شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

مَنَ مَنَ ۾ ماتَمُ.

مَنَ مَنَ ۾ ماتَمُ.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.
سِنڌُ سڄي ٿي ڪربلا،
موٽيو ڄڻ محرم.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.
ٽهڪ ٽِڙڻ بند ٿي ويا،
هرِڪا اکِ آ نَمُ.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.
ڳوڙها ڳوڙها ڳالهيون،
هر ڪنهن سان گڏ غَمُ.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.