشهور ٿي ويو(2).
ٺٽي جي مشهور عالم ۽ استاد، آخوند محمد فاضل ٺٽويءَ، جي جاءِ ۽ مدرسو انهيءَ محلي ۾ هو(3). ڪلال به انهيءَ پاڙي ۾ رهندا هئا، جتي جو هڪ بزرگ پير ڇَتو دفن ٿيو(1). ٺٽي ۾ جيڪو شراب ٺهندو هو، تنهن جون بٺيون غالباً اهي ئي ڪلال ٻاريندا هئا ۽ اهي ئي شراب فروخت ڪندا هئا. ٺٽي جا ٻيا ٽي بزرگ به انهيءَ محلي ۾ دفن ڪيا ويا_ ارغونن جي حملي وقت، ٺٽي ۾ جيڪا هنن غارتگري ڪئي، شاهه بدر ان ۾ شهيد ٿيو (927هه)(2)، ٻيو بزرگ ميان پنجن شاهه، ۽ ٽيون بزرگ پير ڇٽو(3).
ڪلهوڙن جي آخري ايامن ۾ به اهو محلو موجود هو، ڪاڻ ڇا ته ميان عطر خان ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ جڏهن ملڪ تان حڪومت جو رعب لٿو ۽ بدانتظامي پيدا ٿي، ان وقت ڏينهن ڏٺي جو، جوکين شهر تي حملو ڪري انهيءَ پاڙي کي اهڙيءَ طرح غارت ڪيو، جو مير قانع لکي ٿو ته اهڙو ظلم ڪڏهن ڪونه ٿيو(4).
قاضين جو محلو:
انهيءَ نالي سان به ٺٽي ۾ هڪ محلو مشهور هو، جيڪو، بقول مير قانع، ٺٽي جي هڪ بزرگ سيد محمود جو مريد هو، جنهن جي مزار اناج بازار جي اوڀر ۾ زيارتگاهه هئي(5). خبر نه آهي، اهو پاڙو ڪهڙن قاضين جي نالي پٺيان مشهور ٿيو. قاضي محمد اُچيءَ جي اولاد نه انهيءَ بزرگ جي مريد هئي ۽ نه غالباً انهيءَ پاڙي ۾ رهندي هئي(6). ٺٽي ۾ ٻيا به قاضين جا ڪيترا خاندان هئا: قاضي نعمت الله جو گهراڻو، قاضي حماد جو خاندان، قاضي علامه محمود جو خانوادو، قاضي عتيق الله جا پويان، قاضي محمد ابراهيم شارع مخزن الاسرار جو اولاد، بهرحال، انهن گهراڻن مان ڪنهن جو خاندان انهيءَ پاڙي ڏانهن منسوب هوندو. اهو محلو ۽ ان جا قاضي مير قانع جي زماني (1181هه) ۾ موجود هئا.
رضوي ساداتن جو محلو:
ٺٽي ۾ جيڪي سيدن جا مکيه گهراڻا ۽ خانوادا هئا، اُهي شهر جي مختلف حصن ۾ رهندا هئا، ۽ اهي پاڙا انهن جي نالن تي مشهور هئا. اسان هيٺ انهن پاڙن جو ذڪر ڪنداسين:_
رضوي ساداتن جو وڏو سيد محمد يوسف بکري مهدوي هو، جنهن جي مزار مڪليءَ تي آهي ۽ ان جي لاءِ مير قانع چوي ٿو ته_
نه شد سائل چو زين در، هيچ گـﮧ رد
رود گر بنده آنجا شاه گردد
هر آن کو، رنج ز اخوانِ زمان است
برايش، اين مکان جاي امان است
هڪ شاخ انهيءَ بزرگ جي اولاد جي آهي. ٻي سندس نياڻيءَ جي اولاد جي ٿي، جيڪا هن پنهنجي ڀائٽئي سيد اسحاق (پير پرڏيهيءَ) کي سکر مان گهرائي ڏني هئي. سيد محمد يوسف چونڪه مير محمد مهدي جونپوريءَ جي هڪ جيد مريد شيخ دانيال جو فيض يافته هو، تنهنڪري اهي سڀئي مير اڄ تائين رضوي مهدوي ڪوٺبا اچن ٿا. انهيءَ پاڙي ۾ ئي مير ڪمال الدين احمد خان رضوي ٺٽي جو ديوان ۽ اصطلاحت رضويـﮧ ۽ شرح ديوان حافظ جو مصنف عمر گذاري ويو. اهو ئي پاڙو هو، جتي ٺٽي جي نواب ۽ انهيءَ خاندان هڪ عظيم فرد نواب لطف علي خان ’همت‘ پنهنجي حياتي گذاري. انهيءَ ئي بزرگ جي پرورش هيٺ ٺٽي جو مشهور شاعر ’محسن‘ ناميارو شاعر ٿيو. مير ذوالفقار علي ’شيدا‘، مير مرتضيٰ ’الهام‘، سيد مير پٺو، مير نجم الدين ’عزلت‘، سيد روشن علي شاهه ’روشن‘، سيد مرتضيٰ ’مرتضائي‘، مير امام بخش ’فدوي‘، سيد رفعت علي ’رفعت‘، سيد عسڪر علي ’علي‘، سيد موٽيل شاهه ’ڪمتر‘ ۽ محمد زمان شاهه ’زمان‘، سڀ انهيءَ ئي هڪ خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي سڀ انهيءَ محلي ۾ رهندا هئا. الغرض اهو محلو ڏاڍو مردم خيز هو. اڄ تائين اهي سادات انهيءَ محلي ۾ آباد آهن. انهن شاعرن ۽ عالمن کان سواءِ ٻيابه ڪيترا بزرگ انهيءَ گهراڻي مان ٿيا، جيڪي انهيءَ محلي ۾ گذر بسر ڪري ويا ۽ انهن جي وفات جون تاريخون اسان کي ٺٽي جي مختلف شاعرن جي بياضن ۽ ديوانن م ملن ٿيون.
ٻيا بکري سادات،
يعني سيد حميد بکريءَ جا فرزند سيد محمد علي ۽ سيد باقر جوڻ جي ڳوٺ مان لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ رضوي ساداتن جي ڪري ويٺا. انهن بزرگن جي اولاد مان سيد مير محمد فاضل ۽ سندس پٽ سيد محمد علي ٺٽي جا خوشنويس هئا. سيد محمد عليءَ جو پٽ سيد مير بزرگ ته خوشنويسيءَ ۾ عالمگير جي فرزند شاهزادي ڪام بخش جو استاد هو(1).
ميرڪي سيدن جو محلو: ميرڪي سيد اصل پوراني سادات ڪري سڏبا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن وڏا ”پوران“ جا ويٺل هئا، جيڪو هرات جي قريب هڪ مردم خيز ڳوٺ هو. اتان شاهه حسين بايقرا جي فوت ٿيڻ بعد خراسان جي نئين حاڪم محمد خان شيبانيءَ جيڪا مصيبت مچائي، ان ۾ لڏي اچي شاهه بيگ جي زماني ۾ قنڌار رهيا. اتان سنڌ جي فتح ٿيڻ بعد 933هه ڌاري ٻه ڀائر سيد بايزيد ۽ سيد ميرڪ محمود لڏي آيا. بايزيد بکر ۾ رهيو ۽ ميرڪ محمود ٺٽي اچي ويٺو. شاهه حسن ارغون جي دﺆر کان وٺي ويندي ڪلهوڙن جي آخري ايامن تائين، انهيءَ گهراڻي جا فرد ٺٽي جا ”شيخ الاسلام“ ٿيندا آيا. پهريون شيخ الاسلام ميرڪ محمود ٿيو ۽ پويون شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن جو ڀاءُ ميرڪ محمد محسن ٿيو. ميرڪ محمد احسن اهو بزرگ هو، جنهن جي شان ۾ محسن ٺٽويءَ هڪ نهايت ئي معرڪﺔ ال آرا قصيدو چيو آهي، جنهن جو مطلع آهي:
گر برو باد صبا خُلق تو در صحن چمن
گل کند از لبِ هر غنچـﮧ کـﮧ احسن احسن!
ميرڪ عبدالرحمان، ميرڪ عبدالباقي، ميرڪ عبدالوهاب وغيره انهيءَ خاندان جا تمام مشهور بزرگ هئا. علم و فضل، جود و سخا ۽ دنياداريءَ جي ٻين وصفن ۾ جهڙن ڪوبه ٻيو مَٽ ڪونه هو. وڏا مهمان نواز ۽ اوطاقي سيد هئا. سندن گهرن ۾ اهڙو کاڌو پچندو هو، جو، بقول مير معصوم، ان جي لذت وات مان ويندي ئي ڪانه هئي. انهيءَ محلي ۾ اهي بزرگ وڏيون وڏيون دعوتون ڪندا هئا ۽ سڄو شهر اچي گڏ ٿيندو هو. ميرڪ عبدالرحمان انهن دعوتن جي ڏوهه هيٺ ميرزا باقيءَ جي هٿان شهيد ٿيو. پوئين زماني ۾ ميرڪ محمد احسن هڪ عظيم الشان دعوت ڪئي، جنهن ۾ ٺٽي جا سڀئي هندو مسلمان اچي گڏ ٿيا. اتفاقاً مير ڪلب علي نامي هڪ سيد کي دعوت ڏيڻ ڀلجي ويا، جنهن تي ٺٽي جي مشهور شاعر شيخ عبدالسبحان ’فائز‘ هيٺيون شعر لطيفي طور چيو:
هندﺆ و مسلمين ز خوان تو سير استخواني نيافت ڪلب علي
فارسيءَ جو جيد رباعي گو شاعر سرمد شهيد ٺٽي آيو ته تجارت ڪرڻ لڳو، ليڪن جڏهن ابي چند کي ڏٺائين تڏهن سڄو ساٿ لُٽائي ويهي رهيو. ڪيترا ڏينهن لٽا لاهيون، جذب جي حالت ۾ ٺٽي جي گهٽين اندر، ابي چند! ابي چند! ڪندو ٿي وتيو. ميرڪي گهراڻي مان ان وقت جو شيخ الاسلام ميرڪ عبدالواهاب ثاني هو. سرمد جي انهيءَ حالت تي غالباً معترض ٿيو، جنهن تي سرمد هيٺين رباعي چئي:
ميرڪ تو نداده اي بمن يک دو سـﮧ لک
از بهر چـﮧ گشتـﮧء چينين مستهلک
گر در تو نشانِ آدميت ميبود
مي بودي مير، مي نبودي ميرک(1)
شيخ الاسلام مير محمود وڏي، هڪ نهايت ئي خوبصورت مسجد انهيءَ محلي ۾ ٺهرائي هئي(2). انهيءَ محلي جي ڀر ۾ ئي ڪشمشين جو محلو هو، جنهن جي پٺيان ٻيلو شروع ٿيندو هو. سيد عبدالمجيد بن عبداللطيف بن سيد عبدالرزاق بخاري (سيد محمود بخاريءَ جو اولاد) جو گهر انهيءَ محلي جي اوڀر ۾، ڪشمشين جي محلي پٺيان انهيءَ ٻيلي جي وٽ سان هوندو هو، انهيءَ بزرگ جو پٽ سيد عبداللطيف ثاني عرف سيد مٽو المتوفي 1124هه مير قانع جو نانو هو(3).
امير خاني محلو: ٺٽي جي ساداتن جو ٻيو مشهور ۽ علمي خاندان امير خاني هو، جنهن جو جدا محلو هو، ۽ اهو اڄ به شاهجهاني جامع جي اوڀر ۾ مسجد جي ديوار سان لڳولڳ آهي. انهيءَ جاءِ تي پهريائين مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي. ڀائي خان جو محلو به انهيءَ محلي سان لڳولڳ هو. اهو محلو ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا امير خان پنهنجي نالي تي، مير احمد بيگ جي محلي جي جاءِ تي آباد ڪيو. انهيءَ گهراڻي به ڪيترا امير، بزرگ، مصنف ۽ شاعر پيدا ڪيا، جن جو تفصيلي ذڪر اسان پنهنجي ڪتاب ”تذڪرهء اميرخانيءَ“ ۾ ڪيو آهي. سنڌ جي شاعرن ۽ صوفين جو سرتاج شاهه عبداللطيف جڏهن ٺٽي ۾ مخدوم معين سان ملڻ ايندو هو ته ڪڏهن مخدوم وٽ رهندو هو، ۽ ڪڏهن مير عطا محمد اميرخانيءَ جي اوطاق ۾ انهيءَ محلي اندر رهندو هو، ڇاڪاڻ ته مير موصوف سان به سندس دوستي هوندي هئي.
شڪر الاهي ساداتن جو محلو:
اهو محلو اصل ۾ سمن جي صاحبيءَ اندر انصارين جو محلو هو، ليڪن 927هه ۾ جڏهن شڪرالله قنڌار کان اچي انهيءَ محلي ۾ ويٺو، ان وقت ته ڪو هڪ_ٻه گهر انصارين جو بچيو هو، باقي ٻيا مري کپي ويا هئا. انهن انصارين مان سيد شڪرالله شادي ڪئي(1)، جنهن مان کيس ظهيرالدين جادم نالي پٽ ڄائو ۽ ان مان شڪرالاهي خاندان وڌيو، ڦوليو، ڦليو، ۽ اڄ تائين به پونير انهيءَ محلي ۾ موجود آهن. انهيءَ خاندان به ڪيترا فرد فريد پيدا ڪيا، ڪي منجهانئن ولي ٿيا، ڪي مصنف ٿيا ۽ ڪي شاعر ٿيا. فتاويٰ عالمگيريءَ جي مولفين مان هڪ مولف سيد نظام الدين ثاني، انهيءَ محلي مان اٿيو. اسان جو محبوب مصنف ۽ مورخ مير قانع انهيءَ محلي جي پيداوار آهي. مير عظيم الدين، مير ضياءالدين ’ضيا‘، مير غلام علي ’مائل‘ ۽ سيد صابر علي شاه ’صابر‘ انهيءَ محلي جا ئي هئا. تحفـﺔ الڪرام جهڙو لازوال ڪتاب ۽ مقالات الشعرا جهڙو يگانو تذڪرو انهيءَ ئي محلي ۾ لکيو ويو. الغرض انهيءَ محلي جا سنڌ جي ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڙ ۽ ڏاڍا احسان آهن.
مارﱞندراني عرف لوري ساداتن جو ڏاڏو سيد ڪمال الدين به انهيءَ محلي ۾ اچي رهيو، ڇاڪاڻ ته سيد ظهيرالدين جادم سان سندس دوستي هوندي هئي. سيد جو خاندان ابتدا ۾ انهيءَ محلي ۾ وڌيو(2) ۽ پوءِ ڪجهه ٽڙي پکڙي ٻين پاڙن ۾ به ويٺو، مثلاً سنگتراشن جي محلي ۾ ۽ ”پتي هٿ بازار“ جي پويان به ڪي افراد رهڻ لڳا.
سيد منبو، سيد شڪرالله جو سنگتي هو ۽ آيا به ٻاهران گڏ هئا. اهو به جتي دفن آهي، انهيءَ گهر ۾ محض هن ڪري رهيو جو سيد شڪرالله جو پاڙو ويجهو هوندو هو، ۽ ٻنهي دوستن کي رات ڏينهن ملڻ ۽ مجلس ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي هئي(1).
سيد شڪرالله پنهنجي لاءِ هڪ مسجد ٺهرائي هئي جيڪا اڄ تائين انهيءَ محلي ۾ موجود آهي.
ملا حسين ٺٽي جو هڪ پرهيزگار شخص هو، پاڻ به انهيءَ محلي ۾ رهندو هو ۽ سندس مدرسو به اتي ئي هو. سندس پٽ ملا سروري ٿيو، جنهن جو پٽ، ملا جانباز، ٺٽي جو مشهور شاعر هو(2).
انجوي ساداتن جو محلو:
اهو محلو اصل ۾ عباسي قاضين جو رهائشگاهه هو، جن جو وڏو قاضي نعمت الله عباسي ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي دﺆر ۾ ٿي گذريو. انجوي ساداتن جو وڏو سيد محمد 786هه ۾ شيراز کان منڇر پرڳڻي جي مراد اوٺي نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جڏهن گذاري ويو، تڏهن سندس پٽ سيد احمد لڏي اچي ٺٽي ۾ قاضي نعمت الله جي گهر ۾ رهيو، سندس نياڻيءَ سان شادي ڪيائين جنهن مان کيس اولاد ٿيو. اهو بزرگ 845هه ۾ گذاري ويو، ٺٽي جو مشهور ولي سيد محمد حسين عرف پير مراد، جنهن جو مرقد مڪليءَ تي آهي ۽ جنهن جي سلسلي ۾ قانع لکي ٿو ته:
سواد حوالي مرقد پاکش، نسخـﮧء ارم ببر دارد. و بياض صفحـﮧء ارض اطهرش گلشن راز انوار الاهي مد نظر. خندهء حور آهنگ مضجعش، و تجلي طور سفيدهء مرقدش. غزال حرم خاکروب آستان، و روح المين آنجا پاسبان،“___
هيٺيان شعر به انهيءَ بزرگ جي مرقد جي وصف ۾ آهن:
زبانِ سبزه خود روي ارضش شهادت نامـﮧ از برکرده بيغش
همين تابد برآن مضجع چنانب نور کـﮧ دوري شـــعشـﮧء مهر است مستور
دعا را استجابت خــــــــــاکدانش هميشـﮧ روح قــــدسي ميهمانش
هر آن سائل کـﮧ بر درگاهش تابد
دهن ناکرده وا، مقصود يابد__
ان بزرگ جو فرزند هو. سيد علي ثاني، جيڪو ارغوني دﺆر جو مشائخ ۽ امير هو، سو سندس پوٽو هو. اکغرض انهيءَ خاندان مان به تمام وڏا ماڻهو پيد ٿيا، جن جو ثاني سندن دﺆر ۾ ٻيو ڪونه هو. سيد علي ثاني مذڪور شاهه حسن ارغوني جو لاش کڻائي مدينـﮧ عاليـﮧ ويو. انهيءَ بزرگ جي ئي چولي جو ٽڪر ڦاڙي عمرڪوٽ ۾ اڪبر کي ڄمڻ بعد ويڙهيو ويو. سيد جلال ثاني انهيءَ سيد عليءَ جو پٽ هو، جيڪو ميرزا عيسيٰ ترخان حاڪم سنڌ جي وليعهد مرزا صالح جي نياڻيءَ سان پرڻيو. سيد مير محمد نالي پٽ کيس انهيءَ بيبيءَ مان پيدا ٿيو، جنهن “ترخان نامو“ تصنيف ڪيو. اهڙيءَ طرح انهيءَ خاندان جا ٻيا به ڪيترا ئي معروف بزرگ انهيءَ محلي ۾ ڄاوا، نپنا، اُسريا ۽ فوت ٿيا. سيد علي ثاني سماع جون بيمثل مجلسون انهيءَ محلي ۾ ڪرائيندو هو. شاهه ڪريم جون محفلون ۽ مجلسون به ساڻن انهيءَ محلي ۾ ٿينديون هيون.
جمنا جي سرزمين: هڪ پاڙي جو اهو نالو هو. شاهه دادن جي درگاهه انهيءَ پاڙي سان لڳ هئي. مير ڪمال الدين مارﱞندرانيءَ جي اولاد مان سيد ملوڪ شاهه نالي هڪ ڪامل بزرگ پيدا ٿيو. جڏهن فوت ٿيو، تڏهن شاهه دادن جي ڀڪ ۾ ’جمنا جي سرزمين‘ اندر دفن ٿيو(1).
(3) مسجديون
مسجد ولي نعمت:
ٺٽي جي هيءَ قديم ترين مسجد چئي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن سمي بادشاهه جي ٺهرايل هئي. مير قانع ان کي ”وڏي جامع مسجد“ ڪري لکيو آهي، ۽ اهو پڻ لکي ٿو ته هاڻي اها مسجد، ”مسجد ولي نعمت“ جي نالي سان مشهور آهي. گويا اها مسجد (1181هه) تائين موجود هئي، مٿس اهو نالو ٻارهين صدي هجريءَ ۾ پيو.
انهيءَ مسجد ۾ پير مراد شيرازي (831_ 893هه) ۽ شيخ بهاﺆالدين ملتانيءَ جي پوٽي شيخ صدرالدين(2)، پاڻ ۾ رهاڻيون ڪيون هيون، ۽ انهيءَ ئي مسجد ۾ شيخ سيد صاحب کي ”پير مراد“ جو خطاب ڏنو، ۽ پير کيس ”حليم“ جو لقب ڏنو(3).
