شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

جيون سفر درد جو

جيون سفر درد جو


ٻه ھزار ڏھ جي مھا ٻوڏ کان پوءِ ٻه ھزار ٻارھن ۾ مون پھريون مھاڳ پنھنجي پياري دوست شاعر ۽ نثر نويس محبتي ملاح جي شاعريءَ جي ڪتاب: ”تُنھنجي خوشبو آئي ھوا مان“ جو لکيو ھو. انھيءَ مھاڳ کان پوءِ مخلتف شھرن مان شاعرن ۽ اديب دوستن پنھنجون لکڻيون موڪلي مھاڳ لکڻ لاءِ چيو ھو. مسلسل مھاڳ لکڻ جي ڪري، شاعريءَ جي نخريلي ديوي رُسي ايترو ڏور ھلي وئي آھي، جو ھن وقت تائين ڳولڻ جي باوجود به نظر نه ٿي اچي. محسوس ائين ٿي رھيو آھي ته، ڄڻ آئون شاعر ئي ناهيان، جَڏهن ته مان بنيادي طور تي شاعر آهيان، نثر نويس پوءِ، جيستائين شاعريءَ جي ديوي پنھنجي آغوش ۾ ٻيھر آڻي، تيستائين نثر جي ديويءَ سان ئي دل وندارئي رھيو آھيان.
اھو سچ آھي، ته، مھاڳ لکڻ انتھائي اوکو ڪم آھي. جتي صحيح ۽ خوبصورت مھاڳ لکجي رھيا آھن. اُتي ڪمزور مھاڳ پڻ اڻپوري صورت ۾ ملن ٿا. گڏوگڏ مبالغه آرائي به جھجھي انداز ۾ موجود آھي، جيڪا دوستيءَ جي دائري سان تعلق رکي ٿي، تنھن ڪري دوستيءَ جو نڀاءُ به ٿي رھيو آھي، ته ايمانداريءَ جو نڀاءُ به نظر اچي ٿو. دوستي نڀائڻ وارو سلسلو ڪڏھن بند ٿيندو، ان لاءِ ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي؟ ٻه ھزار ٻارھن کان ٻه ھزار ٻاويھن تائين منھنجو ھيءُ پنجاهون مھاڳ آھي. اھڙو ذڪر مون ھن ڪتاب جي ليکڪ علي محمد ”درد“ سولنگيءَ سان فون تي پڻ ڪيو ھو. جنھن ماشاءَ اللھ چئي، خوشيءَ جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته مھاڳن جي گولڊن جوبلي منھنجي ھن ڪتاب جي نصيب ۾ آئي آھي، جنھن


کان پوءِ ھلڪڙا ٽَھڪَ ڏناسين.
اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته، ٻه ھزار ڏھ ۾ سنڌ جي سياسي وڏيرن پنھنجي مفادن خاطر مختلف ھنڌن کان بندن کي ڪَٽَ ڏياري، سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙائي تباھيءَ جو جيڪو ثبوت ڏنو ھو، اھو انھن ماڻھن کان وسريو ناھي، جيڪي اھڙي قھري ظلم جا شڪار ٿيا ھئا. سندن مال متاع، گھر جو سامان نياڻن ۽ پٽن جي ڏاج سان گڏ گھر جا ڀاتي پڻ لڙھي ويا ھئا. جن جي ڪا به قبر ٺھي نه سگھي ھئي. اھڙي قيامت خيز منظر ۾ سندن پونئرن پنھنجي پيارن ۽ جگر جي ٽڪرن لاءِ تڙپي تڙپي دم ڏنو. ڪِن پنھنجو ھوش حواس وڃائي ڇڏيو ھو، ڪي زندھ لاش بڻجي ويا ھئا. پر سنڌ جي ظالم سياسي وڏيرن کي اُنھن تي ڪا به ڪھل نه آئي ھئي، ۽ انھن جي ڦٽن تي شديد لوڻ ٻرڪڻ لاءِ ائين چوندا رھيا ته، انھن ماڻھن کي پنھنجن عملن جي سزا ملي رھي آھي. سندن اھڙي سوچ تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو!
اھا ڳالھ عالمِ آشڪار آھي ته بندن کي جيڪي به ڪَٽَ ڏياريا ويا ھئا، اُھي سندن مفادن ۾ ھئا. ھُو پنھنجي ٻنين، فيڪٽرين، بنگلن ۽ ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ غريب، مسڪين ۽ بي پھچ ماڻھن جي ڳوٺن کي ٻوڙائي اُنھن کي بي گھر ڪيو. اھڙي عمل تي کين سياسي وڏيرن کي ڪو به پڇتاءُ محسوس نه ٿيو. بي گھر ماڻھن ته رُنو پر اُن سان گڏ آسمان پڻ مسلسل روئندو ۽ ڪنڌ جھڪائيندو رھيو.
ڀٽائي چواڻي:
ڌاريائي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا.

