شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

ڪوُڪُون ۽ ڪيهاٽَ.

ڪوُڪُون ۽ ڪيهاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
تَڙِپَنِ بُک ۾ جانور،
ٻڪريُن ۾ ٻيڪاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
پاڻيءَ ڍُڪَ ۽ کير لئهِ،
ٻارنِ ۾ ٻرِ ڙَاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
آڌيءَ ڌاري اوچتو،
پاڻيءَ جا ڪڙڪاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
بيوس ۽ لاچار ٿي،
ڇڏيائون گهر گهاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
مارو منهنجي سنڌ جا،
ويٺل هر هِڪَ واٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.