مسجد صفـﮧ:
دراصل انهيءَ جاءِ تي ڄام نظام الدين جي هڪ هندو امير لکيسر جي ٺهرايل مڙهي هئي، جا تمام سهڻي ۽ عاليشان هئي. ”تذڪرة المراد“ جي روايت آهي ته سيد مراد شيرازيءَ هڪ ڏينهن انهيءَ مڙهيءَ کي ڊهرائي مسجد جو بنياد وڌو. جڏهن مڙهيءَ ۾ هٿ پيا، ان وقت ڄام نظام الدين کي اطلاع پهتو. ڄام پنهنجو ڀاڻيجو ڄام مارک موڪليو ته سيد کي روڪي، ليڪن ڄام پهتو ته سهي پر ڪُڇي ڪونه سگهيو، اُلٽو پاڻ بيهي مڙهي ڊاهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڄام نظام الدين پنهنجي ٻئي خاص ماڻهوءَ شيخ نٿر کي موڪليو، ان جو به منزل مقصود تي پهچڻ بعد ساڳيوئي حال ٿيو. شيخ مالهو سهي سنڀري آيو، ليڪن وريو ڪجهه ڪين، پاڻ به بيهي مڙهي ڊاهڻ لڳو. اهڙي طرح آخر ۾ لکيسر پاڻ آيو، ۽ جڏهن اتي پهتو، تڏهن پنهنجو پاڻ مڙهيءَ تان هٿ کڻي سيد کان دعا جو طالب ٿيو. سيد کيس دعا ڪئي، جنهن بعد هن پنهنجي پٽن جي نالي سان شهر جي هڪ پاسي کان محلو آباد ڪيو، جيڪو تمام مشهور ٿيو. شيخ نٿر، شيخ مالهو ۽ ڄام مارک، سيد صاحب واري قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن، هنن سڄي عمر سيد جي خذمتگاريءَ ۾ پوري ڪري سرخروئي حاصل ڪئي(1).
ڄام نندي جي حڪومت 866هه ۾ شروع ٿي، ۽ سيد صاحب 893هه ۾ وفات ڪئي. ”مسجد صفـﮧ“ انهيءَ عرصي جي ڪنهن سال ۾ ٺهي هوندي، ۽ تحفة الڪرام جي تاليف وقت (1181هه) موجود هئي.
جامع فرخ:
ارغونن جي دﺆر ۾ جيڪي مسجدون ٺٽي ۾ ٺهيون، انهن ۾ سڀ کان خوبصورت ۽ عاليشان جامع فرخ هئي، جيڪا هڪ ارغون امير، مير فرخ، ٺهرائي، جو شاهه بيگ ارغون جي ڀاءُ احمد بيگ جو پٽ ۽ شاهه حسن جو سـﺆٽ هو.
مسجد تي هيٺيون ڪتبو، پٿر جي ٽن وڏن تختن تي لڳل هو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد 938هه ۾ ٺهي:
بدور شاه عادل آن حَسَن خُلقِ حسينِ آئين
کـﮧ آمد خنگ گردون باوجودِ سرکشي رامش
______
بناي مسجدِ جامع شد از دريا دلي واقع
کـﮧ دارد عالمي را شاد و خرّم فيض انعامش
______
بگرماي قيامت گر پناهِ او نخواهد شد
”پناهِ فرخ“ از بهرِ چـﮧ شد، تاريخ اتمامش(1) 938هه
______
تحفة الڪرام جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد جي مرمت ۽ ڪن حصن جي نئين سر تعمير شاهجهان (37_ 1068هه) جي زماني ۾ ٿي(2).
جامع مسجد جو پهريون امام ۽ خطيب، سيد محمود بخاري گجراتي ٿيو، ۽ کانئس پوءِ به سندس ئي اولاد ۾ اهو عهدو رهندو آيو. تحفة الڪرام جي روايت آهي ته سيد بخاريءَ جي اولاد مان سيد محمد شجاع، بن سيد فيض الله، بن سيد فتح محمد، بن سيد جعفر، بن سيد جمال، بن سيد ڪمال دستور موجب انهيءَ مسجد جا خطيب ۽ امام هئا. سندس وفات 1138هه ۾ ٿي ۽ ”شجاع“ مان اها تاريخ نڪري ٿي(3). گويا 1138هه تائين اها مسجد قائم هئي بلڪ ان کان پوءِ به تحفة الڪرام جي لکجڻ وقت (1181هه)(4) ۽ شيخ اعظم جي تاليف ”تحفة الطاهرين“ (1190هه) جي لکجڻ وقت قائم هئي. پوئين ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد ڀائي خان جي محلي ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته مـﺆلف، انهيءَ مسجد واري گنج شهيدان جو ذڪر محلي ڀائي خان جي تحت ڪيو آهي(1) ۽ قرين قياس به اهوئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو محلو قلعي جي قريب ۽ حڪومت ڪندڙ قوم جي اميرن ۽ دربارين جي رهڻ جي جاءِ هو. تنهنڪري اها جامع مسجد انهن حڪومت هلائيندڙن جي قلعي ۾ هجڻ گهرجي.
عيسيٰ ترخان جي وقت ۾ 963هه جي سال ۾، گوا جي عيسائين جيڪو ٺٽي ۾ مسلمانن جو ڪوس ڪيو، سو جمعي ڏينهن ٿيو هو. عام مسلمان مسجد ۾ نماز لاءِ جمع هئا، جو مٿن حملو ٿيو. چنانچه انهيءَ جامع جي نمازين تي به حملو ٿيو ۽ سڀني غريبن مسجد ۾ شهيد ٿي، جان، جان آفرين جي سپرد ڪئي. انهيءَ مسجد جا شهيد مسجد جي ٻاهران اترينءَ ديوار سان لڳ هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا، ۽ ٺٽي جي پنجن ”گنج شهيدان“ مان وڏي ۾ وڏو “گنج شهيدان“ اهو ٿيو(2)، جنهن لاءِ مير قانع جي روايت آهي ته تيرهن سـﺆ کان زياده شهيد منجهس دفن ٿيا، ۽ شيخ اعظم جو قول آهي ته ٻه هزار شهيد مدفون آهن(3).
اها مسجد، پنهنجي زماني ۾، بزرگن جي آمدرفت ۽ رهائش جو مرڪز هئي. مسجد جي آسپاس به ڪيترا خدا جا ٻانها رهندا هئا. مثلاً:
ميان مٺو فقير، مخدوم نوح جو پهتل مريد، انهيءَ مسجد ۾ گهڻو گذاريندو هو(4). سيد قاسم، جنهن کي قانع ”بيخود سالڪ“ لکيو آهي، سو مسجد جي محراب پٺيان رهندو هو(5). سيد ابراهيم گودڙيو ڪامل ولي گهڻو ڪري مسجد جي دروازي تي اچي ويهندو هو. هڪ ڏينهن ويٺو هو، جو اندران سيد طيب بخاري پنهنجي پٽ رحمت الله سميت ٻاهر نڪتو. سيد گودڙيي کانئس پٽ جي ٻانهن گهُري، سيد ايڏي بزرگ جي حڪم کان انڪار ڪري ڪونه سگهيو، چنانچه پٽ کڻي سندس حوالي ڪيائين. سيد گودڙيي جو تڪيو، ڪلان ڪوٽ جي سامهون مڪليءَ تي هو. رحمت الله، جيسين سيد جيئرو هو تيسين ساڻس گڏ انهيءَ تڪيي ۾ رهيو، مرڻ وقت سڄي امانت سندس سپرد ڪري ويو. رحمت الله بخاري جڏهن موٽي اچي پنهنجي خاندان ۾ رهيو، تڏهن ڪرامتن جو صاحب ۽ وڏيءَ پيريءَ مريديءَ وارو ٿي پيو(1).
اها مسجد مسافرخاني جو ڪم ڏيندي هئي. ڪيترا مسافر ڏينهن جا ڏينهن مسجد ۾ اچي قيام ڪندا هئا. ماني وغيره جو انتظام بخاري ساداتن جي حويلين تي هوندو هو، يا ڪو مسلمان پاڙي مان کڻي اچي انهيءَ قسم جي مسافرن کي کارائيندو هو. سيار سمرقندي سيلاني فقير، جيڪو فارسيءَ جو پڻ شاعر هو، سو جڏهن ٺٽي آيو ته انهيءَ جامع ۾ اچي رهيو. ۽ جيترو وقت جيئرو هو اتي رهيو، ۽ هي جهان به انهيءَ مسجد مان ڇڏيائين(2). هي بيت سندس آهي:
به مي خوردن، اشارت ميکند جام
غلط گويند مددم نرگسش نام
ميرڪن جي مسجد:
شيخ السلام مير محمود (المتوفي سن 962هه) 929هه ۾ ٺٽي آيو. جنهن محلي ۾ قيام ڪيائين اهو محلو ”ميرڪن جو محلو“ مشهور ٿيو. سيد صاحب پنهنجي حويليءَ جي ڀِڪ ۾ نهايت ئي عاليشان ۽ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جيڪا ٻِارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هئي(1).
مسجد بازار امير بيگ:
مغلواڙي جي بازار امير بيگ اندر هيءَ مسجد پڻ ارغون دﺆر جو يادگار هئي. ٻارهينءَ صديءَ جي خاتمي تائين ان جي قائم هجڻ جو پتو پوي ٿو. 963هه واري قتل عام جو واقعو هن مسجد ۾ به ٿيو، اتان جا شهيد مسجد جي ڏاکڻيءَ ديوار سان لڳ دفن ڪيا ويا. گويا اهي به ”گنج شهيدان“ هڪٻئي جي متصل هئا(2).
مسجد محله اگريه:
اگر محلي جي هيءَ مسجد، جيڪا محلي جي مشرقي حصي ۾ هئي، پڻ ارغونن جي عهد جو يادگار هئي. عيسائين جي حملي ۾ انهيءَ مسجد اندر قريباً ٻه سـﺆ نمازي شهيد ٿيا، جن جو ”گنج شهيدان“ مسجد سان متصل ٺاهيو ويو(3).
داٻگرن واري مسجد (جامع خسرو):
خسرو خان چرڪس، مرزا باقيءَ جي اميرن مان هو، ۽ مرزا جانيءَ جي ڏينهن ۽ مرزا غازيءَ جي دﺆر ۾ هن وڌيڪ ترقي ڪئي. جڏهن غازي قنڌار هو، تڏهن خسرو سڄيءَ سنڌ جو مختيارڪُل هو. نهايت نيڪ دل، مخير ۽ وڏي حوصلي جو امير هو. ٺٽي ۽ ان جي گردنواح ۾ هن بطور يادگار رفاه عام لاءِ ڪيئي مسجدون، رانڪون، پُليون ۽ تلاءَ ٺهرايا. مير قانع لکي ٿو ته ”صاحب خير و توفيق، مثلش کسي درين زمين برنخواسـﺔ آثاري که ازو ماند، احدي از ملوک و امرا بر عشرش موفق نشد“. جملي 360 آثار ڏانهنس منسوب هئا(4)، جن مان اڄ هڪ به صحيح سالم ڪونه آهي. مڪليءَ تي هڪ رانڪ، جنهن کي اڄڪلهه ”ست چڙهڻي“ چيو وڃي ٿو، خراب ۽ خسـﺔ حالت ۾ آهي، ۽ ٻي ٺٽي ۾ جامع خسرو آهي: انهيءَ مسجد کي داٻگرن جي مسجد چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته داٻگرن جي محلي ۾ هئي. هن وقت نه اهو محلو آهي نه ان جا مڪين موجود آهن، صفا ميدان ۽ ان ۾ هيءَ مسجد ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مسجد پٿر جي ۽ نهايت ڪشادي ۽ تعمير جي لحاظ کان نهايت بيش قيمت هئي. ڀانئجي ٿو ته خسرو جي پنهنجي رهڻ جون حويليون به گهڻو ڪري انهيءَ محلي ۾ هونديون، ۽ شيخ ڪالو، جنهن کي خسرو سڱ ڏيئي پاڻ وٽ رهايو، اهو ۽ ان جي اولاد به اتي گذاريو هوندو.
خسرو چرڪس مسجد ٺهرائي پهريون پيش امام، خطيب ۽ متولي سيد ابوالمڪارم کي ڪيو، جيڪو بزرگيءَ جي سڀني طور طريقن سان سينگاريل ۽ سيد احمد بن محمد عابد مشهديءَ جي اولاد مان هو(1). اهو بزرگ رهندو به انهيءَ مسجد سان لڳ هو، جڏهن فوت ٿيو ته ”ستون دين فتاد“ مان سندس تاريخ ڪڍي ويئي (1065هه). درس للو پڻ انهيءَ مسجد جي ڀر ۾ سيد جي پاڙي سان گهڻو وقت رهيو هو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (المتوفي 1174هه) هر جمعي جي صبح تي انهيءَ مسجد ۾ وعظ به فرمائيندو هو. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم عبداللطيف به پيءُ وارو طريقو قائم رکندو آيو، تا وقتيکه مخدوم موصوف 1187هه ۾ ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي ملازمت اختيار ڪري اتان هليو ويو. سندس وڃڻ بعد ان جي فرزند مخدوم ابراهيم (عرف موليڏنو) جنهن کي عام طرح (مڏئي مرقد) سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پوءِ ڪن سببن ڪري ٺٽي مان لڏي وڃي مڏئيءَ ۾ رهيو ۽ اتي فوت ٿيو، انهيءَ مسجد ۾ وعظ ڪندو رهيو(2).
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد ٻارهين صديءَ جي اختتام تائين موجود هئي، ۽ ٽالپرن واري دﺆر ۾ شهيد ٿي. حقيقت ۾ ٺٽي جي آثارن، مغل دﺆر کان پوءِ جڏهن ٺٽي جي مرڪزيت ختم ٿي ويئي، آهستي آهستي منهدم ٿيڻ شروع ڪيو. امير امرا، اهل خير ۽ صاحب ثروت ماڻهو، مرڪزيت منتقل ٿيڻ بعد، ڪي لڏي ويا. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ قدري رونق رهي، باقي ٽلپرن جي دﺆر ۽ انگريزي دﺆر ۾ ٺٽي جو زوال معـﮧ آثارن جي مڪمل ٿي ويو. ٺٽي جي سيڪ کاڌل ۽ لوڻاٺيءَ زمين ۾، بنان مرمت ۽ سنڀال جي، ٻه سـﺆ ورهيه ڪٿي ٿا آثار رهي سسگهن؟ جن مسجدن جي مرڪزيت ۽ جن درگاهن سان عقيدت قائم رهندي آئي، انهن جي مرمت ٿيندي رهي ۽ اهي اڄ تائين قائم آهن، مثلاً: سيد مبين ۽ شاهه مسڪين جي درگاهه، مسجد خضري ۽ جامع شاهجهاني وغيره. مسجد خضريءَ جي، ٽالپرن جي دﺆر ۾، مڪمل طرح مرمت ٿي ۽ پوءِ به ٿيندي رهي. اهڙيءِ طرح جامع شاهجهانيءَ جي ٻه دفعا انگريزي عهد ۾ مرمت ٿي. جامع خسرو ڀانئجي ٿو انهيءَ ڪري شهيد ٿي ويئي، جو نه اهو محلو رهيو نه انهن جا ماڻهو رهيا. شهر جي بلڪل ويران حصي ۾ رهجي ويئي، جتي ڪو نماز پڙهڻ وارو به ڪونه ٿي ويو، اهڙيءَ طرح مسجد زبون ٿي ويئي.
هن وقت آثار قديمـﮧ جو محڪمو مسجد جي سنڀال ڪري ٿو، مسجد جي محراب تي هي ڪتبو هڪ سٽ ۾ موجود آهي:
بسم الله الرحمان الرحيم_ محمد رسول والذين معـﮧ اشداء علي الکفار و رحماء بينهم 997هه. مسجد جي جوڙجڪ ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جي رٿا لاجواب آهن، خاص طرح اندريون محراب پٿر جي اڪر جو بهترين نمونو آهي.
مسجد خضري:
ٺٽي جي اها مسجد، ڪيترا دفعا مرمت ٿيڻ سبب اڄ به ائين معلوم پئي ٿئي ڄڻ هاڻي ٺهي تيار ٿي آهي، حالانڪ ساڍن ٽن سَون ورهين جو زمانو مٿس گذري ويو آهي.
ميرزا غازي جڏهن قنڌار ۾ فوت ٿيو (11_ صفر 1021هه) ان وقت جهانگير بادشاهه ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽي جي صوبيداريءَ تي مقرر ڪيو ۽ مير عبدالرزاق مظفر خان معموريءَ کي ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ جو عهدو ڏيئي ميرزا رستم جي پهچڻ کان اڳ ٺٽي موڪلي ڏنو. مرزا رستم 10_ محرم 1022هه جو ٺٽي پهتو. ليڪن جلدئي کيس موٽايو ويو ۽ تاج خان کي ٺٽو ڏنو ويو. تاج خان 1023هه ۾ فوت ٿيو. شمشير خان جيڪو ان وقت سيوهڻ جو صوبيدار هو، ان کي ٺٽي بدلي ڪيو ويو. 1024هه ۾ مير عبدالرزاق معموريءَ کي ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ مان وڌائي ٺٽي جو نواب ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو غالباً 1028هه تائين رهيو. اها مسجد هن پنهنجي ديوانيءَ واري زماني 1022هه جي سال ۾ ٺهرائي. مير قانع جو قول آهي ته انهيءَ جاءِ تي ”نهال دريا“ نالي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرائي مير معموريءَ اهو خانـﮧ خدا آباد ڪيو، ۽ مسجد ان وقت گودڙيءَ بازار ۾ هئي(1).
ڪيترن مسجدن جي سلسلي ۾ مير قانع لکيو آهي ته مسجد ٺهڻ کان اڳ اتي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرايو ويو. اسان جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن ٺٽي ۾ هندو نهايت عزت سان گذربسر ڪندا هئا، سندن تهذيب ۽ تمدن به مسلمانن سان رلندو ملندو هو، سرڪاري عهدن تي به فائز هئا، مذهبي تنگدلي نه ٺٽي جي مسلمانن ۾ هئي نه ٺٽي جي هندن ۾ هئي، ۽ اهو حال سَمن جي سلطانيءَ کان وٺي ڪلهوڙن جي عهد تائين رهيو. پوءِ ڪهڙو سبب هو، جو هروڀرو مڙهين کي ڊهرائي انهن جي جاءِ تي مسجدون ٺهرايون ٿي ويون، گويا ٺٽي ۾ خانـﮧء خدا لاءِ ٻيو ڪوبه پلاٽ ملي ڪونه ٿي سگهيو. اسان جي خيال ۾ محض مذهبي جذبي ڏيکارڻ، هندن مٿان برتري محسوس ڪرائڻ، يا ڪنهن بزرگ جي سلسلي ۾ ڪرامت بيان ڪرڻ خاطر، پوئين دﺆر جي مصنفن، انهيءَ قسم جون عامي روايتون قبول ڪيون آهن، جي سراسر علمي شان جي خلاف آهن.
”مسجد صفــﮧ“ جي سلسلي ۾ مثلاً اسان جو خيال آهي ته ”تذڪرةالمراد“ جي ساده دل ۽ نيڪ نهاد مصنف کي پنهنجي مرشد جي ڪرامت ڌيکارڻي هئي، جنهن ڪري کيس مڙهيءَ ڊاهڻ جو واقعو سيد صاحب جي دامن سان وابستـﮧ ڪرڻو پيو. چنانچه هن مڙهي ڊاهي، انهيءَ وقت جي چند مکيه ماڻهن کي سيد صاحب جو جلال ڏيکاري، عقيدتمند بنائي، آخر ۾ خود مڙهيءَ جي مالڪ کي آڻي سيد عليـﮧ رحمت جي قدمن ۾ ڪيرايائين. حالانڪ مڙهيءَ ڊهرائڻ لاءِ نه خدا جو حڪم، نه رسول جو فرمان، نه مذهب جو سبق، نه ڪنهن بزرگ يا مشائخ جي شايان شان هو، ۽ نه اهو ڪردار ڪنهن الله واري جو ٿي سگهيو ٿي.
مسجد خضري جهانگير جي دؤر ۾ ٺهي، جيڪو اڪبر جو فرزند ۽ پنهنجي سر پاڻ به انهيءَ قسم جي خسيس مذهبي تعصب کان بالاتر هو. ٺٽي جي ماڻهن تي مرزا رستم صفويءَ ٿوري سختي ڪئي ته جهانگير کيس معزول ڪري گهرائي ورتو ۽ تيسين شاهي عتاب هيٺ رهيو، جيسين ڏکويل ماڻهن کان معافي نه ورتائين. اهڙين حالتن هيٺ جڏهن ته انهيءَ وقت ميرزا غازيءَ جا هندو امير ٺٽي ۾ موجود هئا، انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا اثر وارا هندو خود مغل نواب جي ماتحت مختلف عهدن تي فائز هئا، اُهي سڀ اعتراض اٿاري سگهيا ٿي، بادشاهه وٽ سندن شڪايت فوراً پهچي ٿي سگهي. پوءِ ڪهڙيءَ طرح اها روايت قبول ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ مسجد جا بنياد، نهال دريا مڙهيءَ جي انهدام تي استوار ڪيا اويا. جڏهن ته مٿين سڀني حقيقتن کان علاوه، خود مسجد جي جوڙائيندڙ، مير معموريءَ جو ڪردار به اسان جي سامهون آهي. نهايت نيڪ، خدا شناس ۽ صاحب فضيلت امير هو، جنهن مان اهڙي غير شرعي حرڪت جي اميد رکڻ ئي عبث آهي.