اِن ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته سنڌ سان ڌارين ته ڪَلُورَ ڪيا ئي ڪيا آھن، پر پنھنجن به گھٽ ناھي ڪئي. سائين راشد مورائي پنھنجن جي اھڙي عمل تي لکيو ھو ته؛
”اھڙي ھَوا گھُلي نه ٿِو، دانگيءَ تي رَتُ وري،
ڌارين سان مُنھن ڏجي، مگر پنھنجن کي ڇا ڪجي!“

پاڻ سدائين ڌارين جي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳالھائيندا، تقريرون ڪندا ۽ لکندا رھيا آھيون، ۽ پنھنجي قوم کي سجاڳيءَ جا سبق ڏيندا رھيا آھيون. ته ڌارين اسان کي سدائين لٽيو ۽ ڦريو آھي پر پنھنجن تي چند ماڻھن، چنڊ اديبن شاعرن ۽ چند دانشورن کان سواءِ اڪثر ماڻھن چمچاگيريءَ کان ڪم وٺي، سچ چوڻ کان ڪيٻايو آھي. سچ کان ڪيٻائڻ ۾ سندن ذاتي مفاد موجود آھن، جن جي ڪري ھاري، ناري، غريب ۽ مسڪين ماڻھو ڌارين جي ظلمن سان گڏ پنھنجي سياسي وڏيري طرفان نه رڳو ٻه ھزار ڏھه جي مَھا ٻوڏ ۾ نظر اچي ٿي. پر موجود دؤر يعني ٻه ھزار ٻاويھ ۾ پڻ تاريخ جو اھڙو ورجاءُ ڪيو ويو آھي.
اسان کي خبر آھي ته، اھڙن مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرن مان ڪجھ به حاصل ٿيڻو ناھي، جنھن جو مثال ٻه ھزار ڏھ جي ٻوڏ ۾ سندن ڪيل ظلم جو عمل ۽ ٻھ ھزار ٻاويھ ۾ اھڙو ڪُڌو عمل شامل آھي، جنھن ۾ ٻه ھزار ڏھ کان به وڌيڪ ظلم جي انتھا ڪئي وئي آھي. سياسي وڏيرن ۽ حڪمرانن پنھنجي مفادن خاطر سنڌ جا ڳوٺ ۽ زمينون ٻوڙائي، لکين سنڌي ماروئڙن کي بي گھر ڪري، پنھنجن بنگلن ۾ عياشي ڪئي! اسان جا سنڌي ماروئڙا ڪھڙي ڪَربَ مان گذريا، سندن، ڪيتريون تڪليفون ڏسڻيون پيون، پنھنجن اکين اڳيان ڳوٺ ٻُڏندي، گھر ڊھندي ۽ پنھنجن پيارن جا لاش ڏسندي ۽ لڙھندي ڏٺا. اھڙي ظلم جا گواھ اخبارن ذريعي ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو سچ ٻڌائيندا رھيا سا ڳالھ لڪل ناھي پر سياسي وڏيرن کي انھن تي ڪا به ڪھل نه آئي!
سنڌ جي مسڪين ڳوٺاڻن ماڻھن جي اھڙي ڪَرب جي حقيقي ڪھاڻيءَ کي سنڌ جي حساس شاعر سٻاجھڙي اديب ۽ نثر نويس علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جھڙي ريت پنھنجي واين ۾ ڪيڏارو لکيو آھي، اُھو پڙھڻ کان پوءِ ھر حساس دل رکندڙ ماڻھوءَ کي ضرور رُئاريندو. مون جڏھن سندس ڪيڏاري واريون وايون مھاڳ جي لکڻ لاءِ پڙھڻ شروع ڪيون ته ويھن واين کان پوءِ منھنجي اکين جا بند ٽُٽي پيا ۽ مون وڌيڪ وايون پڙھڻ بند ڪيون. اتفاق اھو ٿيو ته پنجن منٽن کان پوءِ علي محمد ”درد“ فون ڪئي ۽ چيو ته مان سعودي عرب وڃڻو آھيان، اُن ڪري جيترو جلدي ٿي سگھي مھاڳ لکي ڏيو ته آئون مرتضى لغاري ڏانھن موڪلي سگھان. مون کيس چيو ته، اوھان واين ۾ به برسات متاثرن جي ڏکن، سُورن ۽ دردن کي اھڙو قلم بند ڪيو آھي، جو مون ويھ وايون پڙھي روئي ڏنو. آھي، ۽ فون تي به ڳالھائڻ دؤران اھڙي ڪيفيت جُڙي آئي، جنھن کي علي محمد”درد“محسوس ڪيو.ھن وڌيڪ ڪجھ به نه چيو.

