شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

سنڌ ۽ سماج جو درد رکندڙ ”شاعر“

سنڌ ۽ سماج جو درد رکندڙ ”شاعر“

علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌي ٻوليءَ جو اهو سهڻو، پڪو، پختو قلمڪار آهي، جنهن جون لکڻيون محبوب جي ماڻَنِ جيان هر عاشق دل کي ڌاڻن جي پوک مان اٿندڙ خوشبوءَ سان جڳ جي دلين کي سيراب ڪن ٿيون.
علي محمد ”درد“ سولنگي نه رڳو سگهارو شاعر آهي، پر شخصي طور تي به پنهنجي شهر دادوءَ جي دل ۾ ڌڙڪن جيان رهڻ جو فن پڻ ڄاڻيندو آهي. سندس قلم جي نوڪ مان سرجيل شاعري يا نثري ڪا تخليق پاڻ ڳالهائيندي آهي، علي محمد ”درد“ سولنگي جي تَخليقُن ۾ عشق، محبت، پيار، نهٺائي، نياز، نوڙت، پنهنجائپ به هوندي آهي ته، مزاحمت، بغاوت ۽ تبديلي به هوندي آهي، سندس شاعري قديم ۽ جديد شاعريءَ جو هڪ گڏيل خوبصورت سنگم هوندي آهي، سندس لکڻيون جديديت جي احاطي ۾ به اچن ٿيون. ته عام ماڻهوءَ جي مقبوليت واري پلاٽ ۾ به فٽ آهن. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي ڪِوتائن ۾ نه رڳو لفظن جي جڙاوت هوندي آهي، پر انهن ۾ فن، فڪر، فلسفي جا ڪُوَرا مَٽ ڀريل هوندا آهن. جنهن ۾ سماج جا مسئلا ۽ انهن جو حل به عوامي ٻوليءَ ۾ ڏسيل هوندو آهي. علي محمد ”درد“ سولنگي پنهنجي گذريل حياتيءَ ۾ مايوس به رهيو آهي، پر هِن ڪڏهن همت ناهي هاري، سدائين جرئت ۽ قلم جي طاقت سان سنڌ ۽ سندين سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪندڙن کي پنهنجي مزاحمتي تخليقن ذريعي جواب به ڏنو آهي ته نديو به آهي. علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌي ادب کي 12 (ٻارنهن) ڪتاب نظم توڙي نثر ۾ ارپي چڪو آهي. سندس هي تيرهون ڪتاب ”منهنجي سنڌي لڙهي وئي“ جيڪو هن سال آيل هٿرادو ٻوڏ ذريعي سنڌ ۾ ٿيل قيامت جهڙن منظرن تي آڌاريل آهي.
ڪنهن جو وَر ڪنهنجي وني،
ڪنهن جيجل ماءُ
لوڙهي ٻوڙي ٻوڏ وئي.
(درد)
***
خيرپور ناٿن شاهه
نقشو ئي مَٽجي ويو
پلٽي پيو هو شهر ڏي.
ڄڻ سنڌو درياهه
نقشو ئي مَٽي ويو.
(درد)
***
علي محمد ”درد“ سولنگي هڪ درد رکندڙ شاعر آهي. جيڪو ڏسي ٿو، پسي ٿو، ان کي قلمبند ڪري ٿو. مون کي اميد آهي ته سندس واين جو هي ڪتاب ”منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي“ اڳين ڪتابن جيان ادبي کيتر ۾ ضرور مڃتا ماڻيندو ۽ ادب جي آڪاس تي جوڳي جاءِ جوڙيندو.

محبتي ملاح
ڏيپارجا