بهرحال، مير معموريءَ اها مسجد ان وقت جي گودڙي بازار ۾ ٺهرائي، ۽ اها پهرين مسجد آهي، جيڪا مغل حڪومت جي ماتحت ٺٽي خواهه سنڌ اندر ٺهي. مسجد چونڪه ٺٽي جي وچ شهر ۽ تمام آباد حصي ۾ آهي، تنهنڪري اڄ تائين موجود ۽ نئين نويلي لڳي ٿي. ڇت پيل حصو ٽن طبقن يا حصن ۾ آهي، ۽ هر حصي مٿان خوبصورت گنبذ آهي. اندر فرش ۽ ٻاهر ٽائيل جو فرش آهي، جيڪو پوئين زماني ۾ مرمت ڪندي لڳايو ويو آهي. ڇِت جي ٻاهران واري حصي ۾ ڪشاود ايوان آهي، اترين طرف کان پنج فوٽ کن مٿي ٿلهو آهي، جنهن ۾ نمازين جي وضوءَ لاءِ تلاءُ ٺهيل آهي. مسجد جو دروازو ڏکڻ طرف شاهي بازار جي هڪ ننڍيءَ شاخ ۾ کلي ٿو، جيڪا شايد ان زماني ۾ گودڙي بازار هئي يا شاهي بازار جو اتهون وارو ڪجهه حصو انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو هو. مسجد جو محراب پنج گوشو يعني پنج پهلو آهي. ٽن گوشن جي ڪنارن تي خوبصورت طغرائي خط ۾ قرآني آيت اُڀريل اکرن ۾ لکيل آهي، ۽ آخري ٻن پهولوئن تي هيءَ عبارت آهي:
(1) خـــــــاک آســـــــتان حـــــــضـــــــرت نبـــــــوي ﷺ. عـــــــبدالـــــــرزاق
(2) الحسيني المعموري الملقب بمظفر خان. بتاريخ تمام شد
سنه 1022هه
اهو ڪتبو قرآني آيات سميت، اتر کان شروع ٿي ڏکڻ تي ختم ٿئي ٿو. انهيءَ ڪتبي ۾ ”مظفر خان“ جو لقب به ڄاڻايو ويو اهي، جيڪو مير معموريءَ کي جهانگير اجمير شريف جي منزل تي عطا ڪيو. جڏهن، بقول ترخان نامـﮧ، هو ٺٽي مان خسرو چرڪس، ميرزا عبدالعلي ترخان، جنهن کي ميرزا غازيءَ جي وفات بعد خسروءَ ٺٽي ۾ مسند نشين ڪيو هو، ۽ سمورو ترخاني قبيلو وٺي وڃي شاهي حضور ۾ پهتو، ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها مسجد مير معموريءَ ٺٽي ۾ پهچي ٺهرائڻ شروع ڪئي هوندي. 1022هه جي 1- محرم جو، جڏهن ميرزا رسٽم ٺٽي پهتو تڏهن هن خسرو ۽ ترخاني قبيلي کي سهيڙي مير معورٽيءَ ذريعي اجمير موڪليو. اتان جڏهن مير موصوف خطاب حاصل ڪري ٺٽي پهتو، تڏهن مسجد به جُڙي راس ٿي ۽ هن مٿس ڪتبو هڻايو، جنهن ۾ سندس لقب به شامل آهي.
جهانگير مير معموريءَ ۽ ميرزا رستم کي هدايت ڪئي هئي ته ٺٽي ۽ سنڌ جي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اوهين پهريان ڪامورا آهيو جيڪي وڃو ٿا. ماڻهو ضرور پنهنجي وطني حڪومت ختم ٿيڻ ۽ ڌاريءَ حڪومت هيٺ اچڻ سبب دلگير هوندا، تنهنڪري اوهان جو فرض آهي ته اهڙي پاليسي هلجو، جو سندن دليون هٿ ڪري وٺو، جيئن هو ڌاريءَ حومت کي ڌاريو سمجهڻ نه لڳن. مرزا رستم انهيءَ پاليسيءَ تي نه هليو، جنهن ڪري معزول ٿيو. مير معموري نهايت سياست ۽ سمجهه سان هليو، جنهن ڪري نه فقط ديوانيءَ ۽ بخشگيريءَ جي عهدي تي قائم رهيو، بلڪ پوءِ پاڻ به ٺٽي جو نواب ٿيو. اها جامع مسجد به اسان جو خيال آهي ته هن مٿين پاليسيءَ جي ماتحت مذهبي ذريعو اختيار ڪري، ٺٽي جي مسلمانن جي دلين وٺڻ خاطر، اچڻ سان ٺهرائڻ شروع ڪئي.
اها مسجد تيرهين صديءَ جي شروع ۾ يا ان کان اڳ ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ تقريباً منهدم ٿي جيڪي هئي، ۽ 1229هه ۾ ان کي ٻيهر مير ڪرم علي خان ٽالپر (والي سنڌ) تعمير ڪرايو، جنهن جو مذڪور مير مائل جي هيٺئين قطع تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو:
(1) اخيء دهر و کرم يار زمان مير کريم
که بوصفِ کرم از نام علي داد نمود
ديده اين مسجد منهدم و افتاده
مسجد الله پئي شغل صلواة معبود
حاليا طرفا ز تعمير بناي او دل
از شرف بخشيءِ ترميم، جلايش افزود
سال ترميم بخيرش کـﮧ بود خير کرم
”خير مسجد بکرم آمده“ سالش فرمود
1229هه
باد ازين خير کرم، مائل حق بر بابش
داعي خير شهه ذوالکرم از رب ودود
________
(2) چون مير ما کرم علي آن شاه حق شعار
کز حق موفق آمده في الخير بر مزيد
اکنون بعد کرامت ترميم نو بخير
داده جلائي تازه باين مسجد مجيد
تاريخ اين مبارک ترقيم دل ز غيب
”خيري کرم بداده بمسجد جلا“ شخيد
1229هه
خير کرم بداده بمسجده چه زيب بهه
ديگر بدل ز غيب بسالِ ندا رسيد
هم سال آن ز لفظ ”بجا خير تازه“ دل
1229هه
روح القدس پئي مطلع احباب برکشيد
يا رب بحق خوبيء اين تازه خير شاه
بادا بخير تازه ز اکرام مسفيد
________
(3) يافت اين مسجد چو از خيرِ شههِ بزمِ کرم
آنکــﮧ تعميرِ مساجد خيرش آمد ماه و سال
حالي ز ترميم نو خوشتر ز تعميرِ قديم
بهرِ شغلِ مومنين زيب و صفاي لايزال
طبع داعي ديده اين ترميم با خير از کرم
”باد از اهلِ کرم خيرِ مساجد“ گفت سال
1229هه
”باد اين سجد ز ترميمِ کرم بازيب و زين“
1229هه
سال آن با باي بسم الله اگر آمد بقال
1227+2=1229هه
باد دائم في الصلواة الخمس چون مائل بحق
هر مصلي سائلِ خيرش ز فضلِ حق تعال
مير مائل جا قطعـﮧ سٺا آهن يا ساده، اهو جدا سوال آهي، اسان انهيءَ ڪري خوش آهيون ته مرحوم مائل جي ذريعي اسان کي مرمت ۽ مسجد جي نين تعمير جو سال معلوم ٿي ويو. انهيءَ مسجد تي، اهو نالو (جامع خضري) ڇو پيو، ان جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو. شروع کان اهو نالو هو، يا پوءِ ڪنهن نسبت سبب پيو، اهو خدا کي علم آهي. هڪڙيءَ روايت موجب انهيءَ مسجد ۾ خواجه خضر نماز پڙهندي ڏٺو ويو، تنهنڪري مٿس اهو نالو پئجي ويو.
مسجد اميرخاني:
ٺٽي جي جامع شاهجهانيءَ جي اُترينءَ ۽ اولاهينءَ ڪئنڊ تي، مسجد کان ٻه سؤ کن قدم پري، گنبذ سان هڪ ننڍي چؤديواري موجود آهي، اها مسجد اميرخاني آهي، جنهن کي ابوالبقا امير خان جيڪو اميرخانن جو وڏو هو ۽ جنهن ٺٽي تي ٻه دفعا گورنري ڪئي، ٺهرايو. انهيءَ مسجد جي سلسلي ۾ به اهائي روايت آهي ته مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي ويئي(1). اها مسجد ڀائي خان جي محلي چوڪ ملڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هئي. ٻارهين صديءَ ۾ مسجد سان متصل ٺٽي جي مشهور شاعر خاندان شيخ محمد مريد قانونگو جو گهر هو. محمد محفوظ ’سرخوش‘ ان جو پٽ هو، ۽ ميان قمرالدين ”عشرت“ سندس ڏوهٽو هو. شيخ محمد مريد 1171هه ۾ وفات ڪئي(2)، ۽ ان بعد به سندس اولاد انهيءَ گهر ۾ رهندي آئي.
اها مسجد 1039هه ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1040هه ۾ جُڙي تيار ٿي. هيٺينءَ طرح انهيءَ مسجد تي ڪتبا لڳل آهن:
ڏاکڻي ديوار تي اندران:
همين کردم طلب سالِ بنايش
خرد گفتـﮧ کـﮧ ”بيت الله باني“ 1039هه
مسجد جي ڪوٺيءَ اندر داخل ٿيڻ لاءِ اوڀر کان هڪ دروازو آهي، انهيءَ دروازي جي اتر ۾ ٻاهران هي ڪتبو آهي:
اين مسجد بهشت نشان را بنا نهاد
مهِرَ سپهر دولت و اقبال اميرخان
دروازي جي ڏکڻ کان، ٻاهرئين طرفان:
چون ختم بود، در همـﮧ اوصاف فيض و لطيف
سال تمام گشتن او نيز ”ختم“ دان 1040هه
ظاهر آهي ته جنهن مسجد هڪ سال ٺهڻ ۾ ورتو هوندو، اها فقط اها ڪوٺي ڪانه هوندي، جيڪا اڄ موجود آهي، ضرور مسجد خوبصورت ۽ ڪشادي هوندي. جتان رستو وڃي ٿو، اتي ضرور مسجد جو صحن هوندو.
مقالات الشعرا ۾ ملتفت خان مير عبدالڪريم امير خان، جيڪو امير ابوالبقا جو فرزند هو، ان کي اُن مسجد جو باني لکيو ويو آهي(1)، جا روايت سراسر غلط آهي، البت تحفـﺔ الڪرام ۾ مير قانع صحيح لکيو آهي ته مسجد ابوالبقا اميرخان ٺهرائي(2).
مسجد زبون ٿي چڪي هئي، ٽي_ چار سال ٿيا جو ان جي پي. ڊبليو.ڊي وارن مرمت ڪئي آهي.
مسجد شاهجهاني: هن مسجد جي مسقف حصن ۽ ان جي گنبذن اندران ٽائيلس جو جيڪو خوبصورت ڪم ڪيو ويو آهي، اهو اسلامي فنڪاريءَ جي تمام اوچن چند نمونن مان هڪ آهي. نه فقط سهڻي ۽ سٺن رنگن واري ٽائيلس ڪتب آندي ويئي آهي، بلڪ سرن ۽ رنگن کي اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملايو ويو آهي، جو اندر داخل ٿيڻ شرط ڏسندڙ کان ڇِرڪ نڪري وڃي ٿو ۽ ڏسندڙ نه فقط خوبصورت جڙاءَ ۽ فنڪاريءَ جي چابڪدستيءَ کي ڏسي حيران ٿئي ٿو، بلڪ سندس دل هڪ قسم جي خوشي، مسرت، انبساط، اطمينان ۽ سڪون محسوس ڪري ٿي_ اهڙي خوشي يا اهڙو سڪون ۽ اطمينان، جيڪو هڪ مسافر کي وڏي ڪشالي ڪاٽڻ بعد پنهنجي منزل مقصود تي پهچي حاصل ٿيندو آهي، ۽ حقيقت ۾ اهوئي راز ۽ اهوئي ڪمال انهيءَ ميناڪاريءَ ۾ رکيو ويو آهي. هڪ عبادتگذار پنهنجي طويل ۽ عمر ڀر جي عبادتگذاريءَ جي مقبوليت بعد جيڪا راحت روح ۾ پسند آهي، سا هڪ ڏسندڙ کي هن مسجد جي ڇت هيٺان محسوس ٿئي ٿي.
مسجد جو اوڀاريون ۽ اولاهيون حصو ڇت هيٺ آهن، جنهن تي ٽي وڏا گنبذ مرڪزي آهن. اتر ۽ اولهه جي ديوارن سان پڻ ڇتائيون رواق آهي، جيڪو غالباً مدرسن جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ٻيئي رواق ونگن تي آهن ۽ متعدد ونگون هرڪ رواق هيٺان آهن. مسجد جو رقب 305x170 فوٽ آهي. وچ ۾ تمام ڪشاود صحن آهي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ ئي ٽي هزار عبادتگذار، نماز پڙهي سگهن ٿا. رواقن مٿان، ننڍا ننڍا جملي 92 گنبذ آهن. محڪمـﮧ آثار قديمـﮧ جي رپورٽ (نمبر 8- طبع بمبئي 1879ع) مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد تي شاهجهاني دؤر جا نَوَ لک رپيا خرچ ٿيو هو. مسجد جي ڪرسي پٿر جي آهي، ۽ باقي عمارت ننڍين سرن جي آهي. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ کان دروازو آهي، ۽ اوڀارين مسقف عمارت جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ کان پڻ هڪ ننڍو دروازو آهي، جنهن مان نڪري اميرخاني محلي ۾ داخل ٿجي ٿو. مسجد جي ٻنهي ڇتائن عمارتن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وچ تي هڪٻئي جي سامهون عاليشان ۽ بلند ونگن تي دروازا آهن، اتريون ۽ ڏاکڻيون رواق ٻاهر کليل آهي ۽ دروازن جي بجاءِ منجهس ٺل آهن.
انهيءَ جامع جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ کان جيڪو ڪشادو ميدان پيو آهي، انهيءَ ۾ ٺٽي جو ”قلعـﮧ حاڪم نشين“ هو، ۽ مسجد خود غالباً ڀائي خان جي محلي ۾ هئي. اوڀر کان مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جاءِ تي بعد ۾ امير ابوالبقا امير خان پنهنجو محلو آباد ڪيو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اهو مسجد وارو علائقو، شهر جو مرڪزي ۽ اهم حصو هو، ڇاڪاڻ ته ارغوني دؤر کان وٺي مغل نوابن تائين، بادشاهه، حاڪم ۽ انهن جا امير امراءَ انهيءَ ايراضيءَ ۾ رهندا هئا. شهر خواه سنڌ جي سياست انهيءَ ايراضيءَ ۾ فيصل ٿيندي هئي. انهيءَ حصي ۾ مغلن جا فرمان پهچندا هئا، ۽ انهيءَ حصي مان ملڪ تي حڪم صادر ٿيندا هئا. لٽ مار، ڦر ڌاڙي، قتل ۽ غارتگريءَ جا واقعات، جيڪي ٺٽي شهر خواه ملڪ ۾ ڌارين حڪامن ڪرايا، تن سڀني جو منبع شهر جو اهو حصو هو، ۽ اهو ئي شهر جو حصو اڄ برباد ۽ ويران آهي_ اهي آهن خدا جي قدرت جا رنگارنگي کيل!
اها مسجد، شاهجهان جي دؤر ۾ ٺٽي جي نواب امير ابوالبقا امير خان پنهنجي صاحبيءَ جي زماني ۾ ٺهرائي، مسجد ۾ ڪتبا هيٺينءَ ريت آهن، جن مان مختلف تاريخن جو پتو پوي ٿو.
اولهائين، ڇتائين عمارت جي داخلي دروازي تي، ٻاهران ٽن ڪنارن تي، بخط ثلث:
(1) ”لقد صدقالله رسولـﮧ الرؤيا_ تا_ مغفرة و اجرا عظيما_ کتبـﮧ سيد علي بن عبدالقدوس(1) 1104هه“.
(2) ”اقم الصلواة_ تا_ زهوقا_ مشقـﮧ العبدالفقير بنڀو(2) بن حسن.“ انهيءَ حصي جي وڏي مرڪزي گنبذ هيٺان عمارت مثمن آهي، انهيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث هي ڪتبو آهي:
(3) ”سب مان الذي اسرا_ تا_ عذابا اليما_ ڪتبـﮧ فقير طاهر(3) بن حسن ڪاتب“.
اوڀاري عمات ۾ اندر، داخلي دروازي جي ڏاکڻي پاسي کان هي ڪتبو ٽن پٿر جي ٽڪرن تي آهي:
(4) بادشاه زمانـﮧ شاه جهان جامعِ تتـﮧ دلکشا پرداخت
مرتفع جامعي کـﮧ گنبد او سايـﮧ برقبـﮧ سما پرداخت
خاصـﮧ بهرِ خداي ظل خدا خانـﮧ رحمت خدا پرداخت
خوش جامع بحکم شاهجهان زبده آل مصطفيٰ پرداخت
رضوي انتساب مير جلال کـﮧ وزارت ازو صفا پرداخت
گشت فرشي کـﮧ سنگ آن ز صفا رشک جام جهان نما پرداخت
ســــــال تعمير آن دبير خرد ”فرش مطبوع و دلکشا“ پرداخت
(1068هه)
هيءُ ڪتبو عبدالله(1) ڪاتب جو لکيل آهي، ۽ ان مان 1068هه فرش هڻائڻ جو سال معلوم ٿئي ٿو، جيڪو مير سيد جلال رضويءَ وزير(؟) هڻايو. اهو سال شاهجهان جي حڪومت جو آخري سال هو. انهيءَ اوڀارين حصي ۾ طاق جي اندرئين طرف خط ثلث ۾ هي ڪتبو آهي:
(5) ”تبارک الزي نزل الفرقان_ تا_ انـﮧ غفورالرحيم. صدق الله، صدق الله اعلي العظيم_ شيخ محمد فاضل“(2).
انهيءَ اوڀارين حصي جي داخلي دروازي جي ٻاهران هيٺيا ٻه ڪتبا دروازي جي ڏاکڻي ۽ اترئين پاسي کان پٿر جي ٻن سرن تي اڪريل آهن، ڏکڻ کان بخط نستعليق.
(6) چون ز صاحب قِران شاهجهان يافت ترتيب مسجد اعليٰ
اترئين طرف کان ٻن سٽن ۾ مٿئين ڪتبي وانگر:
(7) هاتفم گفت سال اتمامش ”گشت زيباچو مسجد: اقصيٰ“
1057هه مشقـﮧ عبدالغفور(3)
ڏکڻ کان جيڪو رواق آهي، ان ۾ داخلي دروازي جي اولهائين طرف ٻئي نمبر ونگ جي مٿان هي ڪتبو آهي:
(8) نديده چشمِ فلڪ مسجدي بدين خوبي
کـﮧ آمدند ملايک براي ديدن فيض
بجستم از خرد و عقل سال تعميرش
بديد، کرد اشارت کـﮧ ”هست معدنِ فيض“1054هه
مسجد ۾ هن وقت ڪل اهي ڪتبـﮧ آهن، جن جا سال ترتيبوار هيٺينءَ طرح آهن: 1054، 1057، 1068، 1104_ محڪمه آثار قديمـﮧ وارن مٿين ڪتبن جي سالن مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سال 1054هه ۾ مسجد ٺهڻ شروع ٿي؛ 1057هه ۾ جُڙي راس ٿي؛ شاهجهان جي آخري سال 1068هه ۾ مير سيد جلال رضويءَ وزير (؟) فرش هڻايو، ۽ عالمگير جي پوئين دؤر ۾ 1104هه ۾ مسجد ۾ ڪي ترميمون ٿيون.