مھاڳ جي نوٽس وٺڻ لاءِ ٻئي ڏينھن تي واين کي وري پڙھڻ شروع ڪيم ۽ ساڳي ڪيفيت مان گذريس. سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڪھڙي وائيءَ جو نوٽ وٺان ۽ ڪھڙيءَ جو نه. ڇاڪاڻ ته ھر وائيءَ ۾ ڪيڏارو موجود ھئو، پوءِ سوچيم ته، ٿوريون وايون کڻي مھاڳ لکان ٿو. اھو ان ڪري ته ھر وائي نوٽ ڪرڻ جھڙي ھئي.
اھو دُرست آھي ته ڪنھن به ڪتاب جو مھاڳ آئيني مثل ھوندو آھي. جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ جو تجسس وڌندو آھي يا گھٽبو آھي. مون کي يقين آھي ته علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جون ھيءُ وايون مھاڳ پڙھڻ کان پوءِ پرھندڙن وٽ تجسس ضرور پيدا ڪنديون. ”درد“ جي واين ۾ معشوق ڌاريجي جي واين جيئان عام ٻوليءَ جو استعمال مڪمل طور تي ٿيل آھي، عام ٻوليءَ جي اھڙي مڪملتا ۾ جيڪو سچ جو ڀرم رکيل آھي، يا ظالم ۽ مظلوم جو فرق ملي ٿو اُھو ھانءُ ڏاريندڙ آھي. ھنن واين ۾ ظالم ۽ مظلوم جو اھڙو فرق صاف ۽ شفاف نظر اچي ٿو.

ڳالھ اھا چوڌار،
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
ھيءَ ڪا آفت ڪانه ھئي،
پاڻي جي يلغار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
جاٿان ڪاٿان ڪَٽَ ڏئي،
ويٺا ھِي ڪمدار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
مُفلس نادارن سَندِي،
ڪانه لڌائون سار،
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
***
ھيڏي ھَٺَ ڌرمي،
ٻوڙايائون سنڌ کي.
آندائون ھِي اوچتي،
آفت بي شرمي.
ٻوڙايائون سنڌ کي.
***
ڪاري قھري رات،
محشر جو منظر ھُيو.
پاڻي گھرن آيو گھڙي،
ساھ سڀن سڪرات.
محشر جو منظر ھُيو.
اَلھُ تَلھُ ھليو ويو،
پرھ ڦُٽي پرڀات.
محشر جو منظر ھُيو.
***
ھئه ھئه منھنجو گھر،
ھنڌان ھنڌان پيو ڏري.
ڀتين. ڇتين ساڻ گڏ،
مُنھنجو ھِي اندر،
ھنڌان ھنڌان پيو ڏري.
انھيءَ ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته شاعر ۽ اديب معاشري جا حساس ماڻھو ھوندا. حساس ماڻھن تي عام ماڻھن کان وڌيڪ اثر ٿيندو آھي. اھڙي شاھدي بُخاري جي ھنن سٽن ۾ موجود آھي.
ھِي ماڻھو جيڪو ميڻ مٺا،
سي ڪِٿ ٿا سھن تِکو تئه سُھڻا.

