شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

ڦڻيون ڪَڍي ۽ ڏنگَ.

ڦڻيون ڪَڍي ۽ ڏنگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
قِسمين قِسمين جا وِڇُون،
واسينگن جا ونگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
هڪ ته ٻُڏاسين ٻوڏِ ۾،
ٻيو هي زهري زَنگ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
جاڏي ڪاڏي ٿو ڏِسان،
روپ نرالا رنگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
ويٺا آهيون واٽَ تي،
وَٺِيُون پنهنجا ننگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
مالِڪ! مارُن مالَ تي،
ڌنڌوڙين جا ڍنگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.