اسان کي معلوم نه آهي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ انهيءَ مسجد جي ڪا مرمت ٿي يا نه، البت ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ مان مير مراد علي خان ٽالپر 1227هه ۾ ان جي چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي. مير مائل انهيءَ مرمت تي هيٺيان تاريخي قطعا چيا آهن:
وه اين مسجد شاهي آنگه سالش بر ”معدن فيض“ پيش ازين 1054
در حـــــــال ز فـــــــيـــــــض رشد تـــــــازه از دســـــــت مـــــــيـــــــر نـــــــيـــــــک آئـــــــين
کـــــــز نـــــــام عـــــــلي مـــــــراد يابست دائـــــــم بـــــــه بـــــــبـــــــقاي دولــــــت و دين
از فـــــــيض مـــــــراد تـــــــازه تـــــــرمـــيم بـــــــگرفت بـــــــکام دل چـــــــو تـــــــزئيـــن
فرمود سروش غيبم اين سال
”اين معدنِ: فيض حاليا بين“1227هه
_________
باز از مجد و شرف اين جامع شاهي گرفت
با هزاران زيب و زينت تازه تزئين الرشاد
گفت طبعم در دعا تاريخ ترميمش چنين
”باد دائم امجد اين جامع و ترميمِ مراد“ 1227هه
_________
حسبـﺔ لله بکام آنکـﮧ في الليل و النهار
دارد از شوقِ دلي شغلِ عبادت دل نهاد
برد از طبعِ براهم مسجدِ حق کز قديم
دارد از سعي صفا با کعبـﺔالله اتحاد
چون بترميمِ مراد از نو چو تعميرِ قديم
داد با صد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد
در خوشي خوش سال ترميمش سروشِ غيب گفت
”آمده نو باز اين مسجد ز ترميمِ مراد“
1227هه
ديده هرکس بر مرادِ طبعش اين ترقيم خير
از جزاک الله خيرا صد نويدِ کام داد
تا بود ’مائل’ بيادِ حق قلوب المومنين
ورد شان دائم در اين مسجد دعاي مير باد
_________
شکر حق کـﮧ پيرويء سنت ختم الرسل
آنکـﮧ واجب کرد تعمير مساجد بر عباد
رونقِ عباد دوران مير نام آور کـﮧ او
دارد از نام علي حاصل بدوران هر مراد
مسجد کي وري مرمت جي ضرورت ٿي، جنهن تي ٺٽي جي معززن، مخدوم محمد ابراهيم (المتوفي 1317هه) صاحب تڪملـﮧء مقالات الشعراء کان هڪ درخواست تمام وڏن ۽ طول طويل القابن سان فارسيءَ ۾ ٺهرائي، مير علي مراد خان والي خيرپور ڏانهن موڪلي، جنهن ۾ کيس التجا ڪيل هئي ته ٺٽي جي جامع شاهجهانيءَ کي مرمت جي ضرورت آهي ۽ هو اهو ڪارخير ڪري(1). جواب ڇا آيو؟ ليڪن ايترو يقين آهي ته مير انهيءَ طرف توجهه ڪونه ڏنو. مير مرحوم جي سڄي زندگي شڪارن پٺيان جهنگ ۾ گذري، شهري ڪاروبار ۽ اهڙن معقول ڪمن سان سندس واسطو ڪونه هو.
انگريزن پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ ان جي ٻه دفعا مرمت ڪرائي. پهروين دفعو سر بارٽل فريئر 1272هه (1855ع) ۾(2)، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر 1311هه (1894ع) ۾ ٿي(3). هن وقت تائين مسجد جي حالت بلڪل زبون ٿي چڪي هئي. مسجد آثار قديمـﮧ جي تحفظ ۾ آهي، ليڪن ان جي مرمت پي.ڊبليو.ڊي وارا ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ان جي تاريخي ۽ تعميري روش خواهه خوبي ختم ٿي چڪي آهي(4).
مسجد حفظ الله خاني: شاهجهان جي مشهور وزيراعظم سعدالله خان جو پُٽ، حفظ الله خان، 1103هه ۾ ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. سيوهڻ به سندس تحت ڪيو ويو. نهايت نيڪ، پرهيزگار ۽ ديندار هو. حضور ﷺ جن جي عرس تي هزارن ماڻهن کي دعوت کارائيندو هو، ۽ هٿ سڀني جا پاڻ ڌوئاريندو هو. 1112هه ۾ سيوهڻ ۾ سج لڳڻ (سن اسٽروڪ) سبب فوت ٿي ويو. مير غلام علي ’آزاد’ بلگرامي_ فَلهُم جَناتُ الماويٰ نُزلا بما کانُو يَعمَلوُنُ(1) مان سندس وفات جو سال ڪڍيو.
ترخاني دؤر وارو قلعـﮧ حاڪم نشين زبون ٿي چڪو هو. حفظ الله خان ان کي ٺهرائڻ شروع ڪيو، ليڪن بادشاهه جي حڪم پهچڻ سبب مڪمل نه ٿي سگيو(2). ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو. انهيءَ نيڪ نفس نواب 1109هه ۾ انهيءَ قلعـﮧ حڪام نشين جي دروازي اڳيان، انهيءَ مرمت واري دوران ۾ مسجد به ٺهرائي جيڪا شاهي حڪم پهچڻ کان اڳ ۾ ئي تيار ٿي ويئي، ۽ ان جي ٺهڻ جي تاريخ تي، مخدوم محمد عابد ولد مخدوم رحمـﺔ الله مدرس، هيٺيون قطعو چيو:
شده اين مسجدِ فرخنده انجام
بناي خير حفظ الله خاني
خرد تاريخ تعميرش بگفتـﮧ
”جزاي خير باد بهرِ باني، 1109هه(3)
محلـﮧ تندسر جي مسجد:
تندسر جي محلي ۾ متعدد ننڍيون ننڍيون مسجديون هيون، جن مان هڪ مسجد هن ڪري تاريخي ۽ مشهور ٿي ويئي، جو ان ۾ ٺٽي جو مشهور حال ۽ قال جو صاحب، حاجي سليمان، جيڪو فقهه ۽ حديث جو به جيد عالم هو، دفن ٿيو. اها مسجد 1190هه تائين قائم هئي(4).
ميان ملوڪ شاه واري مسجد: تندسر جي محلي جي ٻي مشهور مسجد ميان ملوڪ شاه جي هئي. ميان مرحوم جڏهن مسجد ٺهرائي رهيو هو، ان وقت مسجد جي اوڀارين ديوار هڪ منهدم ٿيل مزار مٿان کنئي ويئي، جيڪا هڪ بزرگ سيد حسين جي هئي. رات جو ميان ملوڪ شاه خواب ۾ اها حقيقت معلوم ڪري، صبح جو ديوار سورائي ۽ بزرگ جي مزار نروار ڪري ڇڏي(1).
اها مسجد زياده تر هن ڪري مشهور ٿي ۽ تاريخي بنجي ويئي، جو ان ۾ ٺٽي جي مشهور واعظ ميان عبدالله عرف ميان موريي واعظ جو جيد شاگرد ميان نور محمد ايترو پرتاثير وعظ ڪندو هو، جو سڄو ٺٽو اچي پرٽبو هو. مرحوم ميان نور محمد ڏهه_ ٻارهن سال متواتر وعظ ڪيو، ۽ 1176هه ۾ فوت ٿيو(2). اها مسجد صديءَ جي اختتام تائين ته آباد هئي، ان کان پوءِ ڪيترو وقت قائم رهي، سو خدا ڄاڻي.
مير عبدالعليءَ واري مسجد: اها مسجد مسڪرن جي محلي ۾ هئي، جنهن لاءِ پڻ مير قانع جي روايت آهي ته اتي پهريون ”مهر“ نالي هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ٺٽي جي مشهور لوڌي خنادان (سادات مارﱞندراني) جي هڪ فرد، مير عبدالعلي بن سيد محمد بن سيد ابوالفتح بن مير ڪمال الدين بن سيد بدرالدين، ڊهرائي، بقول مير قانع، ”مشهور“ مسجد ٺهرائي(3).
سيد بدرالدين 967هه ۾ سنڌ ۾ پهتو، مير عبدالعلي سندس چوٿين پيڙهيءَ ۾ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها مسجد مير عبدالعليءَ عالمگير جي عهد ۾ ٺهرائي هوندي. مير قانع جي روايت آهي ته انهيءَ خاندان جو هڪ بزرگ، سيد محمد خليق، ڪيترا سال ٿيا جو انهيءَ مسجد مان گم ٿي ويو ۽ وري نه لڌو، ان جو پٽ سيد گل 1181هه ۾ موجود هو(1)، ۽ اها مسجد پڻ ٻارهن صديءَ جي خاتمي تائين قائم هئي.
مسگرن جي محلي واري مسجد:
انهيءَ محلي ۾ هيءَ ٻي مسجد پڻ تاريخي حيثيت سان هن ڪري اهم هئي، جو منجهس ٺٽي جا چند مشهور بزرگ ۽ الله وارا پوريل هئا. مثلاً:
سيد دائود ۽ سيد اسماعيل، جيڪي ٻيئي ڀائر هئا، ۽ بقول شيخ اعظم_ در واديء تحقيق و توفيق رتبـﮧ عالي داشتند_ انهيءَ مسجد ۾ مدفون هئا(2).
ميان نور شاهه ٺٽي جو مشهور مجذوب به انهيءَ مسجد ۾ مٿين ٻن بزرگن جي پيرانديءَ کان رکيل هو(3). اهو بزرگ شيخ اعظم جي زماني جو آهي. شيخ پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪندي لکي ٿو ته ”مان ڪنهن سخت مشڪلات ۾ ڦاٿل هوس. ان جي فڪر ۽ سوچ ۾ هڪ ڏينهن پنهنجي گهر اڳيان غم ۽ اندوهه جي تصوير بڻيو بيٺو هوس. اتفاقاً مجذوب اچي اتان لانگهائو ٿيو. مون ڏي ڏسي فرمايائين ته فڪر نه ڪر، ٽن ڏينهن بعد تنهنجو ڪم ٿي ويندو!“ مـؤلف لکي ٿو: برابر ٽئين ڏينهن ٻن سالن جو روڪيل منصب، جنهن جي جاري ٿيڻ جي ڪا صورت ڪانه هئي، پنهنجو پاڻ جاري ٿي ويو(4).
مسجد لکي:
مٿئين محلي مسڪرن جي هيءَ ٽين مسجد به مشهور ۽ معروف هئي. انهيءَ مسجد جو نالو، شيخ اعظم ”مسجد لکي“ رکيو آهي، جنهن جي نسبت جو پتو پئجي نه سگهيو. انهيءَ مسجد ۾ پڻ ٺٽي جو هڪ وڏو الله وارو بزرگ ستل هو، جنهن جو نالو سيد ابراهيم هو ۽ جنهن لاءِ تحفـﺔ الطاهرين ۾ آهي ته_ ”خداوند معارف قدسيـﮧ و مهبط اسرار الاهيه بود“_ سموري زندگي مجرد رهي خدا جي عبادتگذاريءَ ۾ بسر ڪري ڇڏيائين. سندس چيو هرگز خالي نه ويندو هو. پنهنجي وصيعت مطابق اهيءَ مسجد ۾ پوريو ويو(1).
مسجد اسلامپور: هيءَ مسجد مڪليءَ جي دامن ۾ اڃا تائين آهي. اها پڻ هندن جي هڪ ميلي واريءَ جاءِ ۽ مڙهيءَ جي مقابل، جنهن کي ”ڪالڪان“ سڏيو ويندو هو، ٺهرائي ويئي، ۽ ان جو نالو ”ڪالڪان“ جي مقابلي ۾ ”مسجد اسلامپور“ رکيو ويو. اها مسجد ٺٽي جي مشهور واعظ ميان عبدالقادر جي پٽ محمد حفيظ ٺهرائي. ميان عبدالقادر ميان ابوالحسن جو سؤٽ هو، جنهن جي سنڌي (مقدمـﮧ الصواة) مشهور آهي. ميان حفيظ جي سلسلي ۾ مير قانع جو ارشاد آهي ته هو صاحب وڏو صالح ڪامل ۽ متقي هو. خدا تعاليٰ سندس شخصيت کي ڪرامتن جو جامع بڻايو هو. جيڪو ذمي (ڪافر) سندس منهن ڏسندو هو سو جهٽ اسلام ۾ داخل ٿي پوندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي مشرڪن سندس زيارت جي برڪت سان اسلام جو شرف حاصل ڪيو(2).
تعجب آهي جيڪڏهن اهڙو بزرگ ٺٽي ۾ موجود هو، ته پوءِ ڪهڙو سبب ٿيو، جو فقط ”ڪيترا مشرڪ“ مشرف به اسلام ٿيا. ڇو نه شهر بلڪ سموريءَ سنڌ جي مشرڪن اسلام قبول ڪيو. نه تبليغ جي ضرورت، نه اسلام جي تعليم جي گهرج ۽ نه اسلام کي سمجهڻ جي تڪليف، ڇڙو منهن ڏسڻ اسلام اچي ٿي ويو، ته هوند اهڙي بزرگ کي ته تڪليف وٺي صوبي جي سڀني مشرڪن کي پنهنجو روءِ ڏيکارڻ کپندو هو، تاڪه نه رهي بانس نه بجي بانسري.
اهو وڌاءُ آهي، مبالغو آهي يا حقيقت، بهرحال، مذڪوره بزرگ جي دؤر کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين، ٺٽي ۾ نه فقط مشرڪ موجود هئا، بلڪ سڀني مومنن مٿان حاوي هئا.
مٿي بيان ڪيل مسجد، ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ٺهي هوندي، ڇاڪاڻ ته محمد حفيظ مرحوم انهيءَ زماني جو هو. ٺٽي ايندي مڪليءَ جي لاهيءَ ۾ اها مسجد ويران پيئي آهي.
قمري مسجد:
شهر جي هڪڙي محلي يا پاڙي ۾ انهيءَ نالي سان هڪ مسجد هئي، جنهن ۾ مخدوم محمود جو پوٽو ۽ مخدم حامد جو پٽ، مخدوم صالح محمد، هر جمعي تي وعظ ڪندو هو(1)، ۽ هن انهيءَ شغل ۾ سموري زندگي بسر ڪري، دنيا ۽ عاقبت ٻيئي سنواري، هن دارفانيءَ مان سفر ڪيو.
ممڪن آهي ته انهيءَ مسجد جي نالي جي نسبت مخدوم علي احمد المعروف به ”قمري“ سان هجي. مخدوم موصوف ٺٽي جي مشهور صاحب نسبت بزرگ مخدوم آدم (المتوفي 1066هه) جو ڀاءُ هو، ۽ وعظ جي فن ۾ يگانه روزگار هو. آواز اهڙو مٺو هئس، جهڙو ڳيريءَ جو، انهيءَ ڪري مٿس ”قمري“ لقب پيو(2).
ميان ٺارئي جي مسجد:
اَن بازار (غلـﮧ بازار) جي پويان الهندي پاسي کان هيءَ مسجد هوندي هئي. ٺٽي جو مشهور مُدرس ميان ٺاريو، انهيءَ مسجد ۾ مدرسو هلائيندو هو(3). اها مسجد ٻارهين صديءَ جي پوري ٿيڻ تائين قائم هئي. 1181هه تائين ميان صاحب موصوف زنده هو.
حاجي محمد قائم جي مسجد:
هيءَ مسجد خواجه محلي ۾ هئي، جيڪا پوءِ نورسيـﮧ جي نالي سان مشهور ٿي. مسجد قديمي هئي، ليڪن اهو نالو مٿس ٻارهينءَ صديءَ ۾ پيو. درس للو ابتدا ۾ انهيءَ مسجد ۾ اچي رهيو هو(1) ۽ انهيءَ مسجد جي اڳيان ئي ”جملـﮧ پير“ جو ميدان هوندو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
حضرت مولانا محمد قائم محدث سنڌي جيڪو وقت ٺٽي ۾ رهيو ته هر روز ٽه_پهريءَ جو مسجد ۾ حديث جو درس ڏيندو هو. جيستائين هو مستقل طرح وڃي مدينه عاليه ۾ رهيو، تيسين هن ٺٽي ۾ اهو برڪت ڀريو شغل جاري رکيو. سندس انتقال 1157هه ۾ ٿيو(2). اسان جو خيال آهي ته مٿين مسجد اها هئي، جنهن ۾ حضرت مرحوم درس ڏيندو هو، ۽ ”حاجي محمد قائم واري مسجد“ به انهيءَ سبب ڪري سڏجڻ ۾ آئي. پاڻ اصل ٻهراڙيءَ جو هو، ۽ پوءِ لڏي ٺٽي ۾ اچي ويٺو. قرين قياس اهوئي آهي ته سندس قيام به ان مسجد جي قريب ڪٿي هو. چونڪه اها مسجد ڪنهن به ٻئي بزرگ يا مدرس جي تحويل ۾ به ڪانه هئي، تنهنڪري موصوف انهيءَ ۾ حديث جو درس جاري فرمايو.
مخدوم آدوءَ جي مسجد: مخدوم آدم نقشبندي، عرف مخدوم آدو، جيڪو حضرت خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جو مريد هو، ۽ انهيءَ سلسلي جي عظيم مشائخن مان هڪ ٿي گذريو آهي، ٺٽي جي جنهن محلي ۾ رهندو هو، ان ۾ اها مسجد به هئي، مسجد جو متولي پاڻ هو.
مسجد جو مؤذن ۽ پيش امام، آخوند محمد يوسف هوندو هو. سندس دستور هو ته مخدوم صاحب جي اچڻ بعد اذان شروع ڪندو هو. هڪ ڏينهن انهيءَ دستور جي خلاف آخوند اڳ ۾ بانگ ڏيئي ويٺو، ۽ نماز به اڳ ۾ ئي ختم ڪرائي ويٺو. مخدوم صاحب جو نوجوان فرزند، ميان ابوبڪر صدر، جڏهن نماز لاءِ آيو ۽ اهو حال ڏٺائين تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ انهيءَ وقت آخوند غريب کي مسجد جي خدمتگذاريءَ تان موقوف ڪري ڇڏيائين. آخوند ٻيو چارو نه ڏسي، مخدوم صاحب وڏي جي خدمت ۾ پهچي، روئندي شڪايت ڪئي. مخدوم فرمايو ته ”آخوند، نوجوان آهي، تون ڀئو نه ڪر، وڃي پنهنجي گهر قرآن جي تلاوت شروع ڪر، ابوبڪر پاڻهي تنهنجي دروازي تي ايندو. پر خبردار ائين صلح متان ڪرين! پنهنجو فيصلو پوريءَ طرح ڪج!“ آخوند ماڙيءَ تي چڙهي تلاوت شروع ڪئي، هيڏانهن ميان ابوبڪر کي اچي پيٽ ۾ سور پيو: مجبور ٿي، ٻيو ڪو واهر وسيلو نه ڏسي، پاڻ پالڪيءَ ۾ وجهرائي، وڃي آخوند جي در تي پهتو. معافيون ورتائين، نذرانو ڏنائين، خلعت پيش ڪيائين، امامت جي سند ۽ ڇهن مهينن جو وجهه پيشگي آخوند جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن ميس پاڻي پڙهي ڏنائين ۽ ميان صاحب کي درد شڪم مان نجات ملي(1).
مخدوم ابراهيم جي مسجد:
مخدوم صاحب پڻ نقشبندي سلسلي جو جيد بزرگ هو. روهڙيءَ کان لڏي جڏهن ٺٽي ۾ اچي ويٺو، تڏهن پنهنجي حويليءَ جي ڀرسان مسجد جوڙايائين. هيءُ بزرگ يارهين صديءَ جي آخر جو هو. سندس ننڍو پُٽ، ميان گل محمد، مير قانع جي دﺆر ۾ (1181هه) موجود هو(2).
هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جو وڏو فرزند، ميان ابوبڪر،جيڪو پڻ حال ۽ قال جو صاحب هو، چند معتقدن سان انهيءَ مسجد ۾ ويٺو هو. هڪ مست اچي مسجد ۾ پهتو، همنشينن ان کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ميان ابوبڪر کين جهليو، ۽ چيائين ته ”هي خانه خدا آهي، جنهن کي وڻي سو هن ۾ اچي سگهي ٿو، جهلڻ نه کپي“. مجذوب تي اهڙو ڪو اثر ٿيو، جو جيسين جيئرو هو، تيسين ان مسجد مان پير ٻاهر نه ڪڍيائين(1).
مخدوم محمد هاشم جي مسجد:
حضرت مخدوم صاحب جي پاڙي ۾ سندن اها مسجد هئي. انهيءَ مسجد منجهان سنڌ جي سَوَن مسلمانن فيض پرايو. ڏاڍي برڪت ۽ خير واري مسجد هئي. انهيءَ ئي مسجد ۾ مخدوم صاحب جن ويهي پنهنجيون ڪيتريون لازوال تصنيفون مڪمل ڪيون. دين جي خدمتگذاري انهيءَ مسجد مان موصوف ويٺي ڪئي. انهيءَ مسجد مان ئي هن دين متين جي فروغ ۽ استقامت لاءِ سنڌ جي حاڪمن ڏانهن خط لکيا، ۽ اهائي اُها مسجد سڳوري هئي، جنهن ۾ ويهي انهيءَ عظيم شخصيت، فقهي مسئلن مطابق فتوائون جاري ڪيون، جن سنڌ ۾ اسلامي قاعدي قانون کي نئين جلا بخشي.