حساس ماڻھو ميڻ جيئان نرم ٿيندا آھن. جن کي ٿوري تپش ڳاري ناس ڪري ڇڏيندي آھي، يا شاعر ۽ اديب اهڙي ئي حساسيت جو فطري حصو رھيا آھن. عام ماڻھو ڄائو وڏو ٿيو، نوڪري ڪري شادي ڪيائين، رٽائر ڪري چند سالن کان پوءِ وفات ڪري ويندو آھي. ڳالھ ختم!!.. سماج ۾چند گھر ڀاتين کان سواءِ سندس ٻيو ڪو به ياد ڪرڻ وارو نه ھوندو آھي. پر شاعر ۽ اديب سماج جو اھڙو فرد ھوندو آھي، جيڪو مٿين سڀني ڳالھين سان گڏ پنھنجي لکڻين ذريعي صدين تائين ساھ کڻندو آھي، ۽ ھميشه جيئرو رھندو آھي.
ھن وقت تائين اربين ۽ کربين ماڻھو ڄاوا ۽ وفات ڪري ويا. پر اُنھن اربن ۽ کربن ماڻھن مان انھن ماڻھن کي ياد ڪيو وڃي ٿو، جن پنھنجي قلم ۽ ڪردار سان گڏ حساسيت جو ڀرم رکيو.
علي محمد ”درد“ سولنگي به قلم، ڪردار ۽ حساسيت جي علم کي بُلند ڪري، ھن اھڙي بِگڙيل سماج ۾ سفر ڪري رھيو آھي، جتي انسانيت ۽ احساس جھڙا لفظ ڇوري ٻار جيئان روئندا ۽ رڙندا رھن ٿا. جن کي چند ماڻھن کان سواءِ ڪير به پرچائڻ ۽ ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار ناھي. اھڙي سماج ۾ شاعر ۽ اديبَ اھڙا انسان آھن جيڪي پنھنجي لکڻين ۾ غريبن، مسڪينن، مظلومن ۽ بي بھچ ماڻھن جي سار لھي سندن دردن تي پھا رکي آٿت ڏين ٿا. اھڙي آٿت جي گواھي ”درد“ سوالنگي جي ھيٺين ھنن واين ۾ موجود آھي. جن کي پڙھڻ کان پوءِ مٿي ڄاڻايل الفاظن توڙي ڳالھ کي مضبوطي ملي ٿي.

بچيو ڪجھ ڀي ڪونه،
سارو ڪجھ لُڙھي ويو.
ٿانوَ ٿپا ڪپڙو اَجھو،
مال متاع رھيو نه.
سارو ڪجھ لُڙھي ويو.
ڏاجو پُٽَ ۽ ڌيءَ جو،
ھنڌ وھاڻا سون.
سارو ڪجھ لُڙھي ويو.
***
ڳوٺن شھرن جا،
رستا سارا ويا لُڙھي.
جوھي، ميھڙ خيرپور،
دادو ڀانن جا.
رستا سارا ويا لُڙھي.
***
حالت ھيءَ ڏسي،
مونکي روئڻ ٿو اچي.
پَٽَ تي پيا آھن سُتا،
مُنھن ۾ ڌوِڙ مٽي.
مونکي روئڻ ٿو اچي.
خيمو، مڇر داني نه ئي،
تن وٽ آھِ رِلِي.
مونکي روئڻ ٿو اچي.
***
ڪنھنجو جاني ڀاءُ،
لوڙھي ٻوڙي ٻوڏ وئي.
ماڻھو بيٺا بند تي،
ڏسن ھيءُ لقاءُ.
لوڙھي ٻوڙي ٻوڏوئي.