مخدوم صاحب عليه رحمت جو دستور هو ته پاڻ هر جمعي تي جامع خسرو ۾ وعظ جي مجلس منعقد ڪندو هو، ۽ پنهنجي انهيءَ مسجد شريف ۾ هر روز ٽه_پهريءَ جو حديث سڳوريءَ جو درس ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان پوءِ (1174هه) سندن فرزند مخدوم عبداللطيف پنهنجي والد جي مسند تي ويهي، ساڳئي برڪت واري شغل کي جاري رکيو. مخدوم جڏهن 1187هه ۾ ميان محمد سرفراز جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ٿي اوڏانهن ويو، تڏهن سندس فرزند ميان ابراهيم اها خدمت بجا آڻڻ شروع ڪئي(2)، تا وقتيڪه هو بزرگ ٺٽي مان لڏي پهرين ڪراچيءَ ويو، اتان مستقل طرح ڪڇ جي مڏئي شهر ۾ وڃي ويٺو.
انهيءَ مسجد ۾ صبح جي وقت مخدوم صاحب وڏي جي وقت کان مدرسو قائم ٿيندو هو، ۽ ٽه_پهريءَ بعد فقط حديث جو درس ڏنو ويندو هو. اها مسجد ٽالپر حڪومت تائين قائم هئي، جنهن بعد ٺٽي ۾ نه مخدوم صاحب جو ڪو اولاد رهيو، نه مدرسو باقي رهيو ۽ نڪو حديث جي درس ڏيڻ وارو ڪو رهيو. انالله وانااليه راجعون. سڀ شئي فنا آهي، بقا فقط الله جي ذات کي آهي.
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي مسجد: ٺٽي جي هيءَ مسجد پڻ وڏي فيض ۽ برڪت واري هئي. مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي حويليءَ جي ڀرسان هوندي هئي. حضرت مخدوم صاحب جن انهيءَ مسجد مان ويهي نقشبندي سلسلو سنڌ اندر ڦهلايو. مير قانع جي والد مير عزت الله اتان تلقين حاصل ڪئي. لنواريءَ جي بزرگ مخدوم زمان عليه رحمت انهيءَ مسجد مان فيض حاصل ڪيو ۽ بيعت ڪيائين. ٺٽي جي جيد عالم، بيپناهه ذهن رکندڙ عالم، مخدوم محمد معين، انهيءَ مسجد ۾ ويهي حضرت مخدوم صاحب جن کان طريقت جو سلسلو حاصل ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جا گهڻو ڪري سڀئي نقشبندي بزرگ انهيءَ مسجد جا فيض يافته ۽ انهيءَ مسجد اندر رڪوع ۽ مسجود ڪري ويا آهن.
مخدوم صاحب جن 1138هه ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، جنهن بعد مخدوم ميان فيض محمد ۽ مخدوم ميان ابراهيم اها مسند والاري. انهن جي وفات بعد ڪوبه انهيءَ خاندان مان، مٿينءَ مسجد سڳوريءَ کي وسائڻ وارو نه رهيو. اهو سمورو افسانو، ٻارهين صديءَ جي ٽئين حصي ۾ اختتام پذير ٿيو.
مخدوم محمد معين جي مسجد:
ٺٽي جي هن عظيم المرتبت صوفيءَ ۽ عالم جي حويليءَ ڀرسان هيءَ مسجد هئي. مخدوم صاحب جو مدرسو انهيءَ مسجد ۾ هلندو رهيو، ۽ ايڏو وڏو تعداد شاگردن جو انهيءَ مسجد ۾ استفادي لاءِ حاضر ٿيندو هو، جو مدرسي ۾ متعدد نائب مقرر هئا، جن مان ميان عنايت الله جو نالو قابليت سبب مشهور آهي(1). انهيءَ مدرسي مان ڪيترا جيد عالم نڪتا، جن هن دنيا کي فيض پهچايو، مثلاّ مولوي محمد صادق(1) مخدوم صاحب جي وڏن شاگردن مان هو، جنهن جي مدرسي پوئين زماني ۾ مخدوم صاحب جون سڪون لاٿيون.
اها ٺٽي جي اها مسجد آهي، جنهن ۾ ڪيترا دفعا شاهه عبداللطيف ۽ مخدوم ممدوح جي مابين ملاقاتيون ٿيون. مخدوم صاحب جي وفات (1161هه) بعد ڪو ڪونه رهيو، جو انهيءَ مسجد واري مدرسي کي قائم رکيو اچي. شاهه عبداللطيف به ٺٽي مان هميشه لاءَ انهيءَ ڏينهن موڪلايو، جنهن ڏينهن سندس يار رخصت ورتي.
(4) حويليون
خسرو خان جي حويلي:
ترخاني امير، خسرو خان چرڪس، جي حويلي پنهنجي ڏينهن ۾ نهايت عظيم الشان ۽ ازحد خوبصورت هئي. عمارتن ٺهرائڻ ۽ يادگار قائم ڪرڻ جو کيس ڏاڍو شوق هوندو هو. هن پنهنجي حويلي به اهڙي ٺهرائي، جو ان جو تعميري حسن نمايان هو. حويلي ٻيماڙ هوندي هئي، غالبا داٻگرن جي محلي ۾، جتي جامع خسرو خان آهي، انهيءَ جي قريب ڪٿي آسپاس هئي. سندس پٽ لطف الله ڀائي خان جي حويلي پيء کان جدا هئي.
شيخ ڪالو قريشي، ترخاني دﺆر ۾ ملتان کان ٺٽي آيو، خسرو خان کيس نياڻي ڏيئي گهر ڄاٽو ڪيو، کيس پنهنجي حويليءَ ۾ جاءِ ڏيئي رهايائين. خسرو خان جي آڪهه ختم ٿيڻ بعد انهيءَ حويليءَ ۾ ڪالي جي اولاد رهندي آئي(2). 1181هه ۾ مير قانع لکي ٿو ته اها حويلي زمين دوز ٿي ويئي آهي، ليڪن اڃا تائين سڏجي ساڳئي نالي سان ٿي، ۽ شيخ ڪالي جي اولاد اڃا منجهس رهندي اچي(1). ڀائي خان مرزا غازيءَ جو صحبتي هو، قنڌار ۾ 1921هه ۾ جڏهن مرزا غازي فوت ٿيو، تڏهن ڀائي خان تي الزام رکيو ويو ته هن کيس زهر ڏيئي ماريو آهي. ڀائي خان اتان نڪري وڃي جهانگير جي درٻار ۾ پهتو، ۽ هاڻوڪي سي_ پيءَ ۾ ڪٿي وڃي فوت ٿيو. سندس مزار به اڃا تائين موجود آهي(2)، تنهنڪري ڀائي خان جي ٺٽي واري حويلي به زياده دير تائين قائم رهي نه سگهي.
عرب ڪوڪي جي حويلي:
عرب ڪوڪو مرزا غازيءَ ۽ سندس پيءُ مرزا جانيءَ جي دﺆر جو امير هو، ٺٽي ۾ سندس حويلي پڻ مشهور هئي. ابوالقاسم سلطان بيگلر کي جڏهن مرزا غازيءَ انڌو ڪرايو، تڏهن کيس عرب ڪوڪو جي نظرداريءَ هيٺ انهيءَ حويليءَ جي بالائي منزل ۾ قيد ڪيو ويو. چند ڏينهن بعد، بندوبست ڪري، ابوالقاسم سلطان انهيءَ بالائي منزل جي دريءَ مان رسيءَ ذريعي لهي ڀڄي ويو، ليڪن وري کيس گرفتار ڪري ساڳيءَ ڪوٺيءَ ۾ سخت پهري هيٺ رکيو ويو(3).
خشتي حويلي:
غلـﮧ بازار جي قريب اها حويلي پنهنجي حسن ۽ خوبيءَ سبب مشهور هوندي هئي. خشتي حويلي غالبا انهيءَ ڪري سڏجڻ ۾ آئي، جو سڄي پڪسِري هئي. انهيءَ جي ڪنڊ ۾ سيد ابراهيم شهيد جي مزار هئي(4). 1190هه تائين انهيءَ حويليءَ جا آثار موجود هئا، ڪنهن جي هئي ۽ ڪهڙي زماني ۾ ٺهي، ان جي تحقيق نه ٿي سگهي.
قاضي ابراهيم جي حويلي: ٺٽي جي مشهور عالم ۽ ڪامل مخدوم فيروز جي پوٽن مان قاضي ابراهيم المتوفي 1073هه، پنهنجي دﺆر ۾ مغليه درٻار ۾ رهڻ سبب امير ڪبير ٿي ويو. پاڻ به عالم هو، ’مخزن اسرار‘ جو شرح سندس لکيل آهي. داراشڪوه سان خاص رستو هيس. شيخ عبدالقادر گيلانيءَ جي هڪ رسالي جو ترجمو فارسيءَ ۾ ڪري هن شهزادي جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ٺٽي ۾ جڏهن داراشڪوه آيو، تڏهن قاضي سندس خدمت ۾ موجود هو. شاهجهان کيس وڏا منصب ۽ اعزاز ڏنا. پهريون درٻار ۾ هو، پوءِ دهليءَ جو قاضي ٿيو، وري لشڪر جي قضا سندس سپرد ٿي، ۽ ڪجهه عرصو ٺٽي جو به امين رهيو.
هن جڏهن شاهي ملازمت مان رٽائر ڪري ٺٽي ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن ٺٽي ۾ هن هڪ عظيم الشان حويلي پنهنجي لاءِ ٺهرائي، جيڪا سندس پرپٺ ٺهي تيار ٿي ۽ انهيءَ زماني جو ڏيڍ لک مٿس خرچ ٿيو. ٺٽي پهچي حويلي ڏٺائين تڏهن ناپسند ڪري ڇڏيائين: ”هيءَ ماڻهن جي رهڻ جي آهي؟ آخر خيال ته ڪرڻ کپندو هيو ته هن ۾ ڪهڙو ماڻهو رهڻ وارو آهي(1)!“
ٺٽي ۾ قاضي صاحب جو اهو شان هوندو هو، جو خود ٺٽي جو حاڪم قلعي مان هلي اچي سندس اوطاق ۾ ساڻس ڪچهري ڪندو هو. محمد بختاور خان ”ده ساله عالمگيريءَ“ ۾ قاضي صاحب جا ڪيئي نقل ضبط ڪيا آهن.
مقالات الشعرا ۾ مير قانع (1174هه) لکي ٿو ته هن وقت انهيءَ حويليءَ جي مٽيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن(2).
مرزا فتح علي بيگ جو محلو:
هي مغل امير هوندو هو. وڏي پئسي وارو ۽ طبيعت جو سخت ۽ عياش هو. محلي مسڪر ۾ هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ نهايت ئي خوبصورت محل تعمير ڪرايو. جڏهن ٺهي راس ٿيو، ان وقت رات ڏينهن منجهس عيش و نشاط جو هنگامو شروع ڪيائين.
انهيءَ محل جي قريب ٺٽي جي هڪ بزرگ حاجيءَ جو مزار هو. جڏهن مرزا فتح عليءَ جو لهو و لعب وڌيو ۽ نفساني خواهشات جي پوئواري به انهيءَ عمارت ۾ ٿيڻ لڳي، تڏهن حاجي بزرگ متعدد مرتبا خواب ۾ کيس تنبيـﮧ ڪئي، ليڪن مغل ڪونه مڙيو. تحفته الطاهرين جي صاحب جو قول آهي ته جلدئي دنيا ڏٺو ته اهو مغل مفلس ٿي نابود ٿي ويو ۽ سندس محل به اچي پٽ پيو(1).
بزرگ جي بددعا جو اثر هو، يا اسراف ۽ عيش و عشرت جو نتيجو هو، بهرحال نه مالڪ رهيو نه محل.
مير عظيم الدين جو بنگلو:
ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ مير قانع جي ڀائٽيي، مير عظيم الدين ٺٽويءَ ٺٽي ۾ پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ خوبصورت بنگلو ٺهرايو. انهيءَ عمارت تي محل، ماڙي يا حويليءَ جو نالو نه پيو، بلڪه ”بنگلي“ جو نالو پيو، ۽ اهو انگريزي تهذيب جي آمد جو پهريون اثرهو.
اهو بنگلو، 1206هه ۾ ٺهيو، نهايت ڪشادو، سڙڪ جي ڪناري تي، باغ جي اندر، دريون دروازا ڪيئي، ونگون، محراب ايوان، برآمدا ۽ منجهس ڪشادا ڪمرا هئا.
سندس سوٽ مير مائل انهيءَ بنگلي جي ٺهي راس ٿيڻ تي ڪيئي تاريخي قطعا چيا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
(1)
براي قصر تو اي مير ما، عظيم الدين
رساند طبع دعاگوي پنج قطعـﮧء سال
چو پنج قطعـﮧ کـﮧ باشند پنج گنج گهُر
چو پنج گنج کـﮧ هستند پر ز گوهرِ قال
بحق پنج تن اين پنج گنج پر گوهر
بطور هديـﮧ ز داعي قبول کن هر حال
اگرچـﮧ نيست سزاوار عرض حضرت، ليک
تو مقبلي و قبوليتت بود ز افضال
هميشـﮧ باد وجودت درين مبارک قصر
نظاره بخش احباب بدولت و اقبال
(2)
چو مير من شهرِ ملکِ سخن عظيم الدين
بروي رستـﮧ بناي عظيم کرد بنا
شگفت از دلِ احباب صد گل عشرت
خليد خار تحسر بديدهء اعدا
زهي خجستـﮧ بناي زهي مبارک قصر
تزئين ميان عرض و سما
چو هست جلوه زنان نور ايزدي در وي
بجاست گر بکنم نسبتش به بيتِ خدا
چـﮧ قصر آنکه مسما به ”بنگله“ کردند
چـﮧ بنگرئي کـﮧ بود رشک جنت الماوا
عمارتيست معليٰ بـﮧ گنبدِ عالي
زهي عمارت و خوش گنبديست نيک نما
برنگ بيت مقدس پئي پرستش حق
چـﮧ گنبديست معلق ميانِ ارض و سما
بحيرتم کـﮧ چرا هشت باب او کردند
به هشت باب نديد است کس ”گلستان“ را
نه بر زمين و نه بر آسمان مگر اين قصر
به هشت باب بهشتي ست درميانِ هوا
هزار نقش نکو درميانِ او موجود
هزار رنگ لطافت بفرق او پيدا
بهر چهار طرف صحن او وسيع السير
کـﮧ مرغ روح پئي سير او، پرد به هوا
براي سير عجب سيرگاه اين قصر است
توان نمود بهر لحظه سير اين خوش جا
عجب مکان و عجب سيرگاه و صد گلشن
کـﮧ هست هر طرفش سير سبزهء و گلها
کسي نديد چنين گلشني بروي زمين
کـﮧ هست هر گلِ او رشک صد گلِ رعنا
چـﮧ گلشني کـﮧ دور زد ز جملـﮧ جهات
نسيم لطف الاهي، برنگِ بادِ صبا
درش گلست، جدارش گلست و سقفش گل
نهاده اند درين قصر نقش صد گلها
برب کعبـﮧ عجب معبديست عاليشان
درو ست شانزده محراب طاعتِ مولا
بموقع است اگر چار سوش محرابت
کـﮧ هست چار طرف روي اهل دل بخدا
کسي نديد بيک بيت شانزده محراب
براي طاعت حق، لااِلله الاالله
عجب مبارک جائيست اين بناي عظيم
عجب خجستـﮧ بنائيست اين مبارک جا
دلم بمزدهء تعمير اين بناي عظيم
”عجب بناي خجستـﮧ“ بگفت سال بنا 1206هه
هميشـﮧ باد خدايا بدولت و اقبال
چنين بناي مبارک بصاحبش برپا
_______
انهيءَ بنگلي جي وچ ۾ هڪ وڏو گبند هو، چوڌاري اٺ دروازا هئا ۽ ارڙهن محراب. صحن ايترو وسيع هو، جو سير تفريح لاءِ نه فقط ماڻهن، بلڪ ارواحن به پرواز ڪري تماشي ڏسڻ جي تمنا ڪئي ٿي. بهشت نما باغ چوڌاري موجود هو، جنهن جي سير جو لطف چانڊوڪيءَ رات جو ۽ موسم باران ۾ روح کي راحت رسائيندو هو. باغ ايڏو ڪشادو، وسيع ۽ دلڪش هو، جو شش جهات جي هوا جڏهن اتي پهچندي هئي، ته اندر نسيم ۽ صبا جو روپ ڌاري داخل ٿيندي هئي. در دروازن، درين ۽ ديوارن خواه ڇت تي گلڪاري ۽ نقش و نگار ٿيل هو. انهيءَ چٽساليءَ ايترو ته بهار لاتو هو، جو اندر اچڻ کان پوءِ ڏسندڙ حيرت ۾ اچي ويندو هو.
جنهن عمارت جي نموني جو مير مائل نقشو چٽيو آهي، اهو ٽالپري دﺆر جو هو، بلڪ ان جو آغاز ڪلهوڙن جي آخري عهد کان وٺي ٿيو. درن ديوارن، ڇتين جي ڪامن، پٽين ۽ شهتيرن تي چٽساليءَ جو ڪم، ڀت ۾ متعدد محراب ۽ انهن جي مٿان سڄيءَ ديوار ۾ اندران ڇت تائين ننڍا ننڍا محراب رکيا ويندا هئا. چٽسالي، مختلف پڪن رنگن جي ذريعي ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ سفيد، هلڪي گلابي ۽ سائي رنگ جي زياده آميزش هوندي هئي. گَهرو آسماني رنگ به ڪم آندو ويندو هو. رنگن جي گلڪاريءَ کان سواءِ، ڇت خواهه دروازن ۽ درين تي رنبيءَ جي اُڪر جو ڪم به ڪيو ويندو هو. ٻيئي ڪم محنت طلب ليڪن وڻندڙ ۽ جٽادار هئا. اُڪر خواه رنگين گلڪاريءَ جو ڪم، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دﺆر جي مقبرن ۽ مسجدن تي ڏسي سگهجي ٿو.
(3)
چو هست بنگلـﮧ مير ما عظيم الدين عجب مکان عظيم و عجب نشان عظيم
دلم بمزدهء اين خوش مکان و خوش منظر بگفت سال عظيمش ”عجب مکان عظيم“
هميشـﮧ باد خدايا چنين بمکين 1206هه
مکان عيش و مسرت درين جهان عظيم
(4)
عظيم الدين محمد مير خوش فکر عجب جائي نکو فرمود برپا
چو دارالعشرت است اين جاي پرعيش شد اين اسمِ مبارک سال اينجا
هميشـﮧ ياد يا رب صاحبِ او
درين ”جاري مبارڪ عشرت افزا“ 1206هه
(5)
عزيز مصر سخن مير ما عظيم الدين عجب بناي مکاني بطور قصر نمود
زهي مکان عجب آنکه سال تعميرش ”عجب مکان زهي خوب قصر“ دلفرمود
هميشـﮧ باد خدايا برايء صاحبِ او 1206هه
تمام ساز مسرت درين مکان موجود
(6)
چو مير خسرو ملکِ سخن عظيم الدين زهي مکان خجستـﮧ بدهر کرد بنا
براي سال بناي چنين مکان عظيم که بهر سير توان گفت جنت الماوا
دلم بياوري پنجتن ز هاتف غيب ”زهي مکان خجستـﮧ“ شنيد نيک صدا
1206هه
بحق پنجتنِ پاڪ مير صاحب آن 1206هه
هميشـﮧ باد درين نو مکان نشاط افزا
اهو بنگلو مير قانع جي وفات کان ٽي سال پوءِ ٺهيو. مير فتح علي خان ان وقت حال حيات هو، جنهن جي دربار جو مير عظيم ملڪ الشعرا هو. انهيءَ ساڳئي سال ۾ مير عظيم ”مثنوي سير دل“ تصنيف ڪئي. 1229هه تائين مير مرحوم انهيءَ بنگلي ۾ رهيو. اهو سال سندس وفات جو آهي.
بنگلي جي ساخت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو شڪر الاهي محلي ۾ ڪونه هو، بلڪ ڪٿي ٻاهر ٺاهيو ويو هو. اهو اُهو بنگلو ته نه آهي جيڪو ٺٽي جي وڏيءَ سڙڪ تي اڄ به موجود آهي، جنهن ۾ انگريزي دﺆر ۾ اسڪول هو، جنهن کي هاڻي محڪمـﮧ آثار قديمه پنهنجي قبضي ۾ آندو آهي، ۽ جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو بنگلو ميرن جو هو.
(5) باغ
خواجه مير ابو تراب جو باغ:
خواجه مير ابوتراب، خواجه شهاب الدين بن مير ڪمال الدين(1) علوي (ٺٽوي) جي اولاد مان هو. پاڻ گهڻو ڪري پنهنجي جاگير تي نيرون ڪوٽ گذاريندو هو. ٺٽي ۾ سندس عاليشان باغ هو، جنهن لاءِ مير قانع لکي ٿو ته ”هاڻي (1181هه) ان جو رڳو نالو وڃي رهيو آهي(2).“
مير سيد علي ثاني شيرازيءَ جو باغ: سيد صاحب(1) (891_981هه) جو باغ ٺٽي جي بهترين باغن مان هو. رات ڏينهن ائٽ پيو وهندو هو ۽ باغ کي پاڻي ايندو هو. شيخ بهاءالدين ملتاني رحمـﺔ الله عليـﮧ جي پوٽن مان جڏهن پير شيخ عالي(2) ٺٽي آيو ته پهريون ئي اچي انهيءَ باغ ۾ هڪ وڻ هيٺان ويٺو. سيد عليءَ جي ملاقات ساڻس انهيءَ باغ ۾ ٿي، ۽ پير جو شوق ڏسي سيد صاحب اهو باغ ئي کيس نذر ڪري ڇڏيو(3). اهو باغ انهيءَ جاءِ تي هو جتي پوءِ شيخ ۽ شيخ جي اولاد آباد ٿي. اهو باغ ڪڏهن اجڙ ٿيو ان جو پتو پئجي نه سگهيو.
خورشيد باغ: ٺٽي جي شهر ۾ يا شهر سان گڏ اهو باغ مغل دﺆر جي مشهور باغن مان هو. مغليـﮧ گورنر نواب مهابت خان ڪاظم (32_1134هه) ٺٽي جي شاعر ۽ ملا عبدالحڪيم ’عطا‘ جي ڀائٽيي، محمد ضيا کي، جنهن کي ڊيدل عظيم آباديءَ ”قيامت“ جو تخلص ڏنو هو، انهيءَ باغ ۾ کيس هڪ سٺي حويلي ٺهرائي ڏني هئي(1)، محمد ضياء کان پوءِ اها حويلي سندس سـﺆٽ شاهه مسڪين جي حوالي ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجو تڪيو ڪيو(2).
مشڪين باغ:
قانع جي روايت مطابق اهو باغ ٺٽي جي مغل نواب ظفر خان ’احسن‘ ٺهرايو. ظفر خان ’احسن‘ 1063هه ۾ آيو ۽ ڇهه سال ٺٽي ۾ رهيو. شاهجهان جي دﺆر جو اهو آخري گورنر هو. 1065هه ۾ ظفر خان ٺٽي ۾ ئي هو، جو ٺٽو داراشڪوه جي پٽ سپهر شڪوه کي مليو، ۽ باقي عرصو ظفر خان ان جي نيابت ڪئي(3). اهو باغ نهايت ئي پُر فضا هو. قانع مقالات ۾ لکي ٿو ته ”مشڪين باغ کـﮧ ساختـﮧء اوست، اکنون زمين ويرانـﮧ ايست“.(4)
تحفـﺔ الطاهرين جي مصنف جو قول آهي ته اهو باغ سمن جي زماني ۾ هو. ساموئي جنهن وقت آباد هئي ان وقت ٺٽي جي سرزمين باغن هيٺ هئي. انهن باغن مان هڪ باغ ”مشڪين باغ“ نالي هو، جيڪو سڀني کان زياده سرسبز شاداب ۽ پُر فضا هو. پير ڇتي نالي هڪ بزرگ اتي گهمندي اچي نڪتو، اتفاقا ان ڏينهن ڄام (؟) جي ڌيءَ به اتي سير و تفريح لاءِ آيل هئي. مائي قلندر کي ڏسي سندس معتقد ٿي پيئي، ان کان پوءِ ساڻس ان باغ ۾ ملندي هئي. ماڻهن اها ڳالهه وڃي ڄام کي ٻڌائي، جنهن غيرت کان ان قلندر کي مارائي ڇڏيو، ۽ جتي قتل ٿيو اتي ئي دفن ڪيو ويو(1).
تحفـﺔ الطاهرين ۾ انهيءَ بزرگ جي مدفن جو ذڪر محلـﮧ مسڪر ۾ آيل آهي، جنهن جي مراد اها آهي ته اهو باغ اتي هو، جتي پوءِ محلو مسڪر آباد ٿيو. ليڪن اسان کي اها روايت صحيح نظر ڪانه ٿي اچي. مشڪين باغ جي سلسلي ۾ قانع جو قول قابل قبول آهي(2).
(6) چوڪ
چوڪ ملڪ مان:
جاني بيگ جي اميرن مان هڪ جو نالو ملڪ امان هو. ٺٽي جو اهو چوڪ سندس نالي سان مشهور ٿيو. شايد انهيءَ چوڪ جي قريب ئي سندس گهر هو، تنهنڪري چوڪ جي ڏانهنس نسبت ٿي. اصل نالو ”چوڪ ملڪ امان“ هو، ليڪن گهڻي استعمال سبب وچ وارو الف نڪري ويو، باقي ”ملڪ مان“ وڃي رهيو(3).
پير شاهي ٺٽي جو وڏو مشائخ هو، ۽ 963هه ۾ گوا جي عيسائين هٿان شهيد ٿيو، ان کي انهيءَ چوڪ جي سامهون دفن ڪيو ويو. جتي دفن ٿيو اهوئي سندس گهر هوندو هو،(4) اهو چوڪ قانع جي ڏينهن تائين به هو (1181هه). اهو چوڪ محلي ڀائي خان ۾ هو، ڇاڪاڻ ته پير شاهيءَ جي مزار جو ذڪر شيخ محمد اعظم محلي ڀائي خان جي تحت ڪيو آهي.
چوڪ عبدالغني:
عبدالغني ڪير هو جنهن جي نالي تي اهو چوڪ مشهور ٿيو، ان جي صراحت ڪٿي به ٿيل ڪانه آهي. اهو چوڪ به ٺٽي جي مشهور چوڪن مان هو. جامع شاهجهانيءَ جي پٺيان اترئين ۽ اولهائينءَ ڪنڊ ۾ رستي تي جيڪا ننڍي مسجد امير خانيءَ جي نالي سان موجود آهي، سا ان زماني ۾ چوڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هوندي هئي، ۽ جتي مسجد آهي، ان محلي کي ”ڀائي خان جو محلو“ ڪري سڏبو هو(1). اهي چوڪ يا ته مسجد جي ڏکڻ ۽ اتر ۽ هئا يا وري اوڀر ۽ اولهه ۾، ليڪن قرين قياس اهو آهي ته اوڀر ۽ اولهه ۾ هوندا.
ميدان جملـﮧ پير:
”محلـﮧ نورسيـﮧ“ جي سامهون هڪ ميدان هوندو هو، جنهن جو نالو ”جملـﮧ پير“ مشهور ٿيو. ان جو سبب هي هو جو جڏهن درس للو رسول آباد مان لڏي ٺٽي جي خواجه قوم کي مسلمان ڪري سندن محلي ۾ اچي رهيو (جيڪو محلو پوءِ نورسيـﮧ جي نالي سان مشهور ٿيو)، ان وقت انهيءَ محلي ۾ هڪ قديم مسجد هوندي هئي جيڪا پوءِ ”محمد قائم جي مسجد“ مشهور ٿي. ان جي سامهون هڪ ڪشادو ميدان هو، ان ۾ درس للو(2)، شيخ يعقوب(3)، شيخ عثمان(4)، ۽ درس محمد امين(1)، روزانو پاڻ ۾ ويهي رهاڻيون ڪندا هئا. اهي سڀ مشائخ ۽ ڪامل بزرگ هئا، ماڻهو کين روز ڏسندا هئا، آخر انهن روزانين رهاڻين کي ڏسي ماڻهن انهيءَ ميدان جو ئي نالو ”جملـﮧ پير“ رکيو(2).
(7) بازاريون
مرزائي بازار:
هيءَ بازار ارغونن جي زماني ۾ هئي. مرزا باقيءَ جي دﺆر (73_993هه) تائين به هئي. ڇاجي ڪري مٿس اهو نالو پيو ۽ ڪيستائين اها بازار قائم هئي، شهر جي ڪهڙي حصي ۾ هئي، ان جو ڪو پتو پئجي ڪونه سگهيو. ترخان نامـﮧ(3) ۾ انهيءَ بازار ۽ انهيءَ بازار جي نالي سان جيڪو محلو هو، ان جو ذڪر آيو آهي.
گودڙي بازار:
جامع خضري انهيءَ زماني ۾ (1022هه) گودڙي بازار ۾ تعمير ٿي(4). اسان جي خيال ۾ گودڙي بازار انهيءَ مختصر بازار جو نالو هو جيڪا اڄ مسجد جي داخلي دروازي سان ملحق آهي، يا ممڪن آهي وڏيءَ بازار جي انهيءَ ٽڪريءَ جو نالو هجي جيڪو مسجد جي قريب آهي. چيو وڃي ٿو ته جتي مسجد تعمير ٿي، اتي ”نهال دريا“ نالي مڙهي هئي، جنهن کي ڊهرائي مظفر خان معموريءَ اها مسجد جوڙائي (ڏسو ص 90). اها بازار 1181هه تائين موجود هئي.
پتي هٽ بازار:
هيءَ بازار به ارغوني دﺆر جي آهي. صحيح نالو ۽ نالي جي نسبت ڇا آهي، ان جي سڌ ڪانه ٿي پوي، البتـﮧ تحفـﺔ الڪرام(5) مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته 1181هه ۾ انهيءَ بازار جي پويان مازندراني سيدن مان سيد بيگ محمد ۽ سيد ٺارو رهندا هئا.
گدا بازار:
شايد اها بازار ملا گدا علي ڀائي خان، جيڪو مرزا جاني بيگ جو امير هو، ان جي نالي تي هجي. يا ممڪن آهي انهيءَ بازار ۾ گداگر هوندا هجن ۽ ان جي ڪري اهو نالو مٿس پيو. بهرحال اها بازار ٺٽي جي اهم بازارن مان هئي. انهيءَ بازار جي نالي تي هڪ محلو به سڏبو هو ۽ انهيءَ محلي ۾ ئي اها بازار هئي. گويا انهيءَ بازار جي ٻنهي طرفن کان جيڪا آبادي هئي ان کي محلو گدا بازار سڏيو ويندو هو.
پير لڌو، آخري مغل دﺆر جو ڪامل ۽ پهچ وارو بزرگ هو. ان جو ڪپهه جو دڪان انهيءَ بازار ۾ هو. سندس دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ مٽيءَ جا ڦوڙ رکيا هوندا هئا. جيڪو بيمار انهن مان ڦوڙ کڻي کائيندو هو، اهو مرض مان شفا پائيندو هو. اهو بزرگ جڏهن فوت ٿيو ته انهيءَ دڪان ۾ ئي دفن ڪيو ويو. مير علي شير ’قانع‘ تحفـﺔ الڪرام(1) ۾ (1181هه) لکي ٿو ته اهو بزرگ تازو گذريو آهي، ۽ سندس صحبتين سان مير قانع مليو هو. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اها بازار ٻارهين صديءَ جي آخر تائين به موجود هئي.
غلـﮧ بازار:
يعني اناج بازار، جنهن ۾ انّ جو وڻج واپار ٿيندو هو، انّ جا گدام هئا ۽ انّ جي واپارين جون ڪوٺيون ۽ دڪان هوندا هئا. سموري ٺٽي پرڳڻي جو انّ اتي اچي لهندو هو ۽ اتان ئي خريد فروخت ٿيندي هئي. بازار جي واپار ۽ اگهن وغيره تي نگراني ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان هڪ داروغو مقرر ڪيو ويندو هو. نواب همت دلير خان مغل گورنر جي ڏينهن ۾، جيڪو 1145هه ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ديوان منشارام انهيءَ بازار جو داروغو هو(1). بازار جي چوڌاري جيڪا آبادي هئي، ان کي ”محلو غلـﮧ بازار“ سڏيو ويندو هو.
اها بازار ارغونن جي ڏينهن کان هئي، ڇاڪاڻ ته ميرزا عيسيٰ جي ابتدائي سال 963هه ۾ پورچوگيزن جيڪو ٺٽي تي حملو ڪيو ان ۾ سيد شاهه مسڪين عليـﮧ رحمت شهيد ٿيو، ۽ اهو غلـﮧ بازار ۾ پوريو ويو. گويا جنهن بازار ۾ اڄ شاهه شهيد مذڪور جي درگاهه آهي، ان بازار جو نالو غلـﮧ بازار هو، ۽ ان جي چوڌاري واريءَ آباديءَ کي محلـﮧ غلـﮧ بازار سڏيو ويندو هو. اهو نالو انهيءَ بازار تي 1181هه تائين هو(2)، خبر نه آهي ته هن وقت بازار کي ڇاٿو سڏيو وڃي، اها ساڳي بازار اڄ به قائم آهي.
بازار امير بيگ:
اها بازار، جاني بيگ جي لشڪر جي بخشيءَ ۽ سندس درٻار جي امير، مرزا امير بيگ جي نالي تي هئي، گويا اهو نالو مٿس ترخانن جي دﺆر ۾ پيو. اهو امير سنڌ فتح ٿيڻ (1000هه) بعد مرزا جانيءَ سان گڏجي اڪبر وٽ به ويو هو(3) ۽ پوءِ جڏهن وري سنڌ جو علاقو مرزا کي واپس مليو، تڏهن ٻين اميرن سان گڏ هي به پٺتي موٽي آيو.
پورچوگيزن جي حملي ۾ (963هه) ٺٽي اندر جيڪي گنج شهيدان ٿيا، انهن مان هڪ انهيءَ بازار ۾ به ٿيو. پورچو گيزن جيڪي مسلمان انهيءَ بازار ۾ شهيد ڪيا، سي انهيءَ بازار ۾ ئي هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا(4). عيسائين جي حملي جو زور ٺٽي ۾ پنجن جاين تي زياده هو، جن مان اها بازار به هئي. حقيقت ۾ تحفـﺔ الطاهرين جي قول مطابق انهيءَ بازار ۾ ٻه گنج شهيدان ٿيا. انهيءَ بازار ۾ جيڪا مسجد هئي، ان ۾ جيڪي به نمازي شهيد ٿيا، سي مسجد جي ڏاکڻيءَ ديوار سان دفن ڪيا ويا، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ بازار جي رستي تي ڪُٺا ويا، تن کي ٿورو وٿيرڪو مٿين گنج شهيدان وٽ دفن ڪيو ويو(1). مسجد ۾ ٻه سـﺆ مسلمان شهيد ٿيا(2)، ۽ بازار ۾ ٻه_ٽي سـﺆ شهيد ڪيا ويا(3).
تحفـﺔ الطاهرين جي مصنف بازار امير بيگ جي گنج شهيدان جو ذڪر ”محلـﮧ مغلواڙي“ جي ماتحت ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته اها بازار مغلواڙي ۾ يا ان جي قريب هئي.
بازار قصابان:
قاصاين جي بازار غالبا شهر جي ڏاکڻين حصي ۾ هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي جي گهاٽ کان جيڪو ماڻهو قلعـﮧ حاڪم نشين طرف ايندو هو ته کيس انهيءَ بازار مان لنگهڻو پوندو هو. غالبا هر قسم جي گوشت جا دڪان انهيءَ بازار ۾ هوندا هئا، خاص طرح ڳائي گوشت جا دڪان ڪثرت سان هئا. قانع جو قول آهي ته 1099هه ۾ جڏهن نواب مريد خان، جيڪو اصل ۾ نومسلم هو، جڏهن ٺٽي آيو، تڏهن گهاٽ وٽ پهچي کيس معلوم ٿيو ته قاصاين جي بازار مان لنگهي پوءِ قلعي تائين پهچڻو پوندو، ۽ بازار ۾ ڳئونءَ جي گوشت جا دڪان آهن. هن قاضي محمد حسين(4) ڏانهن پيغام موڪليو ته بازار مان وڏي گوشت جا دڪان بند ڪرائي ڇڏي، ساڻس گڏ راجپوت گهڻي تعداد ۾ آهن، ممڪن آهي ته ڪو فساد ٿي پوي. قانع لکيو آهي ته ”شرع پرور“ بادشاهه يعني عالمگير جو قانون مٿان موجود هو، سو ڪٿي ٿي ڪنهن انهن حڪمن جي پرواهه ڪئي. چنانچه قاضي صاحب دڪانن کي بند ڪرائڻ جي بجاءِ، انهن کي وڌيڪ ڳائي گوشت سان ”سينگارائي“ ڇڏيو. آخر مجبور ٿي نواب موصوف پنهنجي هندو لشڪر سميت انهيءَ بازار مان ٿيندو وڃي قلعـﮧ حاڪم نشين ۾ پهتو(1).
(8) واهه ۽ واهڙ
عالي جان واه:
اهو واهه ٺٽي جي شهر منجهان يا شهر سان متصل وهندو هو. انهيءَ ئي واهه کي غالبا خانواهه به سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته معصوميءَ ۽ طاهريءَ ۾ ان جو نالو خانواهه آيو آهي(2). انهيءَ واهه جي سلسلي ۾ روايت آهي ته اُهو ڄام نظام الدين جي وزيراعظم ۽ سپهه سالار درياه خان شهيد کوٽايو هو، تاڪه انهيءَ جي ذريعي شهر جي آسپاس خواهه ساڪري جون زمينون آباد ٿين.
انهيءَ واهه وٽ، شاهه بيگ سان درياه خان دولهه جو آخري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سموري لشڪر درياه خان سميت شهيد ٿي ملڪ مٿان سر ڏنو(3)، ۽ شاهه بيگ سنڌ کي انهيءَ جنگ جي ذريعي کٽيو.
مرزا باقيءَ جڏهن خودڪشي ڪئي، ان وقت سندس پٽ مرزا مظفر بدين کان هلي اچي عالي جان واهه جي ڪپ تي لٿو، تاڪه شهر ۾ داخل ٿي پڳ ٻڌي، ليڪن اميرن پائنده بيگ کي پڳ ٻڌائي، مملڪت جو مختار ڪل ان جي پٽ جاني بيگ کي بڻايو. مرزا اهو اطلاع سڻي، عالي جان واهه جي ڪپ تان منزل ڪوچ ڪري بدين موٽي ويو(4).
شاهه قاسم خان بيگلار جي پٽ ابوالقاسم سلطان، جڏهن مرزا غازيءَ سان بغاوت ڪئي، (1010هه) ان وقت مرزا ڏي نياپو موڪليائين ته تو ۽ منهنجي وچ ۾ ”بارگاه واهه“ جي حد آهي_ هي پاسو منهنجو ۽ پريون پاسو تنهنجو. جيڪڏهن اها ڳالهه تسليم نه آهي ته پوءِ مان ٺٽي پهچي عالي جان واهه کي اچي سرحد بڻائيندس(1).
مير قانع جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو اوهه قلعـﮧ حاڪم نشين جي اوڀارين دروازي جي سامهون وهندو هو، ڇاڪاڻ ته اڀرندي دروازي کان نواب احمد يار خان (1116_1119هه) ان تي پُل ٻڌرائي هئي(2)
ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ پنهنجي هڪ نظم ۾ انهيءَ واهه جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
بحيرتم کـﮧ به بيداري است يا کـﮧ بخواب
وصول ذره بخورشيد، وصل تشنـﮧ به آب
عطا ز بخت بنازد کز اتفاق رسيد
ميان نهر علي جان، بپيش بحر کولاب
کـﮧ بود هر قدمش موج موج دريايء
کـﮧ بود گام بگامش چو عکس ماه بر آب
فروغ پرتوِ آن التقاي نورِ صفا
فزوده بينش چشم ز سبکـﮧ اکواب(3)
نارقي واهه:
هي واهه پڻ ٺٽي جي ڀرسان اچي لنگهندو هو. اهو لاهوري بندر جي کاريءَ مان نڪرندو هو. ايڏو ڪشادو ۽ اونهون هو، جو منجهانئس وڏا ٻيڙا مال سميت هلي اچي ٺٽي پهچندا هئا، ۽ سمنڊ کان ٺٽي تائين مال جي اچڻ لاءِ اهو به هڪ رستو هو. 963هه ۾ پورچو گيزن جي حملي کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ان ۾ وڏا پٿر وجهرائي ان جي گَهرائي ختم ڪرائي ڇڏي، تاڪه ان مان ڪوبه ٻيڙو لنگهي اچي ٺٽي تائين نه پهچي.لاهوري بندر ۽ دڪي جي وچ ۾ ميرزا هڪ قلعو به ٺهرايو، جنهن ۾ مختصر سپاهي نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا(1). ٺٽي جا ماڻهو ان کي نارقي واهه سڏيندا هئا، انهيءَ نسبت جو سبب ڪونه لکيو ويو آهي.