***

سياسي وڏيرو پنھنجن ڪوڙن ۽ ڪُڌن ڪمن کي ڀلي ڪيترو به لڪائڻ جي ڪوشش ڪري، پر علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي ڪيڏاري وارين ھنن واين کان پنھنجي يزيدي سوچ کي لڪائي ۽ بچائي نه ٿو سگھي. ھڪ حقيقي شاعر ۽ اديب جي اھا ئي ذميداري ھوندي آھي، جنھن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪڻ جي باوجود به روڪي ناھي سگھندي.
علي محمد ”درد“ سولنگي اھڙي اديباڻي ۽ شاعراڻِي ذميداري کي پنھنجي قلم جي نِب سان پوري ديانتداري ۽ بھادريءَ سان نڀايو آھي. جنھن مان سندس اعلى ۽ اطلاقي سوچ جو دائرو اطلاق پسائي ٿو. اھڙي اطلاقي دائري جا عڪس نه رڳو مٿين واين ۾ موجود آھن پر ھيٺيون وايون به پڻ اھڙي اطلاق سان ھم آھنگ آھن، جن ۾ پڻ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي آھُن ۽ دانھُن جو چٽائيءَ سان ذڪر ملي ٿو.


منھنجي مٺڙي ماءُ،
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
ڪيڏي آھي بي حسي،
ڪھل نه ڪوڪھڪاءُ.
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
پنھنجن، پنھنجن کي ڏنو،
گِھرو آھي گھاءُ.
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
***
ٻيڙي ناھِ ملي،
ڇت تي رکيو لاش آ.
ڪفن بدران ويڙھيل،
اُن کي آھ رِلي.
ڇت تي رکيو لاش آ.
***
عزت لُٽيائونس،
راشن جو ڏئي آسرو.
رڙين، ڪُوڪن، دانھن تي،
گھوگھي گُھٽيائونس.
راشن جو ڏئي آسرو.
***

علي محمد ”درد“ جي ديانتداريءَ جا پيرا، تاجل بيوس جي ھنن سٽن جا ساکي آھن. جن ۾ تاجل لکيو آھي ته: ”اي دوست! تون چئين ٿو ته مان لکڻ ڇڏي ڏيان، سا ڳالھ منھنجي وس ۾ ناھي. جيڪڏھن تون منھنجي قلم کي غور سان ڏسندين ته، منھنجي قلم جي توکي زبان ڏسڻ ۾ ايندي، نه ٿو لکان ته قلم شور ٿو ڪري.“ تاجل جي انھيءَ خيال کي جواز بنائي، علي محمد ”درد“ لاءِ اھو چوندس ته، ھن جو قلم به شايد تاجل جي قلم جھڙو آھي. جنھن ۾ زبان موجود آھي ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. نه لکڻ سان اُھا قلم کي شور ڪرائي ٿي. علي محمد ”درد“ جي قلم جو شور، بور ڪندڙ نه پر انساني احساس جو اعلى احساس ڏياريندڙ آھي. ڇاڪاڻ ته اھو احساس ئي آھي، جنھن تي قومي ۽ انساني رشتا ساھ کڻي رھيا آھن. اھڙن احساسن جي آجيان شاعرن ھميشه مرڪي ڪئي آھي. احساس کان سواءِ انسان اياز گل جي سٽن جئيان ”پراڻي اخبار مثل ٿي پوي ٿو.“
اچو ته، علي محمد ”درد“ جي اھڙين احساساتي سٽن جو سير ڪريون.
بابا اوبابا،
ڏاڍي بُک آھي لڳي.
ڪالھاڪُر اُلٽي به آ،
ڦيري ۽ ٿاٻا.
ڏاڍي بُک آھي لڳي،
***
پاڻي گُھريو مانس،
ٿڦڙ وھائي ڪڍيائين.
بُکيو ننڍڙو ڀاءُ آ،
ڏک مان ڏسيو مانس.
ٿڦڙ وھائي ڪڍيائين.
***
اڇلي ڇو ٿا ڏيو،
اسان به ته انسان ھون.
ٻوڏ جا ھُون ٻڏل،
پاڻ وٽ سڀ ھُيو.
اسان به ته انسان ھُون.
***
لِيڙون ليڙون لٽا،
ٻوڏ متاثر ٻارڙا.
***
ڇولين ۽ ڇَرَ ۾،
ٻيڙي اونڌي ٿي پئي.
ڀريل ماڻھن ساڻ ھُئي،
ھئه ھئه منڇر ۾.
ٻيڙي اونڌي ٿي پئي.
***
ڪُوڪُون ۽ ڪِيھاٽ،
منھنجي سنڌ لُڙھي وئي!
آڌليءَ ڌاري اوچتو،
پاڻيءَ جا ڪڙڪاٽ.
منھنجي سنڌ لُڙھي وئي!
***