(9) گهاٽ
سنڌوندي هن وقت ٺٽي کان ڇهه ميل پري ڏکڻ ۾ وهي ٿي. اڳئين زماني ۾ شهر جي پکيڙ درياهه تائين پهتل هئي، ۽ درياهه تي سامان جي لاهڻ ۽ کڻڻ، ٻيڙن بيهارڻ ۽ مسافرن جي لاهڻ چاڙهڻ لاءِ وڏو بندر هوندو هو، جنهن کي گهاٽ سڏيو ويندو هو. ملتان، بکر خواهه حيدرآباد وغيره کان جيڪو مال ايندو هو، يا اوڏنهن ويندو هو، سو انهيءَ گهاٽ کان لهندو ۽ چڙهندو هو. ٺٽي تي جيڪي نواب درياهه جي رستي ايندا هئا سي به انهيءَ گهاٽ وٽ اچي لهندا هئا. چنانچه نواب مريد خان ٺٽي تي جڏهن مقرر ٿي آيو، تڏهن انهيءَ گهاٽ تي اچي لٿو(2). دارا شڪوه کي جڏهن قلعو پسند نه آيو ۽ هن ان کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڪيو، تڏهن تعميل ارشاد خاطر انهيءَ گهاٽ جي چند ڀونگين کي باهه ڏني ويئي، ۽ ان کان پوءِ اُهو ”سوختـﮧ گهاٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو(3) اهو گهاٽ نهايت سهڻو، پرفضا ۽ نهايت رونق دار هو. شهر جا ماڻهو گهڻو ڪري تفريح لاءِ اتي وڃي ويهندا هئا. ڪيترن مشائخن جا تڪيا انهيءَ گهاٽ تي هوندا هئا، جن مان هڪ ۾ ”موصول“ نالي شاعر به ڪيترا ڏينهن اچي ٽڪيو(4).
شيخ اعظم لکي ٿو ته نواب سيف الله جي هڪ درباريءَ مخدوم محمد معين سان اچي سخت اچائي کنئي. ڪوشش ڪيائين ته نواب کي مخدوم جي سلسلي ۾ ڪاوڙائي، ليڪن کيس موقعو ملي ڪونه سگهيو. آخر ڪوشش ڪري سرڪار چاچڪان جي فوجداري هِن لاءِ حاصل ڪيائين ته اتي پهچي مخدوم جي جاگير کي غيرآباد ڪرائي. مخدوم پريشان ٿي پنهنجي مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشِنديءَ وٽ آيو. مخدوم سندس احوال ٻڌي، کيس دلاسو ڏنو. جڏهن اهو ڪامورو ٺهي ٺڪي گهوڙي تي چڙهي، چاچڪان ڏانهن پهچڻ لاءِ انهيءَ گهاٽ ڏانهن درياهه ٽپڻ لاءِ ٿي ويو، ليڪن اوچتو گهوڙو ڇرڪ کائي ڀڳو، ڪامورو گهوڙي تان ڪري پيو، ليڪن سندس پير لغام ۾ اٽڪي پيو، ۽ گهاٽ تائين گهليو ويو، ۽ آخر انهيءَ حالت ۾ مري ويو(5).
ميان نورمحمد جي دؤر ۾، ڌاراجا جي راڻي ۽ ڪڪرالي جي ڄام بغاوت ڪئي، ۽ هڪ دفعي جڏهن صاحبزادو محمد مراد ياب به ٺٽي ۾ هو، ان وقت (ذوالقعد 1151هه) سندن جهاز سمنڊ جي کاريءَ مان هلي اچي ٺٽي جي انهيءَ گهاٽ وٽ بيٺا ۽ اتان وٺي نصرپور تائين هن ملڪ جي ڦرلٽ ڪئي(1).
گهاٽ پير لونگ:
مٿئين مکيه گهاٽ کان سواءِ شهر وٽ درياهه تي ٻيو به هڪ ننڍو گهاٽ هو، جنهن کي ”پير لونگ جو گهاٽ“ ڪري سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته اتي ٺٽي جو شهور بزرگ پير لونگ پوريل هو(2).
(10)مسافر خانو
عام طرح ٺٽي خواهه سنڌ جي ٻين شهرن خواهه واهڻن ۾ دستور اهو هوندو هو ته مسافر مسجدن ۾ اچي ٽڪندا هئا، مسجد جو متولي کين يا ته پنهنجي گهران ماني کارائيندو هو يا ڪو پاڙي وارو ڀاڳيو کين ماني موڪلي ڏيندو هو. انهيءَ نظام هيٺ مسافرن کي رهڻ ۽ مانيءَ جي ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي هئي، مٿن ڪابه بندش ڪانه هوندي هئي، جيترا ڏينهن ڪوبه مسافر ٽڪڻ گهري ته ڀلي ٽڪي، گهر الله جو ۽ ماني به الله جا هئي.
انهيءَ سلسلي هوندي به ٺٽي ۾ سرڪاري طرح هڪ مسافر خانو ٺهرايو ويو هو، جنهن ۾ عام مسافرن کان علاوه خاص مسافر به اچي ٽڪندا هئا. چنانچه مقالات الشعراﻋ مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته نواب اعظم خان جي دؤر ۾ (1128_1132هه) شاهه حسين نالي هڪ توراني شاعر انهيءَ مسافرخاني ۾ اچي ڪيئي ڏينهن ٽڪيو(1).
(11) ضرب خانو
ٺٽي جي ضربخاني جو پهريون اطلاع اسان کي ميرزا عيسيٰ جي دؤر ۾ پوي ٿو. هن هڪ ضربخانو قائم ڪري ان ۾ ٽامي جو سڪو ڍلرايو، جنهن کي ”عيسائي“ سڏيندا هئا. انهيءَ سڪي جي وزن کي گهٽائي جاني بيگ وري نئون سڪو رائج ڪيو، جنهن جو نالو ”ميري“ هو(2).
جڏهن ٺٽو اڪبر جي هٿ ۾ آيو، تڏهن هن سيوهڻ، لاهوري بندر ۽ ٺٽي جو ضربخانو، شاهي تحت ۾ رکي، باقي ملڪ بطور جاگير جي موٽائي جانيءَ جي حوالي ڪيو.
انهيءَ ضربخاني لاءِ جدا مهتمم جو عهدو هو، ۽ ان کي ”داروغه ضربخانه“ چيو ويندو هو. ڪلشاني سيدن جو خاندان پشت بپشت انهيءَ عهدي تي مقرر ٿيندو آيو. پهريون داروغو مير غروري ڪاشاني هو، جيڪو صاحب ديوان فارسيءَ جو شاعر هو. جهانگير جي دؤر ۾ اهو عهدو سيد کي مليو. شاهجهاني دؤر ۾ ان جو پٽ مير محمد منعم داروغو ٿيو. اهو پٽ پيءُ وانگر شاعر ۽ صاحب ديوان هو. ”حسيني“ سندس تخلص هو. سندن پوين مان، بقول مير قانع، مير ڪامران ۽ مير جهنگلي به ضربخاني جا داروغا ٿيا(1).
سڪن تي اکرن لکڻ يا سڪن کي وزن اندر ڍالڻ لاءِ ”سڪه ڪَن“ هوندا هئا، جن مان فتح الله ولد ميان عبدالله“ سڪه ڪن“ مشهور هو. سندس ڏهٽو محمد جواب ”مُهرڪِن“ پڻ ضربخاني جو ملازم هو. ميان فتح الله فارسيءَ جو چڱو شاعر هو(2). ٺٽي جي ضربخاني ۾ جيڪي سڪا ڍاليا ويا، انهن مان مغل دؤر جا سڪا ڪيترن عجائب خانن ۾ محفوظ آهن.
[”مهراڻ“3_1972ع]
________________________________________
* شهر جي قديم قلعي متعلق مڪلي نامو ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ تغلقن جي حملي
جي وقت واري عظيم قلعي جو تفصيل ڏنل آهي: ۽ رسالو مهراڻ 1_2 سال 1966ع ص 41 کان 56.
(1) تحفـﮧ الڪرام 173
(1) (تحفـﮧ الڪرام 168) مير قالع انهيءَ سلسلي ۾ ٻي روايت به لکي آهي. چوي ٿو ته ”گاديءَ تي ويهڻ بعد، ميرزا عيسيٰ کي ٺٽي جا ارغون ڏاڍو تنگ ڪندا هئا. روزانو شراب پي، لٺيون ۽ نيزا کڻي، سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا، ۽ رڪيب مان پير اچي سندس گلم تي ڪڍندا هئا. اهڙو ڪوبه ڏينهن ڪونه هوندو هو جڏهن هو حوبليءَ جي دروازي کي نيزن جون نوڪون هڻي، اندر داخل ٿي، کانئس شاه حسن وارو خزانو نه اچي گهرندا هئا،... آخر تنگ ٿي، پنهنجي حويليءَ کي ميرزا عيسيٰ هڪ ننڍڙ قلعو ڏياريو.“
اسان جو خيال آهي ته اهو واقعو 962هه جو آهي. پنهنجي حڪومت مضبوط ڪرڻ بعد ميرزا عيسيٰ پنهنجي انهيءَ حويليءَ مان لڏي وڃي قلعي حاڪم نشين وارين حويلين ۾ رهيو، ۽ 963هه ۾ انهيءَ قلعي حاڪم نشين جي مرمت ڪرائي ان کي مضبوط ڪيائين.
(2) تحفـﮧ 173.
(3) تحفـﮧ 176_ ٻئي هنڌ مير قانع لکي ٿو ته ميرزا باقي پنهنجي محل جي ٻانهين مان هڪ سان شادي ڪرائي ص 266
(1) ترخان نامه تحت ميرزا باقي.
(2) تحفـﺔ 193
(3) شاهه قاسم ارغون، خسرو چرڪس، ڀائي خان، عرب ڪوڪو، جمال الـﮧين ديوان.
(1) تاريخ طاهري تحت ميرزا غازي.
(2) ترخان نامـﮧ تحت ميرزا باقي، تحفـﮧ 175
(3) تحفـﺔ 183
(1) تحفـﺔ 181.
(2) تحفـﺔالڪرام، ايڊٽ حسام الدين ص 392.
(3) تحفـﺔالڪرام 405
(4) مقالات 509، تحفـﺔ 240. مقالات ۾ آهي ته قاضي ابراهيم مصنف شرح مخزن الاسرار ان وقت سندس رڪاب سان هو، شهزادي ان کي حڪم ڏنو ته شهر ۽ قلعي کي باهه ڏياري ڇڏ.
(1) تحفـﺔالڪرام ص 242.
(1) تحفـﺔ ص 244.
(2) مقالات الشعراء ص 180.
(3) مقالات ص 383.
(4) تحفـﺔ فارسي ص 99
(1) تحفـﺔ سنڌي ص 249_ مقالات ص 873.
(2) تحفـﺔ 513.
(1) مقالات 187_376.
(2) مقالات 423.
(3) طاهرين ص 111.
(1) طاهرين ص 111.
(2) طاهرين ص 161.
(3) طاهرين ص 163.
(4) مقالات 370.
(1) تحفـﺔ 525.
(2) تحفـﺔ 231.
(1) انهيءَ بزرگ جي شهادت 963هه ۾ پورچو کيز جي هٿان ٿي. تحفـﺔالڪرام ۾ آهي ته ميان ابوالقاسم نقشبندي عليـﮧ حهمـﺔالمتوفي 7 شعبان 1136هه، جو قول آهي ته شاهه مسڪين جي پايي جهڙو ٻيو ڪو بزرگ ٺٽي ۾ مدفون نه آهي. سندس زيارت مرادون پڄائيندڙ آهي. (تحفـﺔالڪرام فارسي 246) تحفـﺔالطاهرين جي صاحب هيٺين القابن سان کيس ياد ڪيو آهي: ”شاهباز لاهوت، يڪته تازان ميدان جبروت، سر دفتر اولياء ڪبار، سالار قوافل ابرار، صاحب مناقب علـيـﮧ، مظهر ڪرامات جليـﮧ، گل، گلـﮧستهء بوستان اصطفا، گل سرسبز حديقهء ارتضا، شهسوار مضمار معرفت و يقين، سيد شاه مسڪين_“ (ص 99). انهيءَ مؤلف ”ثفـﮧ راوين“ کان ٻڌي لکيو آهي ته اولياء الله جي محفل ۾ شاهه عليـﮧ رحمـﺔ، حضرت غوث الثقلين جي جاءِ نشين ٿيندو آهي. اڳتي هلي لکي ٿو ته_ ”زيارت فيض اشاعت او، گره ڪشاي ڪار فرويستگان، و مرهم بند ناسور دلخستگان است. هر ڪـﮧ از صـﮧق ارادات باستانش رسيد بڪام دل آرميد“.
درگاهه اڄ تائين مرمت ٿيندي اچي ٿي، هر سال اتي ميلو لڳندو آهي ۽ هزارين خلق اچي ڪٺي ٿيندي آهي. درگاهه جي ڏاڪڻ ۽ داخلي دروازو بازار مان آهي. بزرگ جي مزار ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺ مسقف عمارت اندر آهي. هڪ خدمتگار صفائيءَ لاءِ مستقل رهي ٿو ۽ هر وقت زيارتي ايندا ويندا رهن ٿا. بزرگ جي خاص مريد ۽ خدمتگار سيد خاڪي شاه جي مزار به سندس برابر آهي (تحفـﺔالطاهرين 103). بزرگ پاڻ به هر وقت صلواة شريف پڙهندو هو، ۽ ان جون اميدون فوراً پڄائيندو هو، جيڪو ماڻهو صلواة شريف سان شوق رکندو هو.
1228هه ۾ قلات جي هڪ اهل خير بزرگ، ملا غلام احمد بن ملا عبدالڪريم بابيءَ (هنن جو احوال تڪملـﮧ مقالات ۾ ڏسو ص 386_510) درگاهه جي عمارت ٺهرائي، جنهن لاءِ مير مائل ٺٽويءَ هيٺيان ٻه قطعه تاريخ چيا:
1_ باجاه حق چون اين زمان يمنِ شهر مسڪين نواز
بگرفت باز اين مقبره زين نو بنا رشدِ گزين
از خبر اَنڪس ڪو بجان صادق غلام احمـﮧ است
چون باب خود عبدالڪريم در زمرهء ارباب دين
سالِ بنايش صبحدم گفتـﮧ چنين روح القدس
”بر بانيء اين مقبره باجاه حق صد آفرين“ 1228هه
2_ اين رشڪ ارم مقبرهء سيد مسڪين بگرفت چو زين تازه بنا تازه فضا زود
(ڏسو حاشيو صفحي 47 تي)
(حاشيو آندل صفحي 46 تان)
از خير غلام احمد نامي ڪـﮧ در احباب چون باب ڪريم است به هر باب ذوي الجود
تاريخ بنايش ڪـﮧ زنو آمده بالخير ”با خير به از مقبره گو“ هاتف فرمود
مٿين ٻنهي قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته درگاهه ۽ مقبرو 1228هه ۾ نئين سر ملا غلام احمد تعمير ڪرايو، جنهن جي اڄ تائين ٿيندي اچي ٿي.
(1) تحفـﺔالطاهرين ص 102.
(1) طاهرين ص 104.
(2) طاهرين ص 105.
(3) طاهرين ص 107.
(4) طاهرين ص 102.
(5) طاهرين ص 108_109.
(1) طاهرين ص 109.
(2) تحفـﺔ 230
(3) تحفـﺔ 218
(4) تحفـﮧ 230
(1) تحفـﺔ 237
(2) طاهرين 111
(3) طاهرين 112 ۽ تحفـﺔ فارسي 245.
(1) طاهرين 113
(2) تذڪره اميرخاني ص 210.
(3) طاهرين 114.
(1) طاهرين 114
(2) طاهرين 116.
(1) تحفـﺔ 484.
(2) طاهرين 165
(3) طاهرين 148.
(4) طاهرين 149
(1) ”تا کار بجائي رسيد کـﮧ کسان شحنـﮧ ميرزا باقي را، از محلـﮧ مغلواره، و ميرزائي، و آگر، منع کردند کـﮧ: کسان ميرزا باقي در اين محالات نيامده باشند کـﮧ نصف شهر از بازار ميرزائي طرف شمال تعلق به ميرزا محمد باقي دارد، و نصف ديگر از بازار مذڪوره جانب جنوب بما!“_ ترخان نامـﮧ تحت ’باقي‘.
(2) سيد 922 ۾ انتقال ڪيو ۽ ساموئيءَ ۾ دفن ٿيو. قالع لکي ٿو ته هو پويان اولاد ڇڏي ويو، جن مان ڪي اڃا تائين تعلفي ڪڪرالي جي واري ديهه ۾ رهن ٿا، ڪي ٻين پاسن ڏانهن لڏي ويا ۽ ڪي ٿورا آڪر محلي ۾ رهي گذاري ويا_ تحفـﺔ 478.
(1) تحفـﺔ 484.
(1) تحفـﺔ 549.
(2) تحفـﺔ 553.
(3) تحفـﺔ 613_ اهو بزرگ مڪليءَ تي پر آسات جي ڏاڪڻ هيٺان دفن ٿيل آهي.
(4) تحفـﺔ 114.
(1) طاهرين 133.
(2) طاهرين 135.
(3) طاهرين 136.
(4) طاهرين 135
(1) تحفـﺔ 603
(2) تحفـﺔ 575
(3) تحفـﺔ 593
(4) تحفـﺔ 520
(5) تحفـﺔ 575
(1) تحفـﺔ 484
(2) تحفـﺔ 513
(3) تحفـﺔ 605
(1) سيد محمد بزرگ پنهنجي پيءُ مير محمـﮧ فاضل خان کان مشق سکي، پوءِ شاهب ندر جي خوش نويس محمد شفيح جو شاگرد ٿيو. عالمگير کيس وري هدايت الله زرين رقم وٽ ڇڏيو. آخر شاهزادي ڪام بخش جو استاد مقرر ٿيو. بهرحال، 31 ورهيه عالمگير جي خدمت ۾ رهي، سندس وفات بعد ٺٽي موٽي آيو، جتي 1152هه ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
(2) تحفـﺔ 519.
(1) تحفـﺔ 495.
(2) تحفـﺔ 511
(1) تحفـﺔ 137 ۽ معصومي 113.
(1) تحفـﮧ ص 575
(2) تحفـﮧ ص 655
(3) طاهرين ص 126، شاهه ڪر گنج چوندو هو ته هي شاهه شمس شمس تبريزيءَ کان هڪ قديم اڳي آهي.
(4) طاهرين ص 127
(1) طاهرين ص 128
(2) طاهرين ص 129_130.
(3) طاهرين 132
(4) طاهرين ص 131.
(1) طاهرين 145، تحفـﺔ 604
(2) اهو بزرگ ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ فوت ٿيو، ڇاڪاڻ ته مير قانع لکي ٿو ته ”هن کان (1181هه) ڪي سال اڳ سندس صحبتن مان ڪي ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا هئا“ تحفـﺔ 604
(1) مڪلي نامه 73.
(2) طاهرين 147.
(3) سيد شڪرالله شيرازي، سيد ڪمال شيرازي، شاهه عبدالله صحابي ۽ سيد منبو_ چارئي پاڻ ۾ يار هئا ۽ ٺٽي ۾ به گڏجي آيا. جيترو وقت زنده هئا، روزانو پاڻ ۾ صحبتون ۽ ڪچهريون ڪندا هئا ۽ حال قال ونڊيندا رهيا. مير قانع، جيڪو سيد شڪرالله جي خاندان جو فرد آهي، سو سندس سلسلي ۾ لکي ٿو ته_ ”حضور و مجرد در گذشت، کراماتش اظهر و خوارق آياتش اشهر، زيارتش بر آرنده حاجات عمدم خلق الله“ (ت ڪ 245). سيد شڪرالله جي خاندان جي پوءِ انهيءَ بزرگ سان عقيدت رهي ۽ هميشه ضروت وقت انهيءَ خاندان جا افراد سندس مزار فيض آثار جي زيارت تي ويندا رهندا هئا. حقيقت ۾ سيد شڪرالله جو چوڻ به پنهنجي پوين کي اهوئي هو. انهيءَ گهراڻي جو تعلق جيڪو بزرگ سان هو، ان جو اظهار مير قانع جي فرزند مير سائل تقريباً بزرگ جي وفات کان سؤ ورهيه پوءِ، هن طرح ڪيو آهي.
بدر گاهت اي شاهه سيد مبين مرا زقدم هست چو راهي نياز
ازين راهه و رسمِ نياز قديم کـﮧ دارم بدرگاهت از ضبط ناز
بتقديم عجز و نيار دلم به رويم به فرما در فيض باز
که سازم بدرگاه فيضِ تو عرض ز عجز و نياز دلي جملـﮧ راز
بس اين عرض عجز است ز مائل بحق
ببين عجزم اي شاهه عاجز نواز
(ڏسو حاشيو صفحي 57 تي)
(بقايا حاشيو آندل سفحي 56 تان)
تحفـﺔالطاهرين جي مولف، شاهه مذڪور جي تعريف هن طرح ڪئي آهي_ ”زبده عارفان ڪامل، سلالـﮧ و اصلات اهل دل، مخزن هدايت، مدن ولايت، شاهباز اوج جبروت، محرم خلوت سرائي لاهوت، نخلبند گلستان توحيد، رنگ بخشي بوستان تفريـﮧ، شاربِ رحيق تحقيق، سالک مسالک توفيق، قدوت الموحدان وارسـﺔ، حضرت سيـﮧ منبه“_ اڳتي هلي لکي ٿو ته_ ”گمگشتگان تَبهه حالات را بشهرستان هدايت رهبري ميفرمود، و سرگشتگان ظلمت جهالت رابشغل معرفت لاه مينمود_ مقامات عاليش ازان بلندتر است کـﮧ طائر کلک بر اوج بيانش پرواز نمايد، ومرغ بيان بر فراز اوصافش بال پرواز کشايد_“ سندس مزار جي زيارت لاءِ شيخ محمد اعظم جا جذبات هن طرح آهن:
”مزار فيض آثارش، مهبط انوار الهيٰ و مرقد پر انوارش محل تجليات لامنتهائي است. سائلان درگاهش را هردم گل اميـد بدامان، و اسپ مراد در زير ران_“ (طاهرين 146). اها لفظن جي بازي گري يا محض عبارت آرائي ڪانه آهي، بلڪ اڄ تائين به ماڻهن کي اهائي انهيءَ بزرگ سان عقيـدت آهي جيڪا اڄ کان ٻه سؤ يا چار سؤ ورهيه اڳ هئي. درگاهه جي هر سال مرمت ٿيندي رهي ٿي. بزرگ جي مزار ڪاٺ جي پڃري اندر، ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺان آهي. سندس پيرانديءَ کان سندس انهيءَ مريد ۽ ان جي وانده جون قبرون آهن، جن جو اهو گهر هو، جنهن ۾ سيد صاحب قيام فرمايو هو. اڄ تائين ساليانو سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، ۽ روزانه حاجت منـد درگاهه جي زيارت ڪندا رهن ٿا.
(1) دراصل انهيءَ محلي جو نالو مِسگر يا مِسگران آهي. مِس ڌات جو قسم آهي. سون ۽ چانديءَ جي ورقن ٺاهيندڙن کي به مسگر چئبو آهي.
اصفهان ۾ بازار مسگران هئي (ڏسو باستان شناسي و هنر ايران 5:1 ص 48)
(2) طاهرين 150.
(1) طاهرين 151.
(2) تحفـﮧ فارسي 198_245 ۽ طاهرين 152.
(3) طاهرين 153
(4) طاهرين 152.
(1) تحفـﺔ 495.
(2) طاهرين 155
(3) طاهرين 156
(4) طاهرين 157
(1) طاهرين 157.
(2) طاهرين 194.
(3) تحفـﺔ 510، ڏسو مسجد جو ڪتبو ۽ احوال تحفـﺔالڪرام حسام الدين ايڊٽ ص 109
(4) طاهرين 120
(5) طاهرين 121
(6) طاهرين 121
(1) طاهرين 125
(2) طاهرين 119
(3) طاهرين 118
(4) طاهرين 123
(5) طاهرين 124.
(1) تحفـﺔ 605
(2) طاهرين 119
(3) طاهرين 174.
________________________________________
(1) شاهه وجيـﮧالدين سيد فتح محمد شاهه جو فرزند ۽ امام محمد تقي بن امام علي موسيٰ رضا جي اولاد مان هو. شاه جميل گرناريءَ جو مريد هو، ۽ سندس مزار به پير پٺي تي شاهه جميل پيرانديءَ کان آهي (تحفـﺔ 620). انهيءَ بزرگ کي چار پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو شاهه آري هو؛ سندس اهو فرزند، شاهه جميل جي درگاهه جي اتر طرف کان جيڪا هيٺانهين زمين آهي، اتي پوريل آهي. پير پٺي جي شهر کي ”پير آر“ به چوندا آهن. اهو نالو هن بزرگ جي نسبت سبب ٿيو.
(2) تحفـﮧ 606
(1) تحفـﺔ 608
(2) طاهرين 166.
(3) طاهرين 166. اهو بزرگ نواب سعيد خان (1119هه) جي زماني جو هو.
(4) طاهرين 137
(1) طاهرين 138.
(2) طاهرين 139
(3) طاهرين 139
(4) طاهرين 144
(5) طاهرين 139.
(1) طاهرين 141.
(2) تحفـﺔ 474.
(3) آخوند شاعر به هو؛ سيد علي شيرازيءَ جي اولاد مان هڪ سيد مير چاند نالي جڏهن فوت ٿيو، تڏهن ان جي هيٺين تاريخ آخوند موصوف چئي:
چاند مير آنک يا دلِ پر درد
سوي عقبيٰ زوار محنت شد
بر زمين زد سروش افسر و گفت
”منزلِ مير چاند جنت شد“
سيـد عليءَ جي گنبذ جي دروازي وٽ، هڪ ڇٽيءَ هيٺ چانـد پوريل آهي. اهو ڪتبو سندس مزار تي موجود آهي:
(1) طاهرين 159
(2) طاهرين 158
(3) طاهرين 158_159.
(4) تحفـﺔ 278
(5) تحفـﺔ 604
(6) قاضي محمد اچيءَ جو اولاد، مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو ۽ انهن مان ڪي مخدوم محمد ابراهيم خليل جي وڏن جا مريد هئا.
(1) تحفـﺔ 519.
(1) مقالات 301_ شيخ الاسلام ميرڪ عبدالوهاب (متوفي 1112هه) بن شيخ الاسلام ميرڪ محمود ثاني_ ڏسو راقم جو مقالو_ پوراني سادات سنڌ ۾.
(2) تحفـﺔ 497_ انهيءَ خاندان تي اسان جو مفصل مقالو ڏسڻ گهرجي.
(3) تحفـﺔ 513.
(1) تحفـﺔ 483
(2) تحفـﺔ 495.
(1) تحفـﺔ 602
(2) تحفـﺔ 585.
(1) تحفـﺔ 496
(2) صداالدين ثاني جي شيخ اسماعيل شهيد بن رڪن الدين بن شيخ صدرالدين بن شيخ بهاؤالدين.
(3) تحفـﺔ 473_474؛ طاهرين 13.
(1) تذڪرة المراد_ تحفـﺔ 474_ طاهرين 14.
(1) انهي ڪتبي جا ٽيئي پٿر، پاڪستان جي قومي ميوزم ڪراچيءَ ۾ رکيا آهن. ڏسو تحفـﺔالڪرام، حسام الدين ايڊٽ، ص 209.
(2) تحفـﺔ فارسي ص 90، سنڌي 224.
(3) تحفـﺔ 513. سيد محمد شجاع جو پٽ سيد سعدالله پيءُ کان پوءِ پيش امام ٿيو. عيدگاهه جي امامت سيد دستور محمود بخاريءَ جي دؤر کان انهيءَ خاندان ۾ هئي، تنهنڪري مٿيون سيد دستور مطابق عيدگاهه جو به امام هو. ازانسواءِ کيس حڪومت طرفان کوهن کوٽائڻ جو ڪم، قلعي جي مرمت جي نگراني ۽ بيت المال جي داروغپ ۾ سپرد هئي. 1181هه ۾ ان جا پٽ سيد روح الله ۽ سليم عليم الدين موجود هئا (513)
(4) تحفـﺔ فارسي 90
(1) طاهرين 115.
(2) تحفـﺔ ص 172؛ طاهرين ص 115
(3) تحفـﺔ ص 609؛ طاهرين ص 115
(4) تحفـﺔ ص 613؛ طاهرين ص 60
(5) تحفـﺔ ص 630؛ طاهرين ص 45
(1) تحفـﺔ ص 511
(2) مقالات ص 310.
(1) تحفـﺔ ص 497
(2) طاهرين ص 131
(3) طاهرين ص 135
(4) تحفـﺔ ص 228.
(1) تحفـﺔ ص 480
(2) تحفـﺔ 566.
(1) تحفـﺔ 239.
________________________________________
(1) تحفـﺔ 237
(2) مقالات 778
(1) مقالات 778
(2) تحفـﺔ 237
(1) تحفـﺔالڪرام جي مصنف هن ڪاتب لاءِ لکيو آهي: ”سيد علي بن عبدالقدوس مارﱞندراني، در خط ثلث و نسخ و سائر خطوط، نظير سيد علي معروف بوده، شاگرد مخدوم الياس خوشنويس است کـﮧ بشاگرديش بسا بزرک بخوشنويسي نامي اند“ (فارسي 3/200)_ ”مخدوم الياس خوشنويس بن مخدوم يوسف در خط نستعليق و نسخ مهارب کلي داشتـﮧ، به استادي وقت مشهور، شاگردان رشيد مثل سيـﮧ علي ازو بهرور فن ڪمال شدند“ (3/241)،
(2) هن ڪتبي جو احوال معلوم نه آهي.
(3) تحفـﺔالڪرام لکي ٿو: ”سيد حسن خوشنويس، درعهد ترخانيـﮧ بفنون خوشنويسي ماهر وقت زيسـﺔ، پسرش سيد محمد طاهر جامع هفت قلم معروف زمان گذشـﺔ“
(فارسي 3/241).
(1) تحفـﺔ الڪرام جي مصنف هن کي سيد عبدالله حسيني ”ٺازڪ رقم، لکيو آهي.
(2) تحفـﺔ الڪرام ۾ آهي ته ”شيخ محمد فاضل ولد شيخ محمد، معاصر عهد شاهجهان، در کتبـﮧ نويسي خط ثلث نادر زمان زيسـﺔ“.
(3) هن ڪتاب جو پتو پئجي نه سگهيو.
(1) انهي درخواست جو نقل مخدوم موصوف جي مڪتوبات ۾، جيڪا ديوان خليل سان ملحق آهي، موجود آهي.
(2) انهيءَ مرمت لاءِ مرحوم مير صابر شاهه شڪرالاهي تتوي ۽ ميان الهه بخش شاڪراڻيءَ چندو گڏ ڪيو.
(3) جيمس ڪمشنر چندي گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪوشش ڪئي، جنهنڪري مير فيض محمد والي خيرپور چار هزار رپيا ڏنا، چار هزار ٻيا ڪٺا ڪيا ويا، حڪومت فقط پنج سؤ رپيا ڏنا. لب تاريخ سنڌ جي روايت آهي، ته مرحوم رسول بخش، مختيار ڪار جي نگرانيءَ هيٺ اها مرمت ٿي ۽ جملي ويهه هزار رپيا صرف ٿيا.
(4) ڏسو مسجد لاءِ تذڪرة اميرخاني
(1) آيت ڪربمـﮧ_ (سندن عملن جي انعام ۾ کين رهڻ لاءِ جنتون ڏنيون ويون آهن)
(2) قانع جو قول آهي ته سوانح نگار عالمگير بادشاهه ڏي موڪليو ته نواب پنهنجي حويليءَ لاءِ قلعو ٿو ٺهرائي، حالانڪه شاهي حڪم جو مقصد اهو هو ته شهر پناهه ٺهي (244).
(3) مقالات 383.
(4) طاهرين 140.
(1) طاهرين ص 144
(2) تحفـﺔ ص 576
(3) تحفـﺔ ص 495
(1) تحفـﺔ ص 416
(2) طاهرين ص 153.
(3) طاهرين ص 154
(4) طاهرين ص 154
(1) طاهرين ص 157
(2) تحفـﺔ ص 560.
(1) تحفـﺔ ص 553
(2) تحفـﺔ ص 554.
(3) تحفـﺔ ص 568
(1) تحفـﺔ ص 575.
(2) تحفـة ص 566
(1) تحفة 578
(2) تحفة 579
(1) تحفة 579
(2) تحفة 566
(1) تحفة 568
(1) تحفة 565
(2) تحفة ص 528.
(1) تحفة ص 230.
(2) ڏسو مڪلي نامـﮧ.
(3) تحفة ص 206؛ بيگارنامـﮧ؛ مقدمـﮧ مثنوي چنيسر نامه
(4) طاهرين ص 107.
(1) تحفة ص 538
(2) مقالات ص 68.
(1) طاهرين ص 156.
(1) خواجه ڪمال الدين خواجه جي اولاد مان هو، همايون بادشاهه سندس ڏاڍو معتقد هو. پاڻ ارغونن جي دؤر ۾ ٺٽي آيو ۽ ڪلان ڪوٽ ۾ جاڳيرن ملڻ سبب قيام ڪيائين. سندس مزار ڪلان ڪوٽ جي ويجهو فتحي ٽڪر تي آهي، سندس پٽ خواجه شهاب الدين جي اولاد مان خواجه محمد شريف اعليٰ درجي جو خوشنويس ۽ مير عليءَ جو شاگرد هو. خواجه مرتضيٰ پڻ بينظير خوشنويس ۽ طبيب هو پهريائين محمد دائود ڪلهوڙي وٽ منشي هو پوءِ ميان نورمحمد وٽ، ان کان پوءِ محمد مراد ياب وٽ، غلام شاهه وٽ ۽ 1181هه ۾ ميان سرفراز وٽ هو. قانع لکي ٿو ته سندس علاج بيمارين جي شفا ۾ تبرڪ جو حڪم رکي ٿو (ص 523)
(2) تحفـﮧالڪرام 523.
(1) سيد علي ثاني بن سيد جلال اول (837_903هه) بن سيد علي اول (795_877) بن سيد احمد (المتوفي 845هه) بن سيد محمد (المتوفي 800هه) انجوي شيرازي، پير محمد حسين عرف پير مراد شيرازي ٺٽي جو ڪامل ولي ۽ سيد احمد بن محمد جو فرزند هو. سيد علي ثانيءَ جو مقبرو پير مراد جي قبرستان جي اوڀر ۾ آهي.
(2) بقول قانع شيخ بهاء الدين ملتاني جي پوٽن مان وڏي ۾ وڏو پير هو، ٺٽي ۾ شادي ڪرڻ بعد سندس اولاد وڌيو، ۽ قانع المتوفي 1203هه جي زماني تائين ٺٽي ۾ موجود هو (تحفـ بقول قانع شيخ بهاء الدين ملتاني جي پوٽن مان وڏي ۾ وڏو پير هو، ٺٽي ۾ شادي ڪرڻ بعد سندس اولاد وڌيو، ۽ قانع المتوفي 1203هه جي زماني تائين ٺٽي ۾ موجود هو (تحفـﺔ 525). شيخ عاليءَ جو مقبرو مڪليءَ تي آهي، جنهن جي سلسلي ۾ مير قانع ”مڪلي نامـﮧ“ ۾ فرمايو آهي ته:
”درگاه والا جاه عاشق رباني، مظهر الطاف سبحاني، شاهباز آشيان وحدت، شمع شبستان قربت، مشرق انوار جلالي وجمالي، پير شيخ عالي است، کـﮧ فقيران درش بشاهان همڪلاه، وسنگهاي آستانش در نور رشڪ مهر و ماه. جن و انس را مرقد امجدش قبلـﮧ، و وحش وطير را ارض اقدسش کعبـﮧ:
فلک خدمت گذار آســــــــــتانـــــــش ملک با صدقِ نيّت پاسـبانش
شرف دارن زمينش برســـماوات هجوم نور، افزون تر ز جَـــنات
جبين مايي درش، خورشيد انور چويثرب، خاک پاکِ او مــطهر
ميان صحنش، از انـبوه انــــــوار نباشد ماه و خور را رونق کار
تعاليٰ الله زهي پاکيزه درگاه کـﮧ نور اوست، وقفِ چهرهء ماه
نه حاجتمند را، آنجاست زاري کـﮧ بي نيت کشد کارش زباري
زبان در وصفِ مدحِ اوست کوتاه
بکوهي، چون توان آو يختن کاه
(3) تحفـﺔالڪرم 525.
(1) تحفـﺔالڪرام 597.
(2) نواب قدردانِ غايت جانب او (ضيا) بسيار مدعي داشتي، وکسي را از روئي حرمت بر تفوق ندادي، با خود بر فيل مينشانـد، و پرداخت بهمـﮧ وجوه خوب ميکرد، و براي وي حويلي معروفـﮧ تعمير فرمود کـﮧ ثاني الحال بمسکين انتقال يافت (مقالات الشعرا ص 369) مسڪين، ملا عبدالحڪيم عطا جو پٽ هو.
(3) تحفـﺔالڪرام 239.
(4) مقالات 380.
(1) تحفـﺔ الطاهرين 155.
(2) ٺٽي جي باغن جو موتيو، گلاب، مختلف گل ۽ ميوا مشهور هئا. عالمگير اُنهن جي پنهنجي خطن ۾ ڏاڍي تعريف ڪئي آهي، امير خسروءَ جي هيٺين شعر پڻ ٺٽي جي گلن جي واکاڻ ظاهر ٿئي ٿي:
سروِ چو تو، در اُچـﮧ و در تتـﺔ نباشد
گل مثلِ رخِ خوب تو، البتـﺔ نباشـﮧ
ڏسو مهراڻ نمبر 1_2 سال 1966ع ص 42
(3) تحفـﺔالڪرام 231.
(4) تحفـﺔالڪرام 603.
(1) طاهرين 112.
(2) درس للو ساڪري پر ڳڻي جي رسول آباد ڳوٺ جو رهندڙ ۽ اتان جي مشهور خليفي بايزيد جي اولاد مان هو. ڪوهستاني ماڻهو گهڻو ڪري سندس مريد هئا. جڏهن ٺٽي آيو تڏهن اچي خواجه قوم جي هڪ جماعت کي مسلمان ڪيائين، ۽ سندن ئي محلي جي مسجد ۾ رهڻ لڳو. ڪجهه وقت بعد اتان لڏي وڃي مغلواڙي ۾ رهيو. سندس اولاد مان خليفو ڇتو تحفـﺔالڪرام لکجڻ (1181هه) وقت موجود هو. (تحفـﺔ 575)
(3) شاهه حافظ الله گجراتيءَ جو مريد ۽ خليفي ابوالبرڪات سان گڏ ارغونن جي دﺆر ۾ ٺٽي آيو ۽ اچي مڪليءَ تي عبدالله شاهه جي مزار ظاهر ڪيائين. سندس مزار عبدالله شاهه جي پيرانديءَ کان آهي. تحفـﺔ 574.
(4) سندس وڏا اميرن وٽ بقاوليءَ جي عهدي تي هوندا هئا، پاڻ ڪنهن جي فيض مان نصيب وٺي بزرگ ٿي پيو. ”بقاولي مشائخ“ سندس لقب ٿيو، سندس پُٽ ميان ملوڪ شاهه هو، جنهن مڪليءَ تي ”جلوه گاهه امامين“ ظاهر ڪئي_ تحفـﺔ 574.
(1) هي بزرگ شيخ يعقوب جو فيض يافتـﮧ آهي. وڏو صاحبدل بزرگ هو. سندس قبر مڪليءَ جي دروازي کان ٻاهر واريءَ سرزمين ۾ آهي ۽ بقول قانع، هر سال الضحيٰ تي سندس مزار مٿان ميلو لڳندو آهي. تحفـﺔ 576.
(2) تحفـﺔالڪرام 575.
(3) ترخان نامـﮧ تحت مرزا باقي.
(4) تحفـﺔالڪرام سنڌي 238.
(5) تحفـﺔالڪرام 495.
(1) تحفـﺔ 604
(1) مقالات الشعرا 203
(2) تحفـﺔ 568
(3) تحفـﺔ 231
(4) تحفـﺔالڪرام 609
(1) تحفـﺔ الطاهرين 131
(2) تحفـﺔ الطاهرين 131
(3) تحفـﺔ الڪرام 609
(4) قاضي محمد حسين (اول) بن قاضي علي محمد (اول) بن قاضي شيخ احمد بن قاضي حضرت شيخ محمد اُچي (متوفي 963هه). قاضي محمد حسين قاضي محمد ابراهيم ٺٽوي المتوفي 1072هه جو نياڻو هو. پاڻ 1107هه ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ قاضي محمد يحيٰ شهر جو قاضي القضات ٿيو. قضي محمد حسين جي نياڻيءَ مان سيد ابوالقاسم ڄائو، جيڪو سيد نظام الدين ثاني جامع فتاويٰ عالمگيريءَ جو ڀاءُ هو. انهيءَ خاندان ۾ ٺٽي جي قضا شاهه حسن ارغون جي دﺆر کان موروثي هلي اچي ٿي.
(1) تحفـﺔالڪرام 242
(2) معصومي 113_ ۽ طاهري
(3) تحفـﺔ 139
(4) تحفـﺔ 185.
(1) تحفـﺔ 211_ تاريخ طاهري تحت غازي بيگ. راقم الحروف جو مضمون ميرزا غازي بيگ تي. طاهريءَ جا لفظ هي آهن: ”مابين شمار سرحد اين بارگاهه است، انطرف حڪم شما و اين صوبـﮧ ماست. بل اگر زياده کاوش خواهند داشت تاکنار علي جان سرحد خواهيم نمود“. ليڪن انهيءَ فساد ۾ آخر ابوالقاسم کي ميرزا سان صلح ڪرڻو پيو. ميرزا سندس اکيون ڪڍرائي ڇڏيون، ڪيترو وقت قيد ۾ هو، پوءِ آزاد ٿيو.
(2) تحفـﺔ 247_ مقالات 880
(3) مقالات 880.
________________________________________
(1) تحفـﺔ 173
(2) تحفـﺔ 242
(3) مقالات 509 تحفـﺔ 240
(4) مقالات 783
(5) طاهرين 81
(1) تحفـﺔ 267
(2) تحفـﺔ 175
(1) مقالات 186
(2) تحفـﺔ 187.
(1) تحفـﺔ 503
(2) مقالات 486