جنھن معاشري ۾ اھڙي بي حسي ھُجي، اُتي غريب ماڻھو ڪنھن وٽ وڃي ۽ ڪنھن کي دانھن ڏئي؟ استحصال ڪندڙ جھان خان بڻيل آھي، تنھن ڪري جھان خان ڏي وڃڻ مان به ڪجھ به حاصل ٿيڻو ناھي. اُن کي شڪست ڏيڻي آھي ته، اُنھن جوڌن شاعرن ۽ اديبن جا ھٿ مضبوط ڪرڻا پوندا، جيڪي اھڙن ظالمن ۽ لالچي سياسي وڏيرن سان ھوشوءَ جيئان ھميشه مھاڏو اٽڪائيندا رھن ٿا.
علي محمد ”درد“ سولنگي به اھڙن ئي جوڌن جو ھمسفر جوڌو رھيو آھي. جنھن سچ چوڻ کان ڪڏھن به ڪيٻايو ناھي. اُن جي ثبوتي شاھدي علي محمد ”درد“ جي ھن ڪتاب ”منھنجي سنڌ لُڙهي ويئي“ ۾ جا بجا موجود آھي.
سياسي وڏيرن ۽ مفاد پرستن لاءِ ھن ڪتاب جون سموريون وايون صدين تائين ايف آءِ آر وارو ڪم ڏينديون آھن. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي اھڙي بھادريءَ کي ساراھڻ ئي صحيح ۽ حقيقي بھادري آھي.
اھڙي بھادريءَ جا عڪس اڄ کان چار سؤ سال اڳ لطيف جي واين ۽ بيتن ۾ رقص ڪندي ملن ٿا. جنھن ۾ پاڻ پيرن، وڏيرن ۽ بادشاھن جي ساراھ کي ٿُڏو ھڻي پنھنجي ماروئڙن، جھانگيئڙن ۽ سانگيئڙن جي پکن، لانڍين، ڇپرن، ڍنگھرن، کِکِي ھڻن کارن، ڪچن گھرن، ڏھ ڏاتارن، جوڌن، دودن ۽ ھيٺين طبقي جي بھادرن جا قصا واين ۽ بيتن بي ڊَپائيءَ سان بيان ڪري، بھادريءَ جا اھڙا پيرا ڇڏيا، جنھن جا نشان اڄ تائين ڪا به طاقتور قوت مٽائي ناھي سگھي!
علي محمد ”درد“ جون ھي وايون پڻ لطيف جي اھڙي عڪسي اظھار جو اظھار آھن. جن ۾ لطيف جي شاعريءَ جيئان قومي ۽ انساني فطري سوچ سان گڏ انفراديت ملي ٿي. جنھن جي آجيان قومي فرض ۾ شمار ٿئي ٿي.....۽ بس!
ڳالھ جنھن ۾ ھُجي ديسَ مارُن سَندِي،
اھڙي اعلى اَمر شاعري ٿو گھران.
(رضا لانگاھ)

رضا لانگاهه
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ
مورو
11 آڪٽوبر 